Wednesday, December 20, 2023

پلاند - پرشوتم ستيہ پريمي - ننگر چنا

پلاند

دلت ڪھاڻي

پرشوتم ستيہ پريمي

ترجمو: ننگر چنا



اونڪار ريشور واري ڏورانھين ٽاڪِرُو صوبي ۾ بہ وستيون آهن. زندگي جي هلچل آهي. انهيءَ جو مزو آهي ۽ پورهئي منجهہ پگهر وهائيندي ماڻهو زندگيءَ جي روشن تاريخ لکي رهيا آهن. هڪ ٽاڪِرو ڀاڱي ۾ ماڻهن جو جيونُ مرڻَ جيئڻَ سان گڏ ئي ٻين مامرن ۾ گهيريو پيو آهي. پوءِ بہ اُهي جهنگ ۾ ميلا مچائي رهيا آهن. هنن جي کيتن جِي ڏاڪڻ جھڙي سُونھَن ڏسڻ سان لاڳاپو رکي ٿي. انهن کيتن ۾ جهومندڙ سويابين ۽ سارين جي پوکَ دل کي سَرهو ڪري ڇڏي ٿي. پري پري تائين پکڙيل ساوڪ جي نہ ختم ٿيندڙ رياست تان اک هٽي ئي نہ ٿي.


حڪومت ڳوٺ جي چار پاسائين اوسر تي پوريءَ ريت ڌيانُ ڏنو آهي. ڇُوتِ ڇاتِ مِٽائڻ ۽ هريجنن کي برابريءَ جو حق ڏيارڻ لاءِ پارليامينٽ ۽ اسيمبليءَ جا قانون ٺاهيا آهن. پر قانون سان ذهنيت نہ ٿي بدلائي سگهجي. ان ڪري ڳوٺ جي سماج ۾ اوچ نيچ جو خيال توڻي جو اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ گهٽ ٿيو هوندو پر آهي ضرور. رڳو ايترو ئي نہ پر سياسي داوَ کيڏڻ لاءِ هريجنن کي مُھرو بنائڻ جا مثال بہ ملن ٿا. ڳوٺ جي هريجنن لاءِ ڌار کوھَ آهن تہ اُوچي ذات وارن لاءِ الڳ. چوڻ ۾ تہ اهي عام کوھ سڏجن ٿا، پر هريجن کوھَ مان هريجن ۽ اُوچي ذات وارن جي کوھَ مان اُوچي ذات وارا ئي پاڻي ڀرين ٿا. گرمين ۾ هريجنن جا کوھ سُڪي وڃن ٿا تہ پاڻيءَ جو ڏڪار پئجي وڃڻ تي اهي تلاءَ جو ڪنو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿيندا آهن. اُوچي ذات وارن جا ڍورَ ڍڳا جنھن پاڻِيءَ کي ناهن پيئندا، اهو پاڻي هريجنن کي پيئڻو پوندو آهي. هريجن آدي واسين جي سھاري ئي ڳوٺ ۾ پوکي راهي ٿئي ٿي. اُوچي ذات وارن جي کيتن ۾ پوک جهومي ٿي. هريجن جي کاتن ۾ چڙهيل پنج ڏھ ويسا زمين ۾ بہ سويابين ۽ ساريون پاڻ ئي پوکن ٿا. انهن ئي کيتن سان لڳولڳ کيتن ۾ ڪي اُوچي ذات وارن جا کيت بہ آهن، جن جي ڀر ۾ ريل پٽڙي آهي. پيٽ جي باھ کيتيءَ سان وسامي نہ ٿي سگهي.ان ڪري سڙڪ ٺاهڻ، ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ ۽ تلاءَ جو ٻنو پڪو ڪرڻ جي لاءِ ٺيڪيدارن جي هٿن ۾ ويلَ اَويلَ وڪامي وڃن ٿا. پوک پچي راس ٿيڻ جي ٽاڻي ڳوٺ موٽي اچن ٿا. پر اُوچي ذات وارن جون ڳئون مينھون سندن بيٺل پوک کي پنھنجي خوراڪ بڻائي ڇڏين ٿيون. ۽ هُو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳن ٿا. پوئين سال ٻين سالن جي ڀيٽ ۾ اُوچي ذات وارن ڪاسلَي ڳوٺ جي آديواسي هريجن ڪٽنبن مٿان ڪجهہ وڌيڪ ئي ظلم ڪيو. اُوچي ذات وارن جي ظلم جو ڀوائتو قھر انهن مٿان هينئن وسيو جو جوئر، مڪائي ۽ سارين جي کيتن ۾ زوري جانور ڇڏي ڏنا ويا. سويابين جي پوک ساڙي ڇڏيائونِ. ڳوٺ جي ڪچن گهرن کي ڊاٿو ويو. کيتن ۾ ٺاهيل جُهڳيون بہ ساڙيون ويون. مظلوم آدي واسي ۽ هريجنن جون اکيون ڦاٽل جو ڦاٽل رهجي ويون. ڪِلَن سان ٻڌل جانورَ پاڻُ ڇڏائي ڀڄڻ جي لاءِ سَٽون ڏئي ڏئي اُتي ئي ڍير ٿي ويا. ساڙي ڇڏيندڙ ڌپ اندر تائين ڀرجي وئي. انهيءَ اُگري وقت ۾ سڀئي رشتا ناتا بنجر ٿي ويا. سڀني کي پنھنجي پنھنجي جند جي ڳڻتي هئي. انهن جي پٿر بڻجي ويل اکين ۾ ڪاوڙ جي باھ ڀڙڪي رهي هئي. مايُنِ جو ٻاڏائڻُ باھ جي وڌندڙ ڄڀين جي ڊپ جي ڪري بند ٿي ويو هو. ٻار ڪڏهن پيءُ ڏي تہ ڪڏهن ماءُ ڏي ڏسي ٻوڪٽ ڪري رهيا هئا. سڀ هڪ ٻئي جي کيتن جان هڪ ٻئي جي گهرن ڏي ڊوڙي رهيا هئا. ڀڄڻ دوران رڙيون ڪُوڪون باھ جي قھر جي ڪري گهٽ وڌ ٿي رهيون هيون. ڪراڙن ديوي ديوتائن اڳيان باسون باسڻ شروع ڪيون هيون. مايُن نالا وٺي وٺي پنھنجو پنھنجو سامانُ گڏ ڪرڻ پنھنجو ڌرم ڄاتو. اِنَ ڌرم جي پينگهي ۾ ڪيئي ڳڀرو ڇوڪريون اگني ديوتا جي هَوَنَ جون ڪاٺيون بڻجي ويون. پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ڏڪر هو تہ باھ وسائڻ جي لاءِ پاڻي ڪاڏهون آڻن ها؟ اُوچي ذات جا ڪيئي کوھ پاڻيءَ سان ٽُٻِ هئا، پر انهن جي ٻِيڙ ٻني تي پيرُ رَکڻُ موت کي سَڏُ ڪرڻُ هو.

باھ جو قھر اک ڇنڀ ۾ ئي سڀ ڪجهہ ساڙي ويو. بچيل ماڻهو پنھنجن پنھنجن گهرن ۽ کيتن جي بڇڙي حالت کي هارايل جواري وانگر ڏسي رهيا هئا. ڪاسلَي جا اهي آديواسي انهيءَ آپدا کان ايترو تہ هِيسجي ويا جو پنھنجي ڳوٺ کان پندرهن ڪلوميٽر پري پوليس اسٽيشن تي بہ رپورٽ داخل ڪرائڻ نہ ويا ۽ ٻيو تہ رپورٽ داخل ڪرائڻ جي في هنن وٽ ڪاڏهون آئي؟ پر گهر ۽ ڌرتيءَ سان ٻڌل سندن پريمُ کين رَکَ جي ڍيرين ۾ ڪجهہ ڳولڻ تي مجبور ڪري رهيو هئن. ڪن جو تہ سڀ ڪجهہ لُٽجي ويو هو. سڙيل جسمن جي سڃاڻپ ڏکي هئي. ڪکن ڪانن جا ڇپر سڙي ويل ماڻهن کي رَکَ جو ڍير نہ بڻائي سگهيا هئا. پنھنجن مائٽن جي لاءِ پارَ ڪڍي روئڻ وارن کان سواءِ باقي بچي ويل ماڻهو ٻيو ڀلا ڪن بہ ڇا ها؟ جهنگ مان ڪاٺيون وڍي اچڻ وارا اوزار ٽانڊا بڻيل هئا تہ انهن جي هٿن جو وجود ڏسڻ ۾ نہ اچي رهيو هو. سڀ ماڻهو اِن ٻُڏَتَرِ ۾ هئا تہ هنن مُئَن جو ڇا ڪجي.؟ انهن کي اڌ سَڙيل حالت ۾ ڇڏي جيئڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ کين منظور نہ هئو. انهيءَ هڻ هڻان ۾ صبح کان شام ڪيڏي مھل ٿي؟ پرھ ڦٽڻ کان اڳ ماڪ ڀنل سوجهري جي اوندھ شام کي اڃا وڌيڪ ڳُوڙهو ڪري وئي. رات جي اونداهي هنن جي لاءِ ڏينھن جي انڌيري جھڙي ئي تہ هئي جيڪا سندن اکين ۾ ويھجي وئي هئي.

ڪاسلَي جِي آديواسي هريجن وستيءَ جي باھ ۾ سَڙي خاڪ ٿي وڃڻ واري ڳالهہ سڄي تَرَ ۾ پکڙجي وئي. اُهي ٻَڌي مزورَ جي صورت ۾ جن اُوچي ذات جي گهرن ۽ کيتن ۾ ڪم ڪندا هئا، تَن اُوچي ذات وارن جي ڪن تي جُونءَ بہ نہ چري. ڪير بہ همدردي جا ٻہ ٻول چوڻ لاءِ نہ آيو. پري کان ئي راوڻ جي پتلي کي سڙندو ڏسڻ جا شوقين پنھنجِي مَنَ پسند راند جو مزو وٺي رهيا هئا. ان ۾ هنن جو پنھنجو ڇا هو؟ سرڪار جا نياڻا ئي تہ ٿيا. مٿان وري سرڪار ڊوڙندي ايندي ۽ ڀلائي جي نالي ۾ هزارين رپين جي نَھر نالِي وهي پوندي. انهن جا ووٽ ئي تہ سرڪار ٺاهين ٿا ۽ اهي ئي تہ مھاڀارت جي ڪردار ڪم ذات ۽ اعلا ذات جو هڪ فرق پيدا ڪن ٿا. اهڙين ئي ڳالهين سان آبادي گرم ٿي رهي هئي ۽ وات جا مزا وٺي گرم پڪوڙا کائي رهي هئي.

آباديءَ کان جدا ٿيل حصو آديواسي هريجن وستيءَ جو هو، جنھن ۾ پنجويھ ٽيھ ڪٽنب ئي تہ رهندا هئا. انهن جي لاءِ کوھ الڳ هو. اسڪول جي نالي تي هڪ آديواسي هريجن استاد جيڪو نم جي پاڇي ۾ پنج ڏھ ڇوڪرن ڇوڪرين کي ڦسڙاٽ ڪري، انگ پڙهائي پنھنجي پنجويھ ميل پري وَسيل ڳوٺ جو دڳ شام ٿيڻ کان اڳ پڪڙي وٺندو هو. وستيءَ جي ٽي درجا پاس ڳڀرو ٿاوريا کي پنچ چونڊيو ويو هو. هن کي پنچايت جي ماڻهن جي سيوا ڪرڻ مان ئي واند نہ ملي سگهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هُو تہ نيتا سان گڏ ئي ايندو هو. جنھن کي وستيءَ جا ماڻهو پري کان ئي پرڻام ڪرڻ لڳندا هئا. سڀني جي جَئہ جَئہ ڪار جي آوازن سان اڀ گونجڻ لڳندو هو. موٽ ۾ هڪ اڌ سير چانور ماڻي سندن منھَنِ تي سرهائي اچي ويندي هئي.

ڳوٺ جي پٿرن مٿان هڪ ڏاڪو ٺھيل هو، جنھن تي سندور لڳل پٿر رکيو ويو هو. ڪي آدي واسي هريجن انهيءَ تي مٿو ٽي ڪيون، انهيءَ ديوتا اڳيان جهڪيل هئا. انهن ۾ ڀاڳيرت بہ هئو. ڀاڳيرت جي جوان زال ۽ ڪومل ننڍڙي ٻچڙي باھ جي ڄڀين ۾ سڙي خاڪ ٿي ويون هيون. هن جي ويم کي اڃا مس ڪي پنج ڏينھن ئي ٿيا هئا. اڃا ڪالهوڪي ڳالهه ئي تہ هئي. ڀاڳيرٿ جي زال نڀاڳي گهڙيءَ جي ڊپ کان روئڻ لڳي هئي. پر ڀاڳيرٿ تہ پنھنجي وستيءَ جو پنچ هو. ٿاوريا سان گڏ عوامي پنچايت جي دفتر ۾ سندس وڃڻ ضروري هو، ان ڪري هُو پنھنجي زال ۽ نازڪ ڌيئڙي کي ڀڳوان جي ڀروسي تي ڇڏي ويو هو. هڪ نہ ٿيندڙ واردات ڀاڳيرٿ جا ماشا ئي ڦيرائي ڇڏيا هئا. کيس هڪڙو صدمو ورائي ويو هو، جنھن جي ڪري هُو هوش گم ڪري ويٺو هو. ساٿين جا دم دلاسي ڀريلَ لفظ پنھنجي معني ظاهر نہ ڪري رهيا هئا. هن جي دماغ ۾ باھ جي ڄڀين ۾ سندس لاٽَ بڻيل ڌيءَ ٽِڙڪي رهي هئي. ديوا ۽ ڇَتريا هن کي پڪڙيون ٿلهي تي ئي ويٺا هئا. انهن جو بہ سڀ ڪجهہ سڙي ويو هو، پر عمر جي وڌندڙ ڏينھن هنن جي سمجهہ ۽ سَھَپَ کي پَرَ ڏئي ڇڏيا هئا.

سرڪاري مدد جي لاءِ ٿاوريا سرپنچ ڏي ويو هو. وستيءَ جي سڙي خاڪ ٿيڻ جو ڏيکُ هن جي اکين ۾ هو. هن جو پنھنجو جسم ان مھل بجليءَ جي ڪرنٽ وانگر هو. سرپنچ جي در تان مايوسي ئي پلئہ پيس. اتي اُوچي ذات جا ڪجهہ ماڻهو اڳ ئي موجود هئا. هڪ ڪنڀر جو گهر سڙي ويو هو. انهيءَ جي سموري نقصان جو ڪارڻ آدي واسي هريجنن کي ڄاڻايو پئي ويو. چيو پئي ويو تہ سرڪار جي مدد حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ آدي واسي هريجنن پنھنجن ڪکن ڪانن وارن ڪچن گهرن کي پاڻ ئي باھ ڏني ۽ انهيءَ باھ ۾ هن ڪنڀر جو گهر بہ اچي ويو. ٿاوَريا جي لاءِ اها ڳالهہ حيرت جو ڪارڻُ بڻجي وئي هئي. هن جي بدن جو ڪرنٽ هڪ لوڏي ۾ ئي ماٺ ٿي ويو. هُو پنھنجي بدن کي ڇُھي ڏسي پيو تہ انهيءَ ۾ زندگي آهي بہ يا نہ؟

تکي وهندڙ پاڻيءَ کي جيئن نہ امالڪ بيھاري ڇڏجي تہ هُو ڪيئن نہ وڪڙ هڻي پنھنجي پاڻ ۾ ئي وهڻ لڳندو آهي ۽ موٽ کائي پکڙجڻ لڳندو آهي، بس لڳ ڀڳ اهائي ڪيفيت هئي ٿاوريا جي مَنَ جي. ٿاوريا کِلڻ پئي گهريو جيئن ماڻهو گهر پھچي سڀ کان اڳ ۾ ڪپڙا لاهڻ گهرندو آهي ڄڻ تہ ڪپڙا ڪو ٻوجهہ هجن.

ٿاوريا جي دل پٿر ٿي وئي هئي. پٿر يا تہ ٽِڙڪندو ناهي پر جي ٽِڙڪندو آهي تہ ڏَرندو ناهي پر سندس ٽڪرا اڏامي ويندا آهن. هُو سموري ڊٿلَ برباد ٿيل فانوس کي ڪنھن ريت سموهيون بيٺو هو _ ڀروسو ڏيون بيٺو هو _ تہ نہ اِهو اڃا تائين سڄو ثابت آهي. ڪجهہ بہ نہ بگڙيو آهي. پر ٿورو بہ ڌڪو ايندي ئي اهو ٽِڙڪي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وکري ويندو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو انسان جيڪي اصول گهڙيندو آهي، پنھنجي آس پاس جيڪا ڀت ٺاهيندو آهي، تنھن کي ڀَڃندو بہ هُو پاڻ ئي آهي. ٿاوريا جي ڪاوڙ حد کان ٻاهر نڪرندي پئي وئي.

واردات ڀل تہ ننڍي هجي يا وڏي، پٿر ئي هوندي آئي. انسان جي مَنَ جي ڍنڍ ۾ ڇپڙاڪ ڪري وڃي ڪرندي آهي. بيٺل پاڻي انهيءَ امالڪ ٿيل ڇپڙاڪ سان ڦاٽي پوندو آهي. پاڻي پٿر جي جسم کي ڏاري وجهندو آهي.

ٿاوريا ابتيون وکون کڻي وستيءَ ڏي اچي رهيو هو. هن جون وکون ڳوريون ٿي رهيون هيون. سندس هڪ وک اڳتي ضرور وڌي رهي هئي پر اهائي کنيل وک پوئتي پوندي محسوس ٿي رهي هئس. وستي باھ جو ڍيرُ هئي. هن جا پنھنجا ماڻهو باھ جو سيڪ وٺندي نظر اچي رهيا هئس. ٻاهر باھ وسامي رهي هئي پر اندر جي باھ ڀڙڪندي پئي ويس. اهو ڪيترو سچ آهي تہ ڪنھن بہ قسم جي تڪليف سُور لاءِ روئڻ ضروري هوندو آهي. دونھين جي سَڙڻ جي ڪري نہ پر انسان ڪنھن نہ ڪنھن جي اڳيان روئي ويھندو آهي. ها هُو پنھنجي پاران بڪواس ضرور ڪري سگهي ٿو. روئڻ سان انسان کي سڪون ملي ويندو اهي. پر بڪ بڪ سان انسان ۾ پلاندَ جو وير ئي جاڳندو آهي. ٿاوريا جو پلاند وٺڻ وارو ارادو پنھنجون حدون ٽپڻ لاءِ وڏو بي قرار هو. هن جا لفظ سندس چپن جي وچ ۾ ڪٿي ڦاسي رهجي ويا هئا. سرپنچ، ٻہ پوليس وارا ۽ ڳوٺ جي آبادي منجهان اُوچي ذات وارا خاڪ جو ڍير بڻجي ويل وستيءَ جي جاچ پڙتالَ ڪري رهيا هئا. ڪشوري لال سوناري جو اکيون انهن اڌ مُئَل آديواسي هريجنن جي وچ ۾ ديوا ۽ ڇَتريا کي ڳولي رهيون هيون. انهن ٻنهين جي ڪري تہ اُوچي ذات وارن جو کوھ پليت ٿيو هو، جنھ کي پوءِ هٿن سان پاڻي ڪڍي ۽ گنگاجل وجهي پاڪ ڪرڻو پيو هئن. ڪشوري لال سرپنچ کي انهيءَ ڀوائتي اگني ڪَنڊَ جو ڪارڻُ ديوا ۽ ڇتريا جي وڌندڙ سياست ئي ٻڌايو پئي. سر پنچ سندس ڳالهہ کي سچ مڃي ورتو هو. هن ديوا ۽ ڇتريا کي سَڏائي ورتو. ديوا ۽ ڇتريا ڪپھ ٽاڻڻ جي ڪم تي هئا. سرپنچ ۽ پوليس وارن جي سڏ تي هُو هڪدم ڊڄي ويا، پر نيتائن جا ڀاشڻَ ٻڌي ٻڌي هاڻ پاڻ کي ٿورو گهٽ ڊڄڻو سمجهي رهيا هئا.

“ديوا ۽ ڇتريا ! توهان ماڻهن سرڪار کان مڪانَ ۽ زمينَ وٺڻ جي لاءِ ئي ڇپرن ۽ گهرن کي باھ ڏني هئي.” چالاڪ سرپنچ هنن کي کوٽڻ جي لاءِ پنھنجو داءُ کيڏندي پڇيو.

ديوا پنھنجي اتي نہ هجڻ جي ڳالهہ ڪئي تہ ڇتريا ايمانداريءَ سان سڄي واردات جو اکين ڏٺو حال بيان ڪري ٻڌايس. سرپنچ ٻنهين کي دڙڪا ڏيندي چيو، “توهان پوئين سال بہ اهوئي چيو هو تہ اسان گينگ مين آهيون ۽ اسان جو نوڪريون هتان کان پنجاھ ڪلوميٽر پري هيٿل پور اسٽيشن تي آهن. اسان تہ پنھنجي کيتي سنڀالڻ آيا هئاسين ۽ هن سال بہ ساڳي ڳالهہ پيا ڪريو.”

“اسان جا مائي باپ! ان ۾ ذرو بہ ڪُوڙ ناهي. پوئين سال تہ (ٽينَ جون) چادرون بچي بہ ويون هيون پر هن سال اهو ڍير ڏِٺُوَ، باھ جي ديوتا ڪک بہ نہ ڇڏيو. گهر جو سڄو سامانُ ڳنڍين ۾ ٻڌل هو، اهي بہ سڙي رک ٿي ويون. ساريون، مڪائي ۽ جوئر جو هڪڙو داڻو بہ نہ بچيو.”

ڳوٺ جي آبادي سرپنچ جي سازش کي سمجهي پئي. پوئين سال سرڪاري مدد جي لاءِ (ٽينَ جي) چادرن ۽ بانس جي لڪڙن سان سرپنچ جي مال جو واڙو ڪچي مڪان جي صورت ۾ اڏجي ويو هو ۽ ڪيئي سيرَ ڪڻڪ، مٺائيءَ منجهان ستيہ نارائڻ ڀڳوان جي ڪٿا جو پرسادُ آس پاس جي ڳوٺن جي رهاڪن جي وات جو گرھ بڻجي ويو هو. پر وڏي ماڻهوءَ جي پاسِ مٿان کان هيٺ تائين سڀ ماڻهو ڪن ٿا ۽ انهن جي ئي هلي چلي ٿي. ٿاوريا هاڻ ٿورو ٿورو سمجهڻ لڳو هو. پر هُو بہ ها ۾ ها ملائڻ کان سواءِ ڪجهہ ڪري نہ پيو سگهي. انهيءَ سرپنچ جي چُونڊَ جي مھل کيس ستن اٺن ڏينھن جي لاءِ وستيءَ ۾ نظربند ڪري ڇڏيو ويو هو. هُو انهيءَ ٻُوسَٽَ کان ڊنل هو.

سرپنچ کن پل لاءِ سوچيو ۽ پوليس واري ڏي اشارو ڪندي چيو، “ديوا ۽ ڇتريا توهان اهو ڏوھ قبولي وٺو نہ تہ پوليس توهان جي کَل لاهي ڇڏيندي. توهان ماڻهن ئي هن ڪنڀر کان پلاند وٺڻ جي لاءِ سندس گهر کي باھ ڏني. اهائي باھ توهان جي جهڳين کي بہ ساڙي رک ڪري وئي.”

“سائين! اهو ڪوڙ آهي. پوئين سال کوھ جو پاڻي سُڪي ويو هو، منھنجي ڌيءَ بيمار هئي. مان انهيءَ کي دوا پيئارڻ جي لاءِ پاڻي ڀرڻ اُوچي ذات وارن جي کوھ تي ويو هئس. انهيءَ ڪنڀر مون کي ڏسي ورتو هو. مون ان ڪنڀر کان معافي گهري ورتي هئي ۽ هن موٽ ۾ منھنجو ٻہ ويسا کيت بہ ورتو هو. هن باھ سان انهيءَ جو ڪو بہ لاڳاپو ناهي.” ديوا جو بدن ڏڪي رهيو هو ۽ سندس آواز بہ ڏڪي رهيو هو. ڇتريا ڪنڌ لوڏي هن جي ڳالهہ جي حمايت ڪئي. سرپنچ وري چيو، “مان ۽ آبادي وارا توهان جي ڀلائي جي لاءِ چئي رهيا آهيون. اسان توهان جن سڀني ماڻهن جا گهر گرام (ڳوٺاڻي) پنچايت جي پاران ٺھرائينداسين ۽ هر ڪٽنب کي پنج پنج ايڪڙ زمين بہ ڏيارينداسين. توهان لاءِ الڳ کوھ بہ کوٽائينداسين. پر توهان هن باھ جي قبولداري ڪيو. ٻارن جي ڳڻتي نہ ڪيو. ڍور چارڻ لاءِ اهي مان پاڻ وٽ رکندس.”

وستيءَ جي آدي واسي هريجنن بہ ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. سرپنچ ڳالهہ جاري رکي، “سرڪار اسان کان پڇي ٿي تہ ڪاسلَي جي وستيءَ ۾ ئي هر سال باھ ڇو ٿي لڳي؟ اسان مدد نہ ڪنداسين. ڪارڻ ڳولڻ سرپنچ جو ڪم آهي. اسان جو نہ. هاڻ، ڀائرو! توهان ئي ٻڌايو تہ مان ڇا جواب ڏيان ها؟ ان ڪري هن ڀيري توهان قبولداري ڪيو. ديوا ڇتريا توهان کي منظور آهي؟”

“ڇو نہ منظور هوندن، سرپنچ صاحب!” وستيءَ جي ماڻهن اڳتي وڌي چيو، “توهان تہ اسان جي ڀلائي جي لاءِ ئي چئي رهيا آهيو.” پنھنجن پنھنجن گهرن ۽ کيتن جي لاءِ ملڻ واري زمينَ جو مالڪُ بڻجڻ وارو خواب ڏسڻ وارن وستيءَ جي ڪن آديواسي هريجنن پنھنجن ئي ڀائرن کي نيٺ بَليءَ جو ٻَڪرو بڻائي ڇڏيو. سرپنچ آباديءَ جي اُوچي ذات وارن ماڻهن جو دليون کَٽي ورتيون هيون ۽ سياسي جاڳرتا جي ڏياٽيءَ کي هڪ ڀيرو وري اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏڻ واري ڪاميابيءَ تي آڪڙجي ويا هئا. ديوا ۽ ڇتريا سوچيو تہ انهن کي آڱوٺو ڏيکاري ڀڄي وڃن، پر سندن ڊڄڻين دلين کين انهيءَ جي موڪل نہ ڏني. هُو ٻنهين ڳوٺن جي پنھنجي وستيءَ جي ماڻهن جي ورتاءَ ۽ سلوڪ کان حيران هئا، پر ٿاوريا ڀڄي رهيو هو.

ڪير بہ ڪنھن ماڻهوءَ کي تہ هارائي سگهي ٿو پر وسيلي کي نہ. اهوئي ڪارڻ آهي جو ماڻهوءَ جو مَنُ منع ڪيل ڏانھن ڀڄندو آهي. جي ائين نہ هجي تہ جيئري ماڻهوءَ مان بہ ڌپ ايندي آهي. تڏهن هڏي واريون هٿ تريون ڪنھن لوھ جي سيخ ۾ هونديون آهن. ٿاوريا کي اهو لڳو تہ هُو ايڏو تکو تہ اڳ ڪڏهن نہ ڀڳو هوندو. جڏهن موت جو ڪارو پاڇو هن کي پڪڙڻ لاءِ اچي پھتو هو. انهيءَ باھ واري رات بہ نہ.

 اڌ رات ئي تہ گذري هئي. سرپنچ جي گهر ۽ ڪجهہ ٺاڪرن جي گهرن منجهان اٿندڙ باھ جون ڄڀيون اُڀَ کي ڇُھڻ لڳيون هيون. ٻائيتال مچي ويو هو. ڏاند گاڏيون کوھن تان پاڻي آڻي رهيون هيون. گهرن ۾ پيل پاڻي جا ٿانءَ وانجها ٿي ويا هئا پر ڀاڳيرٿ باھ جي ڄڀين کان خوش ٿي تاڙيون وڄائي رهيو هو.

 

(ماهوار "امرتا" جي جولاءِ ٢٠٢٣ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment