Saturday, December 23, 2023

بي پاڙِي وَلِ - رزاق سهتو

بي پاڙِي وَلِ

مختصر ڪھاڻي

رزاق سهتو



آسمان جي انگاس تي ڪارو سج ٽنگيل، سج جي شڪل دانگيءَ جي تري جهڙي. هٿ نه ڏسي هٿ کي، گُھلندڙ هوا جا تيور ئي تبديل، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽن جو رنگ ڪارو، چوطرف سڄي ماحولَ ڪارو چولو پائي ڇڏيو. ڦڦڙن جو رنگ Chain Smoker (لڳاتار سگريٽ پيئندڙ) ماڻهوءَ جي ڦڦڙن جهڙو. ايڏي وڏي مقدار ۾ ڪاراڻ آئي ڪٿان؟ هو سوچي ٿو. اڳ ئي ڳاڙهو رنگ اڻهوندو، ويتر اڻلڀ ٿي ويو. ٿورو گھڻو جن وٽ هئو، لڪائي ڇڏيائون. ماڻهن ڪوشش ورتي ته ڳاڙهي رنگ کي عام ڪجي. ڳاڙهي رنگ جو مقدار وڌائجي. گھٽتائيءَ جو سبب ڳولڻ نڪري پيا. گهڻي کوجنا کانپوءِ نتيجو نڪتو ته ڳاڙهو رنگ ٺاهڻ وارا گھڻائيءَ ۾ ڪارخانا بند ٿي ويا آهن. ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي ڪٿي بچيا آهن. حيران ٿيا ته ان رنگ ۾ ڪهڙي خوبي آهي جو گم ٿيندو ٿو وڃي؟ ان جي ابتڙ ڪارو ۽ سائو رنگ جَجھي تعدا ۾ موجود آهي. سائي رنگ ۾ ماڻهن جي دلچسپي ڏينهون ڏينهن گھٽبي ٿي وڃي. جڏهن کان ڪاراڻ سماج ۾ آئي ته سائو رنگ ان ۾ لڪندو ٿو وڃي. منهنجو دوست پرڏيهه ۾ رهندو هئو. ڳاڙهي شرٽ جو تحفو موڪليائين. پائي ڏاڍي شان مان سان ٽهليم پئي، رستو ڪجهه سنسان هو. پويان ڪِن سڏ ڪيو، جن کي سائي رنگ جو لباس هئو. مان بيهي رهيس. اچي پڳا، چيائون؛


”ڳاڙهو رنگ ڪٿان هٿ ڪيئي؟ اهو ته ملي ئي ڪونه ٿو.“

”پرڏيهه مان گھرايو اٿم.“

”سمجھي وياسين.“

آواز آيو؛ ”پڪڙيوس.“

مون فقط آواز ٻڌو.

***

پوءِ جي پروڙ ناهي ڇا ٿيو. سامت ۾ آيم ته سرير ڏکندو محسوس ڪيم.

جسم تان ڳاڙهي شرٽ غائب، بت اگھاڙو هيو. ڪارا ڏنا ۽ ڏنڀ بت تي جام هئا، حواس هَڪو ٻَڪو، وائيسر گم، پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو هئس. گھر جو دڳ به ڀلجي ويم. راهه ويندڙن کان گھر جو ڏس پَتو پئي پڇيم ته حيران ٿي، سوال ٿي ڪيائون؛

”ابل ڪنهن جو گهر؟ نالو ته کڻ.“

ماٺ لڳي ٿي ويم.

وڻن ڏانهن واجھايم، انهن جا پن ڪارا هئا.

ساهه پٽڻ جو سوچي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس. ڪا دير گذري ته وڻ مان ڪارا نانگ ڪرڻ لڳا. اٿي ڀڳس. پاڻيءَ جو صاف تلاءُ ڏٺم. چوڌاري گھاٽو جھنگ هئو. پاڻيءَ ۾ لهي پيم. جسم کي ڌوئي صاف سٿرو ڪرڻ لڳس. پاڻيءَ ۾ ٽٻي هيم، ساهي بچائي ٻاهر نڪتس. چوڌاري واڳون منڍي ڪڍيون ترن پيا. منهنجو نشانو ورتائون ڊپ ورائي ويو. ڪونه بچندس. هرڻن ۽ هرڻين جو جُھنڊ آيو مزي سان پاڻي پيئڻ لڳا. ڪجھ واڳن جو ڌيان مٽيو. هرڻن جي جُھنڊ طرف ڌيان ڪيائون. هڪ واڳونءَ جھڙپ ڏئي هرڻيءَ کي ڳچي ۾ چڪ وڌو. بولاٽيون کائڻ لڳي. واڳو کيس ڇڪي پاڻيءَ ۾ گھلي آيو. هرڻيءَ کي پاڻيءَ ۾گول ڦيرائڻ لڳو. هرڻيءَ جي ڳچيءَ ۾ واڳوءَ جو چڪ کيس ساڄي کاٻي ڪنڌ مٿي ڪري اڇليندو رهيو. ٻين واڳن به هرڻ ۽ هرڻين کي پڪڙي وڌو. ڳاڙهو رت پاڻيءَ ۾ ملڻ لڳو. ڳاڙهو رنگ ڏسي وائڙو ٿي ويس. پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪيم ته پاڻيءَ ۾ ڇپڪو ٿيو، هڪ واڳونءَ مون ڏانهن ڌيان ڪيو. ڪناري تي پهچڻ وارو هيس، واڳونءَ پِنيءَ ۾ چڪ هڻڻ جي ڪئي، پر ڦٻيو ڪو نه، پنيءَ جو ماس پٽي ويو. رت وهي پاڻيءَ ۾ ملي ويو ۽ پاڻيءَ ۾ ڳاڙهاڻ پکيڙي ته خوف ورائي ويو. ڪير ڏسي نه وٺي ته ڳاڙهو رنگ ڪٿان آندئي. خوف وچان پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري، منڊڪائيندو منڊڪائيندو اڳتي نڪري ويس. واڳونءَ جي چڪ واري جاءِ تان رت ٿورو ٿورو وهيو پئي. سور ڏاڍو هيو. اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، ڳوڙها باز ٿي ويا. اڏندڙ پکين کي بازَ جھپڻ لڳا.

***

اسٽيج تي ڊرامو هلندي پردو کڄندو آهي ته منظر ئي بدلجي ويندو آهي. ائين دماغي پردو هٽيو ته سڄو ماحول مٽجي اڇو ٿي ويو. هر شيءِ صاف ۽ چٽي نطر اچڻ لڳي. ماڻهو ماڻهن جهڙا وڻ ٽڻ قدرتي لڳا، جن ۾ ڪا به ڦيرڦار ڪا نه هئي. رستي سان هلندو پئي ويس. ٻنهي پاسي گاڏين جي اچ وڃ ۽ ماڻهو پنڌ هليا ٿي، سڀ عجب نظرن سان مونکي ڏسي رهيا هئا. ڳالهه سمجھ ۾ ڪا نه پئي آئي. مون ۾ نرالپ ڪهڙي آهي، جو سڀ ڌيان سان ڏسن ٿا. پاڻ تي نظر ڦيرايم ته ياد آيو ته ڳاڙهي شرٽ پاتل هئي، جيڪا لاهي رڳو پينٽ ۾ آجو ڪيائون. ذهن ۾ رنگ نچڻ لڳا. سائو، پيلو، خاڪي، ڪارو، اهڙا رنگ بدن سان چهٽيا پيا هئا. بت کي ڍڪڻ گھرجي، ماڻهو ڇا چوندا. شرٽ وٺان ته ڪيئن وٺان، پئسا ڪونهن. ڀرسان اچي ڪنهن گاڏي بيهاري. گاڏيءَ جو سائو رنگ ڏسي وٺي ڀڳس. گاڏي به پويان اچي پڳي. ڪچي ۾ لهي پيم. همراهه گاڏيءَ مان لهي ڊڪندي اچي ٻانهه مان ورتو. کيس اڇي رنگ جي شرٽ پاتل هئي. دل کي اطمينان ٿيو. بيهي رهيس.

”ڪر خبر! هيڙا حال ڇو ڪيا اٿئي.“

”حالت خراب آهي! ٺيڪ ته آهيان، ڇا ٿيو آهي؟“

”پيٽ اگھاڙو، وار وچڙيل، پير اگھاڙا، صفا ديوانو ٿو لڳين.“

”تو کي ائين لڳندو هوندم.“

”هل گاڏيءَ ۾ ويهه.“

”ڇو ويهان.“

”گڏجي هل، وهنجي سهنجي سٺا ڪپڙا پاءِ.“

”تون همدردي ڇو ٿو ڪرين.“

”تنهنجو دوست آهيان.“

”گاڏيءَ جو رنگ سائو اٿئي، ان ۾ ڪو نه ويهندس.“

”ڪجھ به نه ٿيندو.“

ٻانهه مان وٺي اچي گاڏي ۾ وهاريائين. گاڏي هلندي هلندي هاٿيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. راجه پورس جو هاٿي، ڪيئي ماڻهو لتاڙي چيڀاٽي ماري ڇڏيائين. ماس جو لٿڙو ٿي ساهه کڻڻ لڳس ته ڳيرو جڙي پيس. اڏري وڻ تي ويٺس. وڻ کي اٺن کائڻ شروع ڪيو. وڻ اگھاڙو ٿي ويو. اڏري ٻئي وڻ تي ويٺس. نانگ ويٺو هئو. ڀڙڪو ڏئي، اڏريم اڏرندو رهيس، پرَ هڻي هڻي ٿڪجي پيس. نيٺ هڪ پهاڙي وڻ تي ويٺس. ڪجھ گھڙيون ساهه پٽيم ته پکين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. آکيرا ڇڏي وٺي اڏاڻا. ٿڪل هيس، ويٺو رهيس تانجو خبر پئي ته باز جھڙپ ڏئي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا چنبا بت ۾ پوري طرح سان ڦٻيا ڪو نه. ٿوري دير سندس چنبن ۾ رهي، ڦٽجي ڪري پيس. ڦٿڪان پيو. رت وهيو پئي، ڳاڙهو رنگ ڏسي، اٿي جلدي اڏرڻ جي ڪيم. پَرن ساٿ نه ڏنو، اڏري پرڀرو ڪري پيس.

ڏاڍي اڃ لڳي هئي. پاڻيءَ جو ويجهڙائي ۾ ڪو نالو نشان ڪو نه هئو. ٻڪريون ڏٺم، خوف ورائي ويو. انهن سان گڏ ڌنار به هوندو. پڪڙي ڪُهي ڇڏيندو. اڏرڻ جي همٿ ڪانه هئي. زخم مان ٿورو ٿورو رت وهي پيو. ايتري ۾ ڌنار نمودار ٿيو. ويجھو آيو ته ڌرتيءَ کي چهنب ۾ ڪري ڌرتيءَ سان چمبڙي ويس. ڌنار اڳتي وڃي وري موٽيو. نظر پئجي ويس، دل جو ڌڙڪو وڌيو. پهريائين پير هڻي پرکيائين ته جيئرو آهي يا مئل. ڦَڙ ڦَڙ ٿي ته سمجھي ويو جيئرو آهي. هٿ ۾ کنيائين رت هٿ کي لڳي پيس. جاچي ڏٺائين، هيٺ ويهي زخم تان رت کي صاف ڪيائين، چُهنب کولي، ٻه ٽي ڦڙا پاڻيءَ جا وڌائين. ٿورو پاڻي بت جي مٿان ڇڙڪيائين. سامت ۾ اچي ويس. هيڏي هوڏي ڏٺائين، ننڍڙي وڻ جي ڇانو ۾ رکي روانو ٿي ويو. پوئتي مڙي ڏسندو ويو پئي. مون ڳڄي کڻي سندس ٿورا پئي مڃيا. جڏهن ڌنار اکين کان اوجھل ٿيو پاڻ کي آزمائي ڏٺم ته اڏري سگھان ٿو يا نه. پَرن ساٿ ڏنو. ٿورو اڏري، وري واپس ساڳي جاءِ تي آيم. ڌنار ڪُهي مزي سان گوشت کائي پئي سگھيو، پر زخمي هئڻ ڪري ڪهڪاءُ آيو هوندس، معنى سنسار جي ماڻهن ۾ ساڃهه، رحمدلي باقي آهي. هتي وڌيڪ ويهڻ نه گھرجي، جان کي خطرو ٿي سگھي ٿو. ڳيرو ٿي پيس باز هجان ها ته پکين تي حڪمراني ڪريان هان. ڳيرو ٿي جيئڻ آسان ناهي. خير هتان اڏري وڃان متان ڪو جھڙپي نه وجھي.

پهاڙي ٻلو اوچتو ظاهر ٿيو. واجھائيندي نظر پئجي ويس. جيئن ڪيائين جوهه، اڏرڻ جي ڪيم، ڀڙڪو ڏئي وڻ تي ويٺس. پهاڙي ٻلي وڻ تي چڙهڻ شروع ڪيو. پرواز لاءِ پَرَ ساهيم. اڏاڻس ايترو ته اڏاڻس جو بت ساڻو ٿي پيم. ڌرتيءَ جي طرف موٽ کاڌم جا منهنجي آماجگاهه هئي. آباديءَ ۾ اچي لٿس. ڌرتيءَ تي لٿس ته سڪون ملي ويو. کاڌي ۽ پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ لڳس. اڏري هڪ گھر ۾ پهتس. گھر ۾ نلڪو لڳل هئو، پاسي ۾ تازي پاڻيءَ جا دُٻا هيا. ڍئو ڪري پاڻي پيتم، ڀر ۾ ڪڪڙين انُ پئي چڳيو، سندن ويجھو وڃي، پيٽ ڀريم. هڪ عورت آئي داڻو چڳندي ڏٺائين ته مرڪي پئي. سندس ڪڇ ۾ ٻار هئو، کيس اشارو ڪري مون بابت ڪجھ چئي رهي هئي. اتان اڏري اچي وڻ تي ويٺس. ايتري ۾ ٽڪاءُ ٿيو، ڪا شيءِ اچي بت ۾ پيهجي وئي. اڏرڻ جي ڪيم ساهس ئي ڪو نه هئو، سگھ ساري اڏري پري هليو آيس. هڪ وڻ تي ويهڻ جي ڪيم، ٽاريءَ تي ويهي نه سگھيس، ڌرتيءَ تي اچي ڪريس. ڇڙهيون هڻڻ لڳس، رت وهي رهيو هئو. زخمي هيس. ڳاڙهو رت ڏسي، ڳاڙهو رنگ ياد پيم. لڇڻ لڳس، ايترو ته لڇيس جو زمين تي نشان پئجي ويا. ڳاڙهو رنگ ذهن ۾ ڦرڻ لڳو اکيون کليون ته زمين تي لٽيو پيو هئس. مٿان وڻ جي ڇانوَ هئي. سڄو جسم زخمي هيو. مونکي ته سائي ڪار واري کنيو هئو. هاٿي، گوشت جو لٿڙو، ڳيرو سڀ ڇا هيو؟ لاشعور جو پاڇو.

***

پهاڙي ٻلا چوياري ڪيون ويٺا هئا. حيراني ٿي، ڇو اچي گڏ ٿيا آهن. ڪرسي وچ تي خالي پئي هئي. گڏهه کي پهاڙي ٻلا پري کان پڪڙيون پئي آيا. گڏهه ميڙاڪي ۽ خالي ڪرسيءَ کي ڏٺو ته گوهي ڪري بيهي رهيو، چئي؛

”وڏو ميڙاڪو ڪيو اٿوَ، ضرور ڪا گڙٻڙ آهي. وري ڪرسي به وچ تي رکي اٿو.“

هو چونس؛

”ڪرسيءَ تي ويهي بادشاهي ڪر، سڄو علائقو تنهنجو هوندو. حڪم ڪندين ان جي تعميل ٿيندي.“

گڏھ چيو؛

بادشاهه ته جھنگ جو شينهن آهي، کيس خبر پئي ته آنڊا ڪڍي ڇڏيندو. ڀلي ڇا به ڪريو ڪرسيءَ تي ڪو نه ويهندس.“    

پوئتي وٺي ڀڄڻ جي ڪيائين. پهاڙي ٻلن کيس اڳتي ڌڪڻ جي ڪئي. گھڻي ڇڪ ڇڪان کانپوءِ گڏجي سڀني گڏهه تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گڏهه ڊڄي ويو. چي؛

”ڪرسيءَ تي ويهان ٿو، پر شينهن کان بچائڻ اوهان جو ڪم آهي.“

”تون ان ڳالهه کان ڇُٽين.“

گڏجي هائوڪار ڪيائون. گڏهه ڪرسيءَ تي ويٺو، سڀني تاڙيون وڄايون، سڀ خوش ٿيا. گڏهه

چيو؛

”ڪرسيءَ تي ويهڻ ۾ مزو آهي پر مان پنهنجي عادت مٽائي نٿو سگھان. ليٽهڙو ۽ پستيون ضرور هڻندس، هينگڻ تي به پابندي نه هوندي. ٻه ٽي ٽٽ ضرور ڪڍندس.“

پهاڙي ٻلي جنهن اڳواڻي ٿي ڪئي، چيو؛

”تون بادشاهه آهين، جو وڻئي سو ڪر، تو کي اجازت آهي.“

گڏهه خوشيءَ مان هينگڻ لڳو. پنهنجي رهائش جو پڇيائين. کيس ٻڌايو ويو ته ان جو به بندوبست ٿيل آهي. گڏهه خوش ٿيو ته ٻيلي بادشاهيءَ ۾ بهاري لڳي پئي آهي. هر شيءِ جو اڳواٽ اهتمام ٿيل آهي. ڪجھ ٻِلا گڏهه بادشاهه جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ويا. يارهن پهاڙي ٻلن جي هڪ چوياري جوڙي وئي، جنهن جو سربراهه جڙيو جيڪو سڌو بادشاهه سان رابطي ڪرڻ لاءِ هئو. بادشاهه کي صلاح ڏيڻ چوياريءَ جو ڪم هئو. علائقي جي سارسنڀال جو ڪم چوياريءَ کي سونپيو ويو. گڏھ جي بادشاهي شروع ٿي وئي. شينهن کي خبر پئي ته ڪجھ علائقي تي پهاڙي ٻلن قبضو ڪري گڏهه کي بادشاهه بڻايو آهي. هن کي ڏاڍي مٺيان لڳي. پهاڙي ٻلن جو جھنگل ۽ ميداني علائقي ۾ ڇا وڃي، سي ته گرمين جي مهينن ۾ پهاڙن کان هيٺ لهي ايندا هئا جو گرمين ۾ پهاڙ تپندو هئو. مٿن رحم کاڌو ته ڀلي گرمي کان بچڻ لاءِ هتي رهن اچي، هي ته موراڳي قبضو ڪري بادشاهت ٺاهي ويهي رهيا. شينهن ساٿين جو ڪنٺ گھرايو پاڻ ۾ صلاح ٿي، جن کي خبر نه هئي انهن کي به پئي. سڀ جانور حيران ٿيا، هي ڇا ٿي ويو. ڪجھ خوش به ٿيا ته شينهن پوڙهو ٿي ويو آهي. سندس ناجائزيون وڌنديون پيون وڃن. چڱو ٿيو آهستي آهستي سندس بادشاهت ختم ٿي ويندي، سي وڃي لڪ ڇپ ۾ پهاڙي ٻلن جون دعوتون کائي، گڏهه بادشاهه کي ٽيڪرون ڏئي آيا، ڀلو ڪم ڪيو اٿوَ توهان سان گڏ آهيون، اندر جي خبر اوهان کي پيا پهچائيندا رهنداسين. سڄي تر ۾ ٻائيتال مچي ويو، جھنگل توڙي ميداني، پهاڙي جانورن، پکين ۾ ويڇو وڌي ويو. جهيڙو به ٿيو، ويڙهه به ٿي. ٻنهي ڌرين جا زخمي به ٿيا ته مئا به. شينهن کي ڳالهه سمجھ ۾ ڪا نه پئي آئي ته ڇا ڪري، پهاڙي ٻلن جي هڪ-هٽي ۽ بادشاهت ڪيئن ختم ڪري. ٻلن به سياڻپ کان ڪم ورتو، بجاءِ جو پنهنجي برادريءَ جو بادشاهه ڪن ها، گڏهه کي ڪيائون. هڪڙي ڳالهه شينهن کي ذهن ۾ آئي ته گڏهن جي برادريءَ سان ڳالهائجي ته توهان جي گڏهه چڱو ناهي ڪيو، هو استعمال ٿيو آهي. اهو سوچي ڀولي کي گھرايائين ۽ گڏهن جي سردار ڏانهن نياپو ڪيائين ته شينهن بادشاهه ياد ڪيو اَٿئي.

***

رات جو وقت هجي، گڏهه بادشاهه ليٽهڙو ڪري سمهڻ جي ڪري رهيو هئو ته کيس اڪيلائپ ستائڻ لڳي. سال گذري ويا هيس ڇڙائپ جي زندگي گذاريندي. هڪڙيءَ گڏههِ سان دل لڳي ڪئي هئائين سا ڇڏي هلي وئي ھيس. بادشاهه آهيان حڪم ڪرڻ جي دير هوندي، سڀ سهولتون آهن. کوتي هوندي ته دل وندري پئي هوندي. صبح ٿئي ته چوياريءَ جي سربراهه کي گھرائي چوانس ته گڏههِ جو بندوبست ڪري. اهو سوچي خوشيءَ مان هينگڻ لڳو. جسم ۾ ڪي لهرون اٿندي لهندي محسوس ڪيائين. نيٺ کيس ننڊ وٺي وئي. صبح جو سوير اٿيو. چوياريءَ جي اڳواڻ کي گھرائي ورتائين.

کيس چوڻ لڳو؛ ”بادشاهي گھر ۾ اڪيلائپ محسوس ڪريان ٿو. ساٿيءَ جي ڳڻ ڪريو. پر پوڙهي نه جوان هجي.“

چوياريءَ جي اڳواڻ چيو؛ ”ڪهڙي اها وڏي ڳالهه آهي. ڪري ٿا وٺون.“

”بادشاهه سلامت توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان.“

”ها ها ٻڌاءِ.“

”جانور ته اسان کي مبارڪون ڏيڻ آيا آهن ته واهه جي اوهان جي حڪمراني پئي هلي. وڌيڪ چون پيا....“

گڏهه خوشيءَ منجھان چپ کولي ڏنديون ٻاهر ڪڍي آسمان طرف ڏسندي ڪيو ’ڦر... ڦر...‘

”وڌيڪ چون ڇا پيا.“

”مثال پيا ڏين ته بادشاهه هجي ته گڏهه جهڙو، سڀڪو پنهجي جاءِ تي خوش آهي.“

گڏهه پنهنجي تعريف ٻڌي ٻه ٽي پستيون هنيون. اٽون به هوا ۾ هڻي ڪڍيائين. پوءِ هينگڻ لڳو، ٻه ٽي ٽٽ به هنيائين. بس ڪيائين ته وري چوياريءَ جي اڳواڻ کي ڪم جي پارت ڪرڻ لڳو ته جلدي اڪيلائيءَ جو ساٿي ڳولي هٿ ڪري اچجان.

گڏهن جي سردار وٽ پهاڙي ٻلا پهتا. کيس عرض ڪيائون؛ ”جوان گڏههِ کپي.“

سردار وراڻيو؛ ”گڏهُه جو وٺي ويا، هن جو ڇا ڪيو اٿَو.“

جواب ڏنائون؛ ”هن کي بادشاهه ڪري ڇڏيو اٿئون. اسان جو بادشاهه سلامت اڪيلائپ ٿو محسوس ڪري، ان ڪري کوتي کپي.“

سردار گڏهه چيو؛ ”توهان شينهن جي بادشاهيءَ ۾ گڏهه کي ڪيئن بادشاهه ڪيو آهي.“

 جواب مليس؛ ”اسان جي برادري ميدانن تي لٿي آهي. پهاڙي ٻلا آهيون، هاڻ پهاڙ کي ڇڏي ميدان تي بادشاهت ٿا چاهيون. گڏهه کي پنهنجو حاڪم ان ڪري ڪيو اٿئون. جيئن شينهن سان منهن ڏئي سگھي.“

سردار گڏهه زور سان ٻه ٽي هينگون ڪيون، هواءِ ۾ اٽون هڻندي چيو؛ ”گڏهه شينهن جو ڪيئن مقابلو ڪندو چريا ٿيا آهيو ڇا.“

 جواب مليس؛

”شينهن پوڙهو ٿي ويو آهي، ٻاهر نڪري گھٽ ٿو. سندس رعيت ۾ بغاوت ٿي وئي آهي، ڪيترائي لڪ ڇپ ۾ اسان سان اچي مليا آهن. تون فڪر نه ڪر اسان کي رڳو گڏههِ ڏي ته بادشاهه کي وڃي خوش ڪريون.“

”شينهن پوڙهو ٿيو آهي ته ڇا ٿيو، سندس پٽ جو جوان ٿيو آهي. هو بادشاهي سنڀاليندو. توهان سان انڪار ڪونهي، پر اڄ ئي شينهن بادشاهه وٽان ڀولي جي هٿ نياپو پڳو آهي ته شينهن بادشاهه ياد ڪيو اٿئي. مونکي ته ڪو خطرو ٿو محسوس ٿئي. ڪاوڙ ڪئي هوندئين ته منهنجي علائقي ۾ گڏهه اچي قبضو ڪيو آهي.“

 جواب مليس؛

 ”فڪر نه ڪر، شينهن ڇا ڪندو، اسان به ويڙهه جي لاءِ رٿابندي ڪئي آهي. ڀولڙن کان مدد وٺي سمورين حدن ۾ رکي ڇڏيو آهي. خطري جي صورت ۾ وڻن تي چڙهي دانهون ڪوڪون ڪري، اسان کي سجاڳ ڪندا. حملو ڪندڙن کي جواب ڏيندا. ويڙهه ڪنداسين. تون فڪر نه ڪر، اسان جي طرفان دعوت اٿئي، اچي چڪر هڻي وڃ.“

 گڏهن جو سردار مطمئن ٿيو ته هڪڙي جوان گڏههِ سندن حوالي ڪري ڇڏيائين.

گڏهه بادشاهه جو ساٿياڻيءَ کي ڏٺو هوا ۾ اِٽون، پُستيون هڻي، هينگاٽ ڪندي ٻه ٽي ٽٽ به هڻي ڪڍيائين. پهاڙي ٻلا بادشاهه کي خوش ڏسي، پاڻ به ٽڙي پيا. گڏهه جي ڀرسان ئي ساٿياڻيءَ لاءِ ڪرسي رکي وئي. ٻئي گڏجي ويهي بادشاهت هلائڻ ۽ رعيت جا مسئلا حل ڪرڻ لڳا. پهاڙي ٻلن کي خبر پئي ته شينهن کي سڌ پئجي چڪي آهي ته پاڻ کي مضبوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي برادريءَ کي پهاڙن تان گھرائڻ شروع ڪيائون. کين هدايت به ڪيائون ته ننڍا پٿر به پاڻ سان کنيون اچن جيئن ويڙهه ۾ ڪم اچن. سندن گھرن ۾ پٿرن جو چڱو ذخيرو ٿي ويو. گڏهن جو سردار شينهن وٽ پهتو.

شينهن چيس؛

”گڏهه کي ڪيئن تو بادشاهه ڪيو آهي؟ اڌ علائقي تي قبضو ڪيو ويٺو آهي.“

سردار چيو؛

”منهنجو ڪهڙو ڏوهه، گڏهه وٺڻ آيا، سندن حوالي ڪيم، وڻين گڏهه تي بار ڍوئين يا بادشاهه بڻائن. وري ڪالهه مون وٽ آيا هئا. بادشاهه جي دل وندرائڻ لاءِ هڪ کوتي به ڪاهي ويا.“

شينهن ڪنڌ مٿي ڪري گراڙ ڪري ڪاوڙ مان دانهن ڪئي. سردار ڊڄي ويو. عرض ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين؛

”ڪاوڙ نه ڪريو، توهان جي راڄ ڀاڳ ۾ رهون ٿا، جيئن حڪم ڪندا ائين ڪنداسين.“

شينهن چيو؛

”تون سوچ، اسان سالن کان هتي جا رهندڙ آهيون، هي پهاڙي ٻلا ته پهاڙن جا رهاڪو آهن، جتي توهان ۽ اسان وڃي به نٿا سگھون. گرمين جي ڏينهنن ۾ برابر پهاڙن تان لهي ميداني علائقن ۽ جھنگلن ۾ ايندا هئا ۽ گرمي ختم ٿيندي هئي ته هليا ويندا هئا. هاڻ مستقل ديرو ڄمائڻ ٿا چاهن. پنهنجي بادشاهي ٺاهي ورتي اٿن. ڏينهو ڏينهن والار ڪندا پيا وڃن.“

گڏهن جي سردار چيو؛

”صحيح ٿا چئو، اسان جو ساٿ توهان سان آهي.“

”پرگڏهه جو بادشاهه بڻيو ويٺو آهي.“

ها انهن پهاڙي ٻلن برابر اسان کي استعمال ڪيو آهي. پريشان نه ٿيو، جيڪو حڪم اوهان جو هوندو ائين ڪنداسين.“

سردار اٿي هليو آيو.

گڏهه بادشاهه جي خدمتگارن ڏٺو ته بادشاهه اداس رهڻ لڳو آهي. سبب ڪو نه ٿو ٻڌائي، رڳو چُپ آهي. ساٿياڻي گڏههِ به پڇيُس، پر ٻڌايائين ڪجھ به ڪو نه. نيٺ چوياريءَ جي اڳواڻ کي ٻڌايو ويو. جنهن نويڪلائيءَ ۾ اچي احوال ورتس.

گڏهه بادشاهه چيو؛

”ساٿياڻي گڏههِ مان دل ڀرجي وئي آهي. ٻي ڪا وٺي اچو.“

اڳواڻ چيس؛

”رعيت جي ڀلائي جي باري ۾ سوچيندين يا رڳو ساٿياڻيون پيو مٽيندين. هوڏانهن شينهن پيو ٿو حملي جي تياري ڪري، گڏهن جي سردار کي به گھرايو هئائين، توکي عياشيءَ جي لڳي آهي.“

”هان! شينهن حملي جي تياري ٿو ڪري!” ٻه ٽي اٽون هوا ۾ هڻندي چيائين.

”اسان جي سردار کي به گھرايو هئائين؟ مون کي بيخبر رکيو اٿوَ! سنڀاليو پنهنجي بادشاهي پاڻ هلون ٿا. هل گڏههِ پنهنجي راڄ ۾ ٿا هلون. پهاڙي ٻلن سان منهنجو ڇا.“

گڏهه کي ڌمڪي ملي؛ ائين ڪيئن ويندين.“

 گڏهه ضد ڪيو. پهاڙي ٻلي آواز ڪڍيو. سڀ ٻلا اچي مڙيا. ڳالهه پکڙجي وئي. هر ڪو پٿر کڻي اچي پهتو. ڪنهن شرارتي پهاڙي ٻلي گڏھ کي پٿر وهائي ڪڍيو. ائين پٿرن جي برسات شروع ٿي وئي. گڏهه زخمي ٿي ڪريو. ڇڙهيون هڻڻ لڳو. ڪجھ ئي دير ۾ بي ساهو ٿي ويو. گڏههِ پاسو وٺي ڀڳي. سردار کي اچي ٻڌايائين ته گڏهه ٻلن ماري ڇڏيو. سردار کي ڏاڍي مٺيان لڳي. ڀولا جيڪي پهري تي بيهاريا ويا هئا سي به پنهنجي جاءِ ڇڏي شينهن جي علائقي ۾ هليا ويا. شينهن تائين خبر پهتي ويڙهه جي تياري ڪري گڏهن سميت ڀولا ويڙهه جا تکا. سڀ جانورن پکين گڏجي پهاڙي ٻلن سان ويڙهه ڪئي. ڪي ڏينهن ويڙهه جاري رهي. آخر پهاڙي ٻلا شڪست ڏسي، موت جي ڀئه کان وٺي پهاڙن ڏانهن ڀڳا. شينهن فتح کانپوءِ ڀولن جو وڏو جٿو پهاڙن جي پاسن ۾ بيهاري ڇڏيو، جيئن اهي پهاڙي ٻلا سردي هجي يا گرمي، ميداني علائقن ۽ جھنگ ڏانهن نه اچن.

سماج ۾ ڳاڙهي رنگ کي عام ڪرڻ لاءِ زمين تي ننڍڙيون ننڍڙيون ٻاريون ٺاهي ورتم. انهن ٻارين ۾ گلاب جا قلم لڳايم. پنهنجي مند تي ڳاڙها گلاب ٽڙي پيا. ماڻهوءَ جي هٿن ۾ ڳاڙها گلاب هئا. فطرت جو ڪير به رستو روڪي نٿو سگھي.

 

(ماھوار ھزار داستان حيدرآباد جي ڊسمبر ۲۰۲۳ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment