Saturday, December 23, 2023

ڳاٽي ڀڳا نقاد - منظور ڪوھيار

ڳاٽي ڀڳا نقاد

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



اڄ ڪکو خان جو رويو ڪجھ عجيب قسم جو هيو۔ هوٽل ۾ ويٺلن تي خوامخواه جا ڪمينٽس پئي پاس ڪيائين۔ 

ڪو کليو پئي ته چيائين پئي؛ ”کلي ائين ٿو ڄڻ روئي ٿو!“

ڪنهن جي ويهڻ تي طنز پئي ڪيائين؛ ”ويٺو ائين آ ڄڻ ملڪ جو والي هجي!“

ڪنهن جي لباس تي اعتراض پئي ڪيائين ته: ”ڄڻ گڏھ کي گج پاتل هجن!۔۔۔“

ڪنهن جي هٿ ۾ ڪتاب ڏسي پئي چيائين ته؛ ”هي به پاڻ کي اديب ٿو سمجھي!“

”خير ته آھي اڄ ھر ڪنهن تي ٻريو پيو آن۔“ پڇيومانس۔


”تو کي شايد خبر ناهي ته مان هاڻي وڏن نقادن جي ڊنب ڊنباڙي ۾ شامل ٿي ويو آن۔“ وڏي فخر سان ٻڌايائين۔

”ڪهڙي مقصد تحت شامل ٿيو آن؟“ پڇيومانس۔

”ته جيئن تنقيد تي پنهنجا حق واسطا قائم رهن! ۽ ٻيو ڪو آڱر اڀي نه ڪري سگھي۔“

”ايڏو آپيپڻو به چڱو ناهي۔“ سمجھائڻ جي ڪئيمانس۔

”ڊنب ڊنباڙي وارن جو چوڻ آھي ته وڏي نقاد ٿيڻ لاءِ ضروري آھي ته ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل ھجي ۽ اک جي ڦوسي ڪاپار تي هجي۔“

”ڀلي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل ھجيو ۽ اک جي ڦوسي ڪاپار تي ھجيو۔ پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي گريبان ۾ جھاتي پائي ڏسندا ڪيو!“ رومالي هنيومانس۔

”اها ڊنب ڊنباڙي وارن جي سختيءَ سان منع ٿيل آھي ته؛ ان حرڪت سان پنهنجو ئي ڳاٽو ڀڄي سگھي ٿو۔ پوء هر ڪو آڱر کڻي چوندو ته: اهي ٿئي ڳاٽي ڀڳا نقاد!!!۔۔۔“

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment