Friday, December 1, 2023

سن سيٽ بوليوارڊ - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سن سيٽ بوليوارڊ

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پوسٽ مارٽم جي وقت به ساڳيو وزيٽنگ ڪارڊ، لاش جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل ھيو. ان ڏھاڙي به چارو، پنھنجي معمول جي مطابق صبح جو پنجين بجي اٿي وئي ھئي. ليڪن معمول کان ٿورو وڌيڪ اتساھڪ ھئي. سدائين سٺي نموني سان تيار ٿيندي، وارن کي ڦڻي ڦوڪارو ڪندي، ٿورو غازه ھڻندي، ته جيئن چمڙيءَ ۾ سنھيون جُهريون ھئڻ جي باوجود، ڪراڙپ سبب ڦاٽل مسام نظر نه اچن. پوشاڪ ته سدائين سندس شوق ۽ سليقي جو ثبوت ڏيندي آھي.



شِوِدت کي سدائين چوندي ھئي؛ ”ڏس! اڄ به ماڻھو اسان کي ڏسندا آھن ته اک-ٽيٽ سان کسر ڦسر به ڪندا آھن. اشارا ڪندا آھن ته چارولتا پئي وڃي. پنھنجي لاءِ نه سھي، پنھنجي فينز (Fans) جي لاءِ ئي اسان کي صحيح سليقي سان رھڻ گھرجي.“

شِوِدت، سندن باورچي ھيو.

ان ڏھاڙي صبح جو جڏھن ھو چانھ جي ٽرالي کڻي سندس سامھون آيو ته چارو، آئيني جي آڏو بيھي پاڻ سان ڪجھ ڪي ڳالھيون ڪري رھي ھئي. ٿورو شرم ۾ ٻُٽجي بيھي رھي. شِوِدت مرڪي ڏنو. ان عمر ۾ به ميڊم جي شرمائڻ واري ادا ڪمال جي ھئي. انھيءَ ادا، جوانيءَ ۾ لکين پرستارن کي ماري ڇڏيو ھيو.

”شِوِدت! ڪو گوپال داس مشرا اچڻو آھي، اسان سان ملڻ. ٿورو چانھ ناشتي جو انتظام ڪري وٺجانءِ.“

”ڪير آھي؟“ ٿورو جھلي، شِوِدت پڇيس.

”ڪو رائيٽر آھي، اسان تي ڪتاب لکڻ ٿو چاھي. سندس خط آيو ھيو.“

ان ڏھاڙي چاروءَ جي چال ۾ اتساھ، ٿورو سبيل ئي ھيو. فلم انڊسٽريءَ کان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ايترن سالن پڄاڻان ڪنھن کي ھن اڪيلڙي جانِ جو خيال آيو. شروع شروع ۾ گھڻيئي جرنلسٽ ايندا ھيا، ان ڏورانھين بنگلي ۾. مھابليشور، ڏھاڙي ڏھاڙي ڪير ٿو اچي؟ ٻيو ته چارو به ڪيترا ئي سال پنھنجي ”ڪم بيڪ“ تي جيئندي رھي. پوءِ آھستي آھستي اھا اچ وڃ به گھٽجي وئي.

ٿورا عمر رسيده ڪردارن جا رول به پيش ٿيا کيس. ليڪن ڪراڙن جا رول، چاروءَ منظور نه ڪيا. آئيني جي آڏو بيھي، کاڏي اڀي ڪري اڪثر ڏسندي ھئي پاڻ کي. ڪنڌ تي ڪو گُهنج نه ھيس. عمر جو ڪو نشان نظر نه آيو... پاڻ سان ٿورا مڪالما به ٿيا... عڪس به ٻڌايو ته ”اوھان جي عمر ٿي وئي آھي.“ اھي عڪس صرف فلمن ۾ ڳالھائيندا آھن.

ھا! ڊاڪٽر ساھنيءَ ضرور چيو ھيو، پھرئين ھارٽ پرابلم کان پوءِ؛ ”ڏسو! اوھان جي دل ھاڻي ايترو سڀ سھي نه ٿي سگھي، جيترو ٻوجھ مٿس وجهو ٿا. ڪنھن ڏينھن بيٺي بيٺي فيوز اڏامي ويندو.“

”سنگھ صاحب ھجي ھا ته شايد...“

شودت خبر ڏني ته مشرا آيو آھي.

”اون؟... ھائو... مشرا؟“ انتظار جي باوجود، چارولتا، نالو ٻڌي ڇِرڪي وئي؛ ”ويھاريس! ھيٺ ھال ۾ ويھاريس.... صوفن جا غلاف لاھي ڇڏيئي نه!“

”جي ميڊم!“

”ٻيو شاندليئر؟ ٻاري ڇڏيئي؟“

شودت پنھنجا فرض خوب سمجھندو ھيو. ھو اڄ به ميڊم جي ڌاڪ ڄمائي رکندو آھي، ماڻھن تي. ڪنھن قضا-نئي ڪنھن پرستار جو خط اچي ته بازار ۾ ڏھن جاين تي ان جو تذڪرو ڪندو.

چاروءَ نيڪليس پائيندي پائيندي، محسوس ڪيو ته سندس ڪنڌ ٿورڙو ٿلھو ٿي ويو آھي. گلوبند ھجي ھا ته اھا گهٽتائي به لڪي وڃي ھا. ليڪن ان کي به وڪامئي ٻه سال ٿي ويا. ٽن ھزارن جو ورتو ھيو، ڪنھن زماني ۾. ھاڻ وڪيو ٽيھن ھزارن جو. سنگھ صاحب ھجي ھا ته ڪڏھن وڪڻڻ نه ڏئي ھا.

چارولتا جڏھن ڏاڪڻين تان لٿي ته بلڪل فلم جو ڪردار لڳي رھي ھئي. ھاڻي آواز ايندو؛ ”اسٽارٽ.... سائونڊ... ڪيميرا.....“

مشرا، ھال ۾ لڳل ڪن سنگ مرمر جي بوتن کي غور سان ڏسي رھيو ھيو. سندس ھٿ ۾ پيڊ نما ڪاپي ھئي. جنھن ۾ شايد ڪجھ نوٽ به ڪيو ھيائين. چاروءَ کي ڏسي مشرا وڏي ادب مان نمسڪار ڪيو.

”ويھو!“

مشرا صوفي تي باادب ويھي رھيو. وڏو اثر پوندو ھيو چاروءَ جي شخصيت جو. گھڻي دير تائين مشرا جي واتان ڪو اکر نه نڪتو. سينگاري ٺاھي شودت، چانھ جي ٽرالي کڻي آيو. ٻن پليٽن ۾ ٿورو مٺو، ٿورو نميڪن. چاروءَ چانھ ٺاھي.

”منھنجي ايڊريس ڪنھن کان مليوَ؟“

”ڳوئل صاحب ڏني! اوھان جو مينيجر آھي نه بمبئيءَ ۾.“

”ھا.. تمام ڀلو ماڻھو آھي ڳوئل... گھڻا سال منھنجو ڪم سنڀاليو آھي ان. ھاڻ به اھو ئي ديک ڀال ڪندو رھندو آھي... چانھ وٺو...!“

وري ھڪڙو وقفو، پوندي وچئون گذري ويو. چاروءَ پاڻ ئي ڳالھ چوري... ”مان گھڻي اڪيلائي پسند آھيان. گھڻو ڪم ڪرڻ به ھرگز پسند نه ھيو. ان وقت به گھڻيون فلمون ڪو نه ڪيون، جڏھن ڏينھن رات پروڊيوسرن جي لانڍ لڳل ھوندي ھئي. بس ڀڄي اچي ھتي لڪندي ھيس.“

”مان اوھان جو گھر ڏسي سگھان ٿو؟“

”ھا! ڇو نه! اچو..“

چارو، کيس ساڻ وٺي سنگ مرمر جي بوتن وٽ بيٺي. ”اٽليءَ کان آندي ھئم، ھيءَ جوڙي. وڏي ڏکيائي ٿي ھئي، انھن کي صحيح سلامت ھتي آڻڻ ۾. ڪيترا سال ته اھي منھنجي بمبئيءَ واري گھر ۾ پيا ھيا. اوھان ته اھو نه ڏٺو ھوندو؟“

”نه!“ ڏاڍو مختصر جواب. ليڪن مُسڪراھٽ گھڻي ڊگھي ھيس.

ورانڊي مان لنگھندي، چاروءَ ٻڌايس؛ ”وڏي شوق مان ھيءُ گھر جوڙايو ھيو اسان. سنگھ صاحب سان وڏا جھيڙا ٿيندا ھيا تڏھن. ڪڏھن پٿر جي چونڊ تي، ڪڏھن ڪاٺيءَ جي سليڪشن تي. ھيءُ ٽائلون، سنگھ صاحب، بئنگلور مان آنديون ھيون. گھر جو نالو مون انگريزي فلم تان رکيو ھيو (Sun set Boulevard) ۽ ھيءُ.... ھيءُ پڃرو... جنھن ۾ ڪو به پکي نه رکيو اسان، خبر ناھي ڇو کڻائي آيا ھياسين ھڪڙي ڏينھن اھو....“ وري زور زور سان ٽھڪ ڏيڻ لڳي، ڄڻ ڪو سين ڪندي ھجي. ھڪ دفعو ته شودت به ٻاھر ليئو پائي ڏٺو. ائين کلندي ته ڪڏھن ڪو نه ڏٺو ھيو ميڊم کي. ھا اھو زمانو ھيو جڏھن نور ۽ نيلو اينديون ھيون. سندس دؤر جون ھيروئنيون.

چارو ڏاڪڻين تي چڙھندي چئي رھي ھئي..؛ ”بس اھو چوندي ھيس؛ مون کي ئي قيد ڪر ان پڃري ۾.... چوندو ھيو؛ اھو به سنگ مرمر جو ٺھرائڻو پوندو... سنگ مرمر ڏاڍو پسند آھي، مون کي. مٿس اگھاڙين پيرين ھلڻ ڏاڍو وڻندو آھي، مون کي. سنگھ صاحب کي به.... ھيءُ سندس پورٽريٽ آھي.“

اھا قد آدم تصوير ھئي، سنگھ صاحب جي. مٿئين ورانڊي ۾ لڳل. ٻنھي پاسن کان شمعدان. شودت شمعون ٻاري ڇڏيون ھيون. کيس خبر ھئي ته ميڊم اتي ضرور ويندي.

چپ چاپ ڪا گھڙي ته ٽڪ ٻڌي ھوءَ سنگھ صاحب جي چھري کي ڏسندي رھي. پوءِ آھستي آھستي ڇلڪندڙ نيڻ اگھيائين ۽ ڪنڌ جھڪائي مُڙي وئي.

مشرا، پويان پويان ھلي رھيو ھيس ۽ ھوءَ چئي رھي ھئي؛ ”گھڻي ننڍڙي ھئي اسان جي شادي شده زندگي. صرف ٽي سال، چار مھينا ۽ ارڙھن ڏينھن.“

ھڪ دفعو وري ھن سُڏڪو ڀريو.

شودت، ھال مان ٽراءِ ھٽائي چڪو ھيو.

پان جي لاءِ ھڪ ڀيرو چاروءَ آواز ڏنس. جواب نه آيو ته سمجھي وئي، ٻاھر ويو ھوندو باغ ۾. اھو ماٺ وارو وقفو کيس ڀلو نه لڳي رھيو ھيو. مڙي مڙي مشرا کي چيائين؛ ”اوھان کي ڪجھ پڇڻو آھي؟“

”ھن گھر جي ايراضي گھڻي ٿيندي؟“

چاروءَ ٿورو ڳڱاٽيل اکين سان ڏٺو، مشرا ڏانھن... ”ايراضي؟“

”ٻيو بلڊ اپ ايريا؟“

چارو، ٿورو وسامي وئي... ”ڳوئل کي خبر ھوندي.“

”ڪا ڳالھ ناھي. مان ڳوئل کان ئي پڇي وٺندم.“ مشرا اٿي بيٺو.

چارولتا، صوفي جي ٻانھن تي پورو زور ڏئي اٿي بيھي رھي؛ ”اوھان کي ڳوئل ڇا لاءِ موڪليو ھيو؟“

”ھيءُ گھر ڏسڻ لاءِ چيو ھيائين. شايد جلد ئي وڪڻڻو پوي. ڏسي ڇڏ! ڪو گراھڪ تيار ٿي وڃي ته...“

”اوھان جو نالو؟“ چارولتا وڏي ترش لھجي ۾ پڇيس.

”ڌيرج مشرا! پراپرٽي بروڪر آھيان. پراپرٽي وڪڻڻ ۽ وٺڻ جي دلالي ڪندو آھيان....“ ان پنھنجو ڪارڊ، اڳيئون ڪيو.

اچانڪ ھن جو چھرو ڳاڙھو لال ٿي ويو. ھڪڙو دفعو رڙيون ڪرڻ چاھيائين ليڪن آواز چٽو نه نڪتس، صرف ھٿ جي جھٽڪي سان کيس ٻاھر وڃڻ جو اشارو ڪيائين.

بروڪر صفائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ”ڏسو! ڳوئل صاحب، اوھان سان ڳالھائڻ کان روڪيو ھيو. چيو ھيائين ته شايد اوھان کي...“

”گيٽ آئوٽ.....“ ھن دفعي چارولتا کان رڙ نڪري وئي. ليڪن آواز گهوگهرو ٿي بيھجي ويس.

بروڪر گھٻرائجي، ٿڏي تي ھليو ويو.

ڪارڊ، ھٿ ۾ وٺيو، چارولتا کيس ٻاھر نڪرڻ تائين، ڏسندي رھي. مڙي ڏاڪڻيون چڙھندي چڙھندي، ھوءَ ٿاٻڙجڻ لڳي... دل جو دؤرو پيس ۽....

پوسٽ مارٽم جي وقت به ساڳيو وزيٽنگ ڪارڊ، لاش جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل ھيو.

 

(دھواں تان ترجمو ڪري کنيل)


(ماھوار ھمسري آنلائين حيدرآباد جي ڊسمبر ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment