Saturday, December 9, 2023

پيريءَ ۾ ويسر - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پيريءَ ۾ ويسر

(افسانچو)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ٻه جھونڙا، پنھنجين جھونڙين سميت، ھڪڙي ھوٽل ۾، گڏجي ماني کائي رھيا ھيا.

اپڪائي ھڪڙي جھوني، ٻئي کي ٻڌايو؛ ”اڙي يار! پوئين ھفتي مون پنھنجي گھرواريءَ سان گڏجي ھڪ ڏاڍي ڀلي ھوٽل ۾ ماني کاڌي ھئي جيڪا منھنجي ڄمار جي تمام ڀلي ھوٽل ھئي.“

ٻئي جھونڙي پڇيس؛ ”ان ھوٽل جو نالو ڇا ھيو؟“


پھرئين جھونڙي چيس؛ ”اڙي يار! پيريءَ ۾ ويسر جو مرض وڪوڙي ويو آھي. مون کي ان ھوٽل جو نالو ھاڻي ياد نه ٿو اچي پيو. ’م‘ سان ماين جا ڪھڙا نالا شروع ٿيندا آھن ڀلا؟“

ٻئي جھوني ٻڌايس؛ ”ماريہ!“

اڳئين جھوني چيس؛ ”اڙي نه يار! اڃا ڪو ٻيو نالو آ!“

ٻئي جھوني وري ٻڌايس؛ ”ڀلا! مائره!“

پھرئين جھوني چيس؛ ”نه يار!“

ٻئي جھوني چيس؛ ”ڀلا مريم!“

پھريون جھونو؛ ”ھا! اھو ئي آھي!“

ان کان پوءِ ڀر ۾ ويٺل پنھنجي زال ڏانھن منھن ورائي پڇيائينس؛ ”مريم بيگم! ان ھوٽل جو ڀلا نالو ڇا ھيو، جنھن ۾ پاڻ پوئين ھفتي ماني کاڌي ھئي؟!“

 

(فيسبڪ جي اردو پوسٽ تان ترجمو ڪري کنيل)

No comments:

Post a Comment