Wednesday, December 20, 2023

جھلم اداس آهي - تلوِندر سَنگهہ - ننگر چنا

جھلم اداس آهي

پنجابي ڪھاڻي

تلوِندر سَنگهہ

ترجمو: ننگر چنا



مَسِيتِ ۾ ايندڙ پھرين ٻانگَ رات جي پوري ٿيڻ جو سنيھو ڏنو. خطري جو هڪ پھر ٽري وڃڻ تي ڪِشنَ کي تسليءَ جو جهيڻو احساس ٿيو. هُنَ اوجاڳي ماريل اکين کي تَريُنِ سان مَھٽي، ڪَرائيءَ ۾ ٻڌل واچَ ۾ ٽائيم ڏٺو، ساڍا ٽي. مطلب تہ چار وڄي چڪا آهن. هُو چاٻيءَ ۾ نَنھُن ڦاسائي ٽائيم سَھِي ڪرڻ لڳو تہ هَٿُ اوچتو بيھي ويس. ڪالهہ شام جو گَهڙِين ٺاهيندڙَ ئي اِنَ جو وقت اڌ ڪلاڪ پوئتي ڪري ڇڏيو هو. هُنَ گَهڙِي دڪانَ جي دخل تان کڻندي ٻين واچن سان ٽاڻو ملائي ڏٺو هو ۽ فرق محسوس ڪَندي گَهڙِي ورائي ڪاريگر ڏي موٽائي هئي، “ٽائيم اڃا بہ پوئتي ٻُڌائي رهي آهي؟”


“مون پاڻَ اڌ ڪلاڪ پوئتي رکي آهي. مون کي سُڌَ آهي تہ تون سَوير سِري نَگر وڃي رهيو آهين.” ڪاريگر ڪِشنَ ڏي ۽ پوءِ ڪِشن سان گڏ بيٺلَ سندس سنگتي بشير ڏي ڏسندي چيو هو، “توهان کان وِسريو تہ ناهي نہ جيڪو ڪجهہ ٿي رهيو آهي. پاڙيسري ملڪ جي چوڻ تي لڳي ڪجهہ ماڻهو پنهنجن جا ئي دشمن بڻجي پيا آهن. توهان جو پَنڌُ ڊگهيرو آهي. توهان کي سُڌَ آهي، ڪنھن گهڙيءَ ڪک جو سھارو بہ گهڻو هوندو آهي.”

“ڪَکَ جو سَھارو؟” ڪِشن کي مُونجَهہ ٿي پئي. هُنَ بشير ڏي ڏسندي دَخل تان گَهڙِي کنئي ۽ ماٺ ڪري ڪَرائيءَ ۾ ٻَڌي ڇڏي. اها تہ هُنَ کي خبر هئي تہ ڪيئي ماڻهو پاڪستاني ٽائيم ملائي رکندا آهن ۽ انهيءَ مطابق ڪم ڪار ڪندا آهن. پر اِهو هُنَ لاءِ ڪيئن سَھارو بڻبو ؟

“گهڻا پيسا ٿيا؟” هُنَ کيسي ۾ هٿ وجهي ٻَٽُون ڪڍيو.

“ٻئي ڀيري اچين تہ ڏئي ڇڏجانءِ.” ڪاريگر سندس ٻَٽُونءَ وارو هٿ پوئتي ڌِڪيندي چيس، “اسان پراڻا سنگتي آهيون ۽ هڪ ٻئي جا well wisher بہ. مان چاهيان ٿو، تون وري موٽي پنھنجي گهر اچين. ڪيئن بشير !؟”

“ها.” بشير وراڻيس. ڪِشنَ ماٺ ڪري ٻَٽون موٽائي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هو.

بَتيءَ جي مُئَل سوجهري ۾ هُنَ ڪمري جي ڀتين تي اَکِ ڊوڙائي. آس پاس پيل ننڍين وڏين وَٿُنِ کي ڏٺو. ڪشن کي پنھنجائپ جو احساس ڀُرَندي محسوس ٿيو. سندس اوجاڳي ماريل اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. لڳاتار ڌمڪين ۽ ڊپَ ڀريلَ ماحول ڪيئن نہ کيس سندس آسي پاسي کان ڇِني پري ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن جي ڳُتَيل آبادي واري محلي ۾ ڦاٿل سندس گهر ڪيئن هوري هوري ڳِھجِي ويو هو. هر قسم جو سھڪار ڪرڻ جو وچن ڏيڻ وارا کيس اوپرا محسوس ٿيڻ لڳا هئا. بشير جي سنگت کان هُو ڀَئُہ کائڻ لڳو هو. هُنَ کي لڳندو هو تہ هُو بہ ڄڻ ڪنھن سازش ۾ ٻِٽُ آهي. مٿس ويڳاڻپ جو جَھانُ ڇانئجي رهيو هو. پوئين مھيني هُنَ شاردا ۽ ٻنهين ٻارڙين کي ڄَمونءَ لاءِ روانو ڪري ڇڏيو هو. هندو مايُن جي لڄَ لُٽجڻ بابت ٻُڌي هُوءَ ايڏي تہ هِيسِجِي وئي هئي جو وڃي چَري ٿيڻ کي پھتي هئي. ڪِشن بہ پريشان هو. ڊپارٽمينٽ هُنَ کي ڪو دَڳَ ڏئي تہ هُو هتان نڪري نہ. پوءِ اها اَبَن ڏاڏن جي ملڪيت! توڻي جو ٿوري ئي آهي، هُنَ چاهيو پئي تہ اِنَ جو ڪو گراڪ ملي پوي تہ گهٽ وَڌِ ڪري کپائي ڇڏي. جوڻس چوندي هيس، “ڪجهہ کپي نہ ٿو تہ ائين ڇڏي ڏيوسِ. نہ ٿو ٽرانسفر ٿئي تہ نوڪري کي لت هڻو. ڄمون هلو، هلي منھنجن ڀائرن سان گڏ بزنس ڪيو. پر هاڻي هتي ناهي رهڻو.”

هُو سمجهائيندو هيس، “اڃا ٿورڙو صبر ڪر.”

بازارن ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ جلوس نڪرڻ لڳا هيا. چَونڪَن ۾ جلسا ٿيڻ ۽ ڀارت جي اڳواڻن ۽ مسلمانن جي دٻاءَ جي خلاف جوشيلا پرچار ٿيڻ لڳا ها. ماڻهو ڪُڏَ ڏئي ڏئي نعرا هڻڻ لڳا هيا. دينا داستي گوليون هلڻَ، ماڻهو مرڻَ، گهر سَڙڻَ لڳا هيا ۽ پوليس ماٺڙي ڪيون تماشو ڏسندي رهندي هئي. سُس پُس ٿيندي هئي تہ شاردا پريشان ٿي پوندي هئي، ٻارن وانگر روئڻ لڳندي هئي، “جيئن بہ ٿيندو، جِي پونداسين، پر هتي ناهي رهڻو.”

هُو ٻارن کي چَرين جيئن وٺي ڀاڪر ۾ ڪرڻ لڳندي هئي. اوپرن وانگر هيڏي هوڏي جهاتيون پائڻ لڳندي هئي. هُنَ جي اها حالت ڏسي ڪِشن بہ ڏکارو ٿي ويندو هو.

شاردا کي وئي مھينو ٿيڻ وارو هو. انهيءَ وچ ۾ ڪِشن ذرو ذرو ٿي مُئو هو. ڏينھن لَھندي ئي گهر جي ڀتين اندر قيد ٿي ويندو هو. دهشت جا پاڇا سندس پيچو نہ ڇڏيندا هيا. بشير چوندو هئس، گهر جو گراڪ هٿ آيو آهي، بس ڏينھن ٻِن جي ڳالهہ آهي. پر اِها هڪ ٻن ڏينھن جي ڳالهہ هوري هوري مھينو ٿي وئي. نہ ها، نہ نَنھَن. نيٺ طئي ڪري ورتو ڪِشنَ، جند بچائجي. گهر جو موھُ تِياڳِجي. هُنَ بشير کي چئي ڇڏيو تہ، “وِڪيو تہ ٺيڪ آ نہ تہ تون پاڻ وٽ رکي ڇڏ.”

بشير هُنَ جي ڪُلهي تي ٿپڪي هڻندي چيس، “ائين نہ سوچ ڪِشنَ! وِڪيو تہ ٺيڪ، نہ تہ تنھنجي امانت آهي، منھنجي لاءِ جِندُ کان وڌ پياري آ.”

ڪِشنَ اُٿي اِسٽوپ ٻاريو. ٻاٽِيءَ ۾ اڌ ڪوپ پاڻي وڌائين. کَنڊُ ۽ پَتي وڌائينسِ. راتوڪو بچيل کير ملايائينسِ. هُو چانھ پيئندو ۽ گڏوگڏ تيار بہ ٿيندو رهيو. ٻاهر پرھ ڦٽي رهي هئي. هُنَ اٽيچي ڪيس کنيو. ڪمري ۾ پڇاڙڪي جهاتي پاتائين. ٻاهر نڪري ڪَڙو ڏنئين، در بند ڪرڻ مھل سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. ٻاهريون در کوليائين تہ بشير بيٺو هئس. بشير اڳتي وڌي سندس اٽيچي ڪيس کڻڻ گهريو.

“ڇڏيسِ.” ڪِشن چيو.

“هاڻ مون کي ايترو بہ حق ناهي؟” بشير جو آواز ويھجي ويل هو، “ گهٽ ۾ گهٽ مون کي تہ ڌاريو نہ سمجهہ.”

ڪِشن ماٺ رهيو. هُنَ چاهيو پئي تہ هِنَ مھل ڪا اهڙي ڳالهہ چورِي وڃي، جيڪا ماحول جي ٻوجَهہ کي هٽائي، پر اهڙي ڪا ڳالهہ کيس سُجهي ڪا نہ . هُو ماٺ ڪري بشير جي پويان لڳي پيو. ڏَندَڻُ ڪرڻ لاءِ گهٽيءَ ۾ بيٺل ميان قاسم هڪ پاسي ٿُڪيندي چيس، “وڃين پيو؟ ڪِشنَ ڀاءُ!”

ڪِشنَ جي مَنَ چاهيو تہ ڍُنڍِڪُرُون ڪري روئي. هُنَ جي ڳِچي ڄڻ تہ گُهٽجِي وئي هئي. هُنَ کان وَرندي نڪتي، “ها، ميان قاسم! ٿورڙن ڏينھَنِ جي تہ ڳالهہ آهي، موٽي اچبو وري.”

“چڱو، ڀاءُ! الله واهي.” قاسم ايترو چئي ڏندڻ وري وات ۾ وجهي ڇڏيو.

بشير جي پويان هلندي ڪِشن کي سڀ ڪجهہ هڪ نُڪتي ۾ سمائجي ويل لڳو. گڏ گذاريل ٻاروتڻ جا ڏينھن، اسڪول ۽ ڪاليج وارو مرڪندڙ کِلندڙ وقت، هِنَ گھٽي، هِنَ پاڙي جو موھُ. سڀ ڪجهہ سياست جي ڪِني راند جي وَرِ چڙهي ويو. هُنَ جي اکين مان اڃا وڌيڪ پاڻي سِمَڻَ لڳو.

بشير پنھنجي گهر اڳيان بيھي رهيو. در کڙڪايائين. ريحانا در کوليو. هُنَ مُرڪندي اندر اچڻ لاءِ چيو. ڪِشن اندر وڃي سُتَل علي ۽ ثوبيا جي مَٿَنِ تي هٿ ڦيريو. چاچيءَ کي گوڏن تي هٿ رکي سلام ڪيو.

ريحانا چانھ ٺاهي آئي.

“نہ ، ڀاءُ! چانھ تہ مون هاڻي هاڻي پيتي آهي. توهان پڇي تہ وٺو ها؟”

“اڳ تہ ڪڏهن پڇي ڪونہ ٺاهي هئي.” ريحانا چيو.

“ٿوري بريڪ فاسٽ بہ ٺاهي وٺ.” بشير چيس.

“نہ ، ڀاءُ !نہ. هِنَ مھل تہ مون کي اُڪو بُکَ ناهي. گهرج پئي تہ واٽ تي کائي وٺندس.”

“پُٽ! بکيو نہ وڃ. تون بہ مون لاءِ منھنجي بشير جھڙو  ئي آهين.” چاچيءَ چيس. لاچار کيس ويھڻو پيو. ريحانا شاردا جي باري ۾ پڇندي رهي ۽ چٺي موڪلڻ لاءِ چوندي رهي. چاچي هُنَ کي دلاسا ڏيندي رهي. بريڪ فاسٽ ڪرڻ کان پوءِ بشير اسڪوٽر ڪڍيو ۽ ڪِشنَ کي پويان ويھاريو. هُو بس اسٽينڊ پھتا. اُتي بہ ماحول ساھ ٻُوساٽيندڙ هو. بسون تيار بيٺيون هيون. شيڊن وٽ بيٺل فوجي ڍَڪَرَ کائي رهيا هيا. ڪِشن اسڪوٽر تان لھي ڪائونٽر تي وڃي ٽڪيٽ ورتي. ٽڪيٽ وٺي بشير کان موڪلايائين، “چڱو، بشيرَ! الله کي منظور هوندو تہ وري ملنداسين، نہ تہ ....”

“تون نہ آئين تہ مان ئي ايندس توڏي ڄَمُونءَ.” بشير اسڪوٽر بيھاري هُنَ کي ڀاڪر پاتو، “ائين ايترو تڪڙو سڀ ڪجهہ ناهي ختم ٿيندو، تون دل نہ لاھِ.”

“حالي پھريون مسئلو تہ سَھِي سَلامت ڄَمُون پھچڻ جو آهي.” اهو چئي ڪِشن هيڏي هوڏي ڏٺو.

بشير ماٺ رهيو. ڪِشنَ ڀَرجي آيل مَنَ سان اٽيچي کنيو ۽ بس ۾ وڃي ويھي رهيو.

ڪنڊڪٽر سيٽي هنئي. بشير هٿ کي هلڪو لوڏو ڏئي اسڪوٽر کي ڪِڪ هنئي ۽ بس اڏي مان ٻاهر نڪري ويو. بس هلي. ڪشن جي جنم ڀومي هوري هوري پوئتي کسڪڻ لڳي. شھر جا موڙَ، بازاريون پوئتي رهجي ويا. بَس ويران روڊ تي ڀڄڻ لڳي. حفاظتي دستو بہ بس ۾ سوار هو، پر ڪشن کي سُڌَ هئي تہ اِهي رڳو ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود آهن. ڪنھن بہ ننڍي وڏي حادثي ٿيندي ئي انهن جي رائفلن جي نالين کي سُسِي وڃڻو هو. ڪنھن بہ مھل ڪو ڀوائتو تماشو ٿي سگهي ٿو. ڪشن نہ چاهيندي بہ اهڙين سوچن ۾ ڦاسي پيو.

اُوچا ڊگها چِيڙَ، ديودارَ جا وڻ، پري پري تائين پکڙيل سھڻيون ماٿريون. سُرڳُ ياد ڪرائي ڇڏيندڙ هيءُ ڪشمير. سنگيت واري چالَ ۾ وَهندڙُ جھلم جو درياھُ. سڀئي ڪاري اُداسيءَ ۾ ٻُڏا پيا هيا.

ڏينھن مٿي چڙهي آيو. پري ٽَڪرين پويان سج جَرڪڻ لڳو.

اِنگَڙَ وِنگَڙَ دڳ تي هلندڙ بس هڪ جهٽڪي سان بيھي رهي. ڪشن جو مٿو ذري گهٽ اڳئين سيٽَ سان ٽڪرائجڻ کان بچيو. ست اٺ ڊگها ڳڀرُو، ڍاڪُنِ تي هٿ رکيون، وچ سڙڪ تي بيٺا هيا. ڪُلهن تي لڙڪندڙ رائيفلون. ڪِشن بہ سيٽ تان اٿي ڏٺو. ڄڀَ وڃي تارُونءَ سان لڳس. هُنَ پوئين سيٽ تي ويٺل حفاظتي جٿي کي ڏٺو، پر اُهي پنڊ پاهڻ ٿيا ويٺا هيا. ڳڀرن مان چار اڳئين در مان ۽ چار پوئين در مان وڏي ٿھمر سان بس ۾ چڙهي آيا. “هَل!” هڪڙي ڳوري ۽ کَھري آواز ۾ چيو. چاٻي ڏنل رانديڪي وانگر بس وري ڊوڙڻ لڳي.

ڪِشن پاڻ سان گڏ ويٺل همراھ ڏي ڏٺو، جيڪو ڏاڍي سُڪونَ سان ويٺو رهيو هو. هُنَ جون اکيون سوير کان وٺي اخبار تي ڄميل هيون. ‘اهو سڪون هُنَ جي مسلمان هجڻ ڪري ئي آهي،’ ڪشن سوچيو، ‘پر هُو هن مھل ڀينٽَ ٿيڻ وارو ٻڪر بڻجي چڪو آهي. ڀينٽَ چڙهڻ وارا ٻڪر ٻيا ڪيترا هوندا هِنَ بس ۾؟’ ڪشن جي سوچ هڪ ڳالهہ تي بيھي رهي. موتُ صفا سندس سامھون بيٺو هو. ڪارو جُبو پايون، هَٿَ ۾ ڀَوائتو هٿيار کنيون. اُنهيءَ جي اکين ڏي تَڪِڻَ جي همت ڪشن کي نہ ٿي.

“ڪھڙو حال آ، پنڊت جي!” ڪنھن ڪشميريءَ ۾ چيو ۽ گڏوگڏ هڪ ڳورو هٿ ڪشن جي ڪُلهي تي اچي پيو. هُنَ جو رهيو کُهيو سَتُ بہ ڇڏائجي ويو. هُنَ مُئل اکين سان ڪنڌ کڻي ڏٺو، موت جي مُنھَن تي ظالماڻي مُرڪ هئي. هُنَ پَٿر ٿي ويل مُنڍيءَ کي ٿورو لوڏيو، “ٺيڪ آ.”

“ڄَمُونءَ پيو وڃين؟”هُنَ اِهو آواز وَري ٻُڌو.

هُنَ وري ڪنڌ ڌُوڻيو. "هاڻ ڪاڏَهُون ويندس ڄَمُونءَ؟ سفر تہ هتي پورو آ”

“نوڪري ڪندو آن جان بزنس؟”ڪاري جُبي پاتل موت هُنَ ڏي جهڪي پڇيو. ڪِشَنَ جي پاسي واري همراھَ اخبار تان نگاهون پري ڪري پھريون ڪِشَن ڏي ڏٺو ۽ پوءِ پڇڻ واري همراھ ڏي ۽ وري نگاهون اخبار تي ڄمائي ڇڏيون. ڪِشَنَ بہ وڏين ۽ ڳوڙهين اکين ڏي ڏٺو ۽ چيو، “سروس.”

“ٽائيم ڀلا ڪيترو ٿيو آهي، پنڊت جِي!” هُنَ ڪُلهي ۾ لڙڪندڙ رائيفل کي سِڌو ڪيو.

ڪشن واچَ ڏي ڏسي چيو، “پوڻا اَٺَ.”

پاسي واري همراھ پنھنجي ڪَرائِي ۾ ٻَڌَل واچَ تي آرام سان نگاھ وڌي، پوءِ ڪشن ڏي ڏٺو ۽ چيو، “توهان جي واچَ پوئتي آ شايد. سوا اَٺَ ٿي رهيا آهن.”

“مون وٽ اِهوئي ٽائيم آهي.” ڪِشَنَ چيو.

“اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ وقت تہ اُبتو ناهي هلندو. اِنَ ڪري پڪ سان توهان جي واچَ پوئتي آهي، اڌ ڪلاڪ. نہ تہ ڀلا ڪنھن ٻئي سان مِلائي ڏس.”

“مون سويري پاڻ ملائي هئي ريڊيو سان.” ڪشن نہ چاهيندي بہ ڳالهايو.

“پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ واچَ خراب هجي. توهان سِج کي ڏسي ئي اندازو هڻو.” هُنَ سِج ڏي اشارو ڪندي چيو.

ڄاڻي تہ هُو بہ پيو، پر اِنَ ڳالهہ تي بحث ڇو؟ هُنَ ڳالهہ کُٽائڻ واري لھجي ۾ چيو، “مان ڪڏهن بہ سج ڏي ڏسي اندازو نہ هڻندو آهيان. هُونءَ بہ اِها هڪ کَسِيس ڳالهہ آهي ....”

“پر اِها پڪ آهي تہ توهان جي گهڙي غلط ٽائيم ٻڌائي رهي آهي.”

“مان اِنَ تي ڪو بحث نہ ٿو ڪرڻ چاهيان.” ڪشن چيو.

“اِنَ ۾ بحث واري ڪا ڳالهہ ئي ناهي، پنڊت جِي! ڳالهہ ايتري آهي تہ هڪ انڊين اسٽينڊرڊ ٽائيم آهي، هڪ پاڪستان جو معياري وقت.”

اَڳئين دَرَ وٽ بيٺل هڪ ڳڀرُوءَ ٻاهر ڏٺو ۽ ڊرائيور کي چيو، “هتي روڪ گاڏي کي.”

حڪم تي عمل ٿيو. پوئين پاسي بيٺل هٿياربند پوئين در کان ۽ اڳئين پاسي بيٺل اڳئين در کان هيٺ لھي ويا. ڳالهيون ڪرڻ واري ڪاري جُبي واري نوجوان ڪِشَن جي ڪُلهي تي ٿپڪي هڻي وڏي واڪي ‘پنڊت زنده باد’ جو نعرو هنيو. پوءِ هُنَ اخبار پڙهڻ واري کي چيو، “ميان صاحب! توهان ٿورو هيٺ لھي اچو.”

“پر ڇو؟” هُنَ اخبار هڪ پاسي رکي ۽ اُٿندي پڇيو.

“توهان اچو تہ سَھِي!” هُنَ سندس ٻانھَن پڪڙيندي، ٻاهر گِھِليندي چيس ۽ هيٺ لاهي ويس. هيٺ لاهي سندس هٿن مان گهڙي لاهي کڏي ۾ اُڇلايائين ۽ رائيفل جو پورو برسٽ هُنَ جي مُنھَن تي خالي ڪري ڇڏيائين.

پوءِ هُنَ بَس کي هلڻ جو اشارو ڪيو، “هل، هل.”

بَس هلڻ لڳي ۽ پنھنجي ماڳ ڏي وڌڻ لڳي.

***

(ماهوار "امرتا" جي ٿورن سان)

No comments:

Post a Comment