Friday, December 1, 2023

سچار ڪتن جي شاھدي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سچار ڪتن جي شاھدي

(عربي ڪھاڻي)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي وسنديءَ جا ماڻھو ڪوڙ ھڻڻ ۽ ڪوڙي شاھدي ڏيڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھيا.

ان ئي وسنديءَ جي ھڪڙي عورت ۽ ھڪڙي مرد، ڳجھ ڳوھ ۾ نڪاح ڪيو. نڪاح ته پڪ آ شريعت مطابق ئي ڪيائون، جيڪو نڪاح پڙھندڙ قاضيءَ ۽ شاھدن جي موجودگيءَ ۾ ٿيو ھيو.

ٿورن ڏينھن پڄاڻان، زال مڙس منجھ رِنجھ ڪِنجھ ٿي پئي. مڙس، زال کي گھرئون لوڌي ڪڍي ڇڏيو ۽ مڙني شرعي حقن کان به وانجھو رکيائينس.


عورت ويچاري، شھر جي قاضيءَ وٽ وڃي دانھين ٿي ۽ کيس ٻڌايائين ته؛ ”مڙس گھرئون ڪڍي ڇڏيو آ.“

قاضيءَ پڇيس؛ ”تنھنجي ان نڪاح جي ته ڪنھن کي به سُڌِ ناھي.“

عورت چيس؛ ”سائين منھنجا! اسان جو نڪاح باقاعدي شريعت جي مطابق ٿيو ھيو.“

قاضيءَ پڇيس؛ ”ڪو شاھد اوگاھ؟“

”ھائو! قاضي صاحب! ٻه شاھد به ھيا. سندن سامھون نڪاح پيو ھيو.“

قاضي صاحب، مڙس ۽ شاھدن کي گھرائي ورتو. مگر انھن ڀري ڪچھريءَ ۾ عورت کي سڃاڻڻ کان ئي نابري واري ڇڏي ۽ نڪاح کان چٽو انڪار ڪيائون. ۽ ھڪ آواز ٿي چيائون؛ ”اسان ته اڄ کان اڳي ھن عورت کي ڪڏھن ڏٺو به ناھي.“

قاضي صاحب، عورت، مڙس ۽ شاھدن کي ھڪ ٽڪ چتائي ڏٺو ۽ عورت کان پڇيائين؛ ”مڙسنھن وٽ ڪو ڪتو ڌاريل ھيو؟“

عورت چيس؛ ”ھائو!“

قاضيءَ عورت کان وڌيڪ پڇيو؛ ”ڇا تون ڪتن جي شاھدي ۽ سندن ڏنل فيصلو مڃيندينءَ؟“

عورت چيو؛ ”ھائو! مون کي سندن ڏنل شاھدي ۽ فيصلو قبول آھي.“

قاضيءَ حڪم ڏنو؛ ”عورت کي ھن مرد جي گھر وٺي وڃو! جيڪڏھن اتان جا ڪتا ھن عورت کي ڌاريو سمجھي ڀؤنڪن ته ھيءَ عورت ڪوڙي آھي! ۽ جيڪڏھن اھي ڪتا عورت کي ڏسي گھر-ڀاتياڻي سمجھي خوش ٿين ۽ پڇ لوڏين ته ھن عورت جي دعويٰ سچي آھي ۽ مڙس توڙي شاھد ڪوڙا آھن. پوءِ ھيءَ عورت گھرڌياڻي آھي.“

اھو حڪمنامو ڏيندي ئي قاضيءَ ۽ ڪچھريءَ ۾ موجود مڙني ماڻھن، مڙس ۽ شاھدن ڏانھن تڪڻ شروع ڪيو، جن جا ڪوڙ پڪڙجڻ سبب ٻوٿ ئي ڀيلا ٿي چڪا ھيا ۽ لڱن ۾ ڦَرڪڻي پيل ھين.

ڳالھ وائکي ٿي چڪي ھئي ته ڪير ڪوڙو آ ۽ ڪير سچو آھي.

جنھن تي قاضي صاحب، سپاھين کي حڪم ڏيندي، چيو؛ ”پڪڙيونِ! انھن ڪُوڙن کي ۽ ڪوڙا ھڻونِ! ڇو جو اھي ئي ڪُوڙا آھن.“

مٿئون پنھنجي راءِ ڏيندي چيائين؛ ”بڇڙيون وسنديون اھي آھن، جتان جي رھاڪن کان، سندن ڪتا وڏا سچار آھن.“

 

(عربي ادب تان، اردوءَ جي معرفت کنيل)

No comments:

Post a Comment