Wednesday, December 20, 2023

وَهَمُ پنجابي - اعجاز - ننگر چنا

وَهَمُ

پنجابي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: اعجاز

سنڌيڪار: ننگر چنا



انهيءَ ڇت تي جتي هاڻ قسمين قسمين نسلن جا ڪبوتر هڪ ٻئي سان چِلوِلايون ڪندي، ڳُٽڪارون ڪري رهيا هئا. ڪجهه دير اڳ اُتي هڪ سھڻي ۽ معصوم مکڙي تي حيرت ڦيرا پائي رهي هئي. اُنَ عجيب حيرانيءَ جو ڳُوڙهو پاڇو اُنهيءَ مکڙي تي لالٽين وانگر جَرڪندڙ سُھڻين ۽ نيرين اکين ۾ لِڪ لڪوٽي کيڏي رهيو هو.


هڪ گهوڙيسَوارُ دَستو هيٺان بازار مان لنگهندي، ڌُوڙِ اُڏائيندي، راجا جي محل ڏي وڌي رهيو هو. گهوڙن تي ويٺل سَوارَ وڏي روبَ ۽ شانَ سان اڳتي وڌي رهيا هئا. انهن سڀني الائي ڇو پنھنجيون نگاهون جهڪائي رکيون هيون. پھرين نِھارَ ۾ ائين ٿي لڳو ڄڻ تہ هُنَن کي پنھنجي سپھ سالار پاران اکيون کڻي هيڏي هوڏي ڏسڻ جي جَهل ٿيل هجي.

اڄ کان اَڳ هنن کي هِتي ڪٿي آس پاس نہ ڏٺو ويو هو. هنن مان ڪِن جو وڏيون وڏيون ڏاڙهيون ۽ وار هئا. هُو ويڙهاڪ گهٽ ۽ وحشي وڌيڪ لڳي رهيا هئا. هُنَن کي ڊگهين ڊگهين، وڏين ويڪرين، ڪارين، ڪڻڪ رنگين ۽ سايُنِ قميصن مٿان زرهون پاتل هيون. هنن جي زرهن مٿان انساني رَتَ جا وڏا چُٽا ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. هنن جي هٿن ۾ سگهارا ڀالا، نيون ڍالون ۽ تلوارون کنيل هيون. آس پاس بيٺل ماڻهو هنن ڏانھن لڳاتار ائين تَڪي رهيا هئا ڄڻ تہ هنن جا غلام بڻجڻ وڃي رهيا هجن.

سموري واتاوَرَڻَ کي گهوڙن کان سواءِ انسانن جي پيرن جي دَٻڪن کان ڌارَ اُتي بيٺل ماڻهن جي بَڙبَڙ جِي وائُرَ پنھنجي گهيري ۾ آڻي رهي هئي. ڪوٺن جا ٻِيڙِ ٻَنا، دَرَ دريون، ڇتيون، تاڪيون ۽ چانئٺيون لڳاتار چوڌاري پکڙيل حيرت جي رنگ ۾ رَنگجي رهيون هيون. ڪجهہ سياڻا هِنَ وارتا جا ڌاڳا پوين ڏينھن ۾ راجا جي سپاهين هٿان باندي بڻيل بحري ٻيڙي واري واقعي سان ملائي رهيا هئا. سندن ويچار مطابق انهيءَ بحري ٻيڙي جي رهائي ڪارڻ فوج جي هيءَ پلٽڻ هتي غيب مان نہ لٿي هئي. اُهي هُنن کي بَدُو چئي رهيا هئا. ڪي کين جِنَ سَمجهندي، مَٿو کَنَهندي، سوچن ۾ ٽٻيون هڻندي لَڄِي ٿي ر هيا هئا.

اُمالڪ ٻِيڙَ ٻَني تي ڇَپُ هڻي بيٺل ناريءَ جي سھڻين ۽ نيرين اکين هڪ سھڻي ڳڀرُوءَ کي راجا جي محل تي چڙهندي ۽ پوءِ اُتي نئون انگاس هڻندي ڏٺو. تَنھن کان پوءِ آسمان تي هڪڙي ڳاڙهي ڌُوڙِ ڇانئجي وئي، کِنوِڻ ڪَڙڪي، بادل گَجيا ۽ ڏِسَندي ئي ڏِسَندي اکين اڳيان ڄڻ تہ اونداهي اچي وئي. اِنَ کان اڳ جو ڪنھن دريءَ، جاري يا تاڪَ تي ڪو ڏيئو، ڏيئاٽي يا لالٽين ٻري ها... ڪجهہ سرڪش جنگجو وحشين فتح جا نعرا هڻندي، هوڪرا ڪندي ... ڇتين، ٻِيڙَ ٻَنَنِ، آڳرن، درن، چانئٺين ۽ بازارن ۾ بيٺل ڪَچِي وَهيءَ وارين ڇوڪرين ۽ معصوم نارين کي زور زبردستي پنھنجين پنھنجين ڪَڇُنِ ۾ کڻي ورتو.

.... ڪجهہ ٽاڻي گذرڻ کان پوءِ انهن سھڻين معصوم جوان ڇوڪرين ۽ نارين اولاد کي جنم ڏنو. جنھن بعد انهن مان ڪيئي سڄي دنيا ۾ ڏاڍو نالو ۽ عزت ڪمائي سُورما سَڏيا ويا، ڪي اُوچ نسلي پيرَ، فقير سَمجهيا ويا ۽ ڪي عقلمند حڪمرانَ.

اُهي جيڪي ڇت تي هاڻ قسمين قسمين نسلن جا ڪبوتر هڪ ٻئي سان چِلوِلايون ڪندي ڳٽڪارون ڪري رهيا آهن. ڪجهہ دير اڳ اُتي ڪجهہ بہ نہ هو. نہ ٻہ سھڻيون ننڍڙيون ننڍڙيون ۽ وڻندڙ نيريون اکيون هيون، نہ انهن اکين ۾ ڪنھن ڳُوڙهي حيرت جو پاڇو هو. ڪجهہ دير اڳ سواءِ ڳڻپ کان ٻاهر ڪبوترن جي ڳُٽَرڪون ڳُٽَرڪون جي اُتي ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو. نَہ گهوڙا، نہ سُوارَ، نہ پيادا، نہ راجا، نہ انگاسَ، نہ فوجي، نہ حاڪم.

No comments:

Post a Comment