Wednesday, December 27, 2023

امن ۽ آشتي جو پيامبر - منظور ڪوھيار

امن ۽ آشتي جو پيامبر

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



هڪڙي جذباتي ٽيبل کي ڌڪ هڻندي چيو ته: ”اسان جو سردار صاحب، هيءَ اليڪشن ضرور کٽندو. جدي پشتي سردار ۽ نواب آھي. ترڪن، ترخانن ۽ مغلن به سندس وڏن کي وفاداري جي بدلي نوابي ڏني. ته انگريزن به کين سر جي خطاب سان نوازيو. ھر دؤر ۾ الله ۽ طاقت ور ڌرين سندن شان ۽ مان وڌايو آھي.“


ٻئي جذباتيءَ، ٽيبل تي مڪ هڻندي، چيو ته: ”اسان جو گادي نشين جو جد امجد به محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ هتي آيو هيو. ھو مٽي جو ٻڪ کڻي پڙھي اڇليندو هيو ته سنڌي ڪافرن جو لشڪر انڌو ٿي پوندو هيو. هاڻي به سنڌي ووٽر کيس انڌا ٿي ووٽ نه ڏين ته مون کي چئجانءِ. تنهنجي سردار صاحب سندس سامهون بيهي وڏي غلطي ڪئي آھي!“

ائين بحث ڪندي خبر ئي نه پئي ته دست و گريبان ٿي ويا. هوٽل تي ويٺل سڀئي تماشو ڏسڻ لڳا. پر ڪکو خان کي الائي ڪٿائون سمڪ آئي، جو وچ ۾ پئي، کين ٿڌيون ٿانھيون وجھڻ لڳو؛ ”ڀائو! ٻيو نه ته سنڌ ڌرتيءَ کي به هڪ هوٽل جي مثال ۽ پاڻ کي ڪوپ ڀائي سمجھو. جتي ھر ڪو پنهنجي کيسي آھر چانھ جو ڪٽ يا فل پي اٿي وڃي ٿو. ڪو سردار يا پير نه ٿو پياري. ۽ وقت ڏسو ته هوٽل جي مالڪ پٺاڻ جيان آھي، جيڪو سڀن کان اڳاڙي ڪري چلتو ڪري ٿو. ان ڪري بقايا زندگيءَ کي سٺي سڀاءَ وارن گراهڪن جيان گذاريو. انهن جي ڪري  نه وڙھو، جيڪي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ اوهان جي ڏنل ووٽ کي بيهي مٽندا آھن!“

اهو ٻڌي ٻئي همراه ٺري ويا ۽ گريبانن مان کڻي هٿ ڪڍيائون.

متاثر ٿي چيومانس؛ ”ڪکو خان! اڄ ته امن ۽ آشتي جو پيامبر ٿي وئين.“

وراڻيائين؛ ”اهو ته آھيان، تون مڃين يا نه مڃين!!“

No comments:

Post a Comment