Wednesday, December 20, 2023

مَنڊا گُلر - امرجيت ڪور پنون - ننگر چنا

مَنڊا گُلر

پنجابي ڪھاڻي

تخليق: امرجيت ڪور پنون

ترجمو؛ ننگر چنا



“گيٽ اَپُ ڊيني! يُو سِليپ لائيڪ اي پِگ. تون سُوئر وانگر سُتو پيو هوندو آهين....” چرچ جي پادري فادر وِليم ڪاوڙ وچان ڊيني جي ڪلهي کي ڌُونڌاڙيو.

ڊيني ٿورو  چُري پُري، مُنھُن ٻئي پاسي ڪري وري سمهي پيو. ڪاوڙ وچان ڦُوڪَٽَ ڪندڙ فادر وِليم ڊيني کي گِھلي هَنڌَ مان ٻاهر ڪڍي هيٺ اُڇلايو ۽ ڀُڻ ڀُڻ ڪندو ڪمري مان نڪري ويو. ڊيني اکيون مَھٽيندي، ماٺ ڪري فرش تان اُٿيو ۽ باٿ روم ڏي هلي پيو.


هر آچر جي سِجَ جو پھريون ڪِرڻو گهڻو ڪري تہ ڊيني کي ائين ئي ڀليڪار چوندو هو. ڊيني هر آچر ڏينھن سويري تيار ٿي وڃي چرچ جي وڏي هال ۾ ويھندو هو. ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويندا هئا، هِڪُ هِڪُ، ٻہ ٻہ ٿي ۽ ڪيئي وري ڪُٽنبَن سميت ايندا هئا. اندرئين هال ۾ سُوليءَ چڙهيلَ عيسيٰ جي مُورتيءَ جي سامهون بينچن تي ويھندا ويندا هيا. ڪو عيسيٰ جي مُورتيءَ کي ڏِسندو هو تہ ڪو وري بُتُ بڻجي وَيلَ ڊينيءَ کي. ۽ پوءِ فادر وِليم هال ۾ گِهڙندو هو.

هُنَ جي مُکَ تي ڪا آدَجُڳادَ جي جوتِ، آوازَ ۾ ماکيءَ جھڙو ميٺاڄُ ۽ سندس چپن تي اکرن ۾ ٻاجَهہ هوندي هئي ۽ هُو نِماڻائيءَ وچان چوندو هو، “عيسيٰ دنيا جِي سُھائي آهي.”

“عيسيٰ ماڻهپي جو رَکوالو آهي.” ۽ ٻيو بہ الائي ڪيترو ڪجهہ چوندو هو. هُنَ جي تقرير مُنجهيَل، ڏُکايَل دلين کي دَڳُ ڏيکاريندي هئي. وِسامي وَيلَ دلين جا ڏيئا ٻيھر ٻاريندي هئي. ڀَٽڪي وَيَلن کي دَڳِ لائيندي هئي. گِرجا جو هالُ تاڙين سان پَڙاڏِجي اُٿندو هو ۽ پوءِ هُو ڊينيءَ ڏانھن اشارو ڪري چوندو هو؛

“هي ٻارَ ڪِنَ ڪچري جا ڪِيڙا ناهن ....”

“اِهي ماڻهپي جو آئيندو آهن.”

اِئين پوءِ ماڻهپي جي آئيندي جي باري ۾ هُنَ جو ليڪچر شروع ٿي ويندو هو.

پر ڊيني اِهو سڀ اُڪوئي نہ ٻُڌَندو هو. هُو اِئين ويٺو هوندو هو ڄڻ تہ سڀ ڪنھن کان پري پنھنجي هڪڙي ڌارَ پارَ دنيا ۾ پھچي چڪو هجي. فادر وِليم جي ڀاشَڻَ ۽ ماڻهن جي تاڙين جو مٿس ڪو بہ اثر نہ ٿيندو هو. ماڻهو خوب دانُ ڏيندا هيا ۽ ڪو چرچ کان ٻاهر وڃي چوندو هو؛

“فادر وِليم تہ پاڻ مسيحا آهي ....”

“هيءُ تہ رَبَ جو رُوپُ آهي ....”

۽ ڪو وري چوندو هو، “هيءُ ماڻهپي جي آئيندي جي ليلَنِ جو ڌَنار آهي .....”

فادر وِليم جا ٻہ رُوپَ هيا. رُوپَ تہ هُنَ جا الائي ڪيترا هيا پر ڊيني کي سندس ٻن رُوپن جي ئي سُڌَ هئي.

چرچ جي وڏي هال ۾ ماڻهن اڳيان ليڪچر ڏيڻ وارو رُوپُ ۽ ٻيو رُوپُ اُهو جڏهن سُڌَ ناهي کيس جِنُ چنبڙي پوندو هو، تڏهن هُو بُکئي بَگهيَڙ وانگر ڊينيءَ جون ٻُوٽيون پَٽيندو هو ۽ پنھنجي هَوَسَ پوري ڪندو هو. پر ڊيني اِنَ بابت ڪنھن سان ٻاڦَ بہ نہ ڪڍي سگهندو هو. اسڪول ۾ ڊينيءَ جو ڪو سنگتي ڪونہ هو. هُو پاڻ بہ ڪنھن سان نہ ڳالهائيندو هو. هُنَ کي لڳندو هو تہ ڄڻ سندس ڪو مددگار ئي ڪونهي. اسڪول کان موڪل ٿيڻ کان پوءِ هُو مَنڊي گُلِر وانگر ڄنگهون گِھليندو پنھنجي ڪمري ۾ هليو ويندو هو. اندر اسڪول جي لئبريريءَ مان آندل ڪتاب پڙهندو رهندو هو يا وري پُٺئين باگيچي ۾ ويھي ٽاڻو ٽاريندو هو. ڏَهن ورهين جي ڊينيءَ جي دنيا انهيءَ گارڊن ۾ هئي. پکي سندس سنگتي هيا ۽ وڻن سان سندس ويجهڙائپ هئي. گارڊن ۾ ڪيئي قسمن جا وَڻَ هيا. ڪجهہ چِيلَ جا وَڻَ، ڪجهہ برچ جا وَڻَ، ڪجهہ پوپلر ۽ ڪجهہ ميپِل جا وَڻَ. ڊيني وڻن جي ٽارين تي هٿ ڦيريندو رهندو هو، هُو وڻن جي پَنن کي جُوھَ وجهي ڏسندو رهندو هو. هوا ۾ جُهومندڙ وڻن کي ڏسي هُو پاڻ بہ جُهومي اُٿندو هو ۽ سندس ننڍڙو مَنُ انهيءَ سھڻي قدرت سان گڏجي هڪ ٿي ويندو هو.

گارڊن جي کَٻِي ڪُنڊَ ۾ هڪ وَڻُ هو جيڪو سڀني کان پري ۽ اڪيلو ئي وڏو ٿيو هو. انهيءَ وَڻَ جو سَنهيون سَنهيون ٽاريون پنھنجن ننڍڙن پَنن جو ٻوجهہ نہ سَھَندي هيٺ ائين جُهڪي پيون هيون ڄڻ تہ وري ڌرتيءَ ۾ گهڙي وڃڻ چاهينديون هجن. ماڻهو انهيءَ وڻ کي “وِيپِنگ ٽري” (روئندڙُ وَڻُ) چوندا آهن. پر ڊيني کي انهيءَ وڻ وٽان ڄڻ تہ ڪو پيار ملندو هو. سُڌَ ناهي تہ ڇو هُنَ کي انهيءَ وڻ وٽان ماءُ جي آسِيسَ ايندي هئي.....

عجيب ڪھاڻي هئي سندس ماءُ جي. ڪڏهن تہ ڊينيءَ کي پنھنجي ڇاتيءَ سان ائين ڇڪي لائيندي هئي جو ڄڻ تہ ڪو ڊينيءَ کي کائنس کَسي رهيو هجي پر وَرندِي گهڙيءَ هُنَ کي الائي ڇا ٿي ويندو هو جو هُوءَ ڊينيءَ کي اُمالڪ ڌڪو ڏئي پَري ڪري ڇڏيندي هئي، ڄڻ تہ ڪنھن ٻَرندڙَ ٽانڊا سندس ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيا هجن ۽ هُوءَ ڍَرِي ٿي، ڏَڪندڙَ ڄَنگهن سان، ميز تي ڪنڌ لاڙي ڍُرڪي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن زارَئون زارِ روئندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سُڌَ وڃايون پئي رهندي هئي. هُنَ جا وارَ سندس مُنھَن اڳيان اچي ويندا هيا ۽ سندس مُنھَن کي لِڪائي ڇڏيندا هيا. ڊيني اکيون ٺِپيندو کيس ڏسندو رهندو هو. ڪڏهن ڊڄي ماٺ ڪري ويھي رهندو هو تہ ڪڏهن ڪڏهن پنھنجن ننڍڙن هٿن سان سندس مُنھَن تي لڙي آيل وارَ پري ڪندو ۽ سندس ڳوڙها اُگهي وٺندو هو. هُوءَ وري ڊينيءَ کي ڇاتيءَ سان لائي وٺندي هئي. هُنَ جو مٿو چُمندِي، هُنَ جي اکين تي مِٺيون ڏيندي هئي ۽ هُنَ جا ننڍڙا ننڍڙا هَٿَ ڪڏهن پنھنجين اکين سان لائيندي هئي تہ ڪڏهن پنھنجن چپن سان.

ڊينيءَ کي ائين لڳندو هو، ڄڻ تہ گارڊن جي انهيءَ اڪيلي وَڻَ جون سَنهڙيون سَنهڙيون ٽاريون سندس ماءُ وانگر ڪَنڌ لاڙي روئنديون هجن. هُو هيٺ لڙڪندڙَ ٽارين کي ائين پري ڪندو هو ڄڻ تہ پنھنجي روئندڙَ ماءُ جي مُنھَن تان وارَ پري ڪري رهيو هجي ۽ هُو ڪجهہ گهڙين جي لاءِ انهيءَ وڻ ۾ سَمائجي ويندو هو ..... ڪجهہ گهڙين لاءِ هُو فادر وِليم جي دنيا کان اَلوپُ ٿي ويندو هو.

پوءِ هُنَ کي پنھنجي ماءُ جو اُهو رُوپُ ياد اچي ويندو هو، جڏهن هُوءَ ڪڏهن ڪڏهن ٻيپھريءَ جو ئي مَڌُ جي بوتل کولي ويھي رهندي هئي. سڄو ڏينھن پيئندي هئي ۽ اُنَ سان گڏ پنھنجي پيءُ کي گاريون ڏيندي هئي. هُنَ کي اُنَ ڏينھن پنھنجي ماءُ کان ڏاڍو ڊَپُ ٿيندو  هو. هُو هڪ ڪُنڊَ ۾ ويٺو هوندو هو. پر وَرندي ڏينھن تي هُوءَ ڊينيءَ کي وري پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيندي هئي ۽ سندس هَٿَ چمڻ لڳندي هئي.

۽ پوءِ هڪ ماڻهو سندن گهر ۾ رهڻ لڳو هو. اُنهيءَ جي ڏورن ۽ سيني تي ڪيئي قسمن جا ڊيڄاريندڙ ٽيٽو(Tattoo) اُڪريل هيا. هُنَ جي اکين ۾ اُڀريَل ڳاڙهن ڏورَن ۽ ڪَڪِيُنِ مُڇُن ڏي ڏسي ڊيني ڀَوَ وچان ڪُرو مُرو ٿي ويندو هو. اِهو ماڻهو شراب جون بوتلون ۽ ٻيو چُورو چَپو ننڍڙين ننڍڙين پُڙين ۾ کڻي ايندو هو. اُهو ڪڏهن ڪڏهن تہ ايندي ئي سندس ماءُ کي ايڏو زور جو ڀاڪر وجهندو هو جو هُنَ جو ساھُ بند ٿيڻ لڳندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري شراب پي سندس ماءُ کي لَتون مُڪون هڻندو ۽ ڪُٽيندو هو. ڊيني پنھنجين ننڍڙين ننڍڙين مُڪُنِ سان هُنَ کي پري ڪرڻ جو جَتَنُ ڪندو هو. پر هُو تہ ڪنھن پَليل سانَهہ وانگر هوندو هو. پوءِ هڪ ڏينھن انهيءَ ماڻهوءَ ڊينيءَ کي کڻي پري اڇلايو. ڊينيءَ جو مٿو ميز جي ڪُنڊَ سان وڃي لڳو ۽ هر پاسي ماٺ ۽ اوندھ ڇائنجي وئي.

جڏهن ڊينيءَ جون اکيون کُليون تڏهن هڪ پياري مکڙي واري نَرس سندس ڀرسان ويٺي هئي. ڊيني ڄڻ تہ ننڊ مان جاڳيو  هجي پر سندس مٿي مان سُور جون ٽاٽون اُڀري رهيون هيون.

نرس ڊينيءَ جي مٿي تي هَٿُ ڦيريندي چيس، “ڊيني! ڊڄڻ جي گهرج ناهي، هاڻي هتي توکي ڪو بہ جوکو نہ رَسندو.”

ڊيني پنھنجي ماءُ جي باري ۾ پُڇڻ گهريو پر هُو ڳالهائي نہ سگهيو ۽ هَنڌَ تي پَيو پنھنجي ماءُ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو، پر هُوءَ نہ آئي. ۽ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ فادر وِليم ڊيني کي اسپتال مان هِنَ چرچ ۾ وٺي آيو ۽ هاڻ ڊينيءَ کي ٻہ سال ٿيڻ وارا هيا هِنَ پادري سان گڏ رهندي.

مُنڍَ ۾ هُنَ جڏهن پادريءَ کان پنھنجي ماءُ بابت پڇيو هو تڏهن هُنَ چيو هيس،

“يُوئر مَدر...؟ جيل ۾ آهي تنھنجي بِچ (Bitch) ماءُ، ڪُڌَنِ ڪمن جي ڪري.”

“پر تون هاڻي هتي ئي رهندين، مون سان گڏ.”

ڊيني ڪاوڙ مان رَڙِ ڪئي هئي، “شِي اِز ناٽ اي بِچ!” پر فادر وِليم جي اکين ۾ ٻَرندڙ ٽانڊا ڏسي ماٺ ٿي ويو هو. تنھن ڏينھن کان پوءِ هُنَ ڪڏهن پنھنجي ماءُ بابت نہ پڇيو. پر سندس ڌيانُ سدائين ماءُ ڏي هوندو هيو. هُنَ جي معصوم دل اِهو سمجهڻ ۾ اَسَڦل هئي تہ ماڻهو سندس ماءُ کي بُرو ڇو ٿا چَوَنِ ۽ فادر وِليم کي ايڏو ڀَلو ڇو؟ سندس ماءُ کي جيل ۾ ڇو وڌو ويو آهي ۽ ماڻهو فادر وِليم کي ڇو ٿا پوڄينِ؟

چرچ ۾ رهندي ڊينيءَ جي ڪَنَن ڪيئي ڀيرا ٻڌو هو تہ

“عيسيٰ پيار آهي ....”

“عيسيٰ رکوالو آهي ....”

پر هُنَ کي سمجهه ۾ نہ ايندو هو تہ هال کان ٻاهر، گرجا جي ٽِڪُنڊي ڇَتِ کي ڇُھَندڙُ ٻانھون کولي بيٺلَ عيسيٰ جو سنگ مَرمَر وارو بُتُ اندر هال ۾ سُوليءَ تي ٽَنگيلُ عيسيٰ، جنھن جو مَٿو هڪ پاسي ڍُرڪيل هيو، سو ڪيئن ڪنھن جو رکوالو ٿي سگهي ٿو؟ اُهو ڪيئن ڊينيءَ کي فاردر وِليم جي رانڀوٽَن کان بچائي سگهي ٿو؟ هُنَ کي جيتري ڪاوڙ فادر وِليم تي ايندي هئي ايتري ئي عيسيٰ تي بہ، انهيءَ ڪري هُنَ هڪ ڏينھن هالَ کان ٻاهر بيٺل عيسيٰ جي پيرَ جي هڪ ڇيتِ لاهي ڇڏي. فادر وِليم هُنَ کي لَتن سان لَتاڙي ماريو هو ۽ هُو روئندي روئندي مِٽيءَ تي ننڊ پئجي ويو هو.

اُنَ رات ڊينيءَ کي سپنو آيو تہ سندس پُٺيءَ مان ننڍا ننڍا ڪِينئان نڪري سندس بدن تان، سندس پيٽَ تان گِسڪَندا سندس ڪنن ۾ گهڙي ويا آهن. ڪِينئان هُنَ جي واتَ، اکين ۽ نَڪَ ۾ گهڙڻ لڳا آهن. ڊينيءَ دانھَن ڪرڻ چاهي، پر سندس آوازُ نہ نڪتو. هُنَ هٿن سان ڪِينئَنِ کي پَري ڪرڻُ گهريو، پر سندس ٻانھون پٿر وانگي پيون رهيون ۽ پريان بيٺل پادري مٿس کِلي رهيو هو.

اوچتو سڄو ڪمرو هڪ انوکِي چانڊوڪيءِ سان ڀَرجي ويو. فادر وِليم ڪمري ۾ ڀڄڻ لاءِ پنھنجيون ڀَڳَل ڄَنگهون گِھلِڻ لڳو. جڏهن ڊينيءَ جو ڌيانُ پادريءَ کان هيڏي هوڏي ٿيو، تڏهن ڪو جُهڪي سندس وارَنِ تي هَٿُ ڦيري رهيو هو. هُنَ جي مُنھَن تي ٻاجَهہ ڀَريَل مُرڪَ ۽ اکين ۾ پيارُ ئي پيارُ هو ۽ هُنَ جي ڏاڙهي ڊينيءَ جي بدن کي ڇُھِي رهي هئي. اُهو مُنھُن  هالَ کان ٻاهر بيٺل عيسيٰ جھڙو هو ۽ هُنَ ڊينيءَ کي ماءُ وانگر ڇِڪي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هو.

اِنهيءَ کان پوءِ ڊينيءَ کي فادر وِليم کان اُڪوئي ڊَپُ نہ ٿيندو هو ۽ هُو ڄڻ تہ ڊينيءَ کان ڊڄڻ لڳو هو. ڪجهہ دير کان پوءِ فادر وِليم پِيٽَر کي وٺي آيو هو، جيڪو ڊينيءَ کان ٻہ سال ننڍو هو. ڪيئي ڀيرا سويري سويري اُٿَڻ مَھَل پِيٽَر جون اکيون سُڄِيَل هونديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ هُنَ لاءِ هلڻ بہ ڏکيو هوندو هو. ڊينيءَ کي سمجهہ ۾ نہ ايندو هو تہ هُو پيٽر کي فادر وِليم جي هَوَسَ کان ڪيئن بچائي ؟

هڪ آچر تي پِيٽَر جو بدن بَٺيءَ وانگر تَپي رهيو هو ۽ ڊيني اڪيلو ئي ٻاهر هال ۾ هليو آيو هو. جيئن ئي فادر وِليم ماڻهن اڳيان ماکيءَ کان مٺي آواز ۾ تقرير شروع ڪئي، هيڻو ڏٻرو ڊيني اُڏي وڃي فادر وِليم تي ٽُٽو.

“يُو سَن آف اي بِچ، آءِ وِل ڪِل يُو. اڄ تنھنجي موتَ جِي مَھَلَ اچي وئي آهي .... ڪتا....!” ڊينيءَ رَڙِ ڪندي چَڪَنِ سان فادر جو جُبو لِيڙون لِيڙون ڪري ڇڏيو. سُڌَ ناهي تہ سُڪَل سِيپَڪِڙي ڊينيءَ ۾ ڪٿان ايترو وِتُ اچي ويو هو، جو جيڪڏهن ماڻهن جو پورو ٽولو پنھنجو وَسُ لائي هُنَ کي فادر کان پري نہ ڪري ها تہ هُو فادر وِليم کي کائي وڃي ها. پادري بيبِجِي، ڊُڪَ پائي هال مان ٻاهر هليو ويو ۽ ماڻهو حيرت ۾ ٻڏا بيٺا ها. ڪو  ڊينيءَ کي ڪِني ناليءَ جو ڪِيڙو تہ ڪو وري پاپَ جي اولاد چئي، فادر وِليم جي چڱائين جو وِردُ ڪري رهيو هو.

انهيءَ ڏينھن ئي ڊيني پادريءَ جي جيلَ مان ڇُٽي جوينائيل هوم (ٻارن جي جيل) ۾ پھچي ويو. هِنَ جيل ۾ ڪيئي ڇوڪرا هُنَ کان وڏا هيا تہ ڪي وري کانئس ننڍا. ڪِن ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙا هنيا هيا تہ ڪِن راھَ ويندن کي ڦُريو هو ۽ ڪِن وري ننڍين نيٽين کي يا هيڻين ٻُڍڙين کي پليتُ ڪيو هو.

ڊينيءَ جو پاپُ بہ ڪو گهٽ تہ نہ هيو. هُنَ رَب جي رُوپَ پادريءَ تي ڪاھ ڪئي هئي. هِتي انهن سڀني ‘ڏوهاري’ ٻارن کان سخت ڪم ورتو ويندو هو ۽ سندن پڙهڻ لاءِ ڪلاس بہ هلندا هيا. جيل ۾ واڙيَل سڀني ٻارن سان اُهو ڪجهہ ٿيندو هو، جيڪو گرجا ۾ واڙيَل ٻارن سان. هِتي جيل جا حاڪِمَ هُتي گرجا جو پادري. ڊينيءَ کي ڪم ڪندي ۽ پڙهندي اَٺَ نَوَ ورهيہ لنگهي ويا ۽ پوءِ کيس جيل کان ٻاهر جي اَڻڄاتل دنيا ۾ کُلِيَل ڇڏيو ويو. هُنَ کي جيل کان ٻاهر واري دنيا ۾ جيل جي اندر واري دنيا کان وڌيڪ ڊَپُ ٿيندو هو. هُو رات ويلي ڪم ڪندو هو ۽ ڏينھن ويلي پڙهڻ ويندو هو.

جيئن جيئن ٽاڻو گذريو. هُنَ کي جيل ۾ واڙيَل ٻارن جي پس منظر ۽ انهن جي حالتن جو احساس ٿيو، جن معصوم ٻارن کي پاپَ جي اونداهن کوهن ۾ اُڇلايو ويو هو. هُنَ کي پنھنجي ماءُ جي ڏکن جو احساس ٿيو، جنھن جون کَنڀڙاٽيون اڃان اُڏارَ ڪرڻ جھڙيون ئي نہ ٿيون هيون جو سندس پيءُ مَروڙي ڀَڃِي ڇڏيون هيون ۽ اِنهيءَ پاپَ مان ڦُٽو هئو ڊينيءَ جو وجودُ. هُو اِنَ سڀ ڪجهہ کان پري ڀَڄي وڃڻ پيو گهري پر هُو ڀَڄي وڃي بہ تہ ڪيڏانھن وڃي ....؟

هُنَ پنھنجو پاڻَ کي ڪتابن ۾ ٻوڙي ڇڏيو. لئبرري سندس اَڻَ ٽُٽُ اَنگُ بڻجي وئي. هُنَ وڏن وڏن ليکڪن جون لکتون پڙهيون، ويچاريون. هُنَ ننڍن ليکڪن جون لکتون پڙهيون ۽ مٿن غور ڪيو . هُنَ سڄي دنيا جي ديسن جي باري ۾ ۽ ماڻهن جي باري ۾ پڙهيو. ڌرمن ۽ سماجن جي باري ۾ پڙهيو، اُنهن جي رسمن رواجن جي باري ۾ پڙهيو.

ڊيني لئبرري جي ڪنڊ ۾ ويٺو سڄي دنيا گهمي ايندو هو. برفاني پھاڙَ ۽ اُونداهين گُڦائُنِ جون ڪُنڊون ماپي ايندو هو. نيري اَنبَر جا تارا لاهيندي چَنڊَ تارن تائين پھچي ويندو هو. مارُو ٿَلَ (ٿر) جي تتل واريءَ جي ڪڻين ۽ وَهندڙَ درياءَ جي گُڙِ گُڙِ ڪندڙ پاڻيءَ سان ڳالهيون ڪري ايندو هو، پر سندس ڌڙُ انهيءَ لئبرريءَ جي ڪُنڊَ ۾ ميز تي ڊَٺو پيو هوندو هو.

ويھن ٻاويھن ورهين جي ڊينيءَ جي مُکَ تي گيانَ جي لاٽَ ۽ سندس اکين ۾ جيون جي ڏُکَن جي ڳَنڀيرتا ۽ سندس ٻولن ۾ موجود گُڻن جي گَھرائيءَ تي سندس پير اَڄُ به لُڏَڻَ لڳندا هيا. هِنَ دنيا ۾ ڦرندي هُو اڄ به  مَنڊي گُلِرَ وانگر ڄَنگهون گِھلي هلندو هو.

..... ۽ وري هڪ ڏينھن لئبرريءَ ۾ هڪ سانوري رنگ وارِي، هَرڻ اَکي، ڊگهن ڊگهن وارن واري سَنهڙي سِيپڪڙي ڇوڪريءَ امالڪ سندس ڌيانُ پاڻ ڏي ڇِڪي ورتو ۽ هُو ڏهاڙي هُنَ ڏي ڇِڪجَندو هليو ويو. هڪ ڏينھن هُو اِئين ئي بنان ڪنھن ڌيانَ جي ڳالهيون ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ هُو ڏهاڙي ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

پيار جي اقرار جي ڳالهه نڪتي. انصافَ ۽ ناانصافيءَ جي ڳالهه نڪتي. گرجا ۾ ٿيندڙ پاپن ۽ گُردُواري ۾ هَلِيَل گوليءَ جي ڳالهه نڪتي. ٻنهين ديشن ۽ ٻنهين سماجن جي ڳالهه نڪتي ۽ هڪ ڏينھن ڊينيءَ چيس، “پِريتِي! ڪيڏو نه چڱو آهي توهان جو سماجُ، پيءُ ڌيءَ جو رکوالو آهي ۽ پاڻَ انهيءَ لاءِ وَرُ ڳولهيندو آهي ....”

پر پِريتيءَ جو ڌيانُ اُنهن معصوم زندگين ڏي ويو جيڪي ڏاجَ جي سُوليءَ تي چڙهيون يان ڪجهه اُهي معصوم جِندڙيون، جَن جِي سُولي سندن مائرن جي ڪُکِ ۾ پَھچائي وئي هئي. هڪ دٻيل ڪُوڪَ هُنَ جِي سوچَ جي پاڻيءَ ۾ اَوٿر آڻي وجهندي هئي. هُنَ جي چيتي آيو ته هُنَ جڏهن پنھنجي لَکَ پَتِي ساھرن وَٽ پنھنجي سُوليءَ جي سُسِ پُسِ ٻُڌي تڏهن هُوءَ راتَئون راتِ گهران نڪري آئي هئي. ڪنھن کيس “ڀاڄوڪَڙِ” چيو هو ته ڪنھن وري کيس “داڳِيَلَ” چيو هو. پر هُوءَ ڪاليج جي ڊگري کَنيون، ڪِرندي ڊَهندي هتي اچي پھتي هئي، هِنَ سماج ۾ جتي ڌيءَ کي ڄڻي ماءُ لَڄِي ناهي ٿيندي ۽ هُنَ آمريڪا جي کُلِيَل سماجَ ۾ هڪ ٿي وڃڻ پئي گهريو.

پر ڊينيءُ کي ماءُ چيتي اچي وئي. ڍُرڪيَل ڄَنگهن سان لُڏَندي لَمَندي ميز ڏي وڃي اُتي پَيَل نظر آيس، جيڪا جيل وڃي ڦاهيءَ چڙهي هئي، جنھن نه ٻاروتڻ ڏٺو هو نه جواني.

هُو ڏهاڙي ملندا هيا ۽ ڏهاڙي ڪچھريون ڪندا، هڪ ٻئي جي سماجَ ، سَڱَنِ سِياپَنِ، ريتن رواجن، هِنَ دنيا ۾ ٿيندڙ پاپَنِ ۽ ماءُ جي ڪُکِ ۾ بڻيل قتل گاهن جي باري ۾ .... ۽ پوءِ اُٿي پنھنجي پنھنجي آکيري ڏي هليا ويندا هيا مَنڊي گُلِرَ وانگيان ڄَنگهون گِھليندا.

اڄ جڏهن ڊيني پِريتِيءَ سان مليو.

“پريتي! سُڌَ اٿئي مون ڪالهه هڪ ڪتابَ ۾ ڇا پڙهيو؟”

“ڊيني! ڪتابن ۾ ته اسان ڏهاڙي ڪجهه نه ڪجهه پڙهندا ئي رهندا آهيون!” پِريتِيءَ جو مُنھُن اڳي کان وڌيڪ نِراسُ لڳي رهيو هو. پر ڊيني چوندو ويو، “چَوَنِ ٿا، هڪ ماڻهو هِنَ دنيا ۾ ٿيندڙ ناانصافي ۽ ظلم کي ڏسي ڏاڍو دُکي ٿيو ۽ هُو رَبَ جي سامهون وڃي بيٺو ....”

پِريتِيءَ جون وڏيون وڏيون اکيون اَڃا به کُلِي ويون ۽ هُوءَ ڊينيءَ ڏي ائين ڏسڻ لڳي ڄڻ ته ڪنھن چمتڪار کي ڏسي رهي هجي.

ڊيني چئي رهيو هو، “هُنَ رَبَ کي چُھنڊڙِي هَنئي،‘او رَبَ! ڇا توکي تنھنجي بڻايَل دنيا ۾ ٿيندڙ ڏاڍَ جي ڪري ٿيندڙ ڪُوڪون ٻُڌَڻ ۾ نه ٿيون اچن؟ تون ڪا مدد ڇو نه ٿو موڪلين؟’

“... ۽ چون ٿا ته رَبَ هُنَ ڏي ڏٺو ۽ چيائينس، ‘مدد ته موڪلي هيم... توکي جو موڪليو هيم.’ ...”

ڊينيءَ جي ڳالهه پُوري ٿيندي ئي ٻئي اِئين ڇِرڪُ ڀَري هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا، ڄڻ ته ڳُوڙِهي ننڊ مان اُٿيا هجن. هِنَن هڪڙي روحاني پريم وچان هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو، پوءِ پِريتيءَ جون وِکون پاڻَهئي ڄاڻَهئي ايئرپورٽ ڏي کَڄَڻ لڳيون ۽ ڊينيءَ جا پڪا پختا پير انهيءَ دڳ ڏي جتي سُڌَ ناهي ڪيترا مَنڊَنِ گُلرن جھڙا ڊيني ۽ پِيٽَر کيس سَڏڻ لڳا هئا.

*

(پنجابي رسالي “باران ماھ” جي ۲۰۲۱ع واري پرچي مان ترجمو ڪئي.)

 

(ماهوار امرتا حيدرآباد جي آگسٽ ۲۰۲۳ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment