Wednesday, December 20, 2023

بَندياڻي - عذرا وقار - ننگر چنا

بَندياڻي

پنجابي ڪھاڻي

عذرا وقار

ترجمو؛ ننگر چنا



سردار بيگم کي سڀئي دارِي چوندا هيا. هُوءَ پنھنجي ماءُ سان گڏ چوڌري حق نواز جي حويليءَ ۾ ڪم ڪرڻ ايندي هئي. چوڌريءَ کي چار ٻار هيا. وڏو چوڏهن ورهين کَنَ جو هو. اُنَ کان پوءِ وري ٻہ ڌيئون ۽ وري هڪ پُٽ هيس. حق نواز جو اِهو ٻيو پَرڻو هو. پھرئين مائيءَ مان ڪو ٻار ٻچو نہ ٿيس. دارِي ماءُ سان گڏ ڪم بہ ڪرائيندي هئي تہ گڏوگڏ هنن جي ننڍڙي پُٽَ کي کيڏائيندي بہ هئي. هُو ڪڏهن کيس گهوڙو بڻائيندو هو تہ ڪڏهن وري ٻَئِي ٺَپي راند کيڏندا هيا. چوڌريءَ جي جوءِ پنھنجن ٻارن جا لٿل ڪپڙا، جُوتا بہ کين ڏئي ڇڏيندي هئي.


حق نواز کي کوڙ ساري ٻَنِي وراثت ۾ ملي هئي. هُنَ کي گهوڙا پالڻ جو شوق بہ هيو تہ هُو نيزي بازي جو ماهر بہ هيو. هُو جڏهن مقابلي جي لاءِ پنھنجِي ٻن گهوڙن واري بگيءَ ۾ ويندو هو تہ بخمل جي بَرجِيسَ پائي ويندو هو.

“هل سائين! مھر صاحب بہ پھچي ويو.”

هُو جڏهن بہ مقابلو کٽي گهر ايندو هو تہ اُڀَ ڏي ڏسي سندس دل چوندي هئي تہ پنھنجي نيزي سان اُڀَ کي چيري رکي. هُو کَٽَڻَ جي سَرهائيءَ ۾ پنھنجي اوتاڪ تي شراب جي محفل رچائيندو هو ۽ ڪَڃريون بہ نچائيندو هو. هڪ ڏهاڙي دارِيءَ جي ماءُ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ۽ دارِي اُهي تارَ تي وجهي رهي هئي. اُنَ گهڙيءَ چوڌرياڻيءَ کيس سَڏُ ڪيو.

“جي، بي بي سانئڻ!؟...” هُنَ ويجهو اچي پڇيس.

چوڌرياڻيءَ کيس جُوھَ وجهي ڏٺو. هُنَ چڱو هَڏُ ڪاٺُ ڪري ورتو هو. تيرهن ورهين جي عمر ۾ ئي ڀرپور لڳي رهي هئي ۽ هُنَ پنھنجيون ڇاتيون رَئي سان ڍڪي رکيون هيون. چوڌرياڻي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ڄنگهون رکي چوڻ لڳس،

“ٿورو منھنجن پيرن کي زور تہ ڏي.”

دارِي سندس پيرن کي زور ڏيڻ لڳي.

جهٽ کان پوءِ هُنَ پيرَ هيٺ ڪري چيس،

“وڃ، اسٽور ۾ پيل ڳاڙهي پيٽيءَ مان ڳاڙهو کيسُ تہ ڪڍي اچي سامهون پيل کٽ تي وڇائي ڇڏ.”

هُوءَ اندر وڃي پيٽي کولي کيس ڳولي رهي هئي تہ ڪنھن کيس پويان چُھنڊڙي پاتي. هُنَ پوئتي موٽ کائي ڏٺو تہ اُهو چوڌرياڻيءَ جو وڏو پُٽ هو، جيڪو چُھنڊي پائي ڀڄي ويو هوس. وري هڪ ڏهاڙي ماني ڪرڻ واري ماسيءَ کيس چيو،

“وڃ، وڃي پويان ٻاريءَ مان مرچ پَٽي آءُ.”

هُوءَ حويلي جي پوئين پاسي وئي ۽ هُنَ مرچ پَٽيندي ڏٺو تہ ڪوارٽر ۾ ويٺل ڊرائيور کيس اشارا ڪري رهيو آهي. هُنَ مرچ پَٽي برنيءَ ۾ وڌا ۽ جنھن مھل ڪوارٽر وٽان لنگهڻ لڳي، تڏهن ڊرائيور کيس ڇڪي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. دارِيءَ جا مرچ ڪري پيا. هُنَ زورَ لائي پاڻُ ڇڏايو ۽ مرچ کڻي اتان وٺي ڀڳي. دارِي سوچي رهي هئي تہ هُوءَ ڪنھن جي قيد ۾ آهي. هُنَ جي دل چاهيو پئي تہ هُوءَ اُڀَ تي پکين وانگر آزاد ٿي اُڏارون ڀري. اِهو سوچي سندس مُکَ تي مرڪ پکڙجي وئي.

چوڌرياڻيءَ ۽ حق نواز جي ڄمار ۾ ويھن ورهين جي وِٿي هئي. هُوءَ چاليھن ورهين جي هئي تہ حق نواز سَٺِ ورهين جو. چوڌرياڻيءَ کي لڳندو هو تہ سندس وَرُ هاڻي هِيڻو ٿيندو پيو وڃي. هاڻ هُو سڄو سڄو ڏينھن گهر ۾ پنھنجي ڪمري ۾ پيو رهندو هو. ڪاڏي ايندو ويندو ڪو نہ هو. اِهو ڏسي جوڻس جي دل پُورن ۾ پئجي وئي. هڪ ڏينھن دارِيءَ جي ماءُ کي تَپُ ٿي پيو ۽ هُنَ ڪم جي لاءِ دارِيءَ کي موڪلي ڏنو تہ ننڍو وڏو ڪم ڪري ڏيندَنِ. تنھن مھل حق نواز کٽ تي ليٽيو پيو هو. چوڌرياڻيءَ داريءَ کي سڏيو ۽ چوڻ لڳس،

“وَڃُ، وَڃي چوڌري صاحبَ جي پيرن کي زور تہ ڏي.”

دارِي ڊڄندي ڊڄندي ڪمري ۾ گهڙي ۽ پيرانديءَ کان ويھي چوڌري صاحب جي پيرن کي زور ڏيڻ لڳي. جهٽَ کان پوءِ چوڌري ساڻس کيچل ڪرڻ لڳو. دارِي جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ سندس دل ٻُوڏارِ ۾ اچي وئي. هُوءَ اُٿي ۽ ڀَڄندِي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي. هاڻ داريءَ ماءُ سان گڏ ڪم تي اچڻ ڇڏي ڏنو.

ڪجهہ ورهين کان پوءِ ماڻس سندس پرڻو ڪري ڇڏيو. هُوءَ گهر جي ڪمن ڪارين ۾ ٻُڏي وئي. سندس مڙسُ، جنھن مھل دل چوندي هيس، کيس پڪڙي اَندر وٺي ويندو هيو. جي هُوءَ ڪو بھانو ڪندي هئي تہ مڙس مار ڪڍندو هيس. هڪ ڏينھن هُوءَ ٻوريءَ مان اَٽو ڪڍي ڳوهي رهي هئي جو کيس لڳو تہ هُوءَ پاڻ بہ اَٽي جي هڪ ٻوري آهي، جنھن کي گهرج پوي ٿي، سندس اندر هٿ وجهي ٻہ چار مُٺيون ڪڍي وٺي ٿو. اِئين هُوءَ هڪ ڏينھن خالي ٿي فرش ٿي وڇائجي ويندي. صفا اڪيلي، بيڪار. سندس اندرُ، آتم ويساھُ ۽ بَدنَ جو سَتُ ڪڏهوڪو پورو ٿي چڪو هو. هُوءَ اَٽو ڳوهي، هَٿَ اُگهندي ٻاهر نِڪتي ۽ اُڀَ تي اُڏَندڙَ پکين کي ڏسڻ بيھي رهي.

 

(لاهور مان نڪرندڙ ماهوار پنجابي رسالي “پنچم” جي آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر ۲۰۲۱ع واري پرچي مان ترجمو ڪئي.)*

 

(ماهوار "امرتا" حيدرآباد جي جون ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ ڇپيل.)

No comments:

Post a Comment