Wednesday, December 20, 2023

جعفر جي نئين ڪهاڻي - حفيظ ڪنڀر

جعفر جي نئين ڪهاڻي

(مختصر ڪھاڻي)

حفيظ ڪنڀر



جعفر ڪمند جي آخري گُري چُوپي وات کي هٿ سان اُگهي اُٿيو. سندس پيرن ۾ ڍڳ ڇوڏن جو گڏ ٿي ويو هو. سامهون ٻڪرين جو ڌڻ ٽڙ پکڙ، هيڏانهن هوڏانهن ٻُوڙڻ ٻوٽن ۾ مُنهن هڻي، پنهنجي بُک جي باهه تي ڇنڊا هڻي رهيو هو. اترئين پاسي ٻڪر، ٻڪرين ۾ اک وجهيو آواز ڪڍي رهيو هو. ڪاري هر هراڙيءَ پٺ وري به فصل طرف لوهه ڪري وڃي رهي هئي "اي ٻُٽي!ٻُٽي!.... ڪاتي پونئه!"


جعفر جي رڙ پَٺ کي جهڙوڪر ٽنگ ۾ کراهي وجهي، سُڪ ڪري ڇڏيو ۽ پَٺ گهڙي کن ۾ واپس ڌڻ ڏي وري سج ۽ ڪڪرن جي لڪ لڪوٽي مٿي جاري هئي. زمين تي ڪڪرن جا ڊوڙندڙ پاڇا هئا. جعفر کي ڌڻ وٺي، ڍوري جي پرئين ڪپ طرف وڃڻو هو. جتي ڪنڊڪيون، ڇاپُرو، ٻيريون ۽ کپ هئا. اتان پريان وڏي واٽر جي ڪڇ تي ڪامهڻي جا چڱا خاصا ٻوڙا هئا. هن ڌڻ کي هڪلن، ڳٽڪارن ۽ لٺ سان ساکورڻ شروع ڪيو.

"آ.... آ...! ڀٽاري! ڀٽاري! هي!... مَرين، ڪا ڪاتي پونئه..." چوندو، ڍوري طرف وڌي ويو.

پوٺا، ڍورا، واٽر جا ڪپ، کيڙي جا ٻنا، پيچرا لتاڙي، سڄو ڏينهن ٻڪرين سان اڪلائيون، اوري، شام جو بدن تي ڌڌڙ ۽ ٿڪ کڻي وري به سندي انهي ڳوٺ ڏي ورڻو هئس، جنهن ڳوٺ مان پڻس جيان کيس به اهڙو ئي ڌڻ مليو هو، جهڙو سندس ڏاڏي وٽان پڻس علو کي مليو هو ۽ جيڪو ڳوٺ جون ٻڪريون سنڀالڻ باوجود ماڻهن لاءِ 'علو چريو' هو. علوءَ جي بيماري ماڻهن لاءِ تفريح جو سبب هئي. تڏهن ته کيس علو چريو چوندا هئا. چيڙائيندا هئا. ٽي چار ڀيرا جهنگ ۾ دورا پيس ٻه، ٽي ڀيرا اسماعيل جي هٽ تي ڪري پيو. نيٺ جڏهن علوءَ جو شاخ ڪپ تان ٻٻر ۾ ٽنگيل لاش مليو ته دورا به بند ٿيا. ماڻهن جو چيڙائڻ ۽ چريو چريو چوڻ به بند ٿيو. ڪجهه ڳوٺاڻا قبرستان طرف سندس لاش کڻائي ويا. دفن ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ وقت "ويچارو ڪنهن جي آئي ۽ نه وئي ۾ هو." "درويش ماڻهو هو" "ڪنهن جو مٺو ڪو نه گهريائين، حياتيءَ ۾" جهڙا جملا چئي پنهنجون اهي سڀ چٺيون وسارڻ لڳا. جيڪي هنن علوءَ جي حياتيءَ ۾ هن سان ڪيون هيون، ڪنهن هڪ اڌ ڳوٺاڻي جعفر جي مٿي تي پيار بجاءِ رحم ۽ ڪهل جو هٿ ڦيرايو. جعفر کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته هو به ڳوٺ ۾ اهم آهي. هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ جون سڀ ٻڪريون نئين ڌنار، جعفر سان گڏ هيون. هونءَ به جعفر کي پڻس سان ٻڪريون پهرائڻ جو تجربو هو. ان ڪري کيس ڪا ڏکيائي نه پئي ٿي. هاڻ ته هن کي ورهيه ٿي ويا هئا. ڳوٺ جي ٻڪري ٻڪريءَ سان گڏ جهنگ جي ٽاري ٽاري ساريل هئس. پڻس جيان ٻڪريون سنڀالڻ کانپوءِ به ان جهڙو غير اهم ٿيڻ لڳو هو.

**

ڳوٺ جي پنجويهه ٽيهه گهرن ۾ گهڻائي ڪمين ڪاسبين جي هئي. ڪجهه گهر پنهنجي ٻني ٽڪر وارا هئا. وڏيرو به نالي جو وڏيرو هو، ڪنهن آئيٺا وڌيڪ هئس ۽ اهي به چئن نسلن کان هئس. نه ته آسي پاسي جي ڀوتارن جهڙي هلت، نه ڳوٺاڻن سان نه ئي اهڙو ورتاءُ تر ۾ هئس. چار ڇڳل يا ٻانچ پيل کٽون ڪچي اوتاري تي ٻه ٽي اسڪول واريون بئنچون به شام جو اتي لڳي وينديون هيون. سج لٿي جي نماز کان وٺي سومهڻيءَ جي نماز تائين، ڳوٺاڻا به اتي ته وڏيرو به اتي، ڪڏهن وڏيري جا ڳوٺاڻن سان احوال ڪندي چرچا ته ڪڏهن ڪنهن حاضر جواب ڳوٺاڻي جا وڏيري سان سڌا چرچا، ايئن هن ڳوٺ تي سج اڀرندا لهندا رهيا. گهرن ۾ غربتون، بيماريون پلبيون رهيون. حال سارو هڪ ٻئي سان هٿ سنوڻ، مدد ۽ سڏ سلي تي اُٿي ويٺي ٿيندي رهي. مسيت کان ڏاکڻي پاسي ڪولهين جي گهرن مان بک وساري ڪجهه ٻين دردن سان ملاقاتون ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ميران ۽ ڪبير جا ڀڄن فجر جي ٻانگ سان اچي ملندا هئا. ته ڪڏهن ڳوٺ جي ٻئي ڪنهن پاڙي مان شادي، ڇٺي جا سهرا، ڳيچ غربت جي دردن کي ڌڪيندي، ڳوٺ جي رات ۽ رات جي تارن کي سينگارڻ ۾ لڳي ويندا هئا. پر سڀ ڄڻ ڳوٺ ۾ جعفر جي حصي پتيءَ کان بي خبر هئا. ڳوٺ جي ڪار وهنوار ۾ نه ڪنهن علوءَ کي پڇيو، نه هاڻ جعفر کي ٿي پڇيو. ڪير پڇي به ته ڇو؟ سڄو ڏينهن جهنگ ڏي منهن شام جو ڌڻ سميت ڳوٺ ڏانهن منهن ۽ ڳوٺ جي ڇيڙي تي ڪکائون گهر، جنهن ۾ ڇڳل کٽ، پراڻا ڏلهر ۽ ڦاٽل رليءَ ۾ جعفر جي وجود جي ويڙهيل اها ڳٺڙي، جنهن کي وري صبح جو کلڻو هو ۽ ساڳئي ڌڻ سان ڏينهن گذارڻو هوندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ وارن جي گلا به ائين ئي ٻڌڻي هوندي هئس، جيئن پڻس ٻڌندو هو.

"جعفر اڄ ٻڪري جهنگ مان ڏهائي آيو آهين" ۽ انهيءَ گلا کان پوءِ جعفر جا قسم، ڪاوڙون ۽ ٻئي ڏينهن ٻڪري نه ڪاهي وڃڻ جون ڌمڪيون هونديون هيون.

"اوهان کي ڪنهن تي اعتبار ڪونهي، ته سڀاڻي کڻي ڪلي تي ٻڌي پئي هجي ڪهانس!"

هن ڪئين ڀيرا بيزار ٿي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪرڻ جو سوچيو، پر هاڻ ڇا ٿي ڪري سگهيو، نه هٿ جو هنر هئس نه ئي پوڙهي ماءَ ۽ ننڍڙين ڀيڻن کي ڇڏي شهر ٿي وڃي سگهيو. ڪنهن شام ڌڻ وٺي ڪجهه گهڙيون اڳ ڳوٺ پهچندو هو، ته ڇوڪرن سان پوٺي تي اِٽي ڏڪر کيڏڻ لاءِ وڃي نڪرندو هو، ٻئي ڏينهن وري اها گلا به الڳ سهندو هو ته ڪالهه ٻڪريون اڌ ڏينهن چارائي آيو آهين.

اِٽي ڏڪر تي اهڙو ته هٿ پڪو هو، جو هن جي ڏڪر جو ڌڪيل ڪئين اِٽيون وري هٿ نه آيون. مجال آهي جو سندس چٽيل اِٽي کي ڪو پهچي سگهي. ٻولائي ڌڪ هڻندو هو ۽ هن ڪڏهن ٻئي ڪنهن جي گل ۾ اِٽي رکي نه بدو! ڏڪر جي چُهنب سان گِل کوٽي، تريءَ کي ٿڪ سان آلو ڪرڻ کان پوءِ ڏڪر قابو جهليندو هو. هلڪي ڌڪ سان اِٽي گِل مان مٿي اُٿاري، اک ڇنڀ ۾ پنهنجو پورو جسم کاٻي ٽنگ تي گهمائي. جيئن ٺڪاءُ ڏڪر ڪرائيندو هو، ته اِٽي سرڙاٽ ڪندي. هن جي رڙ کان تکي نڪري ويندي، "هه... ته ڪاتي پونئه" جي رڙ کان اڳ اِٽي الائي ڪٿي وڃي ڪرندي هئي.

جعفر جون دانهون وڏيري تائين به پتيون ڪنهن ڳوٺاڻي جي گهر ڪلي تي ٻڪري منڊڪائيندي پهچندي.

"مئو مري! ڪا ٽانڪي ٿئيس وات ۾، انهيءَ جعفر کي... ان ڏينهن ٻڪريون جهنگ ۾ ڏهائي آيو، اڄ وري بري کي منڊو ڪري موڪليو اٿس" گهر ڌڃاڻي جي دانهن مڙس کي، مڙس جي دانهن پهرين جعفر کي ۽ وري منهن ماري شروع.

"هراڙي آهي ننڌڻڪي- قسم سان کڏ ۾ وڃي ڪري، ٻڪري انڌي آهي. آئون ڇو ماريندس، اعتبار ناهي، ڀلي سڀاڻي کان ڪلي تي ٻڌي ئي هجي." ۽ ٻه ڏينهن ڪلي تي ٻڌڻ کان پو ڳالهه وڏيري تائين پهچڻ ضروري ٿي پوندي هئي.

"وڏيرا! تون ٿو چوين، تڏهن ٿو پاهريان، نه ته، اها ننڌڻڪي سڄي ڌڻ ۾ مون کي روپا ڏئي ٿي ماري... ڌڻي پاڻ چاري ته بيزار ٿي ڪهي ڇڏيس." ڳالهه هڪڙي پاسي ٿيندي هئي. جعفر جي وڃڻ کانپوءِ اهي ئي ڳالهيون "اڙي! چرئي جو پٽ ته آهي، ڇا ڪريونس؟"

"آهي هي به اڌ مغزي، اسان لاءِ ته علو مُئو ئي ڪونهي."

**

تر ۾ ڳالهه هلي ته ڪا مم ظاهر ٿي آهي، جن ماڻهن کي ڳالهه تي اعتبار نه آيو، تن چيو ته پڪ سان ڪنهن ڳوٺ ۾ ڏينهن جو گهوڙي ويائي هوندي ۽ ڳوٺاڻن ڳوٺ جي چڱي مڙس تان موت جي آفت ٽارڻ لاءِ ٺاهه ٺاهيو هوندو، مڙئي ڳالهه هلائي پيا ماڻهن جو هنيئون ڦاڙين، جن ماڻهن کي ٻڌل ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ جي عادت هئي، سي ڳوٺن، قبرستانن، ڀڏن جا نالا کڻي پڪ ڏيارڻ لڳا ته هتي فلاڻي همراهه ڏٺي هن ڀڏي مان گلوبندري هم کي نڪرندي ڏٺو، ڪنهن چيو ته ابتن پيرن واري آهي ڪن چيو ته نڪ تي هٿ ڏئي ٿي هلي، ڪجهه اهو چوڻ لڳا ته چئن پيرن تي ٿي هلي.

تر جا جيترا وات، ايتريون هيون ڳالهيون. ڳالهيون چپن جي آکيرن تان اڏامندي ڪنن جي وڻن تي ويهڻ لڳيون، جعفر اها ڳالهه ٻڌي ته بگهڙ جهڙي بلا آهي. ڍور ٿي ماري، بس!!

هن تي عجيب خوف طاري ٿيڻ لڳو، رات جو هلڪي کڙڪي تي پاسي کان رکيل ڇڙ کڻي، کٽ تي اُٿي ويهي، اونداهه کي تڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڏينهن جو جهنگ ڏانهن ويندي ڊپ لڳندو هئس. هن شاخ جي ڪپ طرف گهاٽين ديوين ڏانهن ٻڪريون چارڻ بند ڪري ڇڏيون هيون. ڇو ته ڪٿان ڳالهه ٻڌي هئائين ته شاخ جي ڪپ تي عجيب غريب پيرن جا نشان ڏٺا ويا آهن ۽ اهي انهيءَ بلا جا آهن.

**

هو ڪجهه ڏينهن کان عجيب آنڌ مانڌ جو شڪار رهڻ لڳو هو. بگهڙ يا مم جي خوف هن جي رات جو ننڊ اڏائي ڇڏي هئي. ٻه ٽي ڀيرا ته هو رڙيون ڪري جاڳي به پيو هو. ائين رات جو رڙيون ڪرڻ ڏينهن جو خوف ۽ بيزاريءَ ۾ ٻڪريون چارڻ، بيزاري وگهي هن کي ڌڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي. گڏوگڏ هن کي ائين به لڳي رهيو هو، ته هو انهي ساڳئي بگهڙ جو انتظار به ڪري رهيو آهي، جنهن کان هو خوف به کائي ٿو. ان ڏينهن جعفر ڌڻ سميت وڏي ڳوٺ جي آسپاس نڪري آيو هو. اڄ ٻڪرين کيس رت ڪري ڇڏيو هو. هن کي بگهڙ جو خوف به ورائڻ لڳو، ته جيڪو بگهڙ هنن ٻڪرين مان جند ڇڏائي سگهي ٿو. اهو ڪٿي مون کي نه چيري ڦاڙي، ٻوٽي ٻوٽي ڪري ڇڏي.

هن ڪجهه وقت هڪ جهڳٽي کي تڪڻ شروع ڪيو، هن کي لڳو ته ٻُوڙن ۾ ڪا حرڪت ٿي رهي آهي ۽ هن انهيءَ چرپر کي ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.

"بگهڙ ...... ڙي... بگهڙ... ڙي بگهڙ... ڙي بگهڙ." ڳوٺ ته پاسي ۾ ئي هو. هن جون رڙيون جيئن ڳوٺاڻن جي ڪنن تي پهتيون ته ڳوٺاڻا پنهنجا ڪم ڪار اڌ ۾ ئي ڇڏي، هتان هُتان لٺ، ڌڪا کڻي رڙين طرف وڌڻ لڳا. هڪ ٻن ڳوٺاڻن وٽ بندوقون به هيون، جعفر دڙي تي چڙهي ٻُوڙن ۾ تڪيندي رڙيون ڪري رهيو هو.

"اڙي بگهڙ... او بگهڙ....! اڙي بگهڙ، ٻڪريون ٿو کائي ڙي بگهڙ"... او، هنن ٻُوڙن ۾ بگهڙ آهي."

بندوق واري همراهه ويجهو وڃي فائر ڪيو، ٻوڙن سان جهنگلي سهن جو جوڙو نڪري گم ٿي ويو.

"اڙي ڇورا! بگهڙ ڪٿي آهي؟" ٻُوڙن کي ويجهو پهتل همراهن رڙ ڪري پڇيو.

"اڙي رڙيون ڪري کڻي راڄ گڏ ڪيو اٿئه هروڀرو...." ٻئي ڪنهن چيو.

"قسم سان مون هنن ٻُوڙن ۾ ڏٺو!! پريان گهاٽين ليُن ۾ لڪي ويو آهي. مون کي نظر آيو بگهڙ."

جعفر جنهن کي زندگيءَ ۾ نه ڪنهن شادي غميءَ ۾ ياد ڪيو نه ڪنهن ساڻس ڏک اوريو، نه سندس ڏک ٻڌو. ان کي لڳو ته زندگيءَ ۾ کيس ڳوٺاڻن واقعي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي آهي. جو هيترا ماڻهو هن جي رڙين تي به گڏ ٿيا آهن. ان ڏينهن جي شام هن ٻڪرين کي ڳوٺ ڏانهن سويري ورايو ۽ اونداهه ٿيڻ تائين هو اٽي ڏڪر کيڏندي، اٽيون اونداهه ۾ گم ڪندو رهيو ۽ ساڳيءَ طرح رڙيون به ڪندو رهيو. اٽيءَ جي زوڪٽ سان.

"هه.. ته ڪا ڪاتي پونئه...." اِٽي ڌڪ سان ڀونڀٽ ڪندي، ڪٿي گم ٿي وئي، هن کيسي مان بڊو ڪڍي نشان ورتو، بڊو به زوڪاٽ ڪندو، ڪيڏانهن گم ٿي ويو.

"هه... ته ڪو بگهڙ پونئه." هن جي منهن مان نڪتو.

هن کي ٻئي ڏينهن دورو به پيو ۽ مهيني ۾ ٽي دورا پئجي ويس، ماڻهن اهو ئي چيو ته پڻس واري ساڳي چريائي اٿس.

هو جهنگ کان بيزار رهڻ لڳو، چٿر، بخيلي ٻڪرين تي لاهڻ لڳو، ٻڪرين کي مارڻ وقت هاڻ هو "هه ته ڪا ڪاتي پونئه" بجاءِ "هه ته ڪو بگهڙ پونئه، هه ته ڪو بگهڙ جي وات ۾ وڃين..." چوندو ويندو هو ۽ ٻڪريءَ جي پٺيءَ تي تلهڙن جي سٽو سٽ لائي ڏيندو هو.

ٻئي ڀيري به هن کان ساڳي حرڪت ٿي وئي. سا به هن جي پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو، وري به ڳوٺاڻا ڊوڙي آيو، جعفر کي جُٺ ڦٽ ڪري، چريو چئي، پنهنجي گهرن طرف واپس وريا.

**

ٻڪريون- جهنگ، گهر جي غربت، سڀني شين جي ساڳيائپ ڄن حياتي گهاڻي ۾ به هئي ته گهاڻي وارو ڏاند به هئي. جيڪو ڏاند گهاڻي ۾ گهمي ٿو. اصل ۾ گهاڻي ۾ پيڙجي به ٿو. هن کي ٻڪرين کان نفرت هئي ۽ خوف سان گڏ هن کي بگهڙ جي اچڻ جو انتظار به هو. هن کي ڪڏهن بگهڙ ڏسڻ جو موقعو به نه مليو هو. بس رڳو ٻڌو هئائين ته اڀن ڪنن واري ڪُتي جهڙو سنهي ٻوٿ سان هوندو آهي. هو اهڙي شڪل جي ڪُتن کي جانچي ڏسڻ لڳندو هو. ٻڪرين جي ڌڻ کي ڏسي، ڪڏهن ڪڏهن تصور ئي تصور ۾ انهن کي بگهڙ واتان چيريندي ڦاڙيندي ڏسندو هو يا جڏهن ڪنهن ٻڪريءَ کي مارڻ لڳندو هو، ته "بگهڙ پونئه... بگهڙ پونئه..." چوندي، ڪڇ ڪڍي، ڌڪ هڻندو ويندو هو.

**

جعفر کي ٻن ڏينهن کان تيز بخار ٿي پيو. ڳوٺ جون ٻڪريون ٻن ڏينهن کان ڪو نه پاهرايون هئس. ٻه ٽي ماڻهو گهر گلا کڻي پهتا هئا. لوڙهي جي ٻاهران هر آيل ڳوٺاڻي کي ماڻس لوڙهي جي اندران جواب ٿي ڏنو. وڏيري ماجرا پڇڻ لاءِ گهرايو ته اوتري تي ٻن ٽن ماڻهن سان منهن ماري ٿي پيس.

"هڪڙو ته آئون اوهان جي ٻڪرين پٺيان سڄو ڏينهن رُلندو وتان... ٻيو اوهان جي گلا.... خدا ڪو بگهڙ وجهي انهن ننڌڻڪين ۾، منهنجي جند ڇُٽي."

انهيءَ صبح هن جمعي لوهار کان نئين ورتل ڪهاڙيءَ ۾ نئون ڳن وڌو ۽ جهنگ ڏانهن هلڪي بخار سان ٻڪريون ڪاهي روانو ٿيو. ادو جي نئين ماڻڪي ٻڪري ڌڻ ۾ هئي. هن هراڙي ٻڪري کيس رت ڪري ماريو هو. فصل مان ٿي ڪڍيائين ته پريان پوٺي تي ڀڄي ٿي وئي. اتان ٿي واري آيو ته واٽر جي ڪپ طرف ٿي ڀڳي. ٻه ڀيرا ٻڪري جي ڪري واٽر ۾ وڃي ڪريو.

"هه ته .... ڪو موت کڻئه، ڪو بگهڙ پونئه" چوندو، ڪهاڙي کڻي ڀڄندو رهيو. بين ٻڪرين ۾ به الائي ڇو ٽاهه اچي پيو. ڪي فصل ڏي ڀڳيون، ڪي واٽر طرف، ماڻڪي هن کي وٺ ڪو نه پئي ڏني. ماڻڪي جي ڊوڙ پٺيان هن جو سراڙو، "هَي.... هَي... ڪو بگهڙ پونئه... هَي.... هَي... هه ته ڪو بگهڙ پونئه" چوندو، هو ڪهاڙي سنڀاليندو، ٻڪري پويان ڀڄندو ويو. ٻڪريءَ کيس ڊوڙائي ڊوڙائي، اڌ مُئو ڪري وڌو هو. ڪا مهل ٿي ته هن جي ڪهاڙي هوا ۾ اٿي، هو ٻڪريءَ کي ويجهو پهچي ويو هو ۽ ٻئي ڌڪ ۾ ڪهاڙي ٻڪريءَ جي ڪک ۾ سڌي هلي وئي. "هه ته ڪو بگهڙ پونئه". هن ڪهاڙي ٻڪريءَ جي ڪک مان ڪڍي، وري به ساڳئي زور سان ٻيو ڀيرو ڪريل ٻڪريءَ جو نڙگهٽ چُٽي، ڪهاڙي وهائي ڪڍي. "هَي... ته ڪو بگهڙ پونئه"... ۽ پوءِ ساڳي رَت هاڻي ڪهاڙيءَ سان ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪندو" هَي... ڪو بگهڙ پوي اوهان ۾.... هَي... ته بگهڙ جي وات ۾ وڃو" چوندو، باقي ڊوڙندڙ ٻڪرين پويان بگهڙ جيان ڀڄڻ لڳو.

 

(نوٽ: 90ع جي ڏهاڪي ۾ جن ليکڪن کي ڪهاڻي وسيلي مڃتا ملي هئي، حفيظ ڪنڀر به انهن مان هڪ آهي. هن جي اصل سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي. هيءَ ڪهاڻي جعفر ڪوڙي واري قصي جي ري ٽيلنگ آهي. جنهن کي هن بهترين انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو واه واه ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهي. ڪهاڻيءَ جي سڀ کان وڏي سونهن اها ئي آهي ته هڪ ڪهاڻيڪار قصي کي ڪيئن ٿو بيان ڪري. – اختر حفيظ)

No comments:

Post a Comment