Wednesday, December 20, 2023

اُڏارَ - نيلم بشيراحمد - ننگر چنا

اُڏارَ

پنجابي ڪھاڻي

نيلم بشيراحمد

ترجمو: ننگر چنا



مان هڪ ڊاڪٽر آهيان. ڏهاڙي نئين کان نئون مريض ڏسندو آهيان ۽ حيران ٿيندو آهيان. سوچيندو آهيان تہ دنيا ۾ ڪھڙا ڪھڙا نرالا ۽ عجب قسم جا ماڻهو پيا آهن. هيءَ بہ ڪالهہ جي ڳالهہ ئي آهي. مون پنھنجو پڇاڙڪو مريض ڏسي هڪڙو وڏو آرس ڀڳم ۽ پنھنجي زال جميلا ڏي ڏسي چيم، “اڄ تنھنجو سائين ڏاڍو ٿڪجي پيو آهي. بس هاڻي ڪلينڪ بند ڪري گهر هلڻ گهرجي. امان به الائي ڇا رڌيو هوندو؟” مان ماني جي باري ۾ سوچڻ لڳس. اسان ٻئي زال مڙس شام جو گڏ ئي ڪلينڪ تي ويھندا آهيون. هُوءَ منھنجي سيڪريٽري تہ ناهي پر منھنجي ڪم ۾ سھڪار ضرور ڪندي رهندي آهي. هُوءَ مريضن کي ويھاريندي، پڇندي، سندن نالا لکرائيندي ۽ ٻي بہ جيڪا ڪاغذي ڪاروائي هوندي آهي، سا پوري ڪري وٺندي آهي. منھنجي زال صحيح معنيٰ ۾ منھنجي پارٽنر آهي.


“ڊاڪٽر صاحبا! هڪ مريض ڏاڍو زور ٿو ڀري تہ توهان هن جي زال کي چيڪ ڪيو.” منھنجي سيڪريٽري نورين اندر اچي ٻڌايو.

“هن کي چئوسِ ته هاڻي اسان جي ڪلينڪ جو وقت پورو ٿي ويو آهي، سڀاڻي ڏسنداسين.” جميلا هن کي سختيءَ سان چيو، “توکي خبر آهي تہ اميءَ کي اڄ هڪ ڊنر تي وڃڻو آهي، دير ٿي ويندي. انهيءَ مريض کي سڀاڻي جو ٽائيم ڏئي ڇڏ.” منھنجي زال سيڪريٽريءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بھانو اهو بڻايائين تہ اسان کي ڊنر تي وڃڻو آهي.

“سائين! مون تہ کيس ڏاڍو سمجهايو آهي، پر هُو مڃي ئي نہ ٿو.” نورين هارايل لھجي ۾ چيو.

“چڱو ڀلا موڪليس، ڏسي ٿا وٺونسِ.” مون نيٺ هن جي ڳالهہ مڃي ورتي ۽ مريض کي ڏسڻ جي لاءِ وري پنھنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺم.

“اندر اچڻ وارو هڪڙو ستر پنجھتر سالن جو پٺاڻ هو، جنھن سان گڏ هڪ وڏي سھڻي جوان ۽ اداس اکين واري ڇوڪري هئي، جيڪا ڏاڍي کيائيءَ سان وکون کڻي رهي هئي. شايد هن جي ڌيءَ هئي. مون پنھنجي پاران اندزاو هنيو ۽ پنھنجي زال ڏي اک ڦيرايم، جيڪا مون کي خبر هئي تہ مون ڏي ئي ڏسي رهي هئي.

“ها، بابا! ٻڌايو ڪھڙو مسئلو آهي توهان سان؟”

“مان بابا ناهيان، منھنجو نالو زرگل خان آهي ۽ هيءَ منھنجي زال پشمينا جان آهي. ڊاڪٽر! هِنَ جي طبيعت ڏاڍي بگڙيل رهي ٿي. ڏاڍي پريشان رهي ٿي. بس توهان هن جو علاج ڪريو، پيسي ڏوڪڙ جي پرواھ نہ ڪجو.” ڪراڙي وڏي روبَ ۽ بي وسي ءَ گاڏڙ لھجي ۾ مون کي سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي.

هون!!! ته هيءَ ڪراڙي جي زال آهي. منھنجي دل ۾ ڪتڪاڙيون ٿيڻ لڳيون. “ٻڌايو، مائي! توهان کي ڪھڙي تڪليف آهي؟” مون ڇوڪري ڏي ڌيان ڌريو.

“ڊاڪٽر صاحب! هيءَ ويڇاري معصوم ڇا ٻڌائيندي؟ مان ٿو توهان کي ٻڌايان، اٿندي ويھندي هَئي هَئي ڪندي رهي ٿي. سڄي رات هِن کي وَلهوٽا ٿا پون. مڇيءَ وانگر ٿي تڙپي. ڏينھن اڀري ٿو تہ آسمان ۾ اڏندڙ پکين کي تڪيندي رهي ٿي.” ڪراڙو ٻڌائي رهيو هو ۽ پشمينا جانِ لاتعلق بڻجي هيڏي هوڏي ڏسي رهي هئي. هُوءَ هڪدم اٿي ۽ دريءَ جو پردو پري ڪري ٻاهر تڪڻ لڳي. شام ٿي رهي هئي، اسان گهر وڃي رهيا هياسون. وڏو سھڻو منظر هو.

“مائي! ٻڌاءِ، توکي ڪٿي تڪليف آهي؟” مان اسٽيٿو اسڪوپ ڳچيءَ ۾ وجهي هن ڏي وڌيس تہ ڇوڪريءَ پنھنجو مُنھُن چادر سان تھائين وڌيڪ ڍڪي ڇڏيو.

“ڊاڪٽر صاحب! ڳجهو مرض آهي. مان توهان کي اڪيلائيءَ ۾ ٻڌائينديس.” هن پنھنجو وات کوليو ۽ ڪراڙي ڏي اشارو ڪيائين تہ اهو ٻاهر نڪري وڃي.

مان ماٺ رهيس، پر منھنجي زال سمجهي وئي. هن وڏي سھڻي سڀاءَ سان خان صاحب کي چيو، “توهان ٿوري دير جي لاءِ ٻاهر نڪري وڃو. ڪجهہ زنانو مامرو ٿو لڳي.”

ڪراڙو اٿيو،پنھنجو پٽڪو مٿي تي سُڪَ ڪيائين ۽ بڇڙو ٻُوٿ ڪري ٻاهر هليو ويو.

“مائي! هاڻي ٻڌاءِ تہ ڪٿي تڪليف آهي؟” مون وڏي پيار وچان پڇا ڪيس تہ مون واري زال بہ مون ڏانھن عجيب نگاهن سان ڏٺو. منھنجي اندر ۾ ڏڪڻي ڊوڙي وئي. ڪراڙِي جي ٻاهر وڃڻ شرط ئي ڇوڪري هڪدم لڪڻ وانگر سڌي ٿي وئي ۽ وڏي ناٽَ نخري سان چوڻ لڳي..... “پاڻ ئي ڏسو نہ ...” اهو چئي هن سَٽَ ڏئي پنھنجي بدن تان چادر لاٿي ۽ منھن تان نقاب بہ لاهي ڇڏيو. مون کي ائين لڳو ڄڻ تہ ڪڪرن منجهان چنڊ ٻاهر نڪري آيو هجي. هڪ پل جي لاءِ منھنجو ساھ بيھي ويو. منھنجي زال جي اکين مان ڄڀيون نڪرڻ لڳيون. خبردار!خبردار!! جي ڀنڀٽ جو تاءُ چئني پاسن ڏي پکڙيل محسوس ٿيم.

“ڊاڪٽر صاحب! مان ڪا بيمار سيمار ناهيان. مان صفا ٺيڪ آهيان.” هُوءَ هڪ مست مرڪ سان مون کي ڏسڻ لڳي.

“پو ڳالهہ ڇاهي؟” منھنجي زال ان وچ ۾ چيس.

“مان تہ مڪر ڪندي آهيان، ڊاڪٽر صاحب! تہ جيئن ٻُڍو منھنجي ويجهو نہ اچي.” هن شيطاني ڀريل نظرن سان ورندي ڏني تہ مون کي ائين لڳو, جيئن ڪا گلن ڀريل ڇَٻي منھنجي سامهون اچي وئي هجي ۽ مان گلن جي سڳنڌ ۾ اڏي ڪٿي ٻئي هنڌ وڃي پھتو هجان.

“پر هُو تہ تنھنجو مڙس آهي.....!؟” منھنجي زال چوڻ کان رهي نہ سگهي.

“نه ڪو... ناهي منھنجو مڙس. هن مون کي ٻن لکن ۾ خريديو آهي. مان آزاد پکيءَ وانگر اڏڻ واري هيس. هاني بہ دل چوي ٿي تہ پوپٽي بڻجي آسمانن ڏي اڏري وڃان، پر هي مون کي قيدي بڻائي اندر بند ڪرڻ چاهي ٿو. نڀاڳو مون کي زهر ٿو لڳي.”

پشمينا جان وري دريءَ جو پردو پري ڪري آسمان تي اڏندڙ پکين کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ مون دل ۾ سوچيو تہ هيءَ مون کي اڳ ۾ ڇو نہ ڏسڻ ۾ آئي؟ مون اڳ ڪڏهن هن ڏي ڌيان ڇو نہ ڏنو؟؟

“مان ڇا ڪريان؟ ڊاڪٽر صاحبَ!ٻڌايو نہ.” هُوءَ هڪدم هڪ ڊڄڻي هرڻيءَ وانگر اکين ۾ آيل ڳوڙها اگهندي چوڻ لڳي.

“تون هيئن ڪر جو ڀڄي وڃ!” اهو چوي منھنجي کل نڪري وئي ۽ ان تي منھنجي زال بہ کلڻ لڳي ۽ مون کي انگريزيءَ ۾ چوڻ لڳي، “هن جي لاءِ ڪجهہ آرام واريون ٽڪيون لکي ڏينس تہ جيئن رات جو سُتي پئي هجي، پوءَ ڪراڙو بہ هن کي ڊسٽرب نہ ڪندو.”

مان هن جي ڳالهہ سمجهي ويس. ڪجهه دوائون لکي ڏنيون مانسِ تہ جيئن ڪراڙي کي ڪجهه تسلي ٿي وڃي. مون ڪراڙي کي چيو، “هن کي آرام ڪرڻ جي ڏاڍي گهڻي گهرج آهي. جي تو هن کي آرام نہ ڪرڻ ڏنو تہ هن کي دَورا بہ پئجي سگهن ٿا ۽ هيءَ تو مٿان حملو بہ ڪري سگهي ٿي.”

ڪراڙو اِهو ٻُڌي ڏاڍو ڊڄي ويو ۽ وڏي پيار وچان منڊڪائيندڙ، لڏندڙ لمندڙ پشمينا جان کي وٺي هليو ويو.

ڳچ ڏينھن لنگهي ويا. اسان بہ انهيءَ واقعي کي وساري ويٺاسين. اوچتو هڪ ڏينھن شام جو پشمينا جان ساڳي مھل تي ڪلينڪ ۾ لنگهي آئي. اسان هن کي سڃاتو ۽ منھنجي زال هڪدم سوال ڪيس، “پشمينا جان! ڪھڙو حال اٿئي؟ ڪراڙو ڪٿي اٿئي؟ اڪيلي آئي آهين!!”

“مان بلڪل ٺيڪ آهيان، ڊاڪٽر صاحبَ ۽ ڊاڪٽرياڻي صاحبا! مان بس توهان ٻنهين جا ٿورا مڃڻ آئي آهيان. توهان ٻئي ڄڻا ڏاڍا ڀلا، اڃا بہ ملائڪ آهيو ملائڪ.” هوءَ ٻارن وانگر کلڻ لڳي.

“الا! اهو ڀلا ڪيئن؟” مان بہ لاڏَ ڪرڻ تي لھي آيس.

“توهان ايڏي ڀلي صلاح جو ڏني هئي مون کي.” هن چيو.

“ڪھڙي صلاح؟* مان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.

“توهان چيو نہ هو تہ ڀڄي وڃ، سو مان ڀڄي ويس، ڊاڪٽر صاحب! قسم سان هاڻ زندگيءَ جو اصل مزو اچي رهيو اٿم.” هُو وري کلڻ لڳي.

“الا!! پر هاڻ تون ڪٿي رهندي آهين؟ ڪنھن سان رهندي آهين؟ ڪراڙي جو ڇا ٿيو؟ تون اڪيلي ڪيئن رهندينءَ؟” منھنجي زال هڪ ئي مھل ائين سوال پڇي ورتس ڄڻ تہ هن جي ماءُ هجي.

“ٿيڻو وري ڇاهي!؟ بيگم صاحبا! ڀلا اڏندڙ پکين کان بہ ڪو اهڙو سوال ڪندو آهي؟ اهي تہ رزق بہ گڏ ڪري ناهن رکندا. بس مان اڏامي ويس ۽ آزاد ٿي ويس. اهو بہ وڏو مزو آهي.” هن جو مُکڙو چمڪڻ لڳو.

ٿوري دير کان پوءِ هُوءَ ائين ئي کلندي کلندي هيجَ منجهان هلي وئي. منھنجي زال مون ڏي ائين تڪيو ڄڻ تہ چوڻ چاهيندي هجي تہ تون ڪڏهن آزادي واري اڏار جي آس نہ رکجانءَ. مان بہ مرڪڻ لڳس ۽ ٿڌو ساھ ڀري هن ڏي ڏٺم، هُوءَ بہ شايد اهوئي سوچي رهي هئي. شايد هن جي اندر ۾ به ڪٿي پکيءَ جيئن پر ڦڙڪائڻ جي سَڌَ موجود هئي.

*

(پنجابي رسالي “باراں ماه” جي ۲۰۲۱ع واري پرچي مان ترجمو ڪئي.)

No comments:

Post a Comment