Wednesday, December 20, 2023

پراڪسي وار - منظور ڪوھيار

پراڪسي وار (Proxy War)

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



ٽي وي تي حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ٿيندڙ ويڙھاند بابت پروگرام پئي هليو. جنهن ۾ هزارين ماڻھن جي مرڻ ۽ ملڪيتن جي تباھي متعلق انگ اکر ٻڌي افسوس پئي ٿيو. پر اينڪر ۽ اسپيڪر ٻڌائيندي ڄڻ مزو پئي ورتو.

ڀرسان ويٺل ڪکو خان کان پڇيم: ”ڪکو خان اهو ته ٻڌاء! انسان ۾ ايڏي اذيت پسندي ڇو آھي؟“

”رڇ ڪتي جي ميل ڏٺي ٿي؟“ پڇيائين.


”ننڍي لاء، هڪ دفعو وڏو سئوٽ وٺي ويو هيو.“

”ماڻھن کي ھنڀوڇيون هڻندي يا هوڪرا ڪندي ٻڌو هيئي؟“

”ها، ٻڌو هيم!“

”جيئن ڪن ماڻھن جي نظر ۾ رڇ ڪتي جي ڪا حيثيت ناهي ھوندي. ائين زوراور قومن آڏو ٻين قومن جي ڪا حيثيت ناهي هوندي. هو رڇ ڪتي جي ميل وانگر پراڪسي وار ڪرائي مزو وٺندا آھن.“

”پر اهو عمل ته انساني اعليٰ قدرن جي منافي آھي؟“

ڪکو خان چانھ جي آخري چسڪي ڀريندي چيو؛ ”جي تنهنجو تعلق به ٻه-وِڙھائو ذھنيت رکندڙن سان آھي ته اذيت پسنديءَ جو ڀرپور مزو وٺ! جي ناهي ته پوءِ ڀوڳِ!!...“

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment