Sunday, November 26, 2023

نصيرَ ڪُنڀرَ وٽ زندگي ۽ آرٽ جا ڪُجهه پُورا اَڻپورا عَڪسَ - خليق ٻُگهيو

نصيرَ ڪُنڀرَ وٽ زندگي ۽ آرٽ جا ڪُجهه پُورا اَڻپورا عَڪسَ

(تنقيد)

خليق ٻُگهيو



نَصير ڪُنڀر جو ڪھاڻي مجموعو بعنوان ”جهرڪيون اُڏامي ويون“ پوئين سال ٻه هزار ٻاويهه عيسويءَ ۾ شايع ٿيو آھي. هن ڪھاڻي-مجموعي ۾ سترهن ڪھاڻيون ڏنيون ويون آھن. ڪتاب جو توصيفي مُھاڳ شوڪت حسين شوري جو لِکيل آھي. هِن کان اڳ، ٻه هزار ڏَھ عيسويءَ ۾ نصير ڪنڀر جو ڪھاڻي-ڪتاب ”وارياسا وجود“ پڻ شايع ٿيو هو، جنھن جو ھاڻي ٻيو ايڊيشن شايع ٿي رھيو آھي. نصيرَ جي ڪھاڻي ڪتاب ”جهرڪيون اُڏامي ويون“ جون ڪھاڻيون پڙھندي، اُھا ڳالهه منھنجي شعور جي دائري هيٺ آئي ته هُو مشاھداتي ڪھاڻيڪار آھي. جيستائين ماحول ۽ واقعا سندس مُشاھدي جي دسترس ۾ شامل نٿا ٿين، تيستائين سندس ڪھاڻي وجود وٺڻ کان نابيري واري بيهي ٿي. اُھا ڳالهه به فني تقاضا رکي ٿي ته نصير ڪنڀر جون ڪھاڻيون طوالت جو شڪار نٿيون ٿين، جنهنڪري پڙھندڙ بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. Edgar Allan Poe جو چَوڻ آھي ته:



A short story must have a single mood and every sentence must build towards it.

نصيرَ جون ڪھاڻيون حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ، نظرئي، فلسفي يا رجحان سان هم-شڪل آھن. اِھڙي حقيقت نگاري، جيڪا اوڻهين صديءَ ڌاري فرانس کان شروع ٿي. حقيقت نگاريءَ ۾ موجود زماني جي سماجي حقيقتن کي جيئن جو تيئن پوري سچائيءَ سان پيش ڪيو ويندو هو، پر هاڻوڪو زمانو ادب جي Subjectivism, skepticism, relativism وغيره جي مختلف ٽيڪنڪس ۽ رجحانن جو زمانو آھي. جڏهن ته نصير جي ڪھاڻين جا ڪردارَ به حقيقت نگاريءَ جي ڪردارن وانگر مسڪينن، مظلومن، غريبن، لاچار، مجبور ڪردارَ آھن، جيڪي استحصالي قوتن پاران پيدا ڪيل حالتن جو شڪار آھن. سندس تخليقي ادب ۾ سماجي ڪارج چِٽو موجود آھي. نصيرَ جون ڪي ڪھاڻيون، سنڌي ادب ۾ ڪڏھن به وساري نٿيون سگهجن، ڇاڪاڻ ته اُھي پڙھندڙ تي اَڻ مِٽ اثر ڇڏين ٿيون. منھنجي خيال ۾ سندس تخليقي ادب جي فلسفي کي Paolo Bacigalupi جي چَوڻيءَ جي روشنيءَ ۾ سمجهي سگهجي ٿو:

Short fiction seems more targeted – hand grenades of ideas if you will. When they work, they hit, they explode, and you never forget them. Long fiction feels more like atmosphere: it’s a lot smokier and less defined.

انهن تخليقي قدرن جي باوجود، ڏِسڻو پوندو ته ڪھڙيون ڪھاڻيون سندس اھم ڪھاڻيون آھن ۽ ڪھڙيون ڪھاڻيون ڪمزور يا سندس تخليقي ۽ فني دسترس کان ٻاھر نڪري ويون آھن؟ ڪٿي ائينءَ ته نه آھي ته سندس معياري ڪھاڻين جي فيصلا ڪُن مرحلي ۾ پڻ ڪي نقص رھجي وڃن ٿا؟ ڇاڪاڻ ته اُھا ذميواري پڻ تنقيدي فرض ۾ شمار ٿئي ٿي. هونئن به ادب رڳو زندگيءَ جو عڪاس ڪونهي، پر فن پڻ آھي ۽ مختصر ڪھاڻيءَ جو فن سولو ڪونهي. اسٽيفن ڪنگ چَيو هو ته:

A short story is a different thing all together – a short story is like a kiss in the dark from a stranger. ~Stephen King

انتقاد جي لحاظ کان ڪنهن به فنپاري کي ڏسڻ جا ٻه رُخ آھن. هڪ ته ڪنھن به فنپاري کي صرف زندگيءَ ۽ سماج جي نگاھ سان ڏِسجي. ٻيو ته زندگيءَ ۽ سماج کان هَٽي ڪري، صرف فن، يعني هيئت: ٻولي، اسلوب، ترتيب، ڪھاڻيءَ جي ابتدا، وچ؟ عروج ۽ ڪلائيمڪس يا جماليات جي تَناظر ۾ ڏِسجي. فڪشن Fiction ( افساني داستان، ڏند ڪٿا) کي رڳو فڪشن جي نظر سان ڏِسڻ سان خود زندگي نظر انداز ٿي ويندي آھي ۽ ادب جو سماجي ڪارج پڻ محدود ۽ مشڪُوڪ ٿي ويندو آھي ۽ فڪشن کي صرف زندگيءَ جي نظر سان ڏِسڻ سان ڪنھن به فنپاري جي هيئت، ٻولي، ترتيب ۽ جماليات نظر انداز ٿي ويندي آھي. اُنهيءَ کان انڪار ڪونهي ته آرٽ جو اندروني حُسن هڪ الڳ حقيقت آھي، پر اھا حقيقت پڻ زندگيءَ جي جوھر سان مشروط هوندي آھي. اُنھيءَ ڪري پاڻ هتي نصيرَ جي هِن ڪھاڻي-مجموعي کي ڏِسڻ جي ٻنهي مذڪوره زاوين جي ترڪيب؟ ميلاپ، آميزش Synthesis سان ڏِسون ٿا ته جيئن تنقيدي سطح تي منصفاڻو ڪردار جُڙي سگهي!

نَصيرَ ڪنڀر جون ڪَھاڻيون ويھين صديءَ جي عُروج ۽ ايڪھين صديءَ جي شروعات تائين، سنڌي سماج جي ارتقائي اوسر جون ڪجهه جهلڪيون پَسائن ٿيون. مثال طور سندس ڪھاڻي ”پُشڪر“ سنڌي سماج جي تغيري تبديليءَ جي تصوير آھي. ويھين صديءَ کان موجوده صديءَ تائين سنڌي سماج جي اندر استعمال ۾ ايندڙ ڪافي شيون تبديل ٿيون آھن. هِن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ گڏھ گاڏيءَ هلائڻ واري پورھيت ” سائيني“ جو ڪردار آھي. چنگچي (رڪشن) اچڻ ڪري، سندس ”گڏھ گاڏيءَ“ واري عروج جو زمانو به ختم ٿي ويو آھي. سائينو ياد ڪري ٿو: ته گڏھ گاڏين جو ڪيڏو نه عروج هو. ڪِيئَن نه لاڙَ پٽ جا مشھور واپاري اپر سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کان اچي لاسي گڏھن جا خريدار ٿيندا هئا!؟ ڪھاڻيءَ ۾ ايراني، ٿري، لياري بلوچ ۽ پنجابي گڏهارن جي پاٿارين جي ذڪر کان سواءِ، مشاھداتي طور گڏھن جي قِسمن/ نالن جهڙوڪ: لاڙي، ٻسر، جگا، لاڏائو، ايراني ٽامڙن، چيني، بوسڪي، مڪڙا تيلا ۽ لاسي گڏھن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آھي. اُنهيءَ کان سواءِ، گڏھن جي سينگار، واڳ، ڳاني، ڇير، راسڪڙي، ونجهه سينا بند، اولار پٽيءَ ۽ سنگهرن جو ذڪر ڪرڻ مان سُڌ ملي ٿي ته ڪھاڻيءَ ۾ مُشاھدو، ماحول تخليق ڪرڻ، ٻوليءَ جي ڄاڻ ۽ موضوعَ بابت زبردست تحقيقي رشتو موجود آھي. ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ ڏيکاريل آھي ته معاشي پيداواري رشتن ۾ تبديليءَ جي هٿان مجبور ٿي سائينو، نيٺ پنھنجي جُهور گڏھ-گاڏي وِڪڻي پُٽ کي رَڪشو وٺي ڏِئي ٿو ۽ پنھنجي رڪشي جي پٺيان گڏھ جي تصوير ۽ پنھنجي گڏھ جو نالو ”پُشڪر“ پڙھي سائينو کِلندي ڏيکاريو ويو آھي. هتي، سائيني جو کِلي پوڻ، هڪ سنجيده ڪھاڻيءَ جي سُڀاءَ کي زخمي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به طرح، پُشڪر، جهڙيون ڪھاڻيون، اِنساني بدلاءَ واري احساس کي معاشي ۽ سماجي قدرن جي مقابلي ۾ آڻي چڪاسي سگهڻ جي قوت رکن ٿيون، هِن ڪھاڻيءَ جي لاشعور ۾ پڻ هڪ پورھيت سائيني جو ماضيءَ جي عُروج ۽ رومانوي ڪشش کان ٽُٽڻ جو درد آھي، جنهنڪري هيءَ عمل سندس موضوعي پيڙاءَ مان تبديلي گذري ٿو. هُن جو کِلڻ هتي ڪھاڻيءَ جي مقصديت کي ڌنڌلو بڻائي ٿو. کِلڻ جي بدلي سائيني کي حيران ٿيندي ڏيکاريو وڃي ها يا سندس ڳُوڙھا وهندي ڏيکاريل هجن ها. ڪھاڻيءَ جي Falling action ۾ اِھڙين غلطين کان محتاط رھڻ گهرجي. ڪنهن به ڪھاڻيءَ جي ٺھراءَ Resolution ۾ انهيءَ قِسم جي اضافي ڳالهه، ڪھاڻيءَ جي تسلي بخش بخشش ۾ رخنو وجهي ٿي.

جديد ڪارپوريٽ ڪلچر جو ڪنزيومر سماجَ، سنڌ جي ماڻهن کان ثقافتي ۽ روحاني قدر پڻ ڦُري رھيو آھي. ماڻهوءَ جو سُڪون، سندس مقامي مزاج، سڀيتائي اوسر، تمدني اھڃاڻن ۽ ثقافتي سڳنڌ سان واڳيل رھندو آھي. نصير جون چند اِھڙيون ڪھاڻيون ڳوٺاڻي تهذيب، فطرت جي قربت، ثقافتي ارتقا ۽ قومي ڪلچر جون نمائنده ڪھاڻيون آھن. اِھڙين چند ڪھاڻين جي تسلسل ۾ نصير ڪنڀر جي هڪ ٻي اھم مشاھداتي ڪھاڻي”آخري انگ“ آھي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي ثقافتي، تمدني ۽ تھذيبي سطحَ جو اولڙو آھي. ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ميلن ملاکڙن ۾ ملهه جي رانديگرن جي مقابلي واري دنيا تي مشتمل آھي ۽ انهيءَ رُخ ۾ جُڙيل ماحول ۽ ”لوڪ-دلچسپيءَ“ کي بيحد خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار”آمن رونجهو“ جو آھي، جيڪو پھرين-جوڙ جو مَلهه آھي ۽ ”سڊل جماليءَ“ کي ٻي ملهه هڻندي، گوڏي جي ڍَڪڻي لَهرائي ٽيهن سالن تائين معذور ٿي وڃي ٿو. ”سڊل“ پوئين ملهه جو سدائين کيس طعنا ڏئي ٿو. آخر آمن پنھنجي پُٽ ابراھيم کي مَلهه جا داءَ پيچ ملهه جو آخري انگ سمجهائي ٿو ۽ ”سڊل جماليءَ“ جي مَلهه پُٽ ”دادلي“ جي اڳيان لاھي ٿو. نتيجي طور آمن پُٽ ابراھيم ملاکڙو کٽي وٺي ٿو. هيءَ ڪھاڻي، جتي جوانيءَ توڙي شُھرت ختم ٿيڻ بعد ماڻهوءَ جي ذھني ڪسمپرسيءَ واري ڪيفيتن جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿي، اُتي انفرادي سطح تي آمن رونجهي جهڙي پورھيت رانديگر جي حياتيءَ جي سُورن کي پڻ گهرائي سان پيش ڪري ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل ملهن جو ڪرافٽ، ٽيڪنڪ يا فن جهڙيءَ طرح ويجهي مشاھدي جو عڪس لڳي ٿو، تھڙيءَ طرح ملهن جي نالن پٺيان ذاتِ لِکڻ وارو انداز، هِن ڪھاڻيءَ مان ”حقيقت جي ويجهڙائيءَ“ جو احساس جنمي ٿو. جيئن آمن رونجهو، سڊل جمالي، طوفان شيدي ۽ نندي جوڻيجي جا نالا ذاتن سميت ڏيڻ وارو انداز غير افسانوي ئي صحي، پر ڪجهه مختلف هجڻ جو احساس کڻي اچي ٿو. هِن ڪھاڻيءَ ۾ سمن سرڪار ۽ ڇٽن شاھ جي ميلن جي مشاھداتي عڪسن کان سواءِ، اُتان جي ٻوليءَ جو نج لهجو پڻ، جيئن جو تيئن ڏنو ويو آھي. جڏھن ته ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار آمن رونجهي کي مختلف ڇوڪرين پاران Romance واريون آڇون، ڪھاڻيءَ جي پلاٽ واري ترتيب ۾ اِضافي، خوامخواھ ٽُنبيلَ ۽ غير منطقي واقعا آھن، ڇاڪاڻ ته هڪ ملهه سان ڳوٺ جي عورتن جي زوري معاشقي واريون آڇون ڪمزور منطق جون حامل آھن. ڇاڪاڻ اِھڙين ڳالهين جي پُڄاڻي پڻ گُم هوندي آھي. منھنجي خيال ۾ تخليقي ادب ۾ جيڪا جماليات ڪردار جي منطقيت سان ڳنڍيل نٿي رھي، سا اضافي ۽ غير منطقي بڻجي ويندي آھي. جيئن آمن رونجهي سان جُڙيل مذڪوره جمالياتي آھي.

موضوعَ جي مناسبت سان، ڪنهن به تخليق ۾ موضوعَ بابت عِلم، مُشاھدو ۽ ٽيڪنڪي ڄاڻَ هُوندي ته تخليق، پنھنجي پڙھندڙ کي وڌيڪ گَهرو ذھني ماحول ميسر ڪري سگهندي، جيئنءَ نصير جي ڪھاڻي ”ميرانجهڙا رنگ“ هڪ اِھڙي ڪھاڻي آھي، جنهن ۾ سنڌي سماج ۾ مُصورَ جي زندگيءَ، آرٽ ۽ ٽيڪنڪي تناظر توڙي لاڳيل عهد جو نمونو يا مثال Paradigm موجود آھي. ڪھاڻيءَ ۾، رنگن جي ڪمپوزيشن، ائبسٽريڪٽ ازم ۾ وان گو وانگي معنائون ڏيڻ واري سُڌ،، مفهومَ ۽ گَهرائي ڏيڻ جي تمنا، پينٽنگس کان وٺي، اسڪلپچر، سيرامڪس، ڊزائيننگ ۽ ميڊيسن جو بدلاءَ جو ذڪر، مائيڪل اينجلو، ڊوانچي ۽ پڪاسو جي پينٽنگس ۽ اسڪلپچر جي اصليت تي غور ڪرڻ، جاميٽريڪل ڊزائينس، اسلامي ڪيليگرافي کان سواءِ، آرٽ جي تسلسل ۾ ريئلزم، امپريشنزم، ماڊرن ازم ۽ سريئلرزم جو ذڪر، پڙھندڙ جي اڳيان، آرٽسٽڪ ماحول ۽ ڪافي ڄاڻ وارو تناظر کڻي ايندڙ ذڪر آھي. ڪھاڻي پڙھندي، سنڌ ۾ مُصوريءَ جي فن جو ڳڻتي جوڳو حالُ ڏِسي افسوس ٿئي ٿو. هڪ پينٽرُ، سماجَ ۾ معاشي گذران ڪيترو ڏکيو ڪري ٿو؟ بُک، بدحاليءَ ۽ نا آسودگيءَ جي هن عهد ۾، هُو غربت يا مفلسيءَ جي دردن ۽ تڪليفن کي ڪھڙي ڀُوڳي رھيو آھي!؟ هيءَ ڪھاڻي اُن درد ۽ تڪليف جي سگهاري نمائندگي ڪري ٿي. ڪھاڻيءَ جي معنيٰ-خيزيءَ ۾ ٻيو اھم پاسو، سنڌ ۾ عمومي طور آفيسر شاھيءَ جي فن ۽ فني شعور جي اھميت کان کوکلائپ آھي، جيڪا مُصورَ سان ڪاموراشاھيءَ جي بي مروتي، خاص طور تي سهيل (اي ڊي سي) جي آرٽ ڏانهن روين مان واضح ٿئي ٿي. انهيءَ کان سواءِ، وڏي ۾ وڏو سوال، جيڪو هِن ڪھاڻيءَ جو جوهر آھي، سو هيءُ آھي ته ڇا سنڌي سماجَ ۾ ”مصوريءَ جو فن، هِن ڪمپيوٽر جي صديءَ ۾ پنھنجيون ”ڌنڌائي ۽ مارڪيٽ ڪلچر واريون خاصيتون“ وڃائي نه رھيو آھي!؟ جڏهن ته ڪھاڻيءَ جو نقص هيءُ آھي ته فوزيه جي ڪردار کي رومانوي بڻائي بعد ۾ غير منطقي انداز ۾ بي نتيجه گُم ڪيو ويو آھي. فوزيه کي ملندڙ، طلاق توڙي مُصور جو هڪ ملاقات بعد، سندس اڻ-اعلانيل محبت وارا پاسا ڪھاڻيءَ ۾ اجايا جهولَ آھن، جڏھن مصورَ جو ڪردار خود بک بدحاليءَ ۽ بيروزگاريءَ جهڙن عذابن سان مُنهن ڏَئي رھيو آهي، تڏھن هُو، فوزيه سان شاديءَ جا تصورَ ڪيئَن جُوڙي رھيو آھي؟ ائينءَ ڪھاڻيءَ جي هڪ زاويي کي ٻه-طَرفو ڪرڻ سان پڙھندڙ جو ڪھاڻيءَ جي اصلي منشا Theme ڏانهن ڌيان ھَٽجي وڃي ٿو. هر مُوضوع ۾ عشقيه عنصر جوڙڻ وارو رخ هاڻي شاعريءَ بعد فڪشن ۾ پڻ وڌي رھيو آھي.

تجرباتي ۽ مشاھداتي لحاظ کان نصيرَ جي هڪ ٻي اھم ڪھاڻي بعنوان ”هارايل داءُ“ پڻ قابلِ ساراھ آھي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ زبردست نموني سان ماضيءَ جي حُسن پرستي، ناسٽيلجا ۽ ريڊيو سان زماني جي تخيلي ۽ رومانوي ڪشش ڏني وئي آھي. جيئن ريڊيو اسٽيشن تي پروگرامن جي سگنيچر، ميوزڪ بئڪ گرائونڊ، لاگ بُڪ، ڪيو شيٽ، اوپننگ، ڪلوننگ، سپر امپوز، اسٽوڊيو جو آن ايئر ٿيڻ، براڊ ڪاسٽنگ جو ماحول، ريڊيو جو عروج بعد ۾ زوال، سازن تي چڙھيل دز/ مٽي، خراب جنريٽر، آرٽسٽن جا رُڪيل چيڪَ ۽ ريڊيو اسٽيشن جو سمورو ماحول وغيره ۽ اُھو سڀ ڪجهه، ڪھاڻيءَ جي آرٽسٽڪ گُهرج موجب، گذريل زماني ڏانهن موٽڻ جي عمل Flash back سان اِھڙيءَ ته قابليت سان ڏنل آھي، جو ڄڻ ” مکڻ مان وار ڪڍيو “ ويو آھي. هڪ غير محسوس ٿيندڙ انداز ۾ پڙھندڙ به، ڪردار سان گڏ حالَ مان ماضيءَ ۾ پھچيو وڃي ٿو. ساڳئي وقت، هيءَ ڪھاڻي ريڊيو ۽ ٽي وي تي فنڪارن لاءِ ماحول جا فرقَ پڻ سمجهائي ٿي. ڪھاڻيءَ جا مکيه ڪردار عاليه ۽ اسد آھن. اسد، جيڪو يونيورسٽيءَ مان ماس ميڊيا جي ڊگري ڪري، پرنٽ ميڊيا کان ٿيندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪم ڪري ٿو، سو شروعَ ۾ ريڊيو تي خبرون نشر ڪري ٿو، بعد ۾ ٽي ويءَ تي آفيسر بڻجي وڃي ٿو، جڏھن ته ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار عاليه جو آھي، جيڪا ريڊيو جي ڊرامن جي هڪ مشھور صداڪار آھي، جيڪا قداور، هَٿين پيرين سُهڻي، خُوبصورت ڪنڍو نڪُ، مرگهه نيڻ ۽ ڪارا واسينگ ڪلهن تي رکڻ واري دوشيزه آھي، جنهن جي حُسن تي ڪَئين ڀونئرا ڦيرا ڏين ٿا. ريڊيو جي عُروج ٽُٽڻ بعد عاليه ٽي-ويءَ پڻ مشھور اداڪار بڻجي وڃي ٿي. ٽي-ويءَ تي ملندڙ غير مناسب ماحول جي ڪارڻ، هوءَ جِنسي حوس جو شڪار بڻجي پنھنجي پاڪ دامني وڃائي ويهي ٿي. ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ ڏيکاريل آھي ته عاليه سان، وقت جي ستم ظرفي ٿئي ٿي، جو عاليه جي شادي هڪ طبلي نواز سان ٿئي ٿي، جنهنڪري عاليه جي اکين ۾ پڇتاءُ جا ڳوڙھا آھن. هِن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ طرف مرداڻي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناروا؟ جنسي سلوڪ کي عڪس بند ڪري، عورت جي انساني ۽ سماجي حقن جو لاشعوري طور ياداشت پيش ڪيو ويو آھي، جيڪا هڪ سُٺي فڪري اڳڀرائي آھي، ٻئي طرف، مشھور ۽ خوبصورت اداڪاره عاليه جي ھڪ طبلي نواز سان شاديءَ ڪرڻ کي ”ستم ظرفي“ قرار ڏنو ويو آھي، جيڪا ڳالهه سماج ۾ اَڻ-برابريءَ وارو رويو خلقي ٿي. هڪ طبلي نواز پورھيت ڪلاس جي معاشي ڪمزوريءَ ڄاڻائڻ يا سماج ۾ آرٽ سان وابسته ڌنڌي کي ڪمتر سمجهڻ، ترقي پسندي نه، پر جاگيردارانه نفسيات جي حمايت ڪرڻ آھي. اُنهيءَ ڪري ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس تضاد کي جنم ڏئي ٿو ۽ انساني فطرت جي لحاظ کان ڪھاڻيءَ ۾ اسد جو ڪردار صرف ڪھاڻيءَ جو بيانيو پيش ڪندڙ ڪردار بڻجي رهجي ويو آھي. عاليه جهڙي مشھور ۽ خوبصورت اداڪاره سان بار بار تعلق ۾ اچڻ باوجود، سندس غير رومانوي رھڻ پڻ غير فطري لڳي ٿو. نصيرَ وٽ ڪِن ڪھاڻين جي کڻت وارو آرٽ نھايت سگهارو، پر اُن کڻت سان سندس نڀاءَ، جيڪو ڪِن ڪھاڻين جي پُڄاڻيءَ ۾ ملي ٿو، سو ڪٿي غير منطقي بڻجي پوي ٿو.

هِن ڪھاڻي-مجموعي جي ٽائيٽل-ڪھاڻي ”جهرڪيون اُڏامي ويون“ جي عنوان سان آھي، جنھن ۾ پارسا ۽ سڄڻ پُٽ جو اولاد نٿو پيدا ٿئي، پر ٽي ٽي نياڻيون ڄمن ٿيون. ڪھاڻيءَ ۾، نياڻين جي ڄمڻ ۽ اُنهن جي شاديءَ بعد، ماءُ پيءُ جو خالي-پَڻو ۽ درد ڏنل آھي. ڪھاڻيءَ ۾ فني طور منڍ ۽ نتيجو آھي، پر ڪھاڻي ايتري سوڙھي ۽مختصر آھي، جو ڪھاڻيءَ ۾ عُروج Conflict پيدا ئي نٿو ٿئي. هن ڪھاڻيءَ ۾ فني ۽ فڪري گنجائش هئي ته موجوده دَور جي نوجوان ڇوڪرين جي مسئلن کي پيش ڪري، سندن شاديءَ جي ڪارج کي چِٽو ڪيو وڃي ها، پر اھڙو ڪجهه به ڪھاڻيءَ ۾ ڪونهي. مقصد ته ڪھاڻيءَ ۾ نياڻين جي مسئلن کي جنسي مسئلن، معاشي تنگيءَ جي تناظر ۾ معروضي سطح تي کنيو وڃي ها، پر ڪھاڻيءَ ۾ رڳو پي ماءُ جو هڪ طرفو درد ڏيکاريو ويو آھي. رھندو پُٽ ڄمڻ تي شيخ اياز جو نالي رکڻ جو خواب ڏٺل آھي، جيڪا ڳالهه وڌيڪ مرداڻي سماج جي حاڪميت جي وڪالت برابر آھي. هِن ڪھاڻيءَ مان اڻ سڌي يا لاشعوري طرح ناڪاري نياپو جنم وٺي ٿو ته نياڻيون، رڳو شاديءَ لاءِ ڄمن ٿيون ۽ گهريلو توڙي سماجي سطح تي سندن ڪو وسيع ۽ موثر ڪردار نه آھي. ڪھاڻيءَ ۾ تخيلاتي سطح جي جوڙجڪ جي مختلف پاسن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي، جيڪي پاسا فيمنزم جي جائز تقاضائن موجب آھن.

نصيرَ جي ڪھاڻين جو مرڪزي تصور ٿر جي بدحاليءَ ۽ اَڻ-هُوند ۾ ڪسمپرسيءَ واري انساني حالت آھي. هُن جو جتي ٿري لهجي ۽ ٿري لفظن جي ذخيرو ۽ علائقائي مشاھدو متاثر ڪندڙ آھي، اُتي سندس منظر نگاريءَ توڙي ڪھاڻيءَ هي کڻت، جو آرٽ سگهارو آھي. سندس ڪھاڻي بعنوان ” اڇوت“ ٿر ۾ سھوليتن جي اَڻ-هُوندَ، صحت جي مسئلن ۽ ٽرانسپورٽ جي تڪليفن جي بھترين عڪاسي ڪندڙ هڪ اھم ڪھاڻي آھي. هِن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته نسلي، ڌرمي ۽ طبقاتي متڀيد جي ڪري ڪيئن نه انسان ضايع ٿي رهيو آھي!؟ڪھاڻيءَ جي شروعات هڪ پرديدار عورت، جواھر سنگهه (جيڪو پرلوڪ پڌاري چڪو هو)جي گهر واريءَ ۽ اندرا سنگهه جي ماءُ ڪڇ جي جاڙيجي ٺاڪراڻيءَ سان ٿئي ٿي، جيڪا ” لاڏيءَ“ اسپتال کڻائي وڃي ٿي. ڊليوريءَ لاءِ لاڏيءَ کي بي نگيٽوِ رت جي ضرورت پوي ٿي. ھِن رت جو گروپ بيحد ڏکيو ملي ٿو، جيڪو هڪ ڀنگيءَ جو رت آھي. پر اندر سنگهه چوي ٿو ته ”ڀنگيءَ جو رت نه کپي، هي اڇوت آھي. انهيءَ جو رت اسان ڪو نه لڳائينداسين. ڀلي مريض مَري ته مري وڃي. “هِن ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ اُھو نه ٻڌايو ويو آھي ته پوءِ لاڏي مري وئي يا نه؟ توڙي جو اھا پوائنٽ فوڪس ۾ آڻڻ ڪھاڻيڪار ضروري نه سمجهي آھي، پر ڪھاڻيءَ جنهن نوعيت جي ساخت ۾ آھي، انهيءَ لاءِ هتي نتيجن جي تسلي بخش صورت ڏيڻ ضروري هئي.

نصيرَ جي هن مجموعي ۾ ٽي ڪھاڻيون بي منزل مسافر-ڳنڍو ۽ ڇڏائجي ويل هٿ، هڪ ئي موضوع ٻُوڏ جي پسِ منظر ۾ آھن. جنهن ڪري موضوعاتي يڪسانيت جنم ورتو آھي. ٽئي ڪھاڻيون روايتي سطح جون، پر سٺيون ڪھاڻيون آھن. روايت ۾ پڻ سٺيون ۽ معياري شيون ادب ۾ ڏئي سگهبيون آھن. هِنن ڪھاڻين ۾ ڏيکاريل آھن ته ٻُوڏ اچڻ وقت، سرڪار جي لاپرواھيءَ سبب ماڻهو ڪيترو نه لوڙين ٿا؟ٽرڪن ۾ سامان جيان ڍوئيا وڃن ٿا؟ ۽ ڪيترا ماڻهو بُک ڪارڻ مري وڃن ٿا. هٿرادو بند ۽ غلط ڪٽَ ڏئي ڪيئن نه ماڻهن کي ٻُوڙيو وڃي ٿو؟ هِنن ٽنهي ٻُوڏ وارين ڪھاڻين کي گڏي ناوليٽ ترتيب ڏئي سگهجي پيو. اُنهيءَ کان سواءِ، نصيرَ جون ٻيون ٻه ڪھاڻيون ” ڀيڻي ۽ پوسٽ نه ٿيل خط پڻ ٿر جي پسِ منظر ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي پاران زميني قبضن، ٿرين کي مالڪاڻا حق نه ڏيڻ جهڙن موضوعن تي تخيلي يڪسانيت ضرور ڏيکارين ٿيون، پر فڪري سطح تي هي ڪھاڻيون سنڌ ۾ حقيقت نگاريءَ جو زنده مثال آھن ۽ جديد ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ ٿر جي زمينن تي بيٺيڪي دَور جي نئين سر آغاز خلاف احتجاج بڻيل ڪھاڻيون آھن.

نصيرَ جي ڪھاڻي بعنوان ”درياھ پنٿي دل“ نامياري ڪھاڻيڪار علي بابا جي خاڪا نگاري جي علامتي ڪھاڻي آھي. منھنجي خيالَ ۾، سگهاري ڪھاڻي اُھا آھي، جيڪا عام کي خاص بڻائي، معموليءَ کي غير معمولي بنائي، پر هيءَ ڪھاڻي ” علي بابا“ جهڙي شخصيت سان انصاف ڪرڻ کان قاصر آھي. هيءَ ڪھاڻي، ڪھاڻي نه، پر مضمون لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪھاڻي پڻو پيدا ٿي نه سگهيو آھي. پنٿيءَ جو ڪردار نه ڪنھن وڏي تڪرار Conflict کي مُنهن ڏئي ٿو، نه سندس درياھ جي بحاليءَ لاءِ منظم جدوجھد آھي. ته پوءِ ڪھاڻيءَ ۾ Falling action جو مرحلو ڪٿان پيدا ٿئي؟ ڪھاڻيءَ ۾ پلاٽ ئي ڪمزور آھي ته پوءِ ڪلائيمڪس جي نوبت ڪيئن پيدا ٿئي؟ علي بابا، سڀ کان اول هڪ ليکڪ هو. سندس اديب واري حيثيت کي ڪھاڻيءَ ۾ مرڪزي حيثيت ڏيڻ گهرجي ها، بعد ۾ سندس غربت ڀريو جيون هِن ڪھاڻيءَ جي خاڪي واريءَ حيثيت جو تعين ڪري ها، جڏھن ته ان جي اُبتڙ علي بابا کي هڪ سياسي ڪارڪن لاءِ رڳو سنڌو درياھ لاءِ تڙپندي ڏيکاريو ويو آھي. نصيرَ جي هڪ ٻي ڪھاڻي” چنڊ گرھڻ“ شاعر حَسن درس جي تاثراتي خاڪي تي مشتمل ڪھاڻي آھي، جنهن ۾ حَسن درس جي يادن، احساسن ۽ شوق توڙي رولاڪيءَ جون جهلڪيون عڪس بند ڪيون ويون آھن. هيءَ ڪھاڻي پڻ ڪھاڻي نه، پر اَڪھاڻي لڳي ٿي. هِن ٻنهي ڪھاڻين ۾ ڪردار سُست يا غير متحرڪ آھن. رڳو ڪيفيتون ۽ احساس، ڪھاڻيءَ کي ڪھاڻي نٿا بڻائن. پلاٽ ۾ خارجي سطح تي ڪجهه وارد ٿئي ئي ڪونه ٿو. جڏھن خارجيت ثانوي حيثيت جي بڻجندي ته ڪيفيتن، خوابن، يادن مان بوريت جنم وٺندي آھي. هِن قِسم جون ڪھاڻيون عقل، منطقيت جي ابتڙ احساس يا تاثر جي وھڪري ۾ جذباتي طور پاڻهي لُڙھي وڃن ٿيون. سندس هڪ ٻي ڪھاڻي ” بي وسيءَ کان وڃايل سڃاڻپ“ شروع ۾ هڪ چڱي ڪھاڻي لڳي ٿي، پر ڪھاڻيءَ جي کڻت ۾ فني اوڻايون آھن. هِن ڪھاڻيءَ جي وڏي فني کوٽ هيءَ آھي ته انهيءَ ۾ ميھار جهڙي زندگيءَ سان سچي انسان جي ڪردار جي منفيت به گهڻي ڏيکاري وئي آھي، جيتري سندس ڪردار جي مثبتيت ڏنل آھي. انهيءَ سان ميھار جهڙي پورھيت ڪردار سان پڙھندڙ جون همدرديون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪھاڻي اڌ ۾ پڙھندڙ لاءِ عدم دلچسپيءَ جو باعث بڻجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ساڳيو ميھار حالتن جو ماريل مظلوم ته ساڳيو ميھار جنسي بي راھ رويءَ ڪري ايڊز جو شڪار ٿي بي موت مري ٿو. نصير جون ٻيون ڪھاڻيون جهڙوڪ والهان، ناظم ۽ خوشيءَ جو موت پڻ سُٺيون ڪھاڻيون آھن.

مجموعي طور نصيرَ ڪنڀرَ جون هن ڪھاڻي-مجموعي واريون ڪھاڻيون سماج جي خارجيت ۽ روزمره زندگيءَ جون بھترين عڪاس آھن، پر آرٽ جي پنھنجن ضابطن، قانونن يعني هيئتن تي ڪٿي ڌيان نه ڏنو ويو آھي، ڇاڪاڻ ته سندس معياري ڪھاڻين جهڙوڪ: پُشڪر-آخري انگ-ميرانجهڙا رنگ-هارايل داءُ-اڇوت ۽ بي وسيءَ کان وڃايل سڃاڻپ، جهڙين ۾ پڻ باوجود زبردست آرٽ جي، Falling action, يا فيصلائتي مرحلي تي پھچڻ وقت ڪي هلڪا ڦلڪا نقص رھجي وڃن ٿا. هُو آرزمند تصورات جي تحت ذات جي تسخير ۽ وجودي وارتائن واري پس منظر جي اُبتڙ حقيقي زندگيءَ جو حقيقي ترجمان ڪھاڻيڪار آھي، پر ڪن ڪھاڻين جي پُڄاڻيءَ ۾ هُو پنھنجي ڪمال تخليقن ۾ پڻ ساڳئي درجي جو آرٽ سان نڀاءُ ڪري نه سگهيو آھي. هُو حقيقت جي عيوض ڪٿي هيئت کي قربان ڪري وجهي ٿو. ڪنهن به طرح سندس غضب جي منظر نگاري ۽ حقيقت شناسائي متاثر ڪري ٿي ۽ هُو سنڌي ڪھاڻيءَ جو هڪ سٺو حقيقت پسند ڪھاڻيڪار آھي، پر ضرورت آھي ته هُو پنھنجي آرٽ جي قيام، آرٽ جي هم-عصري تقاضائن ۽ هيئتي قدرن ڏانهن پڻ اُوترو ئي ڌيان ڏِئي، جيترو هم-عصر زندگيءَ ۽ سماج جو هُو گَهرو مُشاھدو رکي ٿو.

 

(خليق ٻگھيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ نومبر ۲۰۲۳ع تي کنيل)




نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين ۾ Reality آهي

شبير لغاري

نصير ڪنڀر ڪهاڻي قافلي جو اهو سپاهي آهي، جنهن ٻارهن ورهين اڳ سنڌي ادب کي ”وارياسا وجود“ ڪتاب دان ڪيو هو ۽ وڏي وٿي پڄاڻا هن جو ٻيو ڪتاب ”جهرڪيون اڏامي ويون“ ڪهاڻين جي شيدائي اکين تائين پهتو آهي، سو هن جذبي عشق کي سلام. . !

پاڻ روايتي پٽاڙ کان پاسو ڪري نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين کي ڏسنداسين.

هي ڪتاب ”جهرڪيون اڏامي ويون“ پيڪاڪ پبلشر ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري ۽ بيڪ ٽائيٽل ابراهيم کرل لکيو آهي. هڪ سو پنجهتر صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ڪل سترهن ڪهاڻيون شامل آهن.

 اها خاصيت آهي تہ:

نصير ڪنڀر وٽ پنهنجو style/اسلوب آهي ۽ ان لحاظ کان هن جون سڀئي ڪهاڻيون هڪ ئي ڪارب جون معلوم ٿين ٿيون.

نصير ڪنڀر ٿر واري ڀاڱي سان تعلق رکي ٿو، سو ان جي ڪهاڻين جا اڪثر موضوع ۽ ٿاڪ ٿر/لاڙ لڳن ٿا، ڪتاب جون ڪجھ ڪهاڻيون نشانبر علائقائي آهن.

ٿر جي مقامي هئڻ ناتي نصير ڪنڀر ڪهاڻين ۾ ٿر جي طبعي بيهڪ، ريتن رواجن، رهڻي ڪهڻي، اٿ ويھ سميت زبان جي سهڻائي ۽ لهجي کي شانائتي نموني سان سمائڻ ۾ سوڀارو ٿيو آهي.

سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڊگهي قطار ۾ نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين جو پنهنجو سواد آهي، هڪ اهم خوبي تہ هن مڙني ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي حال ۽ ماضي کي کولي چٽو ڪيو آهي، جنهنڪري ڪجھ بہ مخفي ناهي. نصير جي مشاهدي جي پرک ان مان پوي ٿي تہ هن ڪتاب ۾ غير افسانوي ڪهاڻيون شامل آهن. نصير هر وقت سماجي اٿل پٿل ۽ چرپر کان خبردار ليکڪ آهي، ڪهاڻي ”ڀيڻي“ کي پڙهبو تہ ٿر جو هڪ ڳوٺاڻو دودو مزاحمت ڪندي ڪوئلي وارن کي پنهنجي زمين وڪڻڻ کان نابري واريو ويٺو آهي، جڏهن آفيسر، ڊيلر هوندل شاھ ۽ مقامي وسايو ٻني وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ۽ زوري پئسا کيسي ۾ وجهنس ٿا تہ اهي پئسا آفيسر جي پيرن ۾ اڇليندي چوي ٿو”ڳالھ ٻڌو، آئين آهيو ويڪائو، اوهان وٽ ڌرتي جو ملھ ڀلي چند روپيہ ھجي، پر مون وٽ انهي ڌرتيءَ جو مُلھ آهي ئي ڪونہ. اهڙو بي ضمير ڪونہ آهيان، جو پنهنجي ماءُ جو سودو ڪريان“ هن سميت اڪثر ڪهاڻين ۾ Dialogues ڪمال آهن.

نصير ڪهاڻين ۾ مقامي ماڻهن جو ڪيس وڙهيو آهي، ”پوسٽ نہ ٿيل خط“ ۾ جذباتي وهڪري کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪوئلي بابت لوڍو مهراڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر کي درخواست/خط لکي ٿو، ان ڪهاڻي مان ثابت ٿئي ٿو تہ هن جو قلم مظلوم ٿرين جو وڪيل آهي!

”آخري انگ“ ڪهاڻي ملھ جا نظارا پسائي ٿي تہ اٽڪلون ۽ گُر بہ سمجهائي ٿي، آمن رونجهي ۽ سڊل جمالي جي رهيل ھڪ ملھ کي کڻي ڪهاڻي کي وڌايو ويو آهي. تجسس ڪهاڻي جو جوهر هوندو آهي ۽ نصير ڪنڀر ڪنهن قدر ڪهاڻين کي وچ ۾ اڊڙڻ ناهي ڏنو.

”اڇوت“ ڪهاڻي جديد دور ۾ ناڪاري روين ۽ دقيانوسي سوچ کي پڌرو ڪري ٿي. ليکڪ ترقي يافتہ دور ۾ جهل کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وڏي ٽريجڊي کي چٽيو آهي.

نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين ۾ Reality آهي. هن جي ڪهاڻين جا ڪافي ڪردار بہ Real آهن.

ڪهاڻي ”دريا پنٿي“ دل ۾ علي بابا جي زندگي ۽ دريا جي حالت جو احوال ملي وڃي ٿو ۽ ”چنڊ گرهڻ“ ۾ شاعر حسن درس جي زندگي ۾ جهاتي پاتي وئي آهي.

ڪتاب ۾ ”پشڪر“، ”والهان“ ۽ ”جھرڪيون اڏامي ويون“ بہ سٺيون ڪهاڻيون آهن. نصير ڪنڀر جون گهڻيون ڪهاڻيون اهڙي آئيني جيان آهن، جن ۾ سماجي ڪارگذارين جو چٽو عڪس پسجي ٿو. . !

 

(شبير لغاريءَ جي فيسبڪ پوسٽ تان ۱۷ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment