Thursday, November 2, 2023

بس وڌيڪ کولَ ڪرڻ جي ضرورت ناھي - سعادت حسن منٽو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بس وڌيڪ کولَ ڪرڻ جي ضرورت ناھي

(ريخته ڪھاڻي)

ليکڪ: سعادت حسن منٽو

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھيءَ دنيا به ڏاڍي عجيب ۽ غريب آھي. خاص طور تي اڄ جو دور. قانون کي جيئن اکين ۾ سرمو وڌو ٿو وڃي، ان متعلق شايد ئي اوھان کي ڪا وڌيڪ ڄاڻ ھجي. اڄڪلھ، قانون ھڪڙي بي معنيٰ شيءِ ٿي ئي رھجي ويو آھي. ھيڏھون ڪو نئون قانون جڙيو ناھي، ھوڏھون يارن انھيءَ جو ٽوڙ ڪڍيو ناھي. تنھن کان سواءِ پنھنجي بچاءَ جون ته سوين صورتون ڪڍي ٿا وٺن. ڪنھن اخبار تي مصيبت ڪڙڪي آھي ته پئي ڪڙڪي. ان جو مالڪ محفوظ ۽ امن ۾ رھندو. ان جي ڪري جو پرنٽ لائين ۾ ڪنھن ڪاسائيءَ يا ڌوٻيءَ جو نالو، بحيثيت پرنٽر، پبلشر ۽ ايڊيٽر جي لکيل ھوندو. جيڪڏھن اخبار ۾ اھڙو ڪو ليک ڇپجي ويو، جنھن تي سرڪار کي اعتراض آھي ته اصل مالڪ جي جاءِ تي اھو ڪاسائي يا ڌوٻي پڪڙيو ويندو. مٿس ڏنڊ پوندو يا وڃي قيد ۾ پوندو. ڏنڊ ته ظاھر آھي، اخبار جو اصل مالڪ ئي ڀريندو، پر قيد جي سزا ته اھو نه ڀوڳيندو نه! ليڪن انھن ٻنھي پارٽين ۾ ان قسم جو معاھدو ٿيندو آھي ته جيڪڏھن قيد ٿيو ته ھو سندس گھر ھيترا ڪ ھيترا پئسا ھر مھيني پڄائيندو رھندو. اھڙي معاھدي ۾ ڀڃڪڙي ڪنھن قضا-نِئي ئي ٿيندي آھي. جيڪي ماڻھو، ناجائز طريقي سان شراب وڪڻن ٿا، تن وٽ به ٻه چار ماڻھو اھڙا ضرور ويٺا ھوندا آھن، جن جو ڪم ئي فقط اھو آھي ته جيڪڏھن پوليس ڇاپو ھنيو ته گرفتار اھي ٿيندا ۽ ٻه چار مھينا قيد ڪاٽي واپس اچي ويندا. ان جو معاوضو کين چڱو سڦرو ملي ويندو آھي. ڇاپو ھڻندڙ به اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيندا آھن ته اسان اچئون پيا، اوھان پنھنجو پاڻ سنڀالجو. تنھنڪري ترت انتظام ڪري وٺبو آھي. يعني مالڪ گم ٿي ويندو آھي ۽ اھي ڪرايي جا ماڻھو ئي گرفتار ٿيندا آھن. اھا به ھڪڙي قسم جي نوڪري يا ملازمت آھي. ليڪن دنيا اندر جيتريون ملازمتون آھن، تن مان ڪجھ ھن قسم جون به آھن. مان جڏھن امين پھلوان سان مليس ته اھو ٽي مھينا قيد ڪاٽي واپس موٽيو ھيو. مون کانئس پڇيو؛



”امين! ھن ڀيري جيل ۾ ڇو وئين؟“

امين مرڪيو؛

”پنھنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾.“

”ڪھڙو ڪاروبار ھيئي؟“

”جيڪو ھوندو آھي، سو ئي ھيو.“

”اڙي يار کڻي ٻڌاءِ!“

”ٻڌائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي. تو کي ته سڀ خبر آھي. خواھ مخواھ ويٺو مون کان سچيون ڪرائين؟“

مون ٿورو ترسي پوءِ چيس؛

”امين! اھو آئي ڏينھن جيل ۾ وڃڻ، وڻئي ٿو؟“

امين پھلوان مرڪيو؛

”سائين منھنجا! وڻڻ يا نه وڻڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ماڻھو مون کي پھلوان سڏيندا آھن. حالانڪ مون اڄ توڻي آکاڙي جو منھن به نه ڏٺو آھي. مان اڻ پڙھيو ماڻھو آھيان. ڪو ھنر وغيرھ به مون کي اچي ڪو نه ٿو. بس، جيل وڃڻ ئي ڏانءُ آھي. اتي خوش ھوندو آھيان. مون کي ڪا تڪليف محسوس ٿيندي ئي ناھي. اوھان ڏھاڙي آفيس ويندا آھيو. ڇا اھو جيل ناھي؟“

مون کي بس ڪرائي ڇڏيائين.

”تون ٺيڪ ٿو چئين، امين! ليڪن آفيس وڃڻ وارن جو معاملو اڃا ٻيو آھي. ماڻھو کين ڪريل نظرن سان نه ٿا ڏسن.“

”ڇو نه ٿا ڏسن! ضلعي جي ڪورٽ جا جيترا به منشي ۽ ڪلارڪ آھن، تن کي ڪير سٺي نگاھ سان ڏسندو آھي. رشوتون وٺندا آھن. ڪوڙ ڳالھائيندا آھن ۽ پھرئين جوڙ جا مڪار ھوندا آھن. مون ۾ اھڙو ڪو عيب ناھي. مان پنھنجي روزي روٽي ڏاڍي ايمانداريءَ سان ڪمائيندو آھيان.“

مون کانئس پڇيو؛ ”ڪھڙي نموني؟“

ورندي ڏنائين؛ ”اھو ھيئن ته جيڪڏھن ڪنھن جو ڪم ڪندو آھيان ۽ قيد ڪاٽيندو آھيان، جيل ۾ محنت مزوري ڪندو آھيان، موٽ ۾ ان شخص وٽان، جنھن جي خاطر مون جيل ڀوڳيو، مون کي ٻه ٽي سؤ روپيا ملي ويندا آھن، سي منھنجو معاوضو آھن. ان تي ڪنھن کي ڪھڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو. مان رشوت ته نه ٿو وٺان. حلال جي ڪمائي ٿو کاوان. ماڻھو مون کي غنڊو ٿا سمجھن. وڏو خطرناڪ غنڊو. مگر مان تو کي ٿو ٻڌايان ته مون اڄ تائين ڪنھن کي ٿَڦَ به نه ھنئي آھي. منھنجي واٽ ئي جداري آھي.“

سندس واٽ، واقعي ٻين کان، جداري ھئي. مون کي اھا حيرت لڳندي ھئي ته ٽي چار دفعا جيل ڀوڳڻ جي باوجود، ھن ماڻھوءَ منجھ ڪنھن قسم جو ڦيرو نه آيو. ھو گھڻو ڳُوڙھو ھيو. مگر ھيو ڄٽوڙ قسم جو ماڻھو. جنھن کي ڪنھن شيءِ جي ڪا پرواھ نه ھجي. قيد ڪاٽڻ بعد، جڏھن موٽي اچي ته سندس وزن، گھٽ ۾ گھٽ ڏھ پائونڊ اڃا وڌيل ھجي.

ھڪ ڏينھن مون کانئس پڇيو؛

”تو کي اتان جي ماني جِوِري ٿي؟“

ھن پنھنجي مخصوص انداز ۾ موٽ ڏني؛

”ماني ڪھڙي به ھجي، ان کي ھضم ڪرڻ، ماڻھوءَ جو ڪم آھي. مون کي دال کئون نفرت ھئي. ليڪن جڏھن مون کي اتي پھريون دفعو پٿرين واري دال ۽ واريءَ-ھڻي ماني ملي ته مون چيو؛ ’امين يار! ھيءَ ئي مڙني کان مٺي ماني آھي. پيٽ ڀري کاءُ! ۽ رب جو شڪر ڪر!‘ بس ٻن چئن ڏينھن ۾، مان عادي ٿي ويم. محنت ڪندو ھيس، ماني کائيندو ھيس ۽ ائين محسوس ڪندو ھيس، ڄڻ مون گنجي جي ھوٽل تان ڍَؤُ ڪري ماني کاڌي آھي.“

مون ھڪڙي ڏھاڙي کانئس پڇيو؛

”تو ڪڏھن ڪنھن عورت سان به محبت ڪئي آھي؟“

ھن پنھنجي ٻنھي ڪنن جون پاپڙيون پڪڙيون. ”رب بچائي اھڙي محبت کان. مون کي صرف پنھنجي امڙ سان ئي محبت آھي.“

مون کانئس پڇيو؛

”امڙ جيئري اٿئي؟“

”ھائو! رب جي فضل سان جيئري آھي. آھي جُھور. ليڪن تنھنجي دعا سان سندس پاڇو منھنجي مٿان اڃا گھڻو وقت ھلندو. ۽ اھا مون لاءِ ھر وقت پئي دعائون گھرندي رھندي آھي ته خدا مون کي نيڪ ڪري.“

مون کيس چيو؛

”رب، تنھنجي امڙ کي سلامت رکي! پر مون ته ھيءُ پڇيو ھيو ته تو کي ڪنھن عورت سان عشق ٻشق ٿيو يا نه! ڏس! ڪوڙ نه ھڻجانءِ!“

امين پھلوان، وڏي تيز لھجي ۾ چيو؛

”مون پنھنجي حياتيءَ ۾ اڄ تائين ڪوڙ ڪو نه ڳالھايو آھي. مون ڪنھن عورت سان عشق ٻشق ڪو نه ڪيو آھي.“

پڇيومانس؛ ”ڇو؟“

ورندي ڏنائين؛ ”ان ڪري جو مون کي انھن ۾ ڪا دلچسپي ڪونھي.“

مان خاموش ٿي ويس.

ٽئين ڏينھن تي سندس ماءُ مٿان اڌرنگ جو حملو ٿيو ۽ انھيءَ جھان ھلي وئي، جتان ڪو موٽيو ئي ناھي. امين پھلوان وٽ ھڪڙو پئسو به نه ھيو. ھيءُ سوڳوار ۽ ڏک ۾ دل شڪستو لڳو ويٺو ھيو جو شھر جي ھڪڙي وڏي سيٺ وٽان کيس سڏ جو نياپو اچي پھتو. ھو پنھنجي پياري امڙ جو لاش ڇڏي، ڏانھنس ھليو ويو ۽ وڃي پڇيائينس؛ ”ميان صاحب! اوھان الائي ڇو مون کي سڏايو آھي.“

ميان صاحب چيس؛

”تو کي ڇو گھرائبو آھي! ھڪڙو خاص ڪم آھي.“

امين، جنھن جي دل ۽ دماغ ۾ پنھنجي ماءُ جي ڪفن دفن جون ڦيراٽيون ھجن، تنھن پڇيس؛

”حضرت! اھو خاص ڪم ڪھڙو آھي؟“

ميان صاحب سگريٽ دکايو ۽ چوڻ لڳس؛

”بليڪ مارڪيٽ جو قصو آھي. مون کي ٻِڻڪ پئي آھي ته اڄ منھنجي گودام تي ڇاپو ھڻندا. سو مون سوچيو ته امين پھلوان ڀلو ماڻھو آھي، اھو ئي ان سان منھن ڏئي سگھي ٿو.“

امين وڏي ڏکاري ۽ ڏوگھريل لھجي ۾ چيس؛

”اوھان حڪم ڪيو! مان اوھان جي ڪھڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟“

”اڙي يار! خدمت ٻدمت واري ڳالھ تون نه ڪر! بس ايترڙي ڳالھ ڪر ته جڏھن ڇاپو لڳي ته گدام جو مالڪ تون ھج. پڪڙجي ويندين. وڌ ۾ وڌ ڏنڊ ڀرڻو پوندو پنج ھزار ۽ سالُ ٻه، قيد ڪاٽڻو پوندو.“

”مون کي ڇا ملندو؟“

”جڏھن تون ڇٽي ايندين ته سڄو معاملو طئي ڪري ڇڏينداسين.“

امين، ميان صاحب کي چيو؛

”سائين منھنجا! تمام ڊگھي ڳالھ ٿي وئي. ڏنڊ ته اوھان ڀريندئو. ليڪن قيد ته مون کي ڪاٽڻو پوندو نه! اوھان باقاعده سودو طئي ڪيو.“

ميان صاحب مرڪيو؛

”تو سان مون اڄ تائين ڪا واعدي خلافي ڪئي آھي! پٺئين ڀيري مون تو کان ونگار ورتي ۽ تو کي ٽي مھينا قيد ڪاٽڻو پيو. ٻڌاءِ جيل يا چاوڙيءَ ۾ مون تو کي ھر قسم جي سھوليت نه پھچرائي. تو پاڻ ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ مون کي چيو ھيو ته تو کي اتي ڪا تڪليف نه ٿي ھئي. جيڪڏھن تون ٿوري عرصي لاءِ جيل ھليو وئين ته اتي تو کي ھر سُکُ ملندو.“

امين چيس؛

”ھا! اھو ته سڀ ٺيڪ آ. ليڪن.“

”ليڪن ڇا؟“

اتي امين جي اکين مان ڳوڙھا ڪري پيا.

”ميان صاحب! منھنجي امڙ مري وئي آھي.“

”ڪڏھن؟“

”اڄ صبح!“

ميان صاحب ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيس؛

”ڪفنائي دفنائي ڇڏيو ھوندئي!؟“

امين جي اکين مان ڳوڙھا ڏڙھ ڏڙھ ڪرڻ لڳا.

”ميان صاحب! ھن مھل تائين ته ڪجھ نه ٿي سگھيو آھي. مون وٽ ته زھر کائڻ جي لاءِ به پائي ڪانھي.“

ميان صاحب، ٿوري جھٽ حالتن تي غور ڪيو ۽ امين کي چيائين؛

”تون ھيئن ڪر! منھنجو مطلب آ ته ڪفن دفن جو بندوبست مان ھاڻي سان ڪري ٿو ڇڏيان. تون ڪا ڳڻتي نه ڪر. بس گودام تي وڃ ۽ وڃي پنھنجي ڊيوٽي سنڀال.“

امين پنھنجي ميري قميص جي ٻانھن سان ڳوڙھا اُگھندي چيس؛

”ليڪن ميان صاحب مان! مان پنھنجي امڙ جي جنازي کي ڪلھو به نه ڏيان!“

ميان صاحب وڏي فلسفيانه انداز ۾ چيس؛

”اھي سڀ دنيا جون رسمون آھن. گذاري ويل کي دفنائڻو آھي. سو اھو ڪم ڏاڍي ڀلي نموني سان ٿي ويندو. تو کي جنازي سان وڃڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي. تنھنجي گڏجي وڃڻ سان مرحوما کي ڪھڙي راحت پھچندي. اھا ويچاري ته ھن دنيا مان چالاڻو ڪري چڪي آھي. سندس جنازي سان، ڪير به وڃي. ڪھڙو فرق ٿو پوي. اصل ۾ توھان ماڻھو آھيو ڄٽ! مان جي مري وڃان ته مون کي ڪھڙي خبر پوندي ته منھنجي جنازي ۾ ڪھڙي ڪھڙي مٽ مائٽ يا دوست يار شرڪت ڪئي ھئي. مون کي اگر ساڙي به ڇڏين ته ڪھڙو فرق پوندو. منھنجو لاش ڳجھن ۽ سرڻين جي حوالي ڪري ڇڏين ته ان جي مون کي ڪھڙي خبر پوندي. تون گھڻو جذباتي نه ٿيءُ! دنيا اندر سڀ کان ضروري شيءِ ھيءَ آھي ته پنھنجي ذات بابت سوچجي. مان ٿو پڇانءِ ته تنھنجي ڪمائيءَ جا وسيلا ڪھڙا آھن!“

امين سوچ ۾ ٻڏي ويو. ٿوري جھٽ پنھنجي عقل سارُو، سوچ ويچار ڪرڻ بعد، چيائينس؛

”سائين منھنجا! منھنجي ڪمائيءَ جي وسيلن جي اوھان کي ڄاڻ ته آھي. مون کان ڇا ٿا پڇو.“

”مون ان لاءِ پڇيم ته تو کي مون وارو ڪم ڪرڻ ۾ ڪھڙي رنڊڪ ۽ ڪھڙو دليل آھي. مان تنھنجي امڙ جي ڪفن دفن جو ھاڻي سان ئي بندوبست ڪري ٿو ڇڏيان، ٻيو جڏھن تون جيل کان موٽندين ته.“

امين پھلوان ڏاڍي بڇڙي لھجي ۾ چيس؛

”ته توھان منھنجو به بندوبست ڪري ڇڏيندئو.“

ميان صاحب وائڙو ٿي ويو؛

”تون ڪھڙيون ڳالھيون پيو ڪرين، امين پھلوان!“

 امين پھلوان اڃا تُرش لھجي ۾ چيس؛

”امين پھلوان جي ايسيءَ جي تيسي. توھان اھو ٻڌايو ته مون کي پئسا گھڻا ملندا! مان ھڪڙي ھزار کان گھٽ نه وٺندس.“

”ھڪڙو ھزار ته تمام گھڻو آھي.“

امين چيس؛

”وڌيڪ آھي يا گھٽ آ. مان ڪُجھ به نه ٿو ڄاڻان. مان جڏھن قيد ڪاٽي ايندس ته پنھنجي امڙ جي قبر پڪي ٺھرائيندس، سنگ مرمر تي. ھن جي مون سان دل ھئي.“

ميان صاحب، کيس چيو؛

”چڱو يار! ھڪڙو ھزار ئي وٺجانءِ!“

امين، ميان صاحب کي چيو؛

”چڱو ڏيو ايترا پئسا ته مان ڪفن دفن جو بندوبست ڪيان. ان کان پوءِ مان توھان جي خدمت جي اچي حاضري ڀريان ٿو.“

ميان صاحب، پنھنجي کيسي مان ٻٽون ڪڍيو؛

”ليڪن تنھنجو ڀروسو ڪھڙو آ.“

امين کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن کيس ماءُ ڀيڻ تي گار ڏني ھجي.

”ميان صاحب! توھان مون کي بي ايمان ٿا سمجھو. بي ايمان توھان آھيو. ان ڪري جو پنھنجي ڪرتوتن جو بار، منھنجي ڪلھن تي پيا اڇليو.“

ميان صاحب، موقعي شناس ھيو. سمجھي ويو ته امين بگڙجي ويو آ. تنھن ڪري يڪدم پنھنجي چرب زبان سان کيس ٿڌو ڪرڻ جي ڪيائين. ليڪن امين تي ڪو اثر نه پيو.

جڏھن ھو گھر پھتو ته ڏسي ته وھنجارڻ وارا سندس ماءُ کي آخري غسل ڏئي چڪا آھن. ڪفن به پارائي ڇڏيو اٿائون.

امين ڏاڍو حيران ٿيو ته مٿس اھا ايڏي وڏي مھرباني ڪنھن ڪئي آھي. ميان صاحب ڪئي آ! ليڪن ھن ته سودو ڪرڻ پئي گھريو. ھن ھڪڙي ھمراھ کان، جيڪو ڏولي سينگارڻ لاءِ گل وڇائي رھيو ھيو، وڃي پڇيو؛

”ھيءُ ڪھڙي ماڻھوءَ ايڏو اھتمام ڪيو آھي؟“

گلن واري جواب ڏنس؛

”سائين منھنجا! اوھان جي گھر واريءَ!“

امين چڪرائجي ويو. ٻئي ھٿ، مٿي کي ھجنس. گھري تعجب جو مظاھرو ڪري ھا، پر ماٺ ٿي ويو. گلن واري کان رڳو ايترو سو پڇيائين؛

”اھا ڪاٿي آ.“

گلن واري جواب ڏنس؛

”سائين منھنجا! اندر آ، اوھان جو انتظار پئي ڪيائين.“

امين اندر ويو. ڏسي ته ھڪ نوجوان ۽ سھڻي ڇوڪري، سندس کٽ تي چڙھيو ويٺي آھي. امين پڇيس؛

”تون ڪير آھين. ھتي ڪيئن آئي آھين.“

انھيءَ ڇوڪريءَ ورندي ڏنس؛

”مان تنھنجي زال آھيان. ھتي ڇو آئي آھيان. اھو تنھنجو سوال ئي عجيب ۽ غريب آھي.“

امين کانئس پڇيو؛

”منھنجي ته ڪا زال ئي ڪانهي! ٻڌاءِ تون ڪير آن.“

ڇوڪريءَ مرڪيو؛

”مان! ميان دين جي ڌيءُ آھيان. ساڻس جيڪا تنھنجي ڳالھ ٻولھ ٿي سا مون سموري ٻڌي. ٻيو. ٻيو.“

امين چيس؛ ”بس وڌيڪ کولَ ڪرڻ جي ضرورت ناھي.“

 

(ماھوار ھمسري آنلائين حيدرآباد جي نومبر ۲۰۲۳ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment