Sunday, November 26, 2023

آئرني، حقسانه ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيل ادب جون ٽيڪنڪس - خليق ٻگهيو

آئرني، حقسانه ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيل ادب جون ٽيڪنڪس.

(پير عبيد راشديءَ جي ڪھاڻين جو تجزيو ۽ تنقيد)

خليق ٻگهيو



ڪھاڻي ازل کان موجود آھي. تحرير اُن جي ڪارج جي ضمانت آھي. تحرير جي پيدائش انساني ڄاڻ، تفريح ۽ مسرت جو وسيلو رھيو آھي. ڪھاڻي زنده جيوت جي وقت گذرڻ جو رڪارڊ آھي. اُھو رڪارڊ تاريخ جي ”لمحي به لمحي“ جو سرمايو آھي. ڪھاڻي جيتري حياتيءَ جي مُشاھدي جي ويجهڙائي ماڻي ٿي، اُوتري سگهه پَسائي ٿي. ڪھاڻي پنھنجي جنم وقت، جيتري فن ۽ ڪرافٽ جي آويءَ ۾ پَچي ٿي. اُوتري ئي سندر، سڀاويڪ، اثرائتي ۽ سگهاري بڻجي ٿي. هر سُٺي ڪھاڻيڪار وٽ، پنھنجو ڏانءُ، هنر، لفظن جي چُونڊ ۽ لھجي جو استعمال ٿئي ٿو، جنهن کي سندس اسلوب ڪوٺيون ٿا. پير عبيد راشدي پڻ هڪ اھڙو ڪھاڻيڪار آھي، جنهن وٽ ڪھاڻي سرجڻ وارو منفرد ڏانُ آھي. سندس اسلوب ٻين ڪھاڻيڪارن کان بلڪل الڳ آھي. سندس ڪھاڻين کي، ڪھاڻيءَ جي روايتي فن جي پيروي ڪندي ڳولي سمجهي نه سگهبو. سنڌي ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي هڪ شروعات، وچ ۽ ڪلائيمڪس ٿئي ٿو. هونئنءَ عالمي سطح جي ادبي ڪھاڻيءَ جا ڪيترائي ترڪيبي جزا ٿين ٿا. جيئنءَ مدعا، منشا يا مضمون Theme، ڪردار نگاري characterization، جڙاوت يا جڙاءُ Setting، نڪته نظر Point of view، ڪھاڻي لِکڻ جو خاڪو يا منصوبو Plot، ڪردارن جي وچ ۾ مقابلو، جدوجهد، جنگ يا فساد Conflict ۽ climax، تجويز، فيصلو يا راءِ Resolution، پڌرائي، اُنهن شين ۽ پاسن جي، جيڪو سمجهڻ ڏکيو هجي ۽ اُن جي ڊزائين ڪجي Exposition، اُڀڙندڙ عمل Rising action ۽ ڪرندڙ عمل Falling action، ڪلائيمڪس وغيره، ڪن ڪھاڻين ۾ ڪھاڻيءَ جي مکيه ڪردار Protagonist ۽ مخالف ڪردار Antagonist جي عملن کي احتياط سان ڏنو ويندو آھي ۽ منظر يا نظاري Perspective وغيره تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو آھي. ڪھاڻيءَ کي سمجهڻ ۽ سرجڻ لاءِ، ڪھاڻيءَ جي مختلف جزن جو مطالعو ۽ ادراڪ لازمي هوندو آھي.



سنڌي ڪھاڻي ڪيئنءَ آھي؟ اُھا عالمي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لائق آھي يا نه؟ سنڌي ادب جي مختصر ڪھاڻي پنھنجي فني ۽ فڪري ڪائنات ۾ ڪيتري پُختي ۽ وسيع آھي؟ اُنهيءَ جا موضوع توڙي تخيلاتي سفر عالمي بدلجندڙ ادبي منظر نامي ڏانهن پانڌي آھن يا اُھا پنھنجي معاشرتي کوھ مان ٻاھر ڪونه نڪري سگهي آھي؟ اُنهيءَ ڏَس ۾ پير عبيد راشديءَ جي ڪھاڻي-ڪتاب ”ستاويھ ڊسمبر“ جو مطالعو ڪريون ٿا، جيڪو ڪھاڻي-ڪتاب ٻه هزار ٻاويھن ۾ ”مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ“ مان شايع ٿيو آھي. هن کان اڳ، پير عبيد راشديءَ جو پھريون ڪتاب بعنوان ”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون“ ٻه هزار ست ۾ شايع ٿيو هو. هن ڪتاب ستاويهه ڊسمبر ۾ سترهن مختصر ڪھاڻيون ۽ ايڪيهه مختصر مختصر ڪھاڻيون Short Short Stories ڏنيون ويون آھن. ٽوٽل اٺٽيهه ڪھاڻيون آھن. هن ڪتاب ۾ مرتضيٰ لغاريءَ جي پبلشر نوٽ کان سواءِ، مدد علي سنڌيءَ جو مھاڳ، اخلاق انصاريءَ جو تاثر ۽ خود پير عبيد راشديءَ جي پاران تحرير موجود آھي.

پير عبيد راشديءَ جون اڪثر ڪھاڻيون مقرر ترڪيبي اجزائن جو پابند نٿيون لڳن. هنن ڪھاڻين ۾ سادي سودي نموني، موضوعاتي طور صرف اهو ڏيکاريو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي زندگي ڪيئَن هئي ۽ هاڻي ڪيئَن گذري پئي؟سندس ڪھاڻين جي فني بيھڪ، فڪري لاڙا ڪھڙا ۽ ڪيئنءَ آھن؟ ۽ اھو به ڏِسڻو آھي ته سندس فڪري تاڃي-پيٽي ۾ ڪھڙا رجحان ۽ ٽيڪنڪس آھن، جيڪي جديديت پُڄاڻان دَور جي رجحانن ۽ ٽيڪنڪس سان ويجهڙائي رکن ٿا؟ سنڌي افسانوي ادب ۾ جديديت پُڄاڻان دَور جي معروضي صورتحال سنڌي ليکڪن وٽ غير ارادي يا لاشعوري طور به موجود رھي ٿي، ڇوته هن صورتحال جي دائري ۾ اڃان پورو سماج آھي. پير عبيد جي ڪھاڻين جي ڪردارن جي گهرائيءَ ۾ وڃي ڏِسبو ته انهن ۾ موجود زندگي اڪثر پلاٽ ليس آھي. جڏهن ته ڪھاڻين جي اندر مڪالما نگاري ۽ منظر نگاري ڪمال جي نظر ايندي. باقي ڪھاڻيءَ ۾ سيٽنگ ۽ ڪھاڻيءَ جي. پُڄاڻي نظر ڪونه ايندي. پير عبيد وٽ، زمان ۽ مڪان اصلي آھن، پر تخيل افسانوي آھي، سندس ڪھاڻيون پڙھندي، ڪڏھن ائينءَ محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته افسانويت نه، حقيقت پڙھي رهيا هجون. ائينءَ چئجي ته سندس ڪھاڻيون ڪنهن حد تائين جديديت پُڄاڻان جي روءِ، سان حقسانه Faction جي ويجهو آھن. حقيقت Fact ۽ افسانويت fiction جي ميلاپ سان جديد پُڄاڻان جي هيءَ ٽيڪنڪ Faction اھم ٽيڪنڪ آھي. هن ٽيڪنڪ ۾ حقيقي واقعا، جيڪي سماج جي اندر ٿين ٿا، تن ۾ افسانوي رنگ ڀريو ويندو آھي. پير عبيد جي ڪھاڻين جو جوهر ڳولجي ٿو ته اُھي اڪثر ڪنهن، ڪِن حقيقي واقعن، حقيقي شخصيتن جي تاثر مان ڦُٽندي نظر اچن ٿيون. ائينءَ لڳي ٿو ته هُو تاثر لِکندي، اُنهيءَ مان ڪھاڻي جوڙي ٿو. حقسانه Faction وارو تخليقي ادب، جيڪو حقيقي واقعن ۾ افسانويت جو عنصر رکي ٿو، تنهن کي دنيا جا ڪي ناقد ”اعليٰ صحافت“ جو درجو ڏين ٿا، پر منھنجي خيال ۾ اِھڙو ادب، پنھنجي منفرد افسانوي رنگ ڪري، صحافت کان ڪافي گهرو ۽ تخليقي ٿئي ٿو، تنهنڪري انهيءَ نڪته نظر سان متفق نٿو ٿي سگهجي. سماج ۾ وارد ٿيندڙ حادثن کي، جيئنءَ جو تيئنءَ يعني سِڌي حقيقيت ڪري لِکبو ته افسانويت يا ادب تخليقي نه رهندو، پر رپورٽ-نما بڻجي صحافتي ليک بڻجي ويندو. ادب استعاراتي، تمثيلي، تجسيمي ۽ علامتي ٿئي ٿو. انڪري فيڪشن واري ادب ۾ حقيقت ۽ افسانويت جي وچ ۾ فرق ڪڍڻ ڏکيو ٿي پوندو آھي. انتقاد تحت، ڪنهن به ڊرامي، فلم، ناول يا ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل شين جو ڪيترو مقدار حقيقي ۽ تاريخي واقعن سان واڳيل آھي ۽ ڪيترو مقدار رڳو افسانوي آھي؟ اُھو نتيجو ڪڍڻ مشڪل آھي. ڪن لغتن جي وصفن موجب، انهيءَ ڏسا ۾ ليکڪ جي پنھنجي پاران پيش ڪيل لفظ، ڪنهن حد تائين معاون بڻجي سگهن ٿا. منھنجي خيال ۾ سوال هيءُ به آھي ته ليکڪ جي اھڙن لفظن ۾ ڪي خاص نشان نه ملن ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ادب ۾ ڪيترن ئي حقيقي ۽ تاريخي واقعن کي ڪھاڻيءَ ۾ سمائڻ بعد، جيڪي نوان ڊسڪورس کلي پون ٿا، سي متضاد پڻجڻ جي امڪان کي پاڻ سان گڏ آڻين ٿا. حقسانه Faction ۽ تاريخي بيانيي Historiographic Metafiction ٻئي، جديديت پُڄاڻان جون اِھڙيون ٽيڪنڪس آھن، جيڪي وڏا بحث آڻين ٿيون. پير عبيد جي ڪھاڻين ۾ پڻ اھو فيصلو صادر نٿو ڪري سگهجي ته اُنهن مان ڪيترو حصو حقيقت ۽ ڪيترو حصو افسانويت آھي؟ پر ڪھاڻيون پڙھندي ڪِٿي حقيقي نالا ۽حقيقي جايون نظر اچن ٿيون. ياد رھي ته فيڪشن ۾ مڪالما ۽ تخيلاتي افسانوي رنگ رکن ٿا، جڏھن ته ڪھاڻي حقيقي واقعي/ شخصيتن کان متاثر هوندي آھي. جن کي نئين افسانوي رنگ سان پيش ڪيو ويندو آھي. جديديت پُڄاڻان، ائينءَ مروج حقيقتن جي جستجو يا تلاش Quest ڪندي آھي. ماورائي افسانوي ادب Metafiction پڻ جديديت پُڄاڻان جي هڪ اِھڙي ٽيڪنڪ آھي، جيڪا افسانويت ۽ حقيقت جي تعلق جي نزاڪت سمجهائي ٿي. هن ٽيڪنڪ ۾ افسانويت اندر افسانويت ڏني ويندي آھي. ڊاڪٽر ساجده پروين پنھنجي تحقيقي ڪتاب ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“ ۾ ميٽافڪشن بابت ڄاڻائي ٿي ته:

”هن جو خاص مقصد افسانوي ادب ۽ حقيقت جي پاڻ ۾ واري مصنوعي درجي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۽ جانچ پڙتال واري انداز ۾ مختلف سوال پيدا ڪرڻ آھي. پر ان جي باوجود ماورائي افسانوي ادب پنھنجي پڙھندڙن کي قطعي اِھا ڳالهه وسارڻ نٿو ڏئي ته اھي افسانوي ادب ئي پڙھي رهيا آھن. “

پير عبيد راشديءَ جي هن ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي ”ستاويهه ڊسمبر“ هڪ ٽائيٽل ڪھاڻي آھي. شروعَ ۾ ئي ھيءَ ڪھاڻي پڙهي، سندس ڪھاڻي لِکڻ جي فن بابت ڪافي ڪٿَ ڪري سگهجي ٿي. ته اھو فن، Faction ۽ Historiographic جي ڀرسان گُذري ٿو. هِن ڪھاڻيءَ ۾ بي نظير ڀٽو جي شهادت واري واقعو جي ڏينهن ۾ ورسٽي لائيف آھي. ڪھاڻي اُن حقيقي ۽ تاريخي واقعي کان متاثر ٿي به اُن واقعي سان سِڌو تعلق نٿي جوڙي، پر اُن تاريخ واري ڏينهن تي يونيورسٽيءَ جي هاسٽلس واريون ساروڻيون مڪالمن جي صورت ۾ ڪچهريءَ-نما پڌريون ڪري ٿي، جيڪي افسانوي رنگ ۾ آھن. فني طور، هيءَ ڪھاڻي ڪٿي مضمون-نما شڪل پڻ اختيار ڪري ٿي، جنهنڪري وقتي طور ڪھاڻي پڻو موڪلائي وڃي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڊيگهه جو ڪارڻ ليکڪ جون ساروڻيون ئي بڻجن ٿيون. جيڪي ڪِٿي نھايت قيمتي ته ڪِٿي اضافي ڀائنجن ٿيون. سندس تخليقيت جو غالب پاسو ماضيءَ جي وڃائجڻ ۽ ورجائڻ وارو بيهي ٿو. انڪري سندس ڪھاڻي-متن جا اڪثر حوالاتي ڪردار ماضيءَ جي سياسي نوع جي هيرو ازم جوشڪار آھن. ھُن وٽ تخليقيت جو ٻيو پاسو آتم-ڪٿائي انداز آھي. ڪھاڻيون، جيڪي تاريخ کي عڪس بند ڪن ٿيون. نئين تنقيدي ڊسڪورس جو گُهرجائو ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته ادب تخيلاتي ۽ افسانوي ٿئي ٿو، جڏهن ته تاريخ هڪ ڌار علم، موضوع ۽ مضمون پڻ آھي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته ادب هڪ آزاد ۽ خومختيار شيءِ جي وجود جو نالو آھي يا ادب پنھنجي جوهر ۾ تاريخ کان الڳ ڪو خود ڪفيل وجود نٿو رکي؟ سندس اهڙيون ڪھاڻيون، جن ۾ خارجيت، واقعا نگاري، ڪلچر يا ڌرتيءَ سان وابستگيءَ آھي، تن ڪھاڻين کي بيٺڪيت پُڄاڻان ۽ ڊائسپورا تنقيد نگاريءَ Post colonialism criticism تحت پرکي ڏِسي سگهجي ٿو ته وطن جي اتهاسي تناظر استحصالي قوتن جي زيادتي ۽ استحصال ٿيندڙن جي وچ واري فرق جو بھتر نموني ڇيد؟ تجزيو ڪري سگهجي ٿو. هِن قِسم جي تخليقي ادب کي پڙھي سمجهي سگهجي ٿو ٿه هر شيءِ، ٻي شيءِ سان جُڙيل آھي ۽ ڪا به شيءِ آزاد ڪانهي، هر شيءِ جو، نسبتي نظريي Theory Of relativity موجب، ٻي شيءِ سان سلهاڙيل آھي. جهڙيءَ طرح پير عبيد جي هِنن ڪھاڻين جو پنھنجي سماج جي گهڻ رخين شين جي پهلوئن سان تعلق آھي.

پير عبيد جيون ڪھاڻيون ڳوٺاڻي تهذيب ۽ جمالياتي حِس واريون ڪھاڻيون آھن. سندس هِن قِسم جي ڪھاڻين جي متنيت ۾ ڪِٿي رومانوي، جمالياتي، فطري ۽ نزاڪت ڀريا جملا موجود آھن. هُو فطري اظھار کي مصنوعي اظھار کان بھتر سمجهندڙ ڪھاڻيڪار آھي. سندس متنيت ۾ خيالَ کي نظمائي پيش ڪرڻ جو ڏانءُ پڌري-پٽ نمايان نظر اچي ٿو. سندس ھڪ ڪھاڻي ”اگهو انقلاب“ ۾ موجود اھڙو ڏانءُ پَسي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻيءَ جي شروعات ئي خوبصورت منظر نگاريءَ سان ڪئي وئي آھي، هن قسم جي خوبصورت منظر نگاري پڙھندڙ جي جمالياتي ڇِڪَ کي مدعو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي:

”سانجهيءَ جي مهل ھئي، سڄي ڏينهن جي ٿڪل ٽٽل سج پنهنجي آخري گهڙين جا ڪرڻا ڏاڏي سائين شاھ صدر جي روضي مبارڪ تي نڇاور پئي ڪيا. آئون ترائي ۾ بصر جي اوڙن ۾ انبن جي آخري قطار ۾ بيد مشڪ جي اوٽ ۾ ويٺل هوس. الائجي ڇو هي بيد مشڪ جا وڻ مون کي پاڻ جهڙا لڳندا آھن. پاڻ کي هجومن ۾ هوندي به بيد مشڪ جيان هيڪلو محسوس ڪيو اٿم. لڳندو اٿم ته ڄڻ ڪنهن ڪڏھن مون کي بيد مشڪ چئي سڏيو ھجي. “

پير عبيد جي مذڪوره ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي اندر آدرشي ۽ انقلابي سڏائيندڙ ڪردارن جي پَت وائکي ڪئي وئي آھي ته اُھي ڪردارَ ڪيئَن نه وقت گذرڻ سان گڏ تبديل ٿيو وڃن!؟ ڪھاڻيءَ ۾ ميان الهام الدين جو ڪردار، مرڪزي ڪردار آھي، جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ جي دوران ھڪ نظرياتي ۽ آدرشي انسان هو. ڌرتيءَ ۽ پورھيتن جون ڳالهيون شَد مَد سان ڪندو هو. هارين مزدورن کي پورھئي جو ڦل وٺي ڏيندو هو، پر ھاڻي هُو پنھنجي ئي علائقي ۾ ڌنارن ۽ مسڪينن جا پوک ۾ پوندڙ ٻڪرَ به ڏنڊ ۾ ڪُھيو ڇڏي. ظلم جي ڪاري رات تي لهي اچي ٿو ۽ روايتي وڏيرو ثابت ٿئي ٿو. اھا ذھن جي ڏڪاري صورتحال آھي ته يونيورسٽيءَ مان پڙهي ايندڙ شاگرد به زمينداريءَ ڪرڻ وقت غريبن سان ناانصافي ۽ ظلم ڪن. ڪھاڻيءَ ۾ اُن پاسي ڏانهن شعوري سَڏ ڏنل آھي. پير عبيد جي هڪ ٻي ڪھاڻي بعنوان ”نالي چڙهيو“ به ڪِن روايتي وڏيرن جي ڪردارن جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ وڏيرو الله بخش ککر ۾ کڙي هڻن مثل آھي ۽ غريبن لاءِ ارڏو ڪردار بڻجي ويل آھي ۽ ٻيو وڏيرو واجد علي خسيس ڳالهين تي نوڪرن کي ڦيهه ڏيندڙ ڪردار آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڀرپور ڪلائيمڪس ڏيڻ جي ضرورت هئي، جيڪو نظر ڪونه اچي ٿو. ڀرپور نتيجي يا پُڄاڻيءَ جي برعڪس، هيءَ ڪھاڻي رڳو صورتحال کي جيئنءَ جو تيئنءَ پيش ڪري ٿي. افلاطون اُنهيءَ ڪري ادب کي نقل جو نقل سڏيو هو. افلاطون موجب، هيءَ دنيا غيب واري اصلوڪي دنيا جو فقط پرتوُو يا نقل آھي ۽ شاعر؟ تخليقڪار رڳو نقل جو نقل ڪري ٿو يا مبالغو پيدا ڪري، معاشري کي وڌيڪ خَفي ۾ وجهي ٿو. جڏهن ته سندس شاگرد ارسطوءَ چَيو هو ته ادب رڳو نقل ڪونهي، پر ادب اُھو به ٻُڌائي ٿو ته ڇا ٿيڻ گهرجي؟ انڪري ادب جو ڪارج آھي. . پير عبيد جون اھڙيون ڪھاڻيون، جن ۾ سماجي حالتن ۽ تاريخ توڙي ڪلچر جون جيئريون جاڳنديون تصويرون هوبهو پيش ڪيون ويون آھن، سي افلاطوني ادب جي نظرئي کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سپورٽ ڪن ٿيون. يعني حقيقت نگاريءَ جو عڪس آھن، جن جي پٺيان ترقي پسند ادب جي قدرن جو سحر پڻ آھي. جڏهن ته افلاطون جي بابت برٽينيڪا انسائيڪلو پيڊيا ظاھر ڪري ٿي ته:

" According to Plato ,all realistic creations is a form of imitation: that which really exists ( in the world of ideas) is a type created by God. "

Encyclopedia Britannica www. britannica. com

جيئنءَ ته افلاطون کان ارسطوءَ جا خيال مختلف به هئا. ارسطوءَ جو خيال هو ته نقل ئي جمالياتي اصطلاح آھي. تخليقڪار حِسي ادراڪ وسيلي ڏٺل شيءِ جو تجربو عڪسي ٿو. ان ۾ جماليات ڀَري ٿو ۽ اڻپورن شين کي تخليق ۾ مڪمل ڪري ٿو. نقل ۾ حقيقيت جو رنگ ڀَري ٿو. پير عبيد جي ڪھاڻين ۾ سماج جي داخلي نظام توڙي بيروني نظام جا ٻنهي جا اثر آھن. يعني هن وٽ حقيقت نگاريءَ جو پاسو به آھي ته جماليات به آھي. معاشري جي جي عڪاسي به آھي ته جيڪو ڪجهه موجود نه آھي، اُن بابت پڻ تخيلاتي ڇِڪ آھي. ٻنهي نقادن جي ادب بابت نظرين جي تصوير ڪشي سندس ڪھاڻيون پيش ڪن ٿيون.

پير عبيد جي ڪيترن ئي ڪھاڻين ۾ مزاح/ کل ڀوڳ Funny, humorous ۽ ٽوڪبازي Satire ۽ خاص طور تي آئرنيءَ جو استعمال ملي ٿو. آئرني، مابعد جديديت جو هڪ اھم اصطلاح ۽ ادبي ٽينڪ آھي. آئرني Irony، واري صورتحال تڏهن محسوس ٿيندي آھي، جڏهن ڪنهن تي لڪل ٽوڪ ڪجي يا رومال ۾ ويڙھي مِهڻو يا طعنو ڏيڻو ڏجي. جڏهن ڪو اسان جي حد کان زياده غير ضروري ساراھ ڪندو ته ان وقت اسان کي آئرني محسوس ٿيندي. رڳو فڪشن نه، پر ادب جي هر صنف ۾ آئرنيءَ جو استعمال ڪيو ويندو آھي. شاعريءَ ۾ ڪنايي جي اندر هجو يا مزاحيه ٽوڪ هوندي آھي. اُھو به آئرنيءَ جو اندز آھي. رمز واري ٽوڪ به آئرنيءَ کي چَئي سگهجي ٿو. ڪيمبريج ڊڪشنري آئرني بابت هن طرح وصف ڏئي ٿي:

a Situation in which something which was intended to have a particular result has the opposite or a very different result:

هن وصف جو مفهوم آھي ته آئرني هڪ اھڙي صورتحال آھي، جنهن ۾ ڪنهن شيءِ؟ ڳالهه جو مقصد هڪ خاص نتيجو ڪڍڻ هو، پر نتيجو گهڻو مختلف يا متضاد وارو نڪري ٿو.

آڪسفورڊ ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمز موجب:

A subtly humorous perception of incongruity in which an apparently straightforward statement or event is given another significance by its context.

اُن جو مفهوم آھي ته آئرني ھيءُ تضاد اڀارڻ جو هڪ نرم مزاح ڀريو تاثر آھي. جنهن اندر ظاھري طور تي سڌي سادي بيان يا ترتيبوار واقعي/ گفتگو جي تسلسل کي هڪ ٻي اهميت ڏني ويندي آھي.

ميريم ويبسٽر موجب:

incongruity between the actual result of a sequence of events and the normal or expected result.

هن جو مفهوم آھي ته هڪ اھڙي صورتحال، جنهن ۾ واقعي جي اصلي ترتيب جي انجام جي برعڪس غير متوقع پڇاڙي ٿئي.

پير عبيد جي هڪ ڪھاڻيءَ جي ڪردارن جا نالا ئي آئرني ٽائيپ آھن. آئرني جا ٽي مکيه قِسم ٿين ٿا. هڪ Verbal irony ٻيو Dramatic irony ٽيون Situational irony. آئرني کي سولن سادن مثالن سان به سمجهائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پُٽ پيءُ کي ٻُڌائي ته هو امتحان ۾ ناپاس ٿيو آھي. پيءُ موٽ ۾ هُن کي چَوي ته تون هوشيار آھين. ته پيءُ جو اُھو جملو بلڪل پُٽ جي اميد جي ابتڙ آئرني جيان لڳندو. ايئن ڪو ڪردار بيوقوفانه ڳالهه ڪري، موٽَ ۾ ٻيو ڪردار هن کي چَوي ته تون عقلمند وڏو آھين، ته اُن جملي جي اندر هڪ رمز، ڪنايو، لطيف ڀوڳ ۽ طعنو موجود آھي، جنهن کي آئرني اسٽائل چي سگهون ٿا. پير عبيد جي ڪِن ڪھاڻين جي ڪردارن جا نالا ئي آئرني ٽائيپ آھن. مثال طور سندس ڪھاڻي بعنوان ”جمني شو شا “ پڙهجي ته ان ۾ ڪردارن ٻنهي پيار ڪندڙن جا نالا جمني1 جمني 2 شو، شا ڪردارن جا برجي نالا طنزيه مزاحيه ۽ منفرد غير متوقع آئرني ٽائيپ نالا آھن. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ مڪالمو آئرني ٽائيپ آھي ته ”مائي دائيمان قائما ته ارڙهن لک ڪيوسڪ ٿاڌل ھضم ڪيو ويٺي آھي. “ پير عبيد جي ٻين ڪھاڻين ۾ به ڪھاڻيءَ جي مڪالمن وچ ۾ ڪي مڪالما، لطيف مزاح، لڪل طعني، ٽوڪ، رمز ۽ ڪنايي مابعد جديديت ادب جي Irony جهڙا ملن ٿا، جن مان چند هتي ڏجن ٿا:

آنٽي نه مُئي مرغي جو وڏو پيس ۽ ليمي جي آچار سان ڄڻ اتحادي فورس ٺاھي ۽ وات مان ٺڪاءَ ڪڍيا.

راڄ جي اڪثر ٻارن جا مهانڊا وڏي ۽ وڏي جي مسيڻن نينگرن جا پينا فليڪس!

پُٽ پگهار چيڙھ جي وڻ تي چڙهي وئي آھي يا نيٽ ورڪ جي باس جي نڙيءَ ۾ ڪنڊن وانگر ڦاسي پئي آھي.

مرد ته آھي ازل کان لُٽيل ڀنڀور.

اسين سنڌي ماڻهو اکيون پورڻ ۽ هڻن ۾ عالمي چيمپيئن. اسين ڪرسيءَ تي ويهي يا ته اکيون ڏيکاريندا آھيون يا پوري ڇڏيندا آھيون.

شڪر آھي پٿرن ۽ گولين جي وسڪاري جي ڏينهن ۾ ڪتاب ٿا وسن.

هو ٻئي گڏجي ڏندين ڏاند سنڱين گابا ٿيا هئا.

ڏندين ڏاند جي اوگرائي پوائنٽ بس جو گوڙ ياد ٿي ڏياريو.

فني لحاظ کان، پير عبيد جي مذڪوره ڪھاڻي ”جمني شوشا “ جي واقعن ۾ تسلسل ڪونهي، صرف ڪردار نگاري آھي. جنهنڪري نتيجه ڪُن پلاٽ ۽ ڪلائيمڪس جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. هن ڪھاڻيءَ جي هڪ خاصيت هيءَ به آھي ته ڪردارن جي اندر ۾ درد جي خوشبوءِ آھي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آھي ته هن ڪھاڻيءَ جو مڪمل سُٽ سلجهي نه سگهيو آھي. تنهن هوندي به ڄامشورو پل ۽ لمس يونيورسٽيءَ جي زبردست منظر نگاري ڪئي وئي آھي، جيڪا منظر نگاري پڙھندڙ کي جمالياتي حظ بخشي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار ڪو وڏو تحرڪ نٿا وٺن. ايتريقدر جو ٻنهي ڪردارن جي وچ ۾ ٿيندڙ شادي به ڪو ٻُوٽو نٿي ٻاري. ڪھاڻي، پڙھندڙ تائين نتيجا ڪُن انداز ۾ اوسر نٿي ڪري. ان جا منھنجي خيال ۾ محرڪ هي آھن ته ڪھاڻيءَ جي مختلف منظر نگارين جي وچ ۾ هم آهنگيءَ جي باوجود واقعا عام رواجي نوعيت جا آھن. هن ڪھاڻيءَ جا ڪي جملا زندگيءَ ۽ سماج بابت ڪارائتي معنيٰ-خيزي ضرور ڪن ٿا، جيڪي هتي ڏجن ٿا ۽ ڏسون ٿا ته هنن جملن ۾ ٻولي؟ متن جي اندر ڪھڙا تضاد پلجن ٿا، هنن جملن جو هڪ مفهوم آھي يا نه؟ ٻولي، معنيٰ-خيزيءَ واري عمل مان ڪيئن پار پوي ٿي؟ متن، هڪ معنويت وارو ٿي سگهي ٿو يا نه؟ انهيءَ حوالي سان ڀڃ گهڙ؟ ردِ تشڪيل Deconstruction تحت پاڻ جائزو وٺون ٿا:

”پيءُ جو پيار نه ملڻ هڪ وڏو ڏک آھي.“

هن جملي جي ڀڃ گهڙ Deconstruction ڪريون ٿا ته گهڻ رخيون معنائون نڪرن ٿيون. مثال طور هن جملي جو مقصد آھي ته صرف پيءُ جو پيار ئي دنيا ۾ سڀ ڪجهه آھي، باقي رشتا ڪوڙا آھن، غير حقيقي يا غير اھم آھن. هن جملي مان اھو به ظاھر ٿئي ٿو ته ماءُ جي عظيم رشتي کان انڪار ڪيو ويو آھي. ٻي ڳالهه ته پيءُ جو پيار ڇا آھي؟ انهيءَ ۾ ابهام آھي ته پيءُ جو پيار شفقت وارو پيار آھي يا معاشي ضرورتن جي پورائيءَ ڏانهن ڇڪايل آھي. ڪٿي پيءُ جي پيار کي صرف مالي تعاون تائين محدود ته نه ڪيو ويو آھي؟ جملي ۾ زمان حال آھي ته ان مان ڇا معنيٰ نڪري ٿي ته پيءُ جو پيار ماضيءَ ۾ نه ملڻ ڏک نه هو؟ ھاڻي اسان اندازو ڪري سگهون ٿا ته غائب معنائن جي داخلا سان موجود معنائون رد ڪرڻيون پون ٿيون. ائينءَ ٻوليءَ جي اکيل ڪري اسان لاتعداد معنائن جو درشن ڪري سگهون ٿا. پر انهيءَ جو اھو به مقصد ڪونهي ته معنيٰ جي مرڪزيت مڪمل رد ٿي وئي.

”عينڪ به دوستيءَ وانگر جي هلي ته ڪافي وقت نه ته ڏينهن ٻن جو کيل تماشو!“

هن جملي جي هڪڙي. معنيٰ هيءَ آھي ته دوستي عارضي شيءَ يا قدر آھي. يعني دوستيءَ جي ڪا مستقل ضمانت ڪانهي، انڪري نه رکجي؟ عينڪ ۽ دوستي، ٻئي شيون غير پائيدار نٿيون ٿين؟ ٻيو ته عينڪ خريد ڪبي آھي ته دوستي به خريد ڪبي آھي؟ عينڪ ڌنڌلي ٿيو وڃي ٿي، جيئنءَ دوستي پراڻي ٿي ويندي آھي؟دوستي عينڪ جيترو سهارو آھي؟ ٻنهي جي خاتمي جو مُدو ڪونهي؟ ٻنهي جا ڪي مقرر اصول نه آھن؟ يا ٻئي بنا تحفظ، سار سنڀال جي ختم ٿيو وڃن؟جملو زمان حال ۾ آھي. ان جي معنيٰ اڳ ماضيءَ ۾ نه هو؟

”جڏهن راند اڌ ۾ وڃائبي آ ته سڄي عمر راند کٽڻ جو جنون دکندو رهندو آھي. “

هن جملي جي جوهر ۾ ڇا آھي؟ ڪڏهن راند اڌ ۾ نه وڃائجي نه ته پڇتاءُ رهجي ويندو. ڪا به شيءِ اڌ ۾ نه روڪجي؟ راند کان سواءِ، ٻيون سڀ شيون اڌوريون ڇڏي سگهجن ٿيون؟ راند اڌ ۾ ڇڏجي، جيئنءَ حياتيءَ ۾ جنون واري جستجو برقرار رهي. ڏک ۽ محروميءَ جي احساس کي زنده رکڻ لازمي آھي وغيره.

”انسان جانور ۽ پکي پکڻ روح سان هوندا آھن. پر جذبي ۽ موهه سواءِ زندگي هڏن جو پڃرو. “

مٿين جملي جي ڀڃ گهڙ ڪريون ٿا ته جيئنءَ ڏسجي ته متني معنائون ڪيتري آزاد فضا ۾ پرواز ڪري سگهن ٿيون. انسانن سان گڏ جانور ۽ پکي روح رکن ٿا؟ باقي جيتن، ملائڪن، جنن يا انهيءَ کان سواءِ جاندار ۽ فطرتي لقائن ۾ روح ڪونهي؟ روح جي هتي معنيٰ جوهر، مقصد، ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ توانائي آھي يا روح جوڀن آھي؟ جذبو ماڻهن جيان جانورن ۽ پکين ۾ به آھي؟ روح هتي زندگيءَ ڏانهن ڪشش آھي؟ هڏائون پڃري وارن جانورن ۽ پکين ۾ روح نه هوندو آھي؟ اھي مئل آھن. موت جو هتي تصور طبعياتي آھي يا مابعد طبيعاتي آھي؟جانورن ۽ پکين جي زندگي انسانن جهڙي هوندي آھي؟ يا ماضيءَ ۾ ائينءَ نه هوندو هو، ڇاڪاڻ ته جملو علم نحو موجب زمان حال ۾ آھي. ڪيترائي متضاد تصور ظاھر ڪن ٿا ته ٻولي/ متن يا ڪوبه جملو پنھنجي مرڪزيت هوندي به عدم مرڪزيت جو شڪار ٿئي ٿو. ٻولي غائب لاتعداد معنائن جي تهن ۾ ڍڪيل ٿئي ٿي.

جهڙي طرح پير عبيد جي ڪھاڻين ۾ ٻهراڙيءَ جي تھذيب جو تُز مشاھدو آھي، تھڙيءَ طرح سندس ڪھاڻين ۾ سنڌ جي شھري تهذيبي سماج جو گهرو ادراڪ نظر اچي ٿو. مثال طور هڪ ڪھاڻي ”کل لهڻ جو سک “ شھري ماحول نگاريءَ واري ھڪ اِھڙي تخليق آھي، جنهن ۾ مڊل ڪلاس جي عورت جو ڪردار ئي مرڪزي ڪردار آھي. ڪھاڻيءَ ۾ سمايل مقصديت اُھا ته لگزري زندگي گذاريندڙ عورتون، پنھنجي مڙسن جي معاشي حالت جي پرواھ نٿيون ڪن. اِھڙين عورتن جي اڪثريت شاھي زندگيءَ جي طلبگار رھي ٿي. ھُنن کي ليدر جا سوفسٽيڪيٽيڊ صوفا سيٽ گهرجن. اھي عورتون پنھنجي مڙسن جي ”کل لاھڻ وارو سُک “ ماڻي وٺن ٿيون. ڪن متني حصن ۾ عورتاڻي مزاج جي زبردست عڪاسي ڪئي وئي آھي. مڪالمن ۾ عورت ۽ مرد جي تصورن کي جنس به جنس طور تي نمائندگي واري ”عام تصورن “ طور پيش ڪري، سماجڪ سطح تي گهريون چُوٽون لڳايون ويون آھن. فيمنسٽ ڪھاڻين جي مد مقابل هيءَ ڪھاڻي مرداڻي مظلوميت جو سگهارو تصور تعارف پيش ڪري ٿي. اُھو به اھڙي ٽيڪنڪ سان جو ڪردار حقيقت نگاريءَ سان انتهائي ويجهڙائي ڏيکاريندڙ محسوس ٿين ٿا. ڪھاڻيڪارَ خيالَن جي ٽيڪنڪ ۽ تصورن جي ڪنڊ ڪڙڇ جي شموليت کي پڻ فنڪارانه انداز سان اھڙيءَ طرح پيش ڪري ٿو، جو رس ٰچس واري ڪا ڪنڊ مزي ۽ حظ کان خالي نظر نٿي اچي. هن ڪھاڻيءَ ۾ فني طور ڪھاڻيءَ جي اصلوڪي فن موجب، تڪرار جي عروج يا ڪردارن جي شديد ڇڪتاڻ Conflict موجود نه آھي يا ائين چئون ته ڪھاڻيءَ جو ڪو به موڙ پڙھندڙ لاءِ ڪردارن جو نازڪ وقت يا ڏکي ساعت Crisis نٿو پسائي. ٻين لفظن ۾ تڪرار عروج تي نٿو پُھچي، جتان ڪردارن جي تحرڪ تي پڙھندڙ ڪھاڻي-پڻي جي لحاظ کان تجسس حاصل ڪري سگهي، جيڪا ڳالهه، ڪھاڻيءَ جي اصلوڪي فن جي ابتڙ آھي، پر اُن جي بدلي ڪردار عملي طرح پنھنجي تحرڪ ۾ ٿڌا رکيا ويا آھن. ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي تلميح ته ڪٿي محاڪات، ڪٿي تشبيھ ته ڪٿي استعاري جي زبان جو خوبصورت استعمال ڪيو ويو آھي، جنهن مان ڪھاڻيڪار جي شاعراڻي ذوق-شوق ۽ مزاج جي سُڌ پوي ٿي. ڪھاڻيءَ جي مڪالمن ۾ پڙھندڙ جي عقليت، شعوريت يا فهم شناسيءَ لاءِ ڪافي ڪجهه موجود آھي. ڪي مڪالما هتي منطقي دليل طور رکجن ٿا:

”مرد ڀلي سون جو صوفا سيٽ ٿئي يا سونو ڪڪڙ پر وري به بيقدرو!“

”توھان عورتن کان ڪھڙي ترار تيز ۽ تکي آھي.“

”عورت ان وانگر سدائين جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيئي پيسجي، پر لهڻي ڇا؟“

”سنڌ جي سينڌ ته اڻڀي آھي، توھان ليڊيز کي ليدر جي سوفسٽيڪيٽيڊ صوفا سيٽ جو ته احساس آھي، پر مرد جي کل لهڻ جو ٽڪو به نه!

شھري تهذيب ۾ رلندڙ ڦڙندڙ واپار ڪندڙ عورتن جي جيئڻ جا انداز به پنھنجا ٿين ٿا. پير عبيد اھڙن ڪردارن جي زندگيءَ جو گهرو مشاھدو پيش ڪري ٿو. خاص ڪري اھڙين عورتن جو، جيڪي واپار ۽ گهمڻ جي بھاني سان پراون گهرن ۾ گوڏا ڀڃيو ويهيو رهن ۽ مفت ۾ کائيو پيو مزا وٺنديون رهن ٿيون. سندس ڪھاڻي ”کل جو آچار “ به اھڙين عورتن جي ڪردارن تي محيط آھي. جنهن ۾ ڪن ڪردارن جا نالا به کل جوڳا نظر اچن ٿا. ھن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ عورت جو نالو ”آنٽي نه مُئي“ ۽ سندس مڙس جو نالو ”باباءِ ريڊيو لسنر“ آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ مڪالما نگاري مزاحيه نوعَ جي آھي. عورتاڻي نفسيات جي ڀلوڙ عڪس بندي آھي. هن ڪھاڻيءَ جو ڪو پلاٽ يا ڪلائيمڪس ڪونهي، رڳو عورت ڪردارن جي گفتگو آھي، جنهن گفتگوءَ مان سڌ پوي ٿي. هن قِسم جي ڪھاڻين کي ناٽڪي انداز ۾ پُوئي ڏسندڙ لاءِ تفريح ميسر ڪري سگهجي ٿي. باقي پڙھڻ ۾ اُھو سواد ملي نٿو. هنن ڪھاڻين مان واضح ٿئي ٿو ته ادب ڪلچر کي عڪسي ٿو، جيئنءَ مٿين ڪھاڻين ۾ سنڌ جي شهري سماج ۾ عورتن جي اندروني گهرو ماحول، طرزِ زندگي، رواجن، دستورن، ثقافتن، سڀيتائي رنگ ۽ جيئڻ جي ڍنگ سان گڏوگڏ عورت زاد روين ۽ سڀائن جي عڪاسي ڪئي وئي آھي. هتي ساڳيو سوال ڪَرُ کڻي ٿو ته ادب، خود ڪفيل، پاڻ هرتو، خود مختيار، آزاد فضا ۽ مطلقيت ۽ ڪلچر، سماجيت، متمدن اوسر کان الڳ وجودي اظهار ڪرڻ جو متحمل آھي يا نه؟ اتهاس ۽ ڪلچر کي مڪمل طور تي ادب کان خارج ڪري نٿو سگهجي. ادب، تاريخ جنمي ٿو، ثقافت جي پيداوار هوندي به وڌيڪ ثقافت خلقي ٿو. پر ساڳئي وقت مذڪوره شين جو پابند به نه آھي. ادب تاريخ سازي به ڪري ٿو ته تاريخ به نه آھي ۽ ادب ڪلچر جو باني به آھي.

پير جون ڪھاڻيون، ڌرتيءَ سان والهانه محبت اظهارين ٿيون. انڪري چئي سگهجي ٿو ته هُن جو تخليقي افسانوي ادب ظاھري، ٻاھرين، خارجي سطح جي سماجي حادثن جو خارجي Extrinsic اظهار آھي. سندس ڪھاڻين جو وجودي يا اندروني ذاتي Intrinsic اظھار وارو تخليقي افسانوي ادب نه هئڻ جي برابر آھي. سندس ڪھاڻين ۾ سنڌ جا زخم آھن. سندس ڪھاڻي ”وڻجارا اڏري ويا“ پڙھڻ بعد شدت سان احساس جاڳي ٿو ته سنڌ ڌرتيءَ تي ٻاھرين آبادڪاريءَ شھري سنڌ ۾ سنڌي لوڪن لاءِ پنھنجي ئي وطن ۾ ڪيڏي نه اوپرائپ جنمي آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ شھيدن جي رت جي خوشبوءِ آھي، جيڪا ڪھاڻيءَ ۾ تاريخي واقعن جي اپٽار ڪري پيدا ٿئي ٿي. سڄڻ ۽ ساڻيهه جو اوائلي درد هن ڪھاڻيءَ ۾ تازو ٿي پوي ٿو. ڌرتيءَ جي شهرن کسجڻ واري بيوسيءَ کي نھايت فنڪارانه انداز ۾ پوئيو ويو آھي. فني تاڃي-پيٽي يا ڪھاڻيءَ جي مروج اصولن تي هيءَ ڪھاڻي توڙي جو سرجيل ڪانهي، جيئنءَ اڪثر پير عبيد جون ڪھاڻيون هونديون آھن، جن ۾ ڪٿي رڳو واقعا ٿين ٿا. پلاٽ جُڙي نٿو، نه وري روايتي فن جي پوئواري ڪندي سندس ڪھاڻيون نتيجن پٺيان سفر ڪن ٿيون. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ الڳ تجربو آھي ته ماضيءَ جي وفات ٿي ويل ڪن شخصيتن کي موجوده دَور جي زمان حال ۾ واپس آڻي ڪرداري طور پيش ڪيو ويو آھي. جمشيد نسروانجي، جنهن جو ماضيءَ ۾ ڪراچيءَ۾ ساھ هو، تنهن کي موجوده دور ۾ زنده ڏيکاري ڪراچيءَ جي صورتحال تي ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آھي. اھڙيءَ طرح ساڻس هر چند راءِ وشندس؟ وشنداس نهال جا ڪردار به موجود آھن. اھي ڪردار ماضيءَ جي سنڌ خاص ڪري ڪراچيءَ جي صورتحال کي ماضيءَ جي تاريخ سان ڀيٽين ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ افغاني پناهگيرن جي ڪٽڪن پاران سنڌ سان روا سلوڪ ۽ مورتين پٺيان وڻجارن جو بي گناھ کڄي وڃڻ جي عڪاسي ڪئي وئي آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ انتها پسنديءَ جي مذمت پڻ ملي ٿي. سندس ڪھاڻي ”چوڌريءَ جو ڪوٽ“ پڻ ڌارين جي سنڌ ۾ يلغار، ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي اوپري هجڻ وارو احساس نزاڪت سان ڀريل آھي، جڏهن ته ڪھاڻيءَ ۾ فلم اسٽار بابرا شريف واري ذڪر کي اڌورو ڦٽو ڪيو ويو آھي. پير عبيد جي ڪھاڻين ۾ بنياد پرستيءَ کي ڌڪار ۽ انساني روشن خيالي يا ترقيءَ پسنديءَ جا قدر جيڪي تخليق ڪيا ويا آھن، سي سندس مثبت ۽ تعميري خيالن جي ضمانت آھي. مثال طور سندس ڪھاڻي ”پڙهن ڪين قلوب سان“ توڙي جو طنز ۽ مزاح جا روپ پسائي ٿي، پر ساڳئي وقت ملپائيءَ ڪري انساني قدرن جي ٿيندڙ پائمالي جي پڻ عڪاس آھي. هن ڪھاڻيءَ جو ڪردار علامه زنوار ممتاز حسين سنڌي سماج مان اخذ ڪيل حقيقي ڪردار لڳي ٿو. جيڪو ورهاڱي کان اڳ ديوانن کي زبردستي طهرائي ٿو ۽ پوٽي کي خسيس ڳالهه تان ٿڦر وهائي ڪڍي ٿو. هن ڪھاڻيءَ جو سنيهو آھي ته چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق آهي ۽ بنياد پرستي لچڪ ۽ گنجائش جو موقعو نه ڏيندي آھي، جنهنڪري عملن ۾ انتها پسندي جنم وٺندي آھي، جيڪا بيحد ناڪاري شيءِ آھي. پير عبيد جي ڪھاڻي ڪيچ مڪران کي ڪارونجهر جي ميار، ۾ زبردست منظر نگاريءَ سان گڏ نيشنلزم جي تناظر ۾ لمحي جي سچائي، ڏوراپا ۽ سورهيائي Heroism ۽ شجاعت Chivalry موجود آھي. پر هيءَ به ورسٽي اسٽائل ڪھاڻي آھي. ڪھاڻيءَ ۾ واقعن جي ترتيب ۾ عدم تسلسل هجڻ ڪري پلاٽ ٻُسو لڳي ٿو. ٻيو ته هيءَ ڪھاڻي گهڻ-موضوعاتي هئڻ ڪري پڙھندڙ جي سوچ ويچار کي هم مرڪزيت Concentration مهيا ڪرڻ کان محروم آھي.

پير عبيد راشديءَ جي هن ڪتاب ”ستاويهه ڊسمبر“ ۾ ٻيون ڪھاڻيون به پڙھڻ لائق اثر دار آھي. ڪھاڻي ”سڏ وراڪو“ به شهري ماحول، ثقافتي رنگن، اتهاسي ماڳن ۽ ڌرتيءَ سان لاڳاپيل هڪ سٺي ڪهاڻي آھي. سندس ٻي ڪھاڻي ”خبر جيڪا آن ايئر نه ٿي" ٽي وي تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي معاشي مسئلن ۽ پگهارن نه ملڻ ڪري سندس تڪليفن کي سھڻي نموني اظھاريندڙ ڪھاڻي آھي. ڪھاڻي ”بغلن ۾ پليل جيت“ ۾ تعلقي ناظمي جي چونڊ هاريندڙ شخص جو ڪروڌ آھي. اُنهيءَ کان سواءِ سندس ڪھاڻيون، گم ٿيل ماڻهپو به چڱي ڪھاڻي آھي ۽ ڪھاڻي ”ڏندين ڏاند سنڱين گابو“ ۾ ڪھاڻيڪار لهجن ۽ روين جي محسوسات کي نھايت ڪرافٽ سان تخليقي رخ ڏنا آھن. ڏندين ڏاند سنڱين گابو، ڪھاڻيءَ جو اهو پھاڪاتي اصطلاح، ڪھاڻيءَ جو عنوان بڻيو آھي. ان عنوان ۾ فاعل موجود نه آھي. انڪري ان عنوان؟ جملي کي چوڻي يا پھاڪو نٿا سڏي سگهون. هونئن اھو ايڊمڪ فريز هن طرح ٻُڌبو آھي ”ڏندين ڏاند، کرين گابي“ پر لهجن جي فرق ڪري ان ورجيس يا اصطلاح ۾ شايد ڪجھ فرق ملي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن جي نزاڪتن کي وڏي ڪاريگريءَ سان عڪسيو ويو آھي. پر ڪردارن جا جهڙا نالا هئا، تن ۾ تھڙو مزاح نظر نٿو اچي.

مجموعي طور، پير عبيد راشديءَ جون ڪھاڻين جا ڪردارَ زندگيءَ جي گهرن احساسن ۾ ٻُڏل آھن. سندس هي ڪھاڻيون، نتيجه-خيزيءَ ۽ ڪھاڻي-پڻي خلقڻ جي برعڪس، زندگيءَ کي جيئنءَ جو تيئنءَ ڏيکارين ٿيون. زندگي ڪيئنءَ هجڻ گهرجي؟ ان قسم جون ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ نه هئڻ جي برابر هونديون آھن. ڪھاڻيءَ سرجڻ جي سڀني فني جُزن Components جي ابتڙ، پير عبيد جون هي ڪھاڻيون ڪرداري تاثرن-ڊائري-نما موضوعي جوهر رکن ٿيون. يعني ڪھاڻيڪار وٽ ڪھاڻيءَ جو معروض-وجود جو محرڪ مختلف شخصيتن جا خاڪا آھن. هُو شخصي سحر ۽ اثر مان، جيڪي ذھني ۽ روحاني تاثر جوِڙي ٿو، تنهن کي هُو ڪھاڻيءَ جو شعوري يا لاشعوري طور روپ بخشي وٺي ٿو. اھا سندس منفرد تخليقي ڏات ليکي سگهجي ٿي. ڪڏهن پير عبيد جي ڪھاڻين جو جنم آستان نظمي-سٽون آھن. بنيادي طور هُو شاعراڻو مزاج رکندڙ ڪھاڻيڪار آھي، جنهنڪري نظمي سِٽن مان هُو ڪھاڻين جا فڪري تاڃي پيٽو جوڙي ٿو، هُو شعوري طور، ڪھاڻيءَ جي فني اصولن جي محسني قبول ڪرڻ جي ابتڙ، خيالن جي پاڻ-هرتي احساس ۾ ڪھاڻي تخليق ڪري ٿو، جنهنڪري سندس ڪھاڻيون تاثراتي، ساروڻين ۽ آتم ڪٿائي ورق پڻ لڳن ٿيون. هن ڪھاڻي مجموعي جي مختلف ڪھاڻين ۾ حيدرآباد شھر، يونيورسٽيءَ ۽ هاسٽلس جي ماحول جو ورجاءُ پڙھندڙ کي بوريت جو احساس پڻ ڏياري ٿو. پير عبيد جي هنن ڪھاڻين ۾ رس چس، لطافت، نزاڪت، شيرين زباني، سٽن جو خوبصورت نظماڻو تخيل ۽ سنڌي ٻوليءَ جون ڪيتريون ورجيسون، پھاڪا، چَوڻيون ۽ اصطلاح سنڌي ٻوليءَ جي صحت کي تازگي ۽ توانائي ميسر ڪن ٿا، پر پروفس جون ڪجهه غلطيون پڻ سڌاريون نه ويون آھن. ڪٿي سندس ڪھاڻيون مضمون ٽائپ بڻجي وڃن ٿيون. ڪن ٿورين ڪھاڻين ۾ اضافي ڳالهيون، ڪھاڻي پڙھندڙ کي بيزار ڪن ٿيون. پيرَ جي ڪھاڻين ۾ ناسٽيلجا. ماضيءَ جي رومائنس جي وڃائجڻ جو احساس. ڳالهين مان حظ پسڻ وارو انداز موجود آھي، پر پلاٽ جي ترتيب يا واقعن جو تسلسل سندس ڪھاڻين ۾ نھايت گهٽ آھي. plot less هئڻ جي ڪري، سندس هي ڪھاڻيون، ڪھاڻيءَ جي جديديت واري دَور ۽ روايتي فن جي برعڪس، جديديت پُڄاڻان جي ٽيڪنڪ/ لاڙي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ادب Fragmentation جي ويجهو آھن. سندس ڪھاڻين ۾ پڻ فڪري بي ترتيبيءَ تحت، موضوع گهڻ رخا کلي پون ٿا. حقيقي ترتيب جي ابتڙ اھي ساروڻين ۾ ناسٽيلجا پيش ڪن ٿيون. ڪھاڻين ۾ پلاٽ جي تسلسل جي هيراڪ پڙھندڙ کي سندس ڪھاڻيون، سواد، مزو يا سڀاءُ نٿيون ڏين، پر اُھي جديديت پُڄاڻان لاڙن جي ويجهڙائي قبول ڪري وٺن ٿيون.

(ڏھاڙي ”سنڌ بيسٽ“ (سکر) ۾ ۲۶ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

(خليق ٻگھيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۵ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment