Showing posts with label وڏو، ماڻهو، دليپ، رتناڻي،. Show all posts
Showing posts with label وڏو، ماڻهو، دليپ، رتناڻي،. Show all posts

Saturday, June 14, 2014

وڏو ماڻهو - دليپ رتناڻي

وڏو ماڻهو
دليپ رتناڻي
اڄ صبح جو مون واري پراڻي سنگتي ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي فون آئي. مون فون کنئي ته آواز سُڃاتم. چيائين ته؛ ”يار! وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين، فون ئي نٿو ڪرين.“
مون کيس چيو ته؛ ”ڇا وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو فون نه ڪري يا فون دير سان ڪري؟“
چيائين ته؛ ”وڏو ماڻهو اهو آهي جيڪو لفٽ نه ڪرائي ۽ فون اٽينڊ نه ڪري. جنهن سان ملڻ لاءِ سفارشي هٿ ڪجن ۽ پوءِ به ملاقات لاءِ راضي نه ٿئي ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهي.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته؛ ”اهي نشانيون ته ٽه پتائي قسم جي ماڻهوءَ جون آهن.“