لاٽ
جمال ابڙو
اکين مان وھندڙ نشو، ڪارا ھڙٻاٽيون لِڱ، ڦڏيون
ٽَنگون، چِٻو مـُنھن ۽ گُهڻون آواز، بڇان وٺيو وڃي. ھيءَ ڪاري ٺوٺ جھڙي زندگي، توبه!
جڏھن انھي ساڳيءَ دونھاٽيل ۽ ڪاراٽيل انسان جي
ڀونگيءَ اڳيان روز شام جو، ٽن مارنگن وچ ۾ باهه جي لاٽ ڏسبي ھئي ته ائين محسوس ڪبو ھو، ڄڻ نج زندگيءَ جي لاٽ جرڪي
اٿي. ان زندگيءَ جي لاٽ کي جرڪائڻ لاءِ
ھـُن ڇا ڇا نه ڪيو ھو.
