Wednesday, January 2, 2013

پيار - رياضت ٻرڙو


پيار
رياضت ٻرڙو                                                

ڌرتي آسمان کي درد منجھان ڏسندي رهي.
آسمان کي ڪا پرواهه نه هئي ته ڌرتي کيس مسلسل ڏسي رهي آهي.
ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو مفاصلو هو، ان تي اديبن ۽ نثرنويسن پنهنجين تخليقن ۾ وڏي طبع آزمائي ڪئي هئي، پر ڌرتيءَ ۽ آسمان کي ان بابت ڪا به آگاهي نه هئي.

آسمان اڻ مَئي سمئه جيان پکڙيل هو ۽ ڌرتي ابتدائي پَل جيتري مَس هئي.
ان ابتدائي پل مان وڇوڙي جِي دانهن اڻ مئي سمئه ۾ سمائجي وئي.
آسمان مان هڪ ستارو ڪِريو ۽ ڌرتيءَ ڏانهن وڌندي فنا جي اونداهيءَ ۾ وڃائجي ويو.
ان وقت کان ــــــ
پيار سوجھرو آهي
۽ پيار اونداهي به آهي.
تو کي سوجھرو مليو آهي ۽ مون کي اونداهه.

***

No comments:

Post a Comment