Sunday, December 23, 2012

مُرشد، مايا ۽ جوڳي - ڪريم لغاري


مُرشد، مايا ۽ جوڳي
ڪريم لغاري
هو چنگچي رڪشا مان لهي واسينگ جي واهيري، ٽُٻڻي کي بگري ۾ وجهي ۽ بگري کي ڪڇ ۾ هڻي شهر ۾ لڳندڙ مال پِڙي ۾ ائين ڪاهي پيو جيئن پوليس جي موبائيل ڳوٺن ۾ ڪاهي پوندي آهي.
هڪ پاسي ٽائون آفيس واري پوٺي تي بيٺل مال جا ڌڻ، ماڻهو ۽ مختلف شيون کپائيندڙ گهورڙين جي رش، ٻئي پاسي چانور، چڻا ۽ بوتلون کپائيندڙن جا گاڏا بيٺل هُئا. جوڳي انهن گاڏن جي وچ واري رستي ۾ لهي پيو ۽ ڪٿي پنهنجي ويهڻ لاءِ جڳهه جي ڳولها ڪرڻ لڳو. نيٺ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون هڻڻ کانپوءِ کيس هڪڙي سنياسي جي ڀر ۾ هڪڙي جڳهه ملي وئي، هو ديوار جي پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ سمورو سامان کولي پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو. اچانڪ هڪڙي پاسي کان ڪنهن سندس ساڄي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي ٻاهر هلڻ جو چيو. جوڳي جي چهري تي احتجاج لهي آيو، پر هو بنا ڪجهه چوڻ جي پنهنجو سامان ميڙي همراهه سان هڪڙي پاسي نڪري آيو.


همراهه سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو، توکي هِتي پِن ڪرڻ جي ڪنهن موڪل ڏني آهي....؟
بابا آئون ته پِنان ئي ڪو نه ۽ ٻيو ته هي مولا جو فرش آهي هتي وري موڪل ڇا جي؟
جوڳي صفا وائڙو ٿي ويو، جهڙوڪر هو شيش نانگ جي اڳيان بيٺو هجي. ڇو جو جوڳي هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن کان پرميشن ڪا نه گهُري هئي.
همراهه جوڳي جي گيڙو جُبي واري ڪُلهي جي ڪپڙي ۾ مضبوطي سان جهليندي چيو، فرش ڪنهن جو به هُجي ٺيڪو ته اسان جو آهي نه. هي سامهون ڏسين پيو جڏو فقير. بيئرنگن واري گاڏي تي چڙهي پن ڪندڙ فقير ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، انهيءَ پنج سؤ رپيا ڏئي موڪل ورتي آهي، تون وري.... ها تون وري مُفت ۾ منڊلي ٿو کولين....
پريان روڊ تي منڊو ۽ انڌو فقير جيڪو پن ڪري رهيو هو، جنهن جي سُريلي صدا ڪوئا مار زهر کپائيندڙ جي لائوڊ اسپيڪر ۽ لاهوتي شربت واري جي لائوڊ اسپيڪر جي شور جي هوندي به صاف ٻُڌڻ ۾ پئي آئي. جوڳي شهري فقير ڏانهن ڏسندي چيو. بابلا اسان مسڪين آهيون هو هِتي جا شهري آهن، هِنن جا ٻيا به واهڻ هوندا بس هڪڙو پهر ويهڻ ڏيو پوءِ آئون ڪنهن پاسي رَمي ويندس.
همراهه صفا آڪڙجي پيو ۽ چيائين: لڳي ٿو مون واري ڳالهه تو کي سمجهه ۾ ڪو نه آئي...؟
جوڳي جهڪو ٿيندي چيس؛ نه نه ابا تون به صحيح ٿو چوين....
ته پوءِ پئسا ڪڍ نه...
جوڳي اڳ کان وڌيڪ جهيڻي آواز ۾ چيس؛ ڪٿان آڻيان پئسا؟
ته پوءِ هِتان هليو وڃ.
جوڳي جي چهري مٿان صحرا جي بُک ۽ اداسي لهي آئي، همراهه جي چهري ۾ غور سان ڏسندي نرم لهجي ۾ ڳالهائيندي چيائين: پُٽ اسان غريب ماڻهو آهيون، اڳئين شهر جي ڪڇ ۾ ڪلهه ئي اچي ويٺا آهيون، اسان کي اُهو ساريل ته ڪو نه هو ته هِتي پنڻ جو به ڀاڙو ڏيڻو پوندو آهي.... آئون اوهان کي ڀاڙو ڏيندس پر پڇاڙي ۾، بس مون کي موڪل ڏي ته لوڪ کي ريجهايان...
پئسا آخر ۾؟ سواليه انداز ۾ چيائين. همراهه ويو وڌندو ۽ سندس آڪڙ جي ڪا به حد نه رهي.
مُرشد ڄاڻان آخر ۾ ڏيندس...
جوڳي بگري مَٿان هٿ رکندي عاجزي سان چيو.
معنيٰ اسان کي پيو ٽيلر فِٽ ڪرين.... پنجن سون لاءِ تو کي ڪير ڳوليندو؟
همراهه کيسي مان فون ڪڍندي، چئي ويو. موبائل فون ڪن تي رکندي کن پل جي خاموشي کانپوءِ.
ها وزير ٿورو هيڏانهن اچ...
درگاهه وٽ... ها لاهوتي جي گاڏي کان اڳيان....
ها خير آهي پر جلدي.
منٽ ۾ ٻيو همراهه پهچي ويو ايندي ئي چئي ويو.
ڏي خبر؟ هي بلا ڪير آهي؟
يار هِن مان ته لڳي ويا آهيون، نانگ نچائي پئسا ٿو روڙي پاڻ کي پنج سؤ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. صفا آخري ٿيو بيٺو آهي.
معنيٰ ليڪو....
وزير تون ڏسينس ڀلا....
فقير.. او پريان هوٽل جي اڳيان انڌو مُلتاني جهونو چادري واري ڇوڪري ساڻ ڪري پني رهيو آهي نه ڏسين پيو انهي ۲ هزار ۾ هي پاسو ورتو آهي، تون شايد نئون آهين؟
هوٽل جي اڳيان جهونو هڪ جوان عورت جي ڪلهي تي هٿ رکيو بيٺو هو ۽ ٻيو هٿ ماڻهن ڏانهن وڌائيندي صدا هڻي رهيو هو. انهيءَ طرف اشارو ڪندي چيائين. جوڳي سڀ ڪجهه سمجهي چُڪو هو، پنهنجي پاڻ ۾ صحرا جيترو وسيع اعتماد پيدا ڪندي چيائين؛
آئون اوهان جي وڏن جيترو آهيان، منهنجي ٻچن جي روزي آهي، مون کي روزي ڪرڻ ڏيو، پوءِ آئون اوهان جي پتي اوهان کي ڏئي پوءِ ويندس.
سندس ڪنن ۾ پاتل ڪن چير (ڪن ڦاڙ) سندس ڳچي ۾ پاتل بلائن جا ڪرنگا، پٿر ۽ ٽُٻڻي وارو واسينگ گواهه هو ته هي جهونو صحرائي ماڻهو عظيم سيلاني جوڳي آهي. هي ڪو عام پينو فقير ناهي بلڪ هڪ ميراث ۾ مليل جوڳ جي فرض کي نڀائي رهيو آهي. اهو به ته هن ڪڏهن ائين سوچيو به نه هوندو ته سندس ڌرتي جي عظيم پَٽَ مٿان کيس ائين بي آبرو ڪيو ويندو ۽ هٿرادو پنڻا پيدا ڪيا ويندا ۽ پن جو به هڪڙو ڪاروبار هوندو ۽ انهيءَ ڪاروبار جا به ٺيڪا ڏنا ويندا، جيڪي غُنڊا، لوفر ۽ ڦورو ماڻهو خريد ڪندا ۽ جتي هو به ڦاسي پوندو ۽ ڪجهه به ڪو نه ڪري سگهندو....
همراهه صفا ڏمرجي پيو ۽ چيائين، وزير هن ڄٽ جي پُٽ کي پڙي مان ڌڪا ڏئي ڪڍڻو پوندو.
جوڳي اهڙي لفظ کي ٻڌندي ئي چئي ويو.
نه سائين آئون هلان پيو وري ڪو ٻيو ماڳ.... وري ڪي ٻيا پتڻ. اڙي تون ڪو صفا.... وري وات....
ٺيڪيدار جا همراهه آپي مان نڪري ويا ۽ ڳرا هٿ جوڳي جي گيڙو ويس تي اُلري آيا. ڪڻٺا، پٿر، نانگن جون هڏيون ۽ بگري زمين تي وڃي پيا، بگري مان جڙين ٻوٽين، نانگ جي مڻ، پٿرن ۽ سوکڙين واري ڳوٿري اڇلائجي وڃي پري پئي ۽ کُلي وئي، تنهن کانپوءِ ڪِشتو، مُرلي ۽ ٽٻڻي جهڙو نازڪ سامان به وکري ويو، زورائتي اُڇل جي ڪري ٽُٻڻي جو مٿيون حصو کُلي ويو، جنهن مان نانگ نِڪري هڪ پاسي سرڻ لڳو، نانگ جي خوف ۽ حراس جي ڪري ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي ويو. ماڻهو هڪ کان ٻئي پاسي ڊوڙڻ لڳا ۽ ماڻهن ۾ دانهن پئجي وئي. نتيجي ۾ مال ٽوڙائجي ويو ۽ سڄي پڙي انتشار جو شڪار ٿي وئي.
کن پل ۾ پوليس پهچي وئي، جنهن معاملي کي الٽو ڪندي ٺيڪيدار جي ڪارندن جي چوڻ تي جوڳي کي ورائي کڻي موبائيل ۾ ويهاريو ۽ ٿاڻي تي کڻي آيا.
ٿاڻي جي اڳيان وڻن جي ڇانوَ ۾ ڪرسي رکي ويٺل هيڊ مُهرر (وڏي منشي) اڳيان پيش ڪندي هڪڙي سپاهي چيو؛
وڏا هِن مال پِڙي ۾ وڃي ماڻهن جي ميڙ ۾ نانگ ڇڏيو اٿئي.
جهوني جوڳي جا ٻئي هٿ جُڙي ويا.... نه سائين آئون مِسڪين.... منشي جوڳي جي ڳالهه ڪٽيندي سپاهين کي حڪم ڏنو:
ته پوءِ هڻوس اندر ڇا پيا ڏسو؟
جوڳي کي ويندي مهل منشي چتائيندي چيو معنيٰ ته؛ تون خودڪش بمبارن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهين، ماڻهن تي بلائون ٿو بڇين.... خبر اٿئي ڪهڙي ڏوهه ۾ ويندين؟
بابا سائين مون کي مُرشد ڄاڻي آئون ائين نه پيو ڪري ڄاڻان....
جوڳي ويندي- ويندي گوڏن ڀر ويهي رهيو ۽ ڏکاري آواز ۾ چيائين.
اچانڪ هڪڙي سپاهي گيٽ کان ايندي رڙ ڪئي...
ٽائون واري آفيس ۾ نانگ مارجي ويو آهي ۽ رش ٽُٽي چُڪي آهي.
رپورٽ اها آهي ته نانگ تمام زهريلو هُيو ۽ وڏي ويڙهه کانپوءِ مُئو آهي، جنهن جي خلق گواهه آهي. پڙي جا ٺيڪيدار، واپاري ۽ ايس ايڇ او صاحب ٿاڻي تي پهچڻ وارا آهن.
وڏي مُنشي رڙ ڪندي جمعدار ڏانهن مُنهن ڪري چيو، جمعدار هن کي هڻ لاڪپ ۾ ته ڪريونس ڪرپ جي حوالي.
معتبر ٿيو آهي نانگ ٿو بڇي ماڻهن تي. اسان مري ويا آهيون. کن پل ۾ ٿاڻو واپارين، سيٺن، پڙي جي ٺيڪيدارن ۽ پوليس جي ماڻهن سان ڀرجي ويو ۽ هر ڪو پنهنجي باهه پيو ڇنڊي.
عظيم جوڳي پاڻ سان ٿيل وارتا تي ماٺاريل سمونڊ بڻيو هڪڙي ڪُنڊ ۾ ويٺو رهيو. ٻيو ته هو ڇا پئي چئي سگهيو هُن کي خبر هُئي ته هي دؤر بي حسي جو آهي. هتي ماڻهن کي اها به خبر ناهي ته جوڳي پنڻا فقير نه هوندا آهن، بلڪ اُهي ڪهيرين، مدارين ۽ سرڪس جي فنڪارن جيان آرٽسٽ هوندا آهن. هو نانگ پنڻ لاءِ ڪو نه پاليندا آهن، بلڪ پنهنجي مهان سڃاڻپ کي زندهه رکڻ لاءِ پاليندا آهن ۽ هتي اها به ڪنهن کي خبر نه هئي ته جوڳي پنهنجي مُرشد جي پوئيواري ڪندي سڀ کان پهرين نانگ کي زهر کان پاڪ ڪندا آهن، جيئن هو عام ماڻهن لاءِ نقصان پهچائيندڙ ثابت نه ٿئي. جوڳي جي انهيءَ عظمت کان سمورا اڻ واقف هُئا، انهن کي ڪهڙي خبر ته جوڳي پاڻ ته مري سگهي ٿو پر نانگ ڪنهن تي ڪُتن وانگر نٿو بڇي سگهي. اهو ڪم ته مجيرين جو ۽ پوليس جو آهي، جيڪو اهي ٻئي ڌريون شروع کان هيل تائين بنا روڪ جي ڪنديون اچن.
مٿان ٻئي سپاهي وڏي مُنشي جي آفيس ۾ ايندي چيو؛ وڏا جاءِ واردات تان سمورا هٿيار ۽ اوزار هٿ اچي ويا آهن، جيڪي اسان پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن.
يعني پراپرٽي.... هڻوس زهر وارا ماجون ۽ خطرناڪ بلائون ۽ ڪوراڙون ته ياد ڪري.... هي به تياري سان آيو هو واردات ڪرڻ.
جوڳي حوالات ۾ اهڙيون خبرون ٻڌندي هٿ جوڙيندي سپاهي کي چيو؛ سائين اهو نِسورو ڪوڙ آهي، اسين سنئينکيو ۽ زهريليون بلائون رکون ئي ڪو نه.... هي ڇو پيا چون؟
صفا روئڻ هارڪي آواز ۾ چيائين.
سپاهي هلي اچي جوڳي جي اڳيان بيٺو ۽ هلڪي آواز ۾ چيائين؛
رکندو هوندين تون به.
جوڳي وڏي آواز ۾ چئي ويو.
اسين جوڳي ائين ناهيون....
سپاهي چيس؛ فقراهه ماٺ ڪري ويهي ٻُڌ هن...... هلڪي گار..... جون خبرون... ڪجهه ڪو نه ٿيندو مڙئي ڪنهن غريب کي ڦاٿو نه ڏسن گار ڏيندي چيائين پوءِ پيا گند ڪندا.
ڪجهه دير کانپوءِ وڏي مُنشي جي آفيس کان سمورا واپاري ۽ ٺيڪيدار مين گيٽ ڏانهن وڃڻ لڳا. هو تاڙيون ملائيندا ۽ ٽهڪ ڏيندا ٿاڻو خالي ڪري هليا ويا ۽ وڏو مُنشي حوالات جي دروازي جي ٻاهران اچي ويٺو ۽ سگريٽ جا ڪش هڻندي چيائين؛ جمعدار ڏي خبر جوڳي جي اڳيان پويان ڪير آهي يا تو وانگر صفا سُڃو آهي. جمعدار ترس ڀريل لهجي ۾ چيو؛ وڏا هي همراهه فقراهه اٿئي. ٻي ڳالهه ته هنن جي ذات وڏي اٿئي ڏيندا ٽڪو به ڪونه. ٿاڻي جي اڳيان اچي گوڙ ڪندا، هي پاڻ وارا چڱا مڙس پوءِ لڀندا ئي ڪو نه. ڏنڊو وري پنهنجي ڪَنڌ ۾. ٻيلي ڏاهو ٿي. فقراهه مان هٿ ڪڍ. دُعا ڪندو مسڪين آهي.....
ڏي خبر فقير! پويان وارا همراهه ميڙ کڻي ايندا ڇا؟
مُنشي مذاق واري انداز ۾ چيو.
سائين ڪُڙم ته ججهو اٿم پر جڏهن سار لهن.
ڏي خبر نانگ ٽوڙائي ويو هو يا ڪڍئيس هٿ ته وڃي چُڳي اچي؟
ٿاڻي ۾ سپاهين جا ٽهڪ وکري ويا.
نه سائين آئون ڇو ڇڏيندس، همراهن مون کي ڌڪا ڏنا آئون مڙهو ماڻهو سامان نه سنڀالي سگهيس.... نانگ اڳئي ارهو سري ٿيو روانو.
جوڳي پگهر سُڪائيندي آرام سان چئي ويو.
فقراهه تو وارو فقير ٻه... ٽي ڪيرائي وجهي ها ته ڪم ڀلو هو....
منشي سوٽو هڻندي چيو....
نه سائين هُن جو زهر ڇاڻيل هو....
جمعدار فقراهه کي چانهن پياريو ۽ روانو ڪريوس. ڇا ياد ڪندو نانگ ته هونئن ئي مارايو وڃي. سجهندي ڇڏيوس ته وڃي ڪنهن ٻي بلا جي بندوست لاءِ جهنگ جهاڙي....
جوڳي سمجهي ويو ته ماڻهپو اڃا مُئو ناهي، سرهو ٿيندي چيائين؛ سائين منهنجو سامان....
جمعدار جوڳي جي ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ ترس فقير رش ٽري. پوءِ نڪرجان متان نانگ وانگر ماري نه وجهنئي....
ٿوري دير کانپوءِ سمورو سامان جوڳي جي حوالي ڪيو ويو ۽ هو اٿڻ لڳو. بس انهيءَ لمحي جمعدار جو موبائل فون حرڪت ۾ اچي ويو، جنهن منجهان لتا جو آواز جاڳي پيو؛ ”پنک هوتي تو اُڙ آتي“
هيلو... جي ڇا ٿيو؟ پريان ڪنهن تڪڙو ڳالهائيندي چيو. ادا وارو ڪريو جلدي پهچو.... پڙي ۾ رئيس واري ڍورن مان ڪا ڍڳي ڇتي ٿي پئي آهي، صفا ملڪ مٿي تي کنيو بيٺي آهي. چون پيا ڇتي ڪُتي جي کاڌل هئي، رئيسن پڙي تي کپائڻ لاءِ موڪلي هُئي. هاڻ ڇا ڪريون. رش ڏسي صفا چالو ٿي وئي آهي. ٺيڪ آهي......... ڏسون ٿا.... اڳيان ڪچو اکر ڳالهائيندي فون بند ڪري ڇڏيائين.
جمعدار وري ڇا ٿيو؟
وڏي منشي آخري ڪش هڻندي چيو.
يار هاڻ ڍڳي کي اسان ڇا ڪريون؟ رئيس جي آهي ته ڇڏي ڏين ڀلي شهر جي صفائي ڪري.... هي چون پيا توهان اچي ڇتي ڪُتي جي کاڌل ڍڳي کي منهن ڏيو جهڙوڪر ڍڳي ڪو رهزن ڌاڙيل آهي....
جمعدار شديد ڪاوڙ واري انداز ۾ چئي ويو.
ڪمدار آچر سدائين ائين ڪندو آهي. هاڻ هڻونس ٿا بندوق ته رئيس ڪاوڙجي پوندا ۽ ڇڏيونس ٿا ته سُڀاڻي سڄو شهر ڇتو ٿي پوندو. بهرحال هلي ڏيوس منهن، ڪريوس بند.....
منشي بيزاريءَ واري انداز ۾ چئي ويو....
خُدا ڪري ٽائون ۾ ڪاهه پوي. جمعدار ٽهڪ ڏيندي چيو.
خبر ناهي ڪهڙي علائقي ۾ ٽانڊا ڏيو بيٺي آهي....؟ مري وياسين.
منشي وٽ وري ڪال.... سائين ڇا پيا ڪريو....؟
ڇا پيا ڪريون؟ جوڳي تي ايف آءِ آر پيا هڻون. ڪم ۾ لڳا پيا آهيون....
وارو ڪريو پڙي ٽُٽي ويندي....
موبائل جو پاور آف ڪندي چيائين، پڙي ٽُٽي ويندي....... جمعدار ڏس هنن کي مُرڳو اسان جي ڳچي ۾ نه پون.
سائين آئون هلان....؟
جوڳي وري به هٿ جوڙيندي چيو؛
چڱو.... فقراهه... دُعا ڪجانءِ.
مُنشي آفيس ڏانهن ويندي چيو.
جوڳي هارايل جواري جيان پوليس اسٽيشن جي مين گيٽ جي اڳيان اچي بيٺو، جتي ماڻهن ۾ انتشار هو هرڪو پنهنجو سر بچائڻ جي چڪر ۾ هو. رستي تان ماڻهو ائين گذري رهيا هُئا جهڙوڪر شهر ۾ ڪنهن بم جو افواهه هلائي ڇڏيو هجي.
جوڳي پڙي ڏانهن ويندڙ روڊ جي پاسي ۾ پان جي ڪئبين وٽ بيهي رهيو. اچانڪ خبر پئي ته ڇتي ڳئون هِن طرف اچي رهي آهي.
جوڳي پڙي ڏانهن ڏٺو، جتان ماڻهن جا هجوم شهر طرف ڊوڙي رهيا هئا. اچانڪ جوڳي کي اهو جڏو فقير نظر آيو، جيڪو بيئرنگن واري ريڙهي تي چڙهي پن ڪري رهيو هو، جيڪو شهر ڏانهن پنهنجي پاڻ کي پاڻهي ڌڪڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هو ۽ جوڳي کان ڪو پنجاهه ميٽرن جي فاصلي تي هو. اچانڪ ماڻهن جي ميڙ کي چيريندي رئيس واري ڇتي ڳئون وارد ٿي ۽ انڌي توڙي جڏي فقير جي بلڪل پويان روڊ تي ڪنڌ نوائي ڊوڙڻ لڳي. جوڳي آخري لمحي ۾ فيصلو ڪندي جڏي ڏانهن ڊوڙ ڪئي. جڏي پوئتي ڏٺو راڪاس ڍڳي تمام ويجهو پهچي چڪي هُئي، کن پل ۾ هو ڪاٺ جي ريڙهي تي اٿي بيٺو ۽ هڪ طرف ڊوڙندي نظر آيو، هُن جوڳي کي پهچڻ جي وٿي ڪا نه ڏني.
جوڳي ڇال هڻي روڊ جي پاسي ۾ بيهي رهيو. راڪشس ڳئون گذري وئي، انڌو ۽ منڊو فقير ڀڄي ويو....
جهونو جوڳي پيشاني تي هٿ هڻندي پنهنجي پاڻ کي چئي ويو.
پرنام مُرشد! تنهنجي مايا کي، اُهو اٿئي ڀاڙي جو ڪار ونهوار.

No comments:

Post a Comment