Sunday, December 16, 2012

بَنگُل - مٺل جسڪاڻي


بَنگُل
مٺل جسڪاڻي
بنگُل ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو، سا خبر نه آهي، البت اسين ننڍا هئاسين، ستر واري ڏهاڪي جي پڇاڙي وارن سالن ۾، سندس والدين لڏو کڻي، ان ئي ڳوٺ جي ان ئي پاڙي، بلڪ ان ئي ويڙهي ۾، پنهنجو گهر اڏي، اچي رهيا هئا، جنهن ۾ اسان جو به گهر هو... هن نئين گهر ۾ موٽيل عمر جو هڪ مرد ۽ هڪ عورت جڏهن ته ٽي ڳڀرو نوجوان ڀاتي هئا. اسان ننڍا هئاسين، ان ڪري شروع ۾ صرف ايتري خبر پئي ته نانا جا مائٽ آهن. موٽيل عمر جي مرد ۽ عورت کي اسين ننڍا ٻار زال مڙس ۽ باقي ٽنهي ڳڀرو نوجوانن کي ڀائر سمجهندا هئاسين، پر اڳتي هلي خبر پئي ته مرد ۽ مائي، پاڻ ۾ ڀيڻ ڀاءُ هئا. ڀيڻ جو گهر وارو ۽ ڀاءُ جي گهر واري فوت ٿي ويا هئا. ڀاءُ جا ٻه پُٽ هاشم ۽ بنگل، ڀيڻ جو هڪ پُٽ علي آهي.

مون کي ياد آهي، منهنجون اکيون خراب ٿي پيون هيون، والده چيو؛ اکيون اٿي پيون اٿيئي، وڃ حقي جو پاڻي وٺي اچ، ان جا ڇنڊا هڻ ته اکيون چاڪ چڱيون ڀليون ٿي پون. اهو حقي جو پاڻي يا ڪڏهن ضرورت جي ڪا ٻي شيءِ، آئون بنگُل جي گهران کڻڻ ويندو هئس. هو اسان کان به ڪجهه وٺندا هئا...
اهو بنگُل، هر هاري به رهيو، کُلي مزدوري، ڪڏهن ڪٿي تاريخ لڳي ته ڪڏهن نه، اهڙي ڇڙي مزدوري به ڪئي. پنهنجي دور جو چور به هو. ڪڏهن چغلي، جوُڻي تي، ته ڪڏهن شڪ ۾ يا وري سڳ سوڌو به گرفتار ٿيندو هو، پر مار جو اهڙو پڪو، جو سچي نه ڪندو هو. اسان ننڍا هئاسين، وڏن جي واتان ٻڌو هئوسين، ٽنڊو محمد خان ۾ چوري ڪندي جهلجي پيو هو. پوليس مار ڏئي ڪجهه سچي نه ڪرائي سگهي، ته ٻيون به سڀ سختيون ساڻس ڪيائين. اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري اڃيو بکيو رکڻ کان ويندي، صفائي جو ڪم ڪرائڻ تائين به، هن هر سزا قبول ڪئي پر سچي نه ڪئي!؟
بنگل غريب گهراڻي جو هو، پيٽ گذر لاءِ اجوري وارو ڪو ڪم ڪار نه ملڻ تي چوري چڪاري به ڪندو هو ۽ کيس ڀيڻ به نه هئي، ان ڪري ڪٿان بدي جو سڱ نه ملڻ (ڏي وٺ واري مائٽي نه ٿيڻ) سبب، هن جي شادي نه ٿي سگهي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ شادي جي عمر وارن، پر شادي جا لڇڻ نه هئڻ وارن کي، مهڻو ڏيندي چيو ويندو آهي ته سڌرو، سڄي حياتي بنگل وانگر ڇڙا رهي، راهه رباني وٺڻ جو ارادو ته نه اٿو...
اهو ساڳيو بنگُل، جڏهن سرڪاري ملازم مقرر ٿيو، پڪو مزدور لڳو، ته هن ايمانداريءَ سان پنهنجا فرائض انجام ڏنا ۽ اتان رٽائر ٿيو. اُتي ساڻس سان گڏ ڪم ڪندڙن مان ڪنهن کي به، ڪا به شڪايت نه رهي. جڏهن مستقل روزگار ٿي ويس، هن پنهنجي آمدني موجب ضرورتن جي پورائي ڪئي، ڪنهن سان به ڪڏهن ٺڳي نه ڪئي، ڪڏهن به، ڪا ننڍي وڏي چوري نه ڪئي. جڏهن ته ان کان اڳ هو چوري ڪندو هو، لوفر سڏبو هو.
بنگُل پاڻ ڪمائيندو، پاڻ کپائيندو هو. ننڍا ننڍا واپار ڪندو هو. گهڙي (واچ)، ريڊيو، ٽيپ رڪارڊ ۽ ٽي وي وٺڻ ڏيڻ، واپار ڪرڻ ۽ پتي راند سندس واندڪائي جي وندر، مشغولي هئي.
بنگل بابت معلومات گڏ ڪري، جي ترتيب سان لکبي، ته هڪ جاندار ناول جڙي پوندو. جنهن ۾ عشق مُشق، کٿوري خوشبوءَ به هوندي. ڇو ته بنگل زماني جو ماڻهو هو. نوجوان به رهيو. ڪٿي ته هن به اک اٽڪائي هوندي، ڪنهن سان ته پيار جا پيچ به هوندس. جيئن عام روايتي بي جوڙ شادين سبب زال مڙس جي نه لڳندي آهي ۽ هو اوڙي پاڙي ڏانهن رجوع ڪندا آهن، ائين ئي سهي، پر ڪنهن ته هن سان به لئون لاتي هوندي... ڪجهه ڪچيون ڦڪيون، ڪوڙيون سچيون آئون به ڄاڻان، پر ڪي پيرائتون خبرون ڪو نه اٿم...
بنگل، جيڪو اوهان جي نظر ۾ ڪو خاص نه هو. عام هو. نه ڦُٽو نه ڦاٽو، هو ڄائو، زندگي جو دورو پورو ڪري ۽ گذاري ويو يا مري ويو، اهو بنگل، اوهان جي نظر ۾ ڀلي ڪجهه به نه هجي، منهنجو ڀلي ته ڪو مٽ مائٽ به نه هجي، آئون سندس ڪي به چڱا ڪم نه به ڳڻايان، پر وڏو سچ هي آهي ته هو غير روايتي به هو. هو آدرشي به هو. هو مثالي به هو. هو يادگار شخص هو ۽ آهي، جنهن ڪري اڄ هو مون کي ياد پيو ۽ هي ٻه اکر لکڻ جيترو وقت، بنگل مون کي سيڙهائي سگهيو...
بنگل، انهن عام مايوس ماڻهن لاءِ ڀلو ڪردار آهي، جيڪي ٻه اکر لکي سگهن ٿا، ته مايوسي قلمبند ڪن ٿا... بنگل انهن سڀني کان ڀلو هو، جيڪي ڪڙم جا ويري آهن... بنگل ٻهروپيو نه هو، سڌو سادو هو. چٽو، پڌري پٽ هو. بنگل واضح هو. اندر ٻاهر هڪ هو، منافق نه هو...
                                       

No comments:

Post a Comment