Sunday, January 27, 2013

دردن جي وير آلڙ - سامي ميمڻ


دردن جي وير آلڙ
سامي ميمڻ
ڪنڌيءَ کان ڪيترا ئي ميل پري، سمنڊ جي ٻيٽ تي ٽڙيل پکڙيل ڪچين جهڳين مان هڪ ڪکائين جهڳيءَ مان سڏڪن جا آواز ڪکن کي چيريندا، سامونڊي فضائن ۾ گم ٿي رهيا هئا. ڪي گهڙيون، روڄ راڙو ٿيو ۽ پوءِ آهون، داهون ۽ سڏڪا ايئن سانت ۾ تبديل ٿي ويا، جيئن سمنڊ جون ڇوليون وڏي گوڙ ۽ دهمان کانپوءِ، آهستي آهستي پاڻيءَ ۾ گم ٿي وينديون آهن. هو، ڀـِنل اکين ۽ وکريل وارن سان، پنهنجي جهڳيءَ مان ٻاهر نڪتو ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ سندن سڄو هوڙو مهاڻن ۽ مڇيءَ سميت، ويرن جي ور چڙهي ٻڏي ويو هجي. ڄڻ لاڳيتي پندرهن ڏينهن جي مسلسل محنت کانپوءِ به کيس ايترو لاڙو ٿيو آهي جو سندن دل ٽٽل ۽ چيلهه چٻي ٿيل هجي. هو ٻيٽ جي واريءَ مان آهستي آهستي پير سوريندو، ٻيٽ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ايئن وڌي رهيو هو، ڄڻ سندس پير اڄ ڳرا ٿي پيا هجن يا هو ڌٻڻ ۾ ڦاسي، ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. نه ته ٻيٽ جي واريءَ سان هن جي ياري ۾ ايتري پراڻي ۽ پڪي آهي جو هو جڏهن هوڙو مڇيءَ سان ڀري، پنهنجي سنگتين سان گڏ موٽندو هو ته خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو، سينڍيون هڻندو، مورڙو ڳائيندو پيو ايندو هو.

پر اڄ ايئن ڪونهي. سندس اکين اڳيان اوندهه ڇانيل آهي. اڄ سندس همٿ ٽٽل آهي. هو بيوسيءَ ۽ مجبوري مان پير سوريندو، ٻيٽ جي ڪنڌي پهتو. هن سمنڊ ڏانهن نهاريو. سمنڊ به اداس هو. ڪا ڇولي به نه اٿي رهي هئي. پري پري تائين ڪنهن هوڙي اچڻ جو ڪو نشان نه هو. هو ڪمزور ۽ مايوسيءَ وچان ٻيٽ جي ڪنڌيءَ واري نرم ۽ ڀـِنل واريءَ تي ايئن ڪري پيو، جيئن ڪو ٻار بلا کان ڊڄي ڊوڙي اچي، امڙ جي هنج ۾ ڪرندو ۽ پناهه وٺندو آهي. هو ڪنڌيءَ تي واريءَ جي هنج  ۾ ليٽي ڪيتري دير سڏڪا ڀريندو رهيو. سامونڊي ٻيٽ تي موجود جهڳين ۾ رڳو مهاڻيون عورتون ئي بچيل هيون. سمورا مهاڻا، هوڙا هاڪاري، سمنڊ جي سـِيرن ۾، پيٽ گذر لاءِ ويل هئا. مهاڻيون به جهڳي ۾ اچي مڙيون هيون ۽ هو اڪيلو بيوسيءَ مان ڪنڌيءَ تي مئل ماڻهوءَ جيان، الائي ڪيترا ئي ڪلاڪ پيو رهيو. سندس اندر،  درد ڇوليون هڻي، اکين جا بند ڀڃي، ڳلن تان ڳوڙهن جون لارون ڪري، وهڻ لڳو هو. هو واريءَ ۾ ليٽي ليٽي، سمنڊ ڏانهن اکيون کوڙي، ڪنهن جو اوسيئڙو ڪندو رهيو.
ڪراچي سمنڊ ڪناري، مهاڻن جي وڏي ۽ قديم وسندي ابراهيم حيدري جي هڪ گهر ۾ ٽهڪڙا متل آهن. نوجوان نينگريون، گهر ٻوهاري ۽ ٿانوَ ٺڪر هٿيڪا ڪري رهيون هيون. گهر جا ڇوڪرا، گهر سينگارڻ لاءِ بازار مان آندل گلن جون لگڙيون هڻي رهيا هئا. چوڌاري خوشيءَ مان چهرا ٻهڪي رهيا هئا. ٽيپ لاڏن جي گيتن کي گهر، گهٽيءَ ۽ پاڙي تائين پهچائي، دعوت ڏئي رهيو هو ته اچو ڏسو ۽ شامل ٿيو هنن جي خوشين ۾. دادن جي خوشيءَ جو ته اڄ ڇيڙو ئي نه هو. هو اڄ گهوٽ ٿيڻ وارو هو، لانئون لهڻ وارو هو. سالن کان جنهن مومل کي ماڻڻ لاءِ راتيون جاڳندو رهيو، خواب ڏسندو رهيو، دوستن جي ڇيڙڻ تي شرمائيندو رهيو ۽ آئندي جون ماڙيون ٺاهيندو رهيو، سندس سمورا ارمان اڄ پورا ٿيڻ وارا هئا. هو اڄ مشين کان به وڌيڪ تيز ڪم ڪندي، ڪڏهن هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن، ڪڏهن هي ڪم ته ڪڏهن هو ڪم تڪڙ ۾ ايئن ڪندو رهيو جو ڏسڻ وارا به حيران هئا ۽ پوءِ اها گهڙي به اچي وئي ۽ سندس گهر جنت بڻجي ويو هو. ٽهڪ، لاڏا، جهمريون ۽ اڻ ڳڻين محبتن ۽ دعائن سان گهوٽ ٿي ويو. دادن جي ته دنيا ئي بدلجي وئي. هو ايڏو خوش، ذميوار ۽ محنتي ٿي پيو جو کيس لوفر، رولو، ڇڙواڳ ۽ ڇورو چوڻ وارا شرمندا ٿي ويا. هاڻ ته سندن هوڙو به مڇيءَ سان ڀرجي اچڻ لڳو هو، سوائي پتي ملڻ ڪري سڀ سرها هئا ۽ زندگي خوشحالي کان سفر شروع ڪيو.
سامونڊي روزگار جو ڪهڙو ڀروسو! ڪڏهن ايترو ملي جو ميڙي نه سگهجي، ڪڏهن سمنڊ ساٿ نه ڏي ۽ لاڙي مٿان لاڙو ايترو وڌي جو راتيون به لنگهڻ ڪاٽڻيون پون. دادن سان به ايئن ٿيو. ميڙي چونڊي شادي ۾ هلي وئي، روز ملندڙ پيٽ ۾ کايو ڇڏين. نيٺ گهر ۾ بکن ديرو ڄمائي ڇڏيو. هن کي مومل کان معافي وٺڻي پئي ته کيس هو راڻي جيان رهائڻ جا خواب پورا نه ڪري سگهيو. معاشي تنگيءَ سبب گهر جا ڀاتي بيحال ٿي ويا. سمنڊ به ڇا ڪري؟ اجايا، وڏا ۽ مشين وارا هوڙا، خطرناڪ سنها ڄار کڻي، سمنڊ تي ايئن پيا چڙهائي ڪن، ڄڻ دشمن تي حملو ڪندا هجن. سندن وس ۾ هجي ته هڪڙي ئي ڏينهن ۾، سموري مڇي ماري، سمنڊ کي مڇيءَ کان خالي ڪري ڇڏين. مڇيءَ جو ٻيجو به وڏي پيماني تي ماري، بڻ بنياد ئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مٿان وري ڪراچي شهر جو سڄو ڪنو پاڻي ۽ ڪچرو به سمنڊ ۾ اڇلائي، سمنڊ کي گندو ڪيو پيو وڃي ۽ مڇي ڪنڌي ڇڏي اندر هلي وئي. ويچارا ننڍا مهاڻا؛ ننڍيون هوڙيون. مڇي ڪٿان مارين؟ دادن سوچي سوچي بيمار ٿيڻ لڳو. هن هڪ رات مومل کان موڪلايو. گهر ۾ فاقا پيا پون، مڇي مري نٿي، هوڙو به خالي اچي ٿو، ان ڪري مون کي موڪل ڏي ته آ سمنڊ ۾ ٻيٽ تي وڃي رهان، جتان مڇي ماري ميڙي پوءِ کڻي اچان. ڏوڪڙ ملندا ته ڪار وهنوار هلندو. مومل کيس موڪل ڏني، پر ضد ڪيو ته هوءَ به ساڻس هلندي، سندس مدد ڪندي، مڇي سڪائيندي، رڇ جي مرمت ڪندي، سندس ماني پچائيندي. دادن جي، مومل اڳيان هڪ به نه هلي ۽ نيٺ راضي ٿي ويو.
گهر ڀاتين کان موڪلائي، مومل کي وٺي هو هوڙو هاڪاري، کڏي واري ٻيٽ تي اچي آباد ٿيا. ۵۰ ايڪڙن کان وڌيڪ پکيڙ رکندڙ کڏي واري ٻيٽ تي، اڳيئي ڪيترا ماڻهو آباد هئا، جن دادن ۽ مومل کي به ڀليڪار ڪيو ۽ گڏجي سندن جهڳي تيار ڪئي ۽ زندگي وري ريڙهيون پائڻ لڳي. پنهنجن کان پري، زندگيءَ جي سهولتن جي کوٽ، تڪليفون ۽ پريشانيون به وڌنديون رهيون. پاڻي کٽي ته وري ملڻ کي ڏينهن لڳي وڃن. راشن جي ڳڻتي. پر مومل، دادن کي ڪڏهن ميار نه ڏني. سج ڪـَني ڪڍندو هو ته مومل جهوپڙي کي به جنت بڻائي ڇڏيندي هئي. هوءَ مڇي، جهينگا سڪائيندي هئي. ڦاٽل ڄار ٺاهيندي هئي. دادن لاءِ لولو پچائيندي هئي ۽ سمورا ڪم اڪلائي، دادن جون راهون پئي نهاريندي هئي. دادن به مومل لاءِ، ڪڏهن چوڙيون، ڪڏهن سڳي ته ڪڏهن ڪپڙا آڻي کيس پيو ريجهائيندو هو. هو مومل سان اڪثر رهاڻ ڪندي، سمنڊ ۾ روزگار متعلق، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويندا هئا. روزگار اميد کان گهٽ هو. ٻيٽ جي اڪثر جهوپڙين مان زال مڙس جي جهيڙن جا آواز ٻڌبا هئا. ٻارن کي مار ڪٽ ۽ رڙيون به ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هڪڙي پريشاني، ٻيو مالي تنگي ۽ ٽيون پنهنجن پيارن کان پري هجڻ جو احساس، ٻيٽ تي رهندڙ مهاڻن کي نانگ جيان پيو ڏنگيندو هو. پر پوءِ به هيءُ مهاڻا، زندگيءَ جي هن رڻ ۾، رونقون آڻي، زندگيءَ جا اهڃاڻ پيا ڏيندا هئا. اهو عمل، صدين کان جاري آهي. مومل ۽ دادن، ان عمل جو اڻ ٽٽ حصو هئا.
سج آسمان جي وچ تي اچي بيٺو هو. تيز ۽ تکن ڪرڻن جي تپش جي ڪري، دادن جا ڳٽا ڳاڙها ٿي پيا هئا. کيس گذريل هڪ هڪ پل ياد اچڻ لڳو. پر گذري ويل قيامت جهڙي رات، کيس ڪڏهن به وسري نه سگهندي. ڪجهه ڏينهن اڳ، جڏهن مومل پيٽ سان ٿي هئي ته هن پنهنجي پاڻ کي دنيا جو خوش نصيب ماڻهو تصور ڪيو هو. پيءُ هجڻ جي احساس، کيس وڌيڪ ذميوار ۽ محنتي بڻائي ڇڏيو هو. دادن جي خواهش هئي ته هو دنيا جون سموريون خوشيون ميڙي چونڊي مومل جي قدمن ۾ آڻي اڇلائي. پر حالتن ۽ مجبورين، کيس ان لائق نه ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ابراهيم حيدري يا وري شهر وڃي مومل لاءِ کاڌي پيتي جون شيون دوائون ۽ کيس وندرائڻ جا سامان وٺي ايندو هو. جيئن جيئن ڏينهن گذريا، تيئن تيئن مومل وڌيڪ بيمار ٿيڻ لڳي. ٻار ڄڻڻ ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن هئا ته گذريل رات سندس طبعيت اوچتو خراب ٿي وئي. دادن سمجهيو ته عام سور آهي، ستي پتي کائڻ سان ڇڏي ويندو ۽ هو جلد مومل کي وٺي ابراهيم حيدري ويندو، جتي سندس گهر ڀاتي خيال رکندا ۽ هوءَ ماءُ بڻجي ويندي. پر قدرت ڪو ٻيو فيصلو ڪري چڪي هئي. ٻيٽ جا سمورا مهاڻا، هوڙن ۾ سوار ٿي وڃڻ لڳا ته کيس سڏيو ويو. پر مومل روئيندي کيس سمنڊ ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني ۽ روڪي ڇڏيو. هو سڄو ڏينهن مومل جي خدمت ۾ لڳو رهيو. سج پنهنجو جوڀن ڇڏي موٽ کاڌي ته ٻيٽ تي هميشه جيان وري به اونداهي ۽ ويرانيءَ پنهنجو راڄ قائم ڪيو.
اونداهي ۾ مسئلن، مونجهارن، مايوسين ۽ محرومين ڪـَر کنيو، اوچتو مومل رڙ ڪئي ۽ دادن ڊوڙ پاتي، کيس سمجهه ۾ ئي نه آيو ته هو ڇا ڪري. هن ٻيٽ تي ڊوڙون پاتيون، سڏ ۽ واڪا ڪيا ۽ جهوپڙين ۾ موجود عورتن ڊوڙي اچي دادن جي جهڳي کي ڀري ڇڏيو. ڪا عورت مومل جا هٿ مهٽڻ لڳي ته ڪا پٽيون ٺاهي، سندس پيشانيءَ تي رکڻ لڳي ته من بخار گهٽ ٿئي. دادن جي دل ٻڏڻ لڳي. سندس خوشين کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي هئي. هو هٿ کڻي، ڪنڌ آسمان ڏانهن ڪري، خدا کي ريجهائڻ لڳو. دعائون گهرڻ لڳو ۽ مومل جي جلد ٺيڪ ٿيڻ ۽ صبح ٿيڻ جي اميد ڪرڻ لڳو. هن پڪو پهه ڪيو ته صبح ٿيندي ئي هوڙي ۾ مومل کڻي ابراهيم حيدري پهچندو ۽ هو چڱي ڀلي ٿي ويندي. پر صبح رات جي ڊگهي پيٽ مان جڏهن جنم وٺي ئي وٺي، دادن جي ڇهين حِس خطرو محسوس ڪري رهي هئي. سندس جهڳي ۾ موت جهڙي ماٺ ڇانئجي وئي ۽ هن جهڳيءَ ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عورتن کيس روڪي ورتو. هو ٻاهر جهوپڙي جي ٻنڀي تي ويهي دعائون گهرندو رهيو ۽ پوءِ اوچتو رڙ ٿي ۽ عورتن جي رڙين جا آواز فضا ۾ گونجڻ لڳا؛ ”مومل مري وئي“. اهي لفظ دادن جي ڪنن تي پيا ۽ هن کي اعتبار ئي نه آيو. پر مسلسل روڄ راڙي سبب، هو زوريءَ جهوپڙي اندر داخل ٿيو ۽ سامهون کٽ تي مومل اکيون ڦاڙي پنهنجي دادن کي ڏسندي رهي. دادن مومل کي چنبڙي ننڍڙي ٻار جيان روئيندو رهيو.
قضا جو قلم وهي چڪو هو. مايون به روئي روئي ڪي پنهنجين جهوپڙين ۾ واپس وڃي چڪيون هيون ته ڪي سندس جهوپڙيءَ ۾ ئي ويٺيون رهيون. دادن هارايل جواريءَ جيان، ٻيٽ-ڪنڌيءَ ويٺي ڪنهن هوڙي جو انتظار ڪيو. اڄ الائي ڇو نه ڪو هوڙو وريو هو، نه سمنڊ ۾ ڪا اٿل ڦٿل هئي ۽ نه ئي کيس ڪٿان ڪو آسرو هو. دادن سوچيو ته مهاڻن جي ئي قسمت ۾ ڏک ۽ ڏنڀ سهڻ ڇو لکيل آهن. اسان جو پيٽ-گذر سمنڊ، ڇولين، ڪـُنن ۽ سـِيرن ۾ آهي. اسان جا ٻچا سمنڊ جي ڪنارن، ٻيٽ جي ويرانين ۾ رهن ٿا. کين جيئڻ جا ڪي به سـُک حاصل ناهن. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، هنگامي صورتحال ۾ مدد جو ڪو بندوبست ڪونهي، نه ئي ڪو اهڙو سسٽم ٺهيل آهي جنهن وسيلي هڪ ٻئي کي اطلاع ڪري سگهجي. هاءِ ڙي حياتي! هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. هڪڙي پاسي سمنڊ هو ته ٻئي پاسي سندس مومل جو لاش.
ڪيتري دير کانپوءِ هن هوڙي کي ٻيٽ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ايندي ڏٺو ته ڄڻ سندس مئل جسم ۾ ساهه پئجي ويو. هوڙو اڃا ڪيترا ئي ميل پري هو. پر هن ايتريون رڙيون، سڏ ۽ واڪا ڪيا ۽ ٻيٽ ڪناري ڊوڙون پاتيون جو ڄڻ هوڙو جلد پهچندو ۽ زندگيءَ جا آخري پساهه کڻندڙ سندس مومل، بچي پوي. پر سندس سموريون خواهشون ۽ رڙيون فضائن ۾ گم ٿينديون ويون. هو وري به جهوپڙيءَ ۾ پهتو ته مومل ڪپڙن ۾ ويڙهيل ابدي ننڊ ستل هئي. هو سندس سيرانديءَ مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو. کيس اعتبار ئي نه آيو ته زندگيءَ جي اذيتناڪ گهڙين ۾ حصو پتي ڪندڙ مومل، اڄ کيس ڇڏي وئي آهي. وري به سج موڪلاڻي ڪئي. هوڙو به اچي ڪنڌيءَ پهتو. مومل کي ڀاڪر ۾ ڀري دادن هوڙي ڏانهن وڌيو ته ٻيٽ جي غمن ۾ ٻڏل فضا، ڀٽ ڌڻي جي بيت جون هي سٽون آلاپڻ لڳي؛ ”ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪـُلها تن ڏناس“. ابراهيم حيدري جي ڪناري تي ڪيترا ئي ماڻهو، دادن ۽ مومل جي انتظار ۾ بيٺل هئا. ڪناري تي ميت آڻي لاٿي وئي. ڪيترا ئي ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئي پيا ۽ پوءِ ضروري ڪارروائيءَ بعد، مومل کي هميشه لاءِ مڻين مٽيءَ هيٺان دفنايو ويو.
دادن وري به اڪيلو ٿي ويو. ساڳيا سور، ساڳيون محروميون، سندس مقدر بڻجي ويون. هن سوچيو ته؛ زندگي هڪ سٺي سچي ساٿيءَ کانسواءِ ڪنهن به ڪم جي ناهي، پر جيڪي مون سان ٿيو آهي، خدا ڪري اهو ٻئي ڪنهن سان به نه ٿئي. ڪاش غريب مهاڻن جي ڪو واهر ڪري، کين به انسان سمجهي، گهربل سموريون سهولتون فراهم ڪري ۽ ٻيٽ جيڪي مهاڻن جي روزگار جو ذريعو ۽ وسيلو آهن، جيڪي سندن ماڳ ۽ مڪان آهن، اتي رهندڙ مهاڻن کي اهميت ڏئي، سموريون سهولتون فراهم ڪري ته جيڪو دادن ۽ مومل جهڙا واقعا نه ٿين.

No comments:

Post a Comment