Wednesday, January 16, 2013

ڪـارو پـاڻـي - جمال ابڙو


ڪـارو پـاڻـي
جمال ابڙو
مان ننڍو ھوندو ھوس. امان ڳالھه ڪندي ھئي ته اڳي ڪارو پاڻي ايندو ھو. ڪشمور کان ڪڙڪاٽ ڪندو ايندو ھو. ماڻھو، جانور، نانگ، اڳيان ڀڄندا ايندا ھئا. ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪندو، اوڏڪا گھر ڊاھيندو، زمينون ٻوڙيندو، ڪاھيندو ايندو ھو. مِرون، بگھڙ، نانگ، ڪتا ماڻھن سان گڏ دڙن تي اچي ڳاھٽ ٿيندا ھئا. بک کان ماڻھو کبڙن جا پَن کائيندا ھئا. پيٽ اُڀامي ايندو ھئن، وات مان اڇي گجي وھندي ھئن ۽ مري ويندا ھئا. شھرن جا ڊاڪٽر وري کين چيريندا ھئا. مان ڊپ کان اکيون کڻي بند ڪوندو ھوس. ڪشمور کي ھڪ ڀوائتو غار سمجھندو ھوس، جنھن مان ھڪ وڏي ڪاري ڪاري بلا، ڏند کڙڪائيندي، چينگھاٽ ڪندي، ڦوڪون ڏيندي نڪرندي ھئي، ۽  ماڻھو جيتامڙن وانگر ٿڙندا ٿاٻڙندا لڪندا وتندا ھئا. مان اٿي گھر جو ڪَڙو اندران بند ڪري  ايندو ھوس.

پوڙھو سومر به اھا ئي ڳالھه ڪندو ھو. سڄو ڏينھن حقو ٽيڪيو ويٺو ھوندو ھو. نه ھئس ٻار نه ٻچو، نه زال نه زنب، نه گھڻو ڳالھائيندو ھو، نه شڪايت ڪندو ھو. رڳو نڙ سان ڪڏھن ڪڏھن ڪڪڙ کي ڌڪ ھڻندو ھو، ۽ ڪڏھن ڪانون کي ھڪليندو ھو. پَٽڪو لاھي ڪانڀ ڪڍي، ڇنل کٽ تي ويٺو کنگھندو ھو. سندس اڇي مٿي، اڇي ڏاڙھيءَ ۽ اڇين مُڇن جي وچ ۾ ننڍڙيون گُهنجيل اکيون ٽم ٽم ڪنديون رھنديون ھيون. ڀاڻس جي گھران مانيءَ-ڳڀو ايندو ھوس. اڻڀي  چانورن جي مانيءَ کي ڏڪندڙن ھٿن سان ڀوري، وات ۾ وجھي، مٿان کڻي لسيءَ جو ڍڪ ڀريندو  ھو- ڄڻ ته ڦَڪيءَ کي ڳيت ڏنائين.
ڏاڍيون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو- اڳين لڙائيءَ جون، جرمن جون، انور پاشا جون ۽ ٻوڏ جون. مان پڇندو ھوسانس ته؛ نانا ٻوڏ ڪڏھن ايندي؟ چوندو ھو ته؛ابا خير گھر!
ٻار سڀ مري ويا ھئس. عرس ننڍو ڀاءُ ھوس. ڪڏھن نه ننڍي ڀاءُ کان ڪجھه گھريائين! ويلو ٽري وڃيس ته به گُهر نه ڪندو. عرس پيو زال کي ڪَن مھٽ ڪندو ھو ته؛ ”ادي جو خيال رکجانءِ! پوڙھو سومر، دنيا کان بي نياز، ويٺو رنگ ڏسندو ھو. ھٿ ٽنگڻ کان عار ھوس. ڪانچ ليڙون ليڙون ٿي وڃيس، چادر ڦاٽي وڃيس، تپ سيڪاٽي رکيس، اصل ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍندو. ڪڏھن نه ڪجھه طلبيائين، ڪڏھن نه ڪجھه ڀاءُ سان حال اوريائين.
بيمار ٿيندو ھو ته رلي ويڙھيو پيو ڪِنجھندو ۽ ڪڻڪندو ھو. جي چئبو  ھوس ته؛نانا تون ته خوش آھين! ته ڏک ٿيندو ھوس، کڻي ماٺ ڪندو ھو. جي چئبو ته؛ ”نانا مار! تو کي ته ڏاڍو تپ آھي!“ ته دعائون ڪندو ھو. حياتيءَ جي ھيڏي ساري لمبي سفر کان پوءِ، بس انھيءَ کي ھمدردي سمجھيو ھئائين. آڙاھه تپ ۾ ڀانئيندو ھو ته مٿن کان ڪو اُلڪي ۾ ويٺو آھي. اعتبار نه ھوندي رليءَ کان منھن ٻاھر ڪڍي، آسروَند اکين سان نھاريندو ھو. ڪنھن کي به نه ڏسي، گهوماٽجي منھن کڻي اندر ڪندو ھو. سندس وڏي مضبوط دل ان وقت جنسي ڦاٽندي ھئي. ڪيڏي نه ڪُنئرائي ھئي ھن جي وڏيءَ دل ۾! ڪڏھن ڏک نه ڪڍيائين، ڪڏھن نه حال ونڊيائين!
ھڪ ڏينھن ننڍڙي  ڀائٽيس، لُچائي ڪري، متل چلم جي  ٽوپيءَ ۾ کڻي پاڻيءَ جو ٽِڀو ليٽايو.  سومر بيوس ٿي کيس نڙ وھائي ڪڍيو. پوءِ ته ڇوڪر وٺي چَپ ڪڍيو. سومر جي دل کي جَهٻي اچي ويئي. لٺ کي وٺي اٿڻ جي ڪيائين- جيئن رئندڙ ٻار کي ڇاتيءَ سان لاءِ ھيانءُ ٺاري. پر ائين ڪري ئي ڪري، تنھن کان اڳ ڇوڪر جي ماءُ وٺي ڪڙڪو ڪيو، چي؛ ”ڏائڻ ماريو، ھھڙو تھڙو نه مري  ٿو، نه منجو ٿو ڇڏي! ابھم کي اولو سولو ھڻندي قياس ئي نٿو پويس .... ھجيس پنھنجو ته آنڊن کي ڄر به اچيس!  
مائي وئي سومر کي جِهير ڏيندي ۽ لوڻ  ٻُرڪيندي. وئي سندس دل کي ويڻن جي کانڀاڻيءَ سان چُٽيندي. ويچاري سومر کان لٺ ئي ڇڏائجي وئي. ڏڪندو ڏڪندو ويھي رھيو. ان ڏينھن سندس دنيا اوندھه ٿي وئي. ڪنڌ ڦيرائي لڪي لڪي، نڪ مان وھندڙ ڳوڙھا آڱر سان اگھي ڇنڊي  ڇڏيائين، نيٺ لٺ کڻي اٿيو. ڪنڌيءَ کي ٽيڪ ڏيندو، گھر ڇڏي نڪري ويو. مقام ۾ وڃي پنھنجي زال ۽ ٻچڙن جي وچ ۾ ويٺو ۽ دل کولي رنائين.
شام جو عرس گھر آيو. جوڻس ماني آڻي اڳيان رکيس. گرھه ڀڃي وات ۾ وڌائين. ڀاءُ کي نه ڏسي، پڇيائين. ڳالھه ٻڌي، ڳيت ڏيئي نه سگھيو. ماني ڇڏي اٿي کڙو ٿيو. زال کي چڱي ڇنڊ ڪيائين.  ڀاءُ کي ڳولي وڃي لڌائين. پَٽڪو لاھي وڃي پيرن تي رکيائينس. ڀاڄائيس به رئو لاھي بخشايس.  ٻئي ڀائر ھڪ ٻئي کي چُـھٽي پيا. پيار سندس ڇاتين مان رُوڻ ڪري ڦٽي نڪتو. ھڪ ٻئي کي آٿت ۽ آڌر ڏيندا اچي گھر ٿائينڪا ٿيا.
ٻوڏ ٻيھر آئي. بيگار ڀڳو. مون پاڻ ڏٺو گھر گھر کان جدا ٿي ويو. مائٽ وڇڙي ويا. چون ٿا ته پاڻي موٽر کان به تکو ٿي آيو. ڪوھه پنڌ تي سندس ڪڙڪاٽ ٿي ٻڌو. ماڻھن ۾ ٻاڪر-ڪٽو ھو.  سرڪار ۽ وڏيرن، ماڻھن کان بند  ٻڌايا. اسان جي ڳوٺ جا ماڻھو به ويا. تَر جو وڏيرو ونگار وٺي ويو. ويچارا رات ڏينھن وھيا. اوجاڳو ۽ بک، ٻچن جو اُلڪو ۽ اڻتڻ ڪوڏرون ھڻي ھڻي ڇل ٿي پيا، پر قدرت جي ھن تخريبي طاقت اڳيان، ويھين صديءَ جي مشيني دور ۾، انسان جون  ڪمزور ٻانھون، براج جي ھن بي انداز پاڻيءَ کي روڪي نه سگھيون. ڪچا بند ڀُري پيا.
روڪيل پاڻي مست ھاٿي جيان زنجير ٽوڙي انڌا ڌنڌ ڪاھي پيو. مزورن ويچارن جا ڇيھه ڇڄي پيا، حوصلا خطا ٿي وين، اڳيان پاڻي. پٺيان پاڻي، وٺي ڀڳا. ٻچڙن کي ٻاھر ڪڍڻو ھئن. وڏيرن ته اڳيئي وڃي شھر وسايا ھئا. مزوريءَ جا پئسا به انھن کي ڦٻيا. تڙ تڪڙ ۾ ٻارڙن ۽ زالن کي،  دڙن ۽ ڪڙن تي ڪڍيائون. پاڻي ويو وڌندو. جھٽ گوڏي جيڏو ٿي ويو. چار ڄڻا موٽي ڳوٽ آيا.  سنھا سنھا ٽپڙ مٿن تي رکي موٽيا. پاڻي مڙس تار ٿي ويو. تري جند ڇڏيائون. مڏيون وڃائي سر سلامت کڻي موٽيا. واھه جي ڪڙ سان ڪئمپون لڳي ويون. اھا ڪاٺي نه ھجي جو کڻي دونھي دکائجي. ڪُني ڪا نه چڙھي. بکايل ٻارن ڌمچر مچائي ڏنو. مائرون ويچاريون ماٺ، ملول ۽  ھيسيل. سڀ ساھورا اچي ھڪ ھنڌ ڳاھٽ  ٿيا. مال جي ڍڪ پئي پيئي. چوڌاري پاڻيءَ ئي پاڻي  ھو.
ماڻھو ويچارا دربدر ۽ بي گهر ٿي ويا. سرڪار تقاويون ڏنيون. وڏيرن شھرن ۾ ويٺي ئي ڳوٺاڻن جو حصو ورتو. ڪامورن ڪمدارن جاوا ڪيا. سندن ٻيگهي مچي ويئي. ويا ڏکويلن کي ڏکائيندا،  ۽ مئلن کي ماريندا.
ٻوڏ راڱا ڪري ڇڏيا. گھر گھر کان جدا ٿي ويو، مٽ مائٽ وڇڙي ويا، ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. ڪو  ڪنھن جو نه رھيو. پوڙھي سومر کي به اڃا ڪي ڏينھن جيئڻو ھو. پيريءَ ۾ اباڻا اجھا ڇڏي،  وڃي ڏولاون ۾ پيو. ڀاڻس ٻچڙا وٺيو، لڏيو ٿي ويو. سومر جي وک ئي نه کڄي. سندس دل ڳوٺ جي ڪنڊن ۽ ڪکن ۾ اٽڪي پيئي. وري وري مڙي، پنھنجي ڪکن ڏانھن پئي نھاريائين. مٽن مائٽن کان موڪلائيندي ھنيانءُ ڦسي پيس، ڄڻ ته وڃڻ ڪاڻ ٿي ويو. گهر ۽ گهٽيون، جت چولڙو پائي، اگهاڙو ئي اگهاڙو، رانديون ڪيون ھئائين، جهنگ ۽ لَيون، جت لوڙائو ڳائيندي، مينهو چاريون هئائين؛ ٻنيون ۽ ٻارا، جت جوانيءَ جا امنگ ۽ پگهر ھاري ساوا ساوا ٻوٽا پيدا ڪيائين،  ۽ اھي کبڙ ۽ ڄاريون جن ھيٺيان سندس عائشه ۽  ٽي معصوم پوريل ھئا. سڀ کيس سڏ ڪرڻ  لڳا. ڪيڏي نه آس ھيس ته سندس پوڙھي ٿڪل مٽي عائشه جي پاسي ۾ پوندي؛ ٻچڙن جي وچ  ۾ ٿَڪ ئي لھي ويندا؛ سالن جي ڏکي ۽ ڊگهي جدائي پوري ٿيندي! سومر وري بيھي رھيو، سندس جسم جو ذرو ذرو ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ ڳوهجي وڃڻ لاءِ آتو هو. سندس اڇو مٿو، اڇي ڏاڙھي ۽ اڇا ڀِرون کنڊڙ ونڊڙ ٿي، وائڙن وانگر اڏامي التجائون ڪري رھيا ھئا. سندس دل ۾ چريائپ واري ڪوڪ اٿي - ڄڻ ته ڪَل ٿِڙي وئي ھئي. ڀانيائين ته ٽٻيون ھڻي، اندران ئي اندران،  وڃي عائشه جي قبر کي جهليان؛ وڃي ڪو ٿائينڪو ٿيان؛ وڃي آرام وٺان! .... ڀاڻس کڻي ٻانھن کان جھليس. سومر گھلبو ويو. سندس قدم قدم ڳوٺ جي مٽيءَ سان چنبڙندو ٿي ويو. ڄڻ ته ڪاغذ جا ٻه پتا کَونئر سان چنبڙيل ھئا؛ زوريءَ ڌار ڪرڻ ۾ چِچرجي، ڦاٽِي ليڙون ليڙون ٿي ويا.
مھيني کن کان  پوءِ  ڏاترڏنو  مليو. ڳالھه ڪيائين ته سومر مري ويو!
”ڇا ٿيس؟ چي، ڪارو منھن آ عرس جو ... ويچاري کي سِڪائي ماريائين! ايمان کان ئي نڪري ويو، مانيءَ ٽڪر جيڪي ٻار بچائن سو به لڪائي رکي، حياءُ نه پويس جو ڳڀو کڻي ڀاءُ کي ڏئي! ويچاري چار پنج ڏينھن اَن نه ڏٺو، بُکون ڪڍي مئو! ڏاترڏني شد مد سان ڳالھه ڪئي. چي؛ پوئين ڏينھن پوڙھي سومر پاڻ اٿي وڃي کاري ھيٺان پاروٿو ٽڪر کنيو، عرس جي زال سٽ ڏيئي کسي ورتس! عرس بيٺي ڏٺو. ويچارو.... وڏو ڀاءُ محتاج ٿي مئو... ھڏا ئي رلي ويس!
اسان عرس کان پڇيو. سندس پيٽ خود پٺيءَ سان لڳو پيو ھو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون ھيس، منھن تي وحشت. ڄڻ ته ڪڻو نه چکيو ھئائين. ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيائين. سندس اکين مان پاڻي ٿي ويو... ڏسندڙن جي اکين مان پاڻ ٿي ويو ... ٻڌندڙن  جي اکين مان پاڻي ٿي ويو. پاڻي کٽو ته  رت وھڻ لڳو. نارا ھئا، نيسارا ھئا- نديون ٿي ويا. اڏون ۽ ڍڪيون ٽپي ويا. بند ۽ ڪوٽ ڊاهي، ٻوڙي وڌائون. گنبذن ۽ مُنارن جا بنياد نڪري ويا. ھيٺانھيون، مٿانھيون ھڪ ٿي ويون. زمين ٺري ڳڱ ٿي پئي. ھيءَ ٽين ٻوڏ ھئي ... ڳاڙھو پاڻي!

No comments:

Post a Comment