Sunday, January 27, 2013

ٿڳڙ - ڪلاڌر متوا

ٿڳڙ
ڪلاڌر متوا
ڄيٺ، آکاڙ ۽ هاڻي ته ساوڻ به پورو ٿيڻ تي آهي. بڊي جو ته ڪو ڀروسو ئي نه هوندو آهي. وسي ته وسي، نه ته نه به وسي. ها اگر گيلو ٿئي ته ٻي ڳالهه آهي!
آڪاس ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ بادلن کي ڏسي، هن کي ڪنهن اڻڄاتل ڊپ ويڙهي ورتو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ نراس ٿي ويو. هن بي چئنيءَ وچان، ڪنهن مهل بادلن ڏانهن نهاريو ته ڪنهن مهل سڪل بٺ ٿيل ڌرتيءَ ڏي.

گذريل سال سٺي برسات پئي هئي. تنهن کان اڳئين سال ڏڪار هئو. جن جن وٽ قسمت سانگي ڍور ڍڳڙيون بچي ويون هيون، اهي ساوا گاهه کائڻ سبب، رت ڪري آيون هيون ۽ ڦرجي به وئيون هيون. هن سال ويامڻ جي اميد هئي. گذريل سال کان اڳ وارو سال، ڏڪر وارو هئڻ جي ڪري، گانيون کارون نه هيون. جنهن جي ڪري گذريل سال ماڻهن کي مينهن مان ڪو ايڏو فائدو نه پهچي سگهيو هو. هن سال کين اميد هئي ته اگر مولا مهر ڪندو ته هي سال سڦلو ٿيندو.
”اڄ صبوح کان ئي ڏاڍي گرمي آهي، ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. مان مولا ڪي ترايون ڀري ڏئي.“ رانجهن، رام سنگهه کي چيو.
رانجهن ۽ رام سنگهه، ٻئي گهرا دوست هئا. ٻئي مالوندا مارو هئا. هينئر تلاوءَ جي پار تي ڪانبون ڪشي ويـٺا هئا ۽ ڏکڻ پاسي کان اٿيل بادلن کي اميد افزا نظرن سان نهاري رهيا هئا. سامهون سندن ڍور، ٻٻر جي ڇانو ۾، ويٺا هئا. لاکي ڳئون جي ڪنڌ ۾ ٻڌل چڙي جو آواز، رکي رکي اچي رهيو هو.
رانجهن جو ڪنهن زماني ۾، سيٺين ماڻهن جي صف ۾ شمار ٿيندو هو. ان زماني ۾ هن وٽ لڳ ڀڳ سؤ کن ڳئون هيون. سڀئي اڇيون، هڪ ئي قد بت جون. ٻيج يا ٽيج جي چنڊ جهڙن گول سڱن واريون ڦٽريون ڳئون. سڀئي هڪ نسل، سنڌ واري نسل جون، ڀليون ڳئون جن جي خوبصورتي ڏسڻ وٽان هئي. کير مکڻ جي ڪا ڪمي ڪا نه هئي. ٻٻرن هيٺان کيلن ۾ ٻڌل سندن اڇا اڇا کير جهڙا ڦرڙا پيا رنڀندا هئا. جن جي آس پاس ٻگهن جا ٽولا گهمندا پيا هئا. انهن گانين کي ڌڻار ڪاهي جهنگ ڏانهن پئي وٺي ويندو هو ته سيٺ کان وڌيڪ پاڻ تي رشڪ کائيندو هو. ڳئون به ڄڻ سندس ڏوريءَ ۾ ٻڌيون پيئون هونديون هيون. صرف تنوار سان ئي هو کين جيڏانهن وارڻ چاهيندو هو، اوڏانهن واري سگهندو هو. رانجهن جي گانين واري اها ڇانگ، سڄي علائقي ۾ مشهور هئي.
ڪو ڏينهن ڪنهن جهڙو نه هوندو آهي. چوندا آهن ته؛ ويندڙ ڏينهن، ايندڙ ڏينهن کان سٺو هوندو آهي. حالتون هميشه تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ۽ بدلاءُ پرڪرتيءَ جو اهم لڇڻ آهي. اهو بدلاءُ، انسان توڙي حيوان لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن فائديمند هوندو آهي ته ڪڏهن نقصان ڪار. ڪا ويل ڪنهن جهڙي نه هوندي آهي.
ڏڪار جو ڏهڪاءُ، بچڙو هوندو آهي. ڏڪار جي اچڻي يعنيٰ شروعات، هنياءُ ڦاڙ هوندي آهي. ڪڇ ۽ ڏڪار جو پاڻ ۾ چولي دامن جو ساٿ آهي. ڪڇ سان ڏڪار، هميشه جڙيو پئي رهيو آهي. ڪڇ جي ڌرتيءَ ڄڻ ڏڪار جو اجارو کڻي ورتو هجي. تيئن هر ٽن چئين سالن بعد، هت ڏڪار هوندو آهي.
انسان ڏاڍو يا خدا ڏاڍو. قدرت جي ڪرڻيءَ اڳيان، انسان لاچار آهي. قدرت جي مد مقابل ٿيڻ، هن جي وس جي ٻاهر جي ڳالهه آهي. پر پوءِ به انسان، قدرت جي طرفان ايندڙ ڏکيائين مان، ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ، مختلف تجويزون ڪندو رهندو آهي. قدرت به کيس مختلف طريقن سان آزمائيندي رهندي آهي. هڪڙي چاڙهيءَ مان انسان مس چڙهندو آهي ته ٻي هن جي لاءِ تيار هوندي آهي. ائين جيستائين انسان جي سسيءَ ۾ ساھه آهي، تيستائين اهو چڪر هلندو رهندو.
لڳاتار ٻه ڏڪار پوڻ سبب، رانجهن جي ڳئُن مان ڳچ زڪوات نڪري چڪي هئي. ڪيئي سٺيون ڳئون، موت جو بک بڻجي ويئون هيون. رانجهن به هاڻي ٿڪجي هارجي پيو هو. جيسين هن جي پڄت هئي تيسين هن هتان هُتان جهومون- جهاوا  ڪري، ڳئُن جي کاڌِ خوراڪ جو بندوبست پئي ڪيو. پر هاڻي ڳئون ته ڇٽيون، گهر جي ڀاتين کي به لنگهڻ پوڻ جو ڊپ هو.
جيڏانهن ٿي نظر ويئي، تيڏانهن ڏڪار جا دل ڏاريندڙ نظارا؛ بنا پنن جي ٺوڙها وڻ ٽڻ، بنا گاهن جي اگهاڙي ڌرتي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي ڪميءَ سبب پيل چيرن اڃا به وڌيڪ ماحول کي دل ڏاريندڙ پئي بڻائي ڇڏيو.
”رام سنگهه يار! هاڻي ته هن کوهه جو پاڻي صفا کارو زهر ٿي رهيو آهي. ڳئُن لاءِ کاڌو ته اڳي ڪو نه هو، پاڻي به کارو ٿي ويو آهي هاڻي ته ٻيلي الله آهي.“
”ها يار ڳالهه سچي آهي. ڀڳوان سان ڀلا ڪير پڄي؟ شال ڪرپا ڪري.“
رام سنگهه جيڪو رانجهن کي کوهه مان پاڻيءَ جي چڙهي ڪڍائڻ ۾ مدد ڪري رهيو هو تنهن ورت ڇڪيندي رانجهن کي جواب ڏنو.
ڳيري ۽ ڳيريءَ جو هڪ جوڙو، اڏرندو اچي پاڻي پيئڻ جي لاءِ آواڙي تي لٿو. ٻنهي هڪ ئي ڀيرو پنهنجون چهنبون پاڻيءَ ۾ ٻوڙيون ۽ روانا ٿي ويا.
”رام سنگهه! ڏٺئي، انسان ته شايد هتان هتان جهومون ڪري پيٽ جي آڳ اجهائي وٺندو پر هنن ويچارن پسو پکين جو ڇا ٿيندو؟ اڳ مٺو پاڻي ته کين ملندو پيو هو، هاڻي ته اهو به ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي. سڀيئي جل تڙ کارا ٿيندا پيا ٿا وڃن.“
”اڙي ابا رام سنگهه، رانجهن ٻيلي هيڏانهن اچو يار مون واريءَ ڪاريءَ ڳئونءَ ۾ هٿ وجهايو. ادا مهرباني ڪري سنئين ته ڪرايو. ٻيلي ٻه ڏينهن ٿيا آهن، اٿي سنئين ڪو نه ٿي آهي.“
ڪاڪي ٻنهي کي سڏ ڪندي چيو. رام سنگهه ۽ رانجهن، ٻئي ترت ڳئون اٿارڻ جي لاءِ، ڪاڪي ڪموءَ سان گڏ هلي نڪتا.
سڄي علائقي جي ڳئُن جي هاڻي اها ئي حالت هئي. کاڌو خوراڪ نه ملڻ سبب، ڏاڍيون ڪمزور ٿي ويئون هيون. ڪي ته صفا چرُڻ کان چوڪ هيون، اٿي به ڪو نه ٿي سگهيون. هڏن جا پڃرا ٿي ويئون هيون. اگر مينهن جلد ٿيندو ته ٺيڪ، نه ته انهن ڳئُن جي لاءِ هاڻي جيئڻ اهکو ۽ مرڻ سهکو هيو. سڀني جون اکيون ڏرا ڏيئي ويئون هيون.
ڏڪار سبب، ٻين تڪليفن سان گڏ، روزي روزگار وارو مسئلو به ڏکيو ٿي پيو هو. سرڪار ماڻهن کي روزي روٽي ڏيارڻ لاءِ، پنهنجي ليکي راهت ڪم شروع ڪيو هو. ماڻهو ويچارا صبوح جو سوير اٿي، ٻارن ٻچن سميت ماني مرچ کڻي، انهن راهت ڪمن تي کاٽي کڻڻ لاءِ نڪري ويندا هئا. نٽهڻ اس ۾، ٻي بجي تائين ڪم ڪندا رهندا هئا. سندن ٻارڙا، جن جي عمر پڙهڻ کيڏڻ جي هئي، اهي به پنهنجن مائٽن کي مٽي کڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيا هئا. ائين ڀارت جو، هنن ٻارڙن ۾ لڪل مستقبل، مٽيءَ ۾ اولجي رهيو هو. اهي ٻار وڏا ٿي ڪندا به ته ڇا ڪندا؟ ڪهڙا ڦاڙها ماريندا؟ ڪهڙو ديش جو آئيندو ٺاهيندا؟
انهن ٻارڙن جو به ته ڏوهه ڪو نه هيو. قدرت هنن سان ائين ڪيو هو، ٻيو ڇا! مائٽن کي به غربت ۽ ٻين ڪارڻن سبب، هنن ٻارڙن جي مستقبل جو ڪو فڪر ڪو نه هيو. نه ئي سرڪار کي هنن جي لاءِ ڪو اونو هيو. بُکن ۽ لنگهڻن جي ڪري، سندن حالت به انهن ٿڪل چُڪل ڍورن کان ڪا سٺي ڪو نه هئي. مليريا يا ٻيون بيماريون سندن پٺي نه ڇڏينديون هيون.
جيون کي ٽڪائي رکڻ جي لاءِ، علائقي ۾ کاٽي کڻڻ کان علاوه ٻيو ڪو ساڌن به ته نه هيو. مٽيءَ جون تغاريون مٿي تي کڻي کڻي، سندن مٿي جا وار کسي ويا هئا. ماڻهن جي بتن ۾ڪو رت ست ڪو نه بچيو هو. شام جو ٿڪجي چور ٿي گهر ايندا هئا ته صبوح جو وري اها ئي گهاڻي ۾ گهمندڙ ڍڳي واري ڪار، پنهنجي ڪم کي جنبي ويندا هئا.
گذريل سال رانجهن دل ۾ سوچيو هو ته؛ اگر آئندھه سال سٺي برسات ٿيندي ته ڪيئن به ڪري، قرض ٻرض وٺي به نياڻيءَ جا هٿ پيلا ڪري ڇڏيندو. نياڻي به هاڻي وڃي ٻاويهين ورهيه ۾ پير پاتو هو.
”ٻڌءِ مومل! رانجهن جي توڏ جيڏي ڌيءَ اڃا ڪنواري پئي گهمي جنهن جو رانجهن کي ڪو به فڪر ڪونهي.“
ڳوٺ جون مايون کيس پاڻ ۾ سُس پس ڪري طعنا پيئون هڻنديون هيون. رانجهن لاءِ ائين هي سال به وبال ثابت ٿي رهيو هو. هڪ طرف ڳئُن جي چنتا ته ٻئي طرف گهر جو اونو ۽ ٽئين طرف نياڻيءَ کي پرڻائڻ جو فڪر! هو ڪانب ڪڍيو، مٿي تي هٿ رکي، ويچارن ئي ويچارن ۾، ڪاٺيءَ سان پٽ کوٽيندو، منجهيو ويٺو هو.
سامهون کان واٽ تان رمون هٿ ۾ ڪٽيل ڪارو دٻلو کنيو پئي ويو، جنهن ۾ کوئنر ڪڪريون هيون. جيڪو دوڪان تي ڏيڻ جي لاءِ پئي ويو. پويان سندس ننڍو ڀاءُ کمون به روئندو اکيون مهٽيندو پئي ويو. ٻنهي کي ڦاٽل خميسون پاتل هيون. جڳهه جڳهه کان ٿڳڙ ڏنل هئا. ٿڳڙ به ايڏا جو سندن خميسن جو اصل رنگ ڪهڙو هو، اهو سمجهڻ هينئر مشڪل هو.
رانجهن اونهو ساھه کنيو. هن آڪاش ڏانهن ڏٺو. دُور دُور ٻه ٽي آوارا وِڏر ڏسجي رهيا هئا. اهي بادل هن کي بادل نه پر رمونءَ واري خميس ۾ لڳل ٿڳڙن وانگر لڳي رهيا هئا. ڄڻ خدا انهن وڏرن کي مينهن وسائڻ جي لاءِ نه پر مينهن بند ڪرڻ جي لاءِ ٿڳڙن جي روپ ۾ لڳائي ڇڏيو آهي، ائين محسوس ڪري رهيو هو.
واءَ جو هڪ زوردار واچوڙو آيو، جنهن جي ڪري ٺوڙها وڻ ٽڻ چري هليا. هن وري هن ٿڳڙن جيان ڀاسندڙ بادلن ڏانهن ڏٺو. جيڪي هاڻي ڪجهه حرڪت ڪري رهيا هئا.
سندس من، گهري سوچ ۾ غرق ٿي ويو. رمونءَ جي خميس ته وقتي طور ٿڳڙن سان سنڌجي ويئي هئي. قدرت آسمان کي به بادلن جا ٿڳڙ لڳائي مينهن بند ڪري ڇڏيو هو. پر هن سال به ڏڪار پوڻ وارن آثارن جي نظر اچڻ جي سبب، رانجهن جو هنيانءُ ڦاٽي  رهيو هو، جنهن کي اڳڙ ٿڳڙ ڏيڻ جو شايد ڪو بندوبست ڪو نه هيو.

No comments:

Post a Comment