Sunday, January 27, 2013

خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ - جمال ابڙو


خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ
جمال ابڙو
مان تن ڏينھن نماز پڙھندو ھوس. تھه سيارو ھوندو ھو، ھنڌ ۾ ويٺي ئي سئيٽر پائيندو ھوس. مٿان مفلر، ڪوٽ ۽ اوور ڪوٽ. ٺِڪر جي ڪونئري کي اڌ تائين ڪلر لڳو پيو ھوندو ھو. پاڻي اھڙو جو اصل پارو، ٿڌيءَ ھوا جا سوسٽ بدن کي ڄڻ ته چيريندا ٿي ويا. ڪُٻڙو ٿي، ڏڪندو ٿڙڪندو، مسجد ڏي ويندو ھوس. ھيترين تڪليفن کان پوءِ خدا کي البت پنھنجو ڪري سمجھندو ھوس. ڀائيندو ھئس ته بي نمازي ڪھڙا نه بيڪار آھن. در کولي ٻاھر نڪرندو ھوس ته ٿڌ جو طوفان منھنجو فخر زوريءَ مون کان کسي ويندو ھو. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٿڌ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه ھوندو ھو.

ننڍڙو يارهن سالن جو خميسو اڳيئي مال وٺيو، ٻوڙن ۾ بيٺو ھوندو ھو. کيس قميص ڪا نه ھئي، پر ھڪ ٿڳڙين نڪتل گرم ڪوٽ پيو ھئس. ڪاري گوڏ ۽ مٿي تي ميرو ڪپھه جو ٽوپ.  مٽر به ماڪ سان ڇانيا پيا ھوندا ھئا. ٻئي ھٿ ڪڇن ۾ وجھي، پيرن اگھاڙو پاڻ کان ڊگھي لٺ کنيون، سوڙھو ٿيو بيٺو ھوندو ھو. سندس کاڏي کڙڪندي ھئي. مونکي ڏسي دانھن ڪندو ھو، ”ھا مـُلان! ھُـو مون کي چيڙائيندو ھو. مان تڪڙو وڌي ويندو ھئس ۽ ھو پٺيان چوندو رھندو ھو؛ مـُلان! ... مـُلان، او ... مـُلان!“ مان اوور ڪوٽ جي ڪالرن کي ٺاھيندو، الله ڏي ويندو ھئس ۽  ھو ڍورن ڏي. مان وڃي شڪر ادائي ڪندو ھئس ۽  پنھنجي صحت ۽ خوشحاليءَ جي دعا گھرندو ھئس. ھو فصل جي سنڀال ڪندو ھو ۽ ڀيل ڪرائيندو ھو، ته سڙي نه وڃي.
”ھا مـُلان! ھُن سُر سان لانڍ ڪري چيو. اوندھه ۾ سندس ڪارن چپن مان اڇا چمڪڻا ڏند ظاھر ٿيا ۽ ھو ٽھه ٽھه ڪري کلڻ لڳو.
”بيھه ته سھي، تنھنجي خبر ٿو وٺان!“ مون ائين چئي پير وڌايو ۽  زور سان زمين تي ھنيو. ھو ڇرڪ ڀري وٺي ڀڳو. ٽپا ڏيندو، مٽر لتاڙيندو، يڪ-ساھيءَ ٽيھارو گام ڀڄي ويو. مـُڙي مون ڏي نھاريائين. وٺي ٽھڪ ڏنائين؛ آ ته خبر پوي!“ پوءِ ته مـُلان، مـُلان!“ ڪري وڌيڪ چيڙايائين.
ھڪ ڏينھن نيٺ مون کيس ٿڦ ھڻي ڪڍي. پھريائين ته وائڙو ٿي ويو، سمجھه ئي نه پيس ته ڇو  ائين ٿيو. سندس کاڏي  ٿورو جنبش ۾ آئي، چَپ ٻاھر نڪتا ۽ .... ھـُو ڏاڍو رنو.... پئي سڏڪا ڀريائين. مون کيس اڳي به وڙھندو ڏٺو ھو. کيس ڪو ماريندو ھو ته ھي به گاريون ڏيندو ھو، بُجا  ڏيندو ھو ۽ پري ڀڄي پٿر ھڻندو ھو. ماءُ ۽ ڀاءُ کي به پٿر ھڻندو ھو. مون کي نڪي گاريون ڏنائين، نڪي ڀڄي ويو. بيٺو رھيو ۽ رئندو رھيو. مـُلان الله اڪبر چيو. مان نماز پڙھي موٽيس، ته به پئي رنو. مون گھڙي کن بيھي کيس ڏٺو. ھن ٺونٺ آڏو ڏيئي پنھنجو مـُنھن لڪائي ڇڏيو. منھنجي دل ۾ ٿي ته جيڪر مون سان به وڙھي، ڀڄي ۽ پٿر ھڻي!
ٻئي ڏينھن وري ساڳي ڪار. ٻاھر نڪتس ۽ خميسي رڙ ڪئي؛ ”آ مـُلان! “ ۽ وٺي ڀڳو. خبر نه آھي ھن کي مـُلان کان اھڙي نفرت ڇو ھئي. پھر سج ڌاري مان خميسي جي گھر وٽان لنگھيس.  ڇنل کٽ تي اس ۾ پراڻيءَ رليءَ ھيٺيان ويڙھيو سيڙهيو پيو ھو. ماڻس ڇيڻا ڪڍندي  چيو؛ مال وٺي موٽيو آھي ته ٻيڻو ٿي ڪِريو آھي، ٽُڪر به نه کاڌائين. مھيني کان ٻيئڙ ٿو اچيس، مـُلان  نورل کان ٻَڌايو به ھومانس! مون  به رلي مٿي کڻي ڏٺو. انھيءَ ڦاٽل ڪوٽ  ۾ پيرين اگھاڙو  خميسو  پيو  ھو. سندس ڪارو رنگ اڃا  به ڪاراٽجي ويو  ھو. اکيون ڳاڙھيون ۽ مغز باھه.  سندس کليل وات مان گجي ٿي وھي. اکيون ڦري ويون ھئس ۽ سندس اڇا سھڻا ڏند ڀوائتا ٿي لڳا. مون دانھن ڪئي، ماڻس ڀڄندي آئي.
پڻس کي گھرايو ويو. اسپتال ڇھه ميل پري ھئي. ڊاڪٽر خرچي به وٺندو ھو، ڇوڪر گهڙين جو مھمان ھو. مون پنھنجو ڪوٽ لاھي مٿانئس وڌو. ڪيڏي نه ھمدردي!
خميسي کي مـُلان وھنجاريو، ميرو ڪوٽ لاھي نئون ڪپڙو ويڙھيو. مون عطر به آندو. سندس ننڍڙا ڏند اڃا به ٿڌ جي شڪايت ڪري رھيا ھئا. کيس سڌو سنئون کٽ تي سمھاريو ويو. سڀني قطار ٻڌي ۽ مـُلان اللھ اڪبر چيو.
مون وارو ڪوٽ مـُلان کنيو.                              
ٻئي ڏينھن خميسي جو ننڍڙو ڀاءُ ميھر، مينھن وٺيو بيٺو ھو. کيس اھو ئي خميسي وارو ڪوٽ پيل ھو.

No comments:

Post a Comment