سِـيـنـڌ
جمال ابڙو
کپري
شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش-گھر ٻاھران، مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ
سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش
اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ
رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو
ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين.
ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي
آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي
