Sunday, October 3, 2021

عورت ڪن شينھن - فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

عورت ڪن شينھن

(آمريڪي ڪھاڻي)

فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن

انجنيئر عبدالوهاب سهتو


پراڻي زماني جي ڳالھ آھي ته ھڪ نيم وحشي دراوڙ راجا، ونڌيا جبل تان، ھِن پارَ جي ڏيھ تي حڪمراني ڪندو ھيو. سندس رڳن ۾ ھندستان جي آڳاٽن دراوڙن جو رت ڊوڙندو ھيو، جنھن مان اڃا تائين وحشت جي ڌَپَ نه مُئي ھئي. جڏھن ته ھو بنگال، اوڌ ۽ وچ ھندستان جي کشتري راجائن جي پڄڻ لائق ۽ آريه ورت جو پاڙيسري ھيو. انھيءَ پاڪ پاڙي، سندس خيالن کي به متاثر ڪري ڇڏيو ھيو. جنھنڪري ھو سخي به ھيو ته چيڙاڪ به ھيو، آزاد خيال به ھيو ته پراڻين وحشي رسمن جو پابند پڻ ھيو. سندس طبيعت، گھڙيءَ تولو، گھڙيءَ ماسو ھئي. مگر سندس حڪم، اٽل ھوندو ھيو.


ھو راجا ھيو. ڇڙواڳ ھيو. تنھنڪري پنھنجي خيالن کي، جڏھن ۽ جھڙي طريقي سان چاھيندو ھيو، عملي جامو پارائڻ ۾ دير نه ڪندو ھيو. کيس پنھنجي راءِ تي پورو ڀروسو ھيو. جنھنڪري ھو ھر ڪم، پنھنجي رضامندي سان سر انجام ڏيندو ھيو. جيتوڻيڪ ايوڌيا ۽ ڪپل وستوءَ جي عظيم الشان درٻارن وانگر، سندس ھڪ درٻار ھئي، جنھن ۾ ھن نيم وحشي رعيت منجھئون چڱا چڱا رتن ڪٺا ڪيا ھيا ۽ کانئن مشورو به وٺندو ھيو، مگر پنھنجي راءِ جي مخالفت کيس پسند نه ھئي. ڳالھ جي تائيد تي ڏاڍو گد گد ٿيندو ھيو، ليڪن اختلاف راءِ کي برداشت نه ڪندو ھيو. مخالفت جو خيال به، کيس پنھنجي درٻارين جي تمنائن کي تباھ ڪرڻ جي لاءِ، ڪافي ھيو.



پاڙيسري قوم جي صحبت جي اثر، سندس جھالت کي ڪنھن حد تائين ڀڄائي ڇڏيو ھيو. پنھنجي ھمعصر سورمن جي بھادريءَ جي ڪارنامن جي مقابلي ۾ ھن به پنھنجي راڄڌانيءَ ۾ ھڪڙو تماش گاھ قائم ڪيو ھيو. انھيءَ تماش گاھ ۾ ھو انساني ۽ حيواني زندگيءَ جا نظارا ڏيکاري، نيم وحشي رعيت کي پنھنجي وقت جي تھذيب سان سينگارڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺندو ھيو. ليڪن انھيءَ تماش گاھ ۾ به سندس دلير وحشت ۽ کل مذاق جي پردي ۾ قِيس ڪرڻ، گڏجي ھڪ نئين جدت پيدا ڪئي ھئي. يعني اھو تماش گاھ ان لاءِ نه جوڙايو ويو ھيو ته ماڻھو اتي اچن ۽ گڏ ٿي ٻن تلواربازن کي وڙھندي ۽ آخر ۾ ھڪ کي ساڻو ٿي ساھ ڇڏيندي ڏسن يا ان جو جابولڻ ٻڌن. نه ئي وري ان لاءِ ته ھڪ خوني ھيبتناڪ درندي جي مقابلي ۾، ڪنھن بي دين راڪاس جو حشر ڏسي، عبرت حاصل ڪن. بلڪ ان تماش گاھ جي بنياد جو مقصد، انھن ڳالھين کان اڃا مٿي ھيو. جيڪو ھيءُ ھيو ته ماڻھن جي ذھني سگھ کي، اڃا وڌيڪ وڌايو ۽ مضبوط ڪيو وڃي.

تماش گاھ جو منڊپ، پنھنجي وڪڙدار ورانڊن، پر اسرار لڪل تھ خانن، منجھيل رستن کان به وڌيڪ اوکن لنگھن جي ڪري، شاعراڻي عدل ۽ انصاف جو ھڪڙو دلچسپ ذريعو بڻايو ويو ھيو.

جڏھن رعيت جو ڪو به فرد، اھڙو ڏوھي قرار ڏبو ھيو، جنھن سان خود راجا کي پڻ دلچسپي ھجي ته پڙھو ڏياريو ويندو ھيو؛ ’فلاڻي ڏھاڙي، فلاڻي ڏوھيءَ جي قسمت جو آخري فيصلو، شاھي ملاکڙي ۾ ٿيندو‘.

ملاکڙو، تماش گاھ جي وسيع منڊپ جو مناسب نالو ھيو. جيتوڻيڪ ان جي جوڙ جڪ، ڪنھن ڏورانھين تھذيب جو چورايل خاڪو ھيو. مگر راجا ان جي استعمال ۾ به نواڻ آندي ھئي. ڇو جو راجا آڳاٽي زماني جي ڪارنامن کي دقيانوسي خيالن کان وڌيڪ مان نه ڏيندو ھيو. ھيءُ پنھنجي ايجاد کي، مناسب ۽ ھر شخص جي لاءِ عمل جي قابل سمجھندو ھيو.

تٿ ٻڌل ڏھاڙي تي، جڏھن ماڻھو آکاڙي جي ويڪرن ورانڊن ۾ ڪٺا ٿيندا ھيا ته راجا به پنھنجي ٿلھن متارن ۽ اڌ-اگھاڙن درٻارين جي ڊنب سميت، نروار ٿيندو ھيو ۽ مڙني کان وڏي عدالت جي گديءَ تي وڃي ويھندو ھيو. چؤطرف سانت جو راڪاس گھمي ويندو ھيو. وحشياڻن نعرن جي وڏي گونج، چپڙا چپ ۾ مٽجي ويندي ھئي. ان وقت راجا اشارو ڪندو ھيو. سندس اشاري تي، گديءَ جي ھيٺين ڀت جو ھڪ دروازو کوليو ويندو ھيو ۽ ڏوھي، آکاڙي منجھ داخل ٿيندو ھيو.

راجا جي نڪ سامھون واري ڀت ۾ ھڪجھڙا ٻه بند دروازا ھوندا ھيا. ڏوھاريءَ مٿان فرض ھيو ته عدالت عاليه آڏو، اون آن ڪئي بغير، ڏانھُنِ وڌي ۽ منجھانئن ڪو ھڪ دروازو کولي.

دروازي جي چونڊ، ڏوھاريءَ جي پنھنجي خوشيءَ ۽ پسند تي ٻڌل ھوندي. ان ۾ نه مٿس ڪو زور بار رکبو ۽ نه وري ڪو ڏس پتو ڏبس. بلڪ ان معاملي ۾ فيصلو انتھائي عدل واري طريقي سان سندس قسمت تي ڇڏيو ويندو. ھڪڙو دروازو کلڻ تي خوفناڪ، ظالم ۽ بکيو شينھن نڪرندو. اھو شينھن، ان مقصد لاءِ اڳواٽ ڳولي اتي بيھاربو، جيڪو دروازي مان گجگوڙيون ڏيندو نڪرندو ۽ نِه-ھٿي بدنصيب ڏوھاريءَ تي ٽپو ڏئي، کيس چيري، ڦاڙي ۽ ماري ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندو. اھا ئي انھيءَ ڏوھاريءَ جي سزا سمجھي ويندي.

جڏھن ڏوھاريءَ جي قسمت، اھڙو فيصلو ڪندي ته لوھي گھڙيال، ماتمي انداز سان وڄڻ شروع ٿي ويندا. آکاڙي جي ٻاھران چؤطرف، ڏھاڙيءَ تي گھرايل ماتمي، پنھنجي دردناڪ چيخن، سنکن ۽ بگلن جي راڙين سان، افسوس جو اظھار ڪندا. عام تماشائي ڪنڌ جھڪايون، غمگين صورت ٺاھي، آھستي آھستي گھرن ڏانھن موٽي ويندا. سندن دلين ۾ مقتول جي سونھن ۽ جوڀن يا بزرگيءَ ۽ عزت جا احساس، ويرون ٿي اٿندي نظر ايندا. ليڪن ڏوھاري، جڏھن ٻيو دروازو کوليندو ته منجھانئس ھڪ اڻ سامايل عورت، نڪري اچي سندس سامھون بيھندي. ان عورت جو انتھائي سھڻو ھجڻ لازمي ھوندو ۽ راجا ان کي پنھنجي سلطنت منجھان پاڻ چونڊيندو. ان عورت جو پرڻو، انھيءَ ڏوھاريءَ سان ڪيو ويندو. وري انھيءَ امر کي، ڏوھاريءَ جي بي گناھيءَ جو انعام سمجھيو ويندو.

انھيءَ حالت ۾ اھا پرواھ نه ڪبي ته ڏوھاريءَ کي اڳي به ڪا زال آھي يا نه. ڀلي ھو ڪنھن ٻي عورت کي تن من سان چاھيندو به ڇو نه ھجي. سگھرو ھجي يا ڇڙو، راجا پنھنجي ڏنل انعام جي مقابلي ۾، ڪنھن ٻي ڳالھ جو خيال ئي نه ڪندو.

پرڻي جا سنئوڻ ساٺ، ٿڏي تي، آکاڙي منجھ، راجا جي سامھون ادا ڪيا ويندا. راجا جي اشاري سان ترت ٻيو دروازو کلندو. ڊگھن وارن وارا پوڄاري، ڳائڻن ۽ نچڻ وارين ڪنوارين ڇوڪرين کي وٺيو، باجن واڄن سان ساڻ، انھيءَ جوڙي آڏو پھچندا. پرڻي جو ڪاڄ، وڏي ڌام ڌوم سان ڪيو ويندو.  

رسمن جي پڄاڻيءَ تي گھڙيال وڄندا. سمورا ماڻھو پنھنجي وحشي ناچ ٽپن سان خوشيءَ جو اظھار ڪندا ۽ بي گناھ ڏوھاري، پنھنجي نئين ڪنوار سان گڏ، گھر ڏانھن روانو ٿيندو. راھن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، مٿن گل نڇاور ڪندا ويندا.

راجا جي عدالت جو، اھو ئي نيم مھذب فيصلو ھيو. انھيءَ طريقي تي عمل جي خوبي پڌري آھي. ڏوھي، ڪنھن به نموني اھو نه سمجھي سگھندو ھيو ته عورت ڪھڙي دروازي مان نڪرندي. ھو پنھنجي خاش خوشيءَ سان ھڪڙو دروازو کوليندو ھيو. کيس ان ڳالھ جي بلڪل ئي سڌ نه ھوندي ھئي ته مان ھاڻي پرڻبس يا مرندس.

ان کان اڳي جيڪي واقعا گذري چڪا ھيا تن ۾ شينھن ڪڏھن ھِن دروازي مان نڪرندو ھيو ته ڪڏھن ھُن دروازي مان. ٻيو ته اھي فيصلا ڀلا ته نه به ھيا پر اٽل پڻ ھيا. يعني اگر ڏوھي، پنھنجي پاڻ کي واقعي ڏوھي ثابت ڪندو ھيو ته اک ڇنڀ ۾ کيس سزا ملي ويندي ھئي ۽ اگر ھو معصوم ظاھر ٿيندو ھيو ته پوءِ ھو ان ڳالھ جو پابند ھيو ته، ھو ان کي پسند ڪري يا ناپسند، پر کيس راجا جي فيصلي مڃڻ کان آجائي ملي ئي نه سگھندي ھئي.

آکاڙو، ھڪڙو مشھور ھنڌ ھيو. جڏھن ڪُتِ خلق، ھڪ اھم فيصلي واري ڏينھن اتي ڪٺي ٿيندي ھئي ته کين ان امر جي بلڪل سُڌِ نه ھوندي ھئي ته ھو ھڪڙي ڏوھيءَ جو مرڻو ڏسندا يا پرڻو. اھا اڻ ڄاڻائي، سندن شوق جي جذبي کي اڃا اڀاريندي ھئي. تماشائي، جوش ۾ ۽ اٻھرا نظر ايندا ھيا. گھڻا ته پنھنجي دماغ کان ڪم وٺندي، ابتيون سبتيون قياس آرايون پڻ ڪندا ھيا. ليڪن انھيءَ فيصلي تي آڱر نه کڻندا ھيا. ڇو جو سندن خيال ۾ فيصلو، ڏوھيءَ جي پنھنجي ھٿن ۾ آھي.

ڌُن جي انھيءَ پڪي راجا جي ھڪڙي ڌيءَ پڻ ھئي، جيڪا سندس خيالن وانگر رنگين ۽ آراسته ھئي. ٻيو ھو قدرتي طور، پنھنجي ڌيءُ کي جڳ جھان کان بلڪ پنھنجي جان کان وڌيڪ پيارو ڀانئيندو ھيو.

سندس درٻارين ۾ ھڪڙو نوجوان پڻ ھيو، جيڪو راڄ جي ھڪڙي عزتدار قبيلي مان ھيو. ٻيو ته اھو ازل کان ٿيندو آيو آھي ته اڪثر درٻاري نوجوان، شھزادين جي محبت جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي، ڏاڍا صدما سھندا آھن. ائين ئي انھيءَ نوجوان تي، راجا جي ڌيءَ پڻ اڪن شڪن ھئي. راجا جي ڌيءَ کي پنھنجي محبوب جي جان نثاريءَ تي پورو پورو ڀروسو ھيو، ڇو جو ھو سڄي راڄڌانيءَ منجھ بھادريءَ، سونھن سوڀيا ۽ مڙس ماڻھائپ ۾ مثالي ھيو. ھيءَ کيس شوق جي شدت سان چاھيندي ھئي. ان حد تائين جو سندس چاھت منجھ، تشدد جو جذبو پڻ موجود ھيو. ھن کيس وڌ کان وڌ دل سوز ۽ پر جوش بڻائڻ گھريو پئي. خوشقسمتيءَ سان ان اُلا-ڇڏيندڙ-عشق جو سلسلو ڪنھن مدت تائين ھلندو رھيو، ليڪن ھڪڙو وقت اھڙو به آيو جو اھو راز راجا آڏو کلي پيو.

راجا، پنھنجا فرض نڀائڻ ۾ ويساند ئي نه وڌي. ڪنھن به مونجھاري يا سوچ ويچار ۾ پئي بغير، نوجوان کي حراست ۾ ورتائين ۽ مقدمي جو آخري ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيائين. اھو ڏينھن، واقعي يادگار ڏينھن ھيو. پرجا ۽ خود راجا، ھن مقدمي جي تحقيق ۾ گھڻي دلچسپي وٺي رھيا ھيا. ھن کان اڳي، ڪڏھن اھڙو واقعو رونما نه ٿيو ھيو جو ھڪڙي خاصخيليءَ، راجا جي ڌيءَ سان محبت ڪرڻ جي جرئت ڪئي ھجي. شايد دنيا جي منڍ ۾ ھيءَ ڳالھ معمولي تصور ڪئي ويندي ھجي، مگر ھنن قومن لاءِ معاملو نھايت اھم ھيو.

خونخوار جلادن، سموري راڄڌانيءَ جا پڃرا جانچيا جونچيا ته جيئن مڙني کان وڌيڪ سگھو متارو، مڙني کان وڏو ظالم ۽ مڙني کان سرس ھيبتناڪ شينھن چونڊي سگھجي.

فن جي وڏن وڏن مبصرن، سڄي ملڪ جي عورتن منجھان ھڪ وڏي سُھڻي نوجوانڙيءَ جي ڳولا ڪئي ته جيئن اگر ھن نوجوان جي قسمت جو ستارو کيس معصوم ثابت ڪري ته انھيءَ الزام جي نسبت سان ايڏو وڏو انعام پڻ ڏنو وڃي. ٻيو ته اھا ڳالھ مڙني تي پڌري ھئي. ھر شخص ڄاتو پئي ته الزام بلڪل ئي صحيح ۽ سچو آھي. ڏوھيءَ، شھزاديءَ سان محبت ڪئي آ. انھيءَ کان نه اھو جوان انڪاري ھيو ۽ نه وري شھزادي. ليڪن راجا انھيءَ ظاھر پاھر ثبوت جي روءِ سان فيصلو ڪري، عدالت جو پنھنجو ايجاد ڪيل دستور، ٽوڙڻ نه پئي گھريو.

تٿ ٻڌل وار به اچي مٿان سھڙيو. اوس پاس جا ماڻھو به اچي مڙيا. تماش گاھ، تماشائين سان ڀرجي ويو ۽ ھڪ وڏو ڊنب، جنھن کي اندر جاءِ نه ملي سگھي، سو آکاڙي جي ٻاھران ميڙ ٿيو بيٺو رھيو.

راجا ۽ سندس درٻاري، ھمشڪل دروازن جي سامھون اچي ويٺا. سڀ ڪجھ تيار ھيو. ماڻھن جا سرٻاٽ، گھري سانت اندر لڪي ويا ھيا. راجا اشارو ڪيو. شاھي نشستن جي ھيٺان وارو دروازو کليو ۽ شھزاديءَ جو جان نثار، آکاڙي جي اندر داخل ٿيو.

قداور، منھن مھانڊي سان، سھڻي ۽ ٺھندڙ جسم، وڻندڙ عضون واري جانٺي جوان لاءِ تماشائين جي دلين ۾ خوشيءَ ۽ رنج جا گڏيل جذبا اڀري رھيا ھيا.

اڌ کان مٿي خلق کي، اھا به ڄاڻ نه ھئي ته ڪي اھڙا شاندار شخص به اسان منجھ رھن ٿا. ماڻھو سوچي رھيا ھيا ته اھڙي نوجوان سان ڪنھن شھزاديءَ جي محبت ڪرڻ ڪا حيرت جھڙي ڳالھ نه ٿي ٿي سگھي. ليڪن ھن امتحان جي جاءِ تي سندس ھجڻ، ڏاڍو خطرناڪ آھي.

جڏھن نوجوان، آکاڙي ۾ پير ڌريو ته دستور مطابق راجا جي تعظيم لاءِ جھڪيو، ليڪن کيس ان وقت راجا جي موجودگيءَ جو ڪو به احساس نه ھيو. سندس اکيون خوبصورت شھزاديءَ ۾ ئي کتل ھيون، جيڪا راجا جي ساڄي ھٿ تي ويٺي ھئي.

اف! ان عورت جي فطرت ڪيتري نه دليريءَ واري ھئي، ور نه ته ھوءَ ھھڙي وقت، ان جاءِ تي نه ھجي ھا! مگر سندس روح ۾ ھڪ تڙپ ھئي ۽ محبت جي باھ، جنھن کيس اھو نظارو پسڻ لاءِ مجبور ڪيو ھيو.

جنھن وقت اھو پڙھو گھمايو ويو ھيو ته سندس محبوب، امتحان جي آکاڙي ۾ پنھنجي قسمت جو فيصلو، پنھنجي ھٿن سان پاڻ ڪندو، تنھن وقت ڏينھن رات ھن لاءِ ھڪ ٿي ويا ھيا. ھن انھيءَ امر کان سواءِ، ڪنھن ٻي ڳالھ سان واسطو ئي نه رکيو ھيو. وٽس طاقت ھئي، حڪومت ھئي. ان کان اڳي انھيءَ انوکي عدالت منجھ حصو به وٺي چڪي ھئي. کيس دروازن جا راز به معلوم ھيا. اھا به ڄاڻ وٺي ڇڏي ھيائين ته ٻنھي دروازن جي پويان، ڪھڙي ڪمري ۾ بکيو شينھن، ڀيانڪ نيشون ڪڍيو بيٺو آھي ۽ ڪھڙي ڪمري ۾ حسين عورت ويٺي، انتظار ڪري رھي آھي. راجا جي پر اسرار محل جا دروازا، جن تي چمڙي جا پردا لڙڪي رھيا ھيا، ڪنھن به قسم جو شور يا آواز ٻڌڻُ ڏيڻ جي ڪنھن به طرح قابل نه ھيا. ليڪن زور، زر ۽ زن جي محبت جي جذبي، سڄي حقيقت ڄاڻي ڇڏي ھئي. ان کي نه صرف ايترو معلوم ھيو ته عورت ڪھڙي دروازي جي پويان، ھن جي عاشق جي انتظار ۾ آھي بلڪ کيس اھا به خبر ھئي ته اھا عورت آھي ڪير؟

اھا ڪنواري عورت، جيڪا نوجوان ڏوھيءَ جي بي گناھيءَ جي صلي ۾ چونڊجي آئي ھئي، سا درٻار جي مڙني ڇوڪرين کان ڪيترا دفعا وڌيڪ سھڻي ۽ وڻندڙ ھئي. خود شھزادي، کيس خوبصورت سمجھندي ھئي، ليڪن ساڻس نفرت ڪندي ھئي. ھن ڪيترا ئي دفعا ڏٺو ۽ تاڙيو ھيو ته اھا نازڪ حسينا، محبت ڀرين نشيلن نيڻن سان سندس محبوب کي ڏسندي رھندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته شھزاديءَ کي محسوس ٿيندو ھيو ته ھن جون نگاھون ڪاميابي ماڻي موٽن ٿيون ۽ سندس محبوب پڻ محبت جي پيغام جو جواب ڏئي رھيو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھن، کين پاڻ ۾ ڳالھائيندي پڻ ڏٺو ھيو. اھا گفتگو، جيڪا راھ ويندي ۽ جھٽ پلڪ لاءِ ئي ھوندي ھئي، گمان آھي ته ناموافق پھلوئن تي ٿيندي ھجي. ليڪن شھزاديءَ کي ڪيئن سُڌِ مِلَي؟

شھزاديءَ جي محبوب تي اکيون اڙائڻ واري ڇوڪري، محبت جي ديوي ھئي. ليڪن شھزادي، پنھنجي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل انتھائي وحشت سان، ساڻس نفرت ڪندي ھئي ۽ اھا ئي ڇوڪري ھن وقت سامھون وارن دروازن مان ھڪ جي پويان لڪايل ھئي.

جڏھن سندس محبوب، مڙي کيس ڏٺو، ٻنھي جون نگاھون چار ٿيون. ان وقت شھزادي، سڀ کان وڌيڪ اڇي ۽ پيلي منھانڊي نظر اچي رھي ھئي ۽ سندس چؤڌاري، بي نقاب چھرن ۾ ڪو به کانئس وڌيڪ بي حس ۽ وڌيڪ بي حرڪت نه ھيو.

ٻنھي ھڪٻئي کي اھڙن تيز جذبن سان ڏٺو، جيڪو صرف انھن شخصن کي عطا ٿيندو آھي، جن جا روح ھڪٻئي سان رَليل ھوندا آھن. شھزاديءَ کي ڄاڻ ھئي ته ڪھڙي دروازي جي پويان شينھن آ ۽ نوجوان کي پڻ يقين ھيو ته ھوءَ ضرور ڄاڻي ٿي. نوجوان عاشق، پنھنجي محبوبه جي محبت سان ٽمٽار فطرت کي سجھندو ھيو ۽ کيس پڪو يقين ھيو ته منھنجون نگاھون دروازن جو سربستو راز ڄاتي بغير، شھزاديءَ جي چھري تان نه ھٽنديون. اھو راز، جيڪو مڙني تماشائين جي نظرن کان ڳجھو ھيو. نوجوان کي پوري اميد ھئي ته شھزادي ان معمي جو حل ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي ھوندي.

نوجوان جي متلاشي، آرزومند ۽ شوق سان ٽمٽار اکين پڇيو؛ ”ڪِڏَي؟“

اھو پڇڻ، شھزاديءَ تي اھڙيءَ طرح چٽو ٿي ويو ڄڻ ته ھن پوري زور سان پڪاريو ھجي.

پلڪ به ضايع نه ٿيڻ گھربي ھئي. اھو سوال، بغير اک ڇنڀئي، صرف نگاھ جي لطيف جنبش ذريعي پڇيو ويو ھيو ۽ نگاھ جي جنبش ئي ان جو جواب ٿي پئي سگھي.

شھزاديءَ پنھنجو ساڄو ھٿ کنيو ۽ سندس روشن اکين منجھان نگاھ، ساڄي پاسي جنبش ڪئي. انھن لطيف اشارن کي شھزاديءَ جي محبوب کان سواءِ ڪير نه ڏسي سگھيو. نوجوان جي اکين کان سواءِ ھر فرد جون اکيون سامھون وارن دروازن تي اٽڪيل ھيون.

ھو مُڙيو ۽ مضبوط قدمن سان ٻرانگھون ڀريندو، دروازن جي وچ وارو مفاصلو طئي ڪرڻ لڳو. دلين جي حرڪت، بند ٿي وئي. ساھ رڪجي ويا. اکيون آئيني وانگر، مٿس ڄميل ھيون. ھو ڪنھن رنڊ روڪ جي بغير، ساڄي پاسي واري دروازي ڏانھن ھلڻ لڳو ۽ بنا ڪنھن ججھڪ جي، اھو کولي ڇڏيائين.

ھاڻ، ھن ڪھاڻيءَ جو اصل معمو ھيءُ آھي ته انھيءَ دروازي مان شينھن نڪتو ڪن عورت؟ اسان ان سوال تي جيتري قدر غور ڪيون ٿا، اوتري قدر ان جو حل مشڪل ٿيندو ٿو وڃي. ان سوال جو حل، انساني دل جي مطالعي ۾ آھي ۽ انھيءَ اسان کي جذبات جي پر اسرار گورک ڌنڌي ۾ ڦاسائي وڌو آھي.

ڪھاڻيءَ جا پڙھندڙئو! انھيءَ سوال جي جواب تي غور نه ڪيو بلڪ ان جوشيلي ۽ نيم وحشي شھزاديءَ جي دل جو مطالعو ڪيو، جنھن جو روح مايوسيءَ جي سفيد باھ ۾ رک ٿي رھيو ھيو.

”مون ان کي ھٿان وڃايو، ليڪن ان کي ڪير ماڻيندي؟“

اڄ جي ڏينھن کان اڳي، پنھنجي سرگرم پڇا ڳاڇا جي منڍ ۾ ھوءَ ڪئي دفعا وحشتناڪ خوابن مان ڇرڪ ڏئي اٿي ھوندي. ھن، ڪيترا ئي دفعا انھيءَ خيال جي ايندي ئي ٻنھي ھٿن سان منھن ڍڪيو ھوندو ته سندس محبوب اھڙي دروازي کي کولي رھيو آھي، جنھن جي ٻئي پاسي ٻڦريل شينھن، سندس انتظار ڪري رھيو آھي.

ڪيترا ئي دفعا سندس تصور، پنھنجي محبوب کي ٻئي دروازي تي ڏٺو ھوندو ۽ درد ۽ ڪرڀ منجھان ڏند ڪرٽيا ھوندا. پنھنجي وارن کي پٽيو ھوندائين. انھيءَ خيال سان ته سندس مطلوب، پنھنجي خوشيءَ سان اھڙي دروازي کي کولي رھيو آھي، جنھن جي پويان، ھڪ بي انتھا سھڻي عورت آھي.

تصور ئي تصور ۾، پنھنجي عاشق کي، ان عورت سان ملڻ لاءِ وڌندي، لال ڳٽن ۽ اشتياق وڌائيندڙ نگاھن سان سندس ھٿ پڪڙيندي، ڏسي ڪري سندس دل رقابت جي باھ سان ڀڙڪي پئي ھوندي. ھن تصور جي اکين سان، پنھنجي وڃايل معشوق جي غمگين جسم کي نئين روح سان چمڪاٽ ڪندي ڏٺو ھوندو ۽ ڪت خلق کي خوشيءَ جا نعرا ھڻندي ٻڌو ھوندو. ڪڏھن ھن خيال ڪيو ھوندو ته شينھن سندس جسم کي چيري ڦاڙي پيو. سندس چيخون ٻڌيون ھوندائين. ڪڏھن ويچاريءَ پنھنجي روبرو ھن کي ھڪڙي ٻي عورت جو گهوٽ ٿيندي ڏٺو ھوندو. ڪڏھن ھن جون ھڏيون ڪڙڪاٽ ڪندي ۽ ٽٽندي ڏٺيون ھوندائين ۽ وري ڪڏھن مٿس گلن جي ورکا ٿيندي نظر آئي ھوندس.

انھن تصورن جي ھنگامن منجھ، سندس روح، ھڪ مايوسيءَ واري آھَ منجھ ٻڏي ويو ھوندو. ھن سوچيو ھوندو ته مان ان وقت مري وڃان ۽ ان دنيا ۾ وڃي پنھنجي محبوب جو انتظار ڪيان، جتي ھو منھنجي ڀاڪر مان ڇِني نه سگھجي.

ھن، نگاھ جي ھڪ ئي جنبش سان پنھنجو فيصلو ٻڌايو ھيو، مگر ان فيصلو ٻڌائڻ لاءِ، ڪيترا ئي غمناڪ ڏينھن راتيون گذاريا ھوندائين.

ھوءَ ڄاڻي پئي ته مون کان سوال ڪيو ويندو ۽ ھن سوچي ڇڏيو ھيو ته مون کي ڪھڙو جواب ڏيڻو آھي.

ھن ڪنھن سوچ ويچار بنا، پنھنجو نازڪ ھٿڙو، ساڄي پاسي گھمائي ڇڏيو، مگر ان فيصلي جو نتيجو ڄاڻڻ آسان ناھي. دروازي منجھان ڇا نڪتو؛ عورت ڪن شينھن؟ توھان پاڻ ان سوال تي غور ڪيو. مان ان معمي کي حل ڪرڻ، پنھنجو فرض نه ٿو سمجھان.

  

(سنڌي روپ: مفتي محمد اقبال جي ڪيل اردو ترجمي تان)

No comments:

Post a Comment