Sunday, October 17, 2021

ويڪسين - زاھد منگي

ويڪسين

ننڍڙي ڪھاڻي

زاھد منگي



جميل آفيس جي ڪم مان واندو ٿيو ته نائب قاصد کي اخبار ۽ چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيائين. جنهن پهريان چانهه ۽ پوءِ اخبار، آڻي اچي اڳيان رکيس. خبرون پڙهندي، جڏهن “حڪومت طرفان ويڪسين نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهار بند ڪرڻ جو فيصلو” واري خبر جي سرخيءَ تي نظر پيس ته وات ۾ پيل چانهه جو ڍڪ به ڪؤڙو ۽ ڪسارو لڳس. ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويو. نرڙ، پگهر ۾ پسي ويس. کيس اهڙي حال ۾ ڏسي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ملازم پڇيس؛ “خير ته آهي. اوچتو منهن ئي لهي ويئي.؟”

“نه پڇ يار وڄي وياسين.”

“پوءِ به خبر ته پوي ڪهڙو مسئلو آهي.”


“اخبار ۾ خبر پڙهي اٿئي.؟“

“ڪهڙي؟ ملازم تعجب مان پڇيس.

“هيءَ.”

جميل ويڪسين بابت ڇپيل خبر واري سرخيءَ تي هٿ رکندي ٻڌايس.

”ها! پوءِ ان ۾ ڳڻتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.”

“واهه ڙي واهه يار واھ!!. چون ٿا جنهن ويڪسين ڪرائي، اهو ٻن سالن ۾ مري ويندو. هاڻي جي ويڪسين نه ٿا ڪرايون ته پگهار ٿي بند ٿئي ۽ جي ويڪسين ٿا لڳرايون ته کڻ پنهنجي ڀاءُ کي. مري وياسين هوڏانهن باهه، هيڏانهن ڀت.”

“هاهاهاها....”  هن جي ڳالهه ٻڌي ملازم کلڻ لڳو.

”اڙي چريا! ڳالهه به اهيا آهي، جنهن تي پريشان ٿيو آهين..“

“بس يار! تو کي لڳي ٿو حياتي پياري ناهي. جو ٽهڪ پيو ڏئين.”

ملازم هيڏي هوڏي نهاريو ته آفيس جو ٻيو عملو ڪم ۾ لڳل هو.

“چڱو هاڻي ڪن ڏي ته ڳالهه ڪيائين.”

ٻنهي ڪن ۾ ڪا سس پس ڪئي.

ٻئي ڄڻا هيلٿ سينٽر پهتا. ويڪسينيشن واري هال ۾ ويا ته سڄو ماڻهن سان ڀريو پيو هو. جن مان اڪثريت سرڪاري ملازمن جي هئي. هڪ پاسي عورتون ته ٻئي پاسي مرد پاڻ کي رجسٽر ڪرائي رهيا هئا. هو داخلا ڪرائي داخلا وارو ڪارڊ وٺي اندر ويڪسينيشن روم واري انتظار گاه ۾ ويٺا. جميل سان گڏ ويل ملازم هن کي ٻاهر ويهاري، پاڻ اندر ويو. ٻن منٽن کانپوءِ کيس اندر اچڻ لاءِ سڏ ڪري، اکين جو اشارو ڪيائين. جميل ٻه ڳاڙها نوٽ ڪڍي، دوست کي ڏنا، جيڪي هن ويڪسينيٽر جي کيسي ۾ وڌا. جنهن وڏي خوشيءَ سان کين هڪ پاسي ويهاري، خالي سرنج جميل جي ٻانهن تي رکي. همراهه ڪيميرا جي چمڪاٽ سان فوٽو ڪڍيو. ٻئي کلندي ٻاهر نڪتا ته جميل پنهنجي دوست کي چيو. “واقعي يار سچ چيئي. ڏنو پٽ ڇٽي جو آ.”

 ٻنهي ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.

 

(زاھد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment