Monday, October 25, 2021

اک جو پاڻي - دريا خان شنباڻي

اک جو پاڻي

(ننڍڙي ڪهاڻي)

دريا خان شنباڻي



اکين جي هڪ مشھور ڊاڪٽر وٽ پنهنجي ڳاڙھي ٿي ويل ۽ سڄيل اک ڏيکارڻ ويس، مان پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هيس ته منهنجو نظرون مٿي کڄي ويون ۽ ڊاڪٽر جي ڪمري جي دروازي مٿان هڪ پٽي نظر آئي جنهن ۾ لکيل هو؛ ’هتي ديد واري جو علاج ڪيو ويندو آھي.‘ ان سٽ تي ڏاڍو سوچيم پر ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. ڪجھ ئي پلن کان پوءِ مون کي به سڏ ٿيو، مان اندر ويس ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سامهون ويهڻ جو اشارو ڪيو، مان ويٺس. مون ۽ ڊاڪٽر جي وچ ۾ اکيون چيڪ ڪرڻ واري مشين رکيل هئي. ڊاڪٽر پهريان ته اهو پڇيو؛ “ڇا تڪليف آ؟”


“ڊاڪٽر صاحب هڪ صبح جو اٿيس ته اک سڄيل هئي ٻئي صبح وڌيڪ سڄيل هئي، ٽئين صبح اڃان وڌيڪ سڄيل به هئي ته ڳاڙھي به هئي.” مون چيو.

“سور؟” ڊاڪٽر پڇيو.

“سور ناهي، باقي اک مان پاڻي وهي ٿو.” مون چيو.

“اڇا اڇا ٺيڪ، مشين ۾ کاڏي رکو.” ڊاڪٽر چيو.

مون کاڏي رکي ۽ ڊاڪٽر مشين منجهان منهنجي اک چيڪ ڪرڻ لڳو ۽ ٿوري دير کان پوء چيائين؛ “بس!”

مون پنهنجي کاڏي هٽائي ڇڏي.

ڊاڪٽر پرچيءَ تي دوا لکندي چيو؛ “ڪجھ ڦڙا لکان ٿو، صبح شام اک ۾ وجهو. هروڀرو ڳڻتيءَ واري ڳالھ ناهي. انشآءَالله ٺيڪ ٿي ويندي.” هن منهنجي هٿ ۾ پرچو ڏنو ۽ مان اٿڻ لڳس ته مون کي دروازي مٿان لکيل ڳالھ ياد آئي. سو ڊاڪٽر سان مخاطب ٿيس؛ “ڊاڪٽر صاحب، هڪ ڳالھ پڇان، ناراض ته نه ٿيندو؟”

“نه! نه! پڇو!” ڊاڪٽر صاحب مرڪندي چيو.

“اوهان جي ڪمري جي ٻاهران پٽي لڳل آھي، جنهن تي لکيل آھي؛ ’هتي ديد وارن جو علاج ڪيو ويندو آھي‘ ان مان ڇا مراد آھي؟”

منھنجي ان سوال پڇڻ تي ڊاڪٽر هڪ ٿڌو ساھ ڀريو ۽ پوءِ چيائين؛ ”هڪ ته اهو سوال ڪير اڄڪلھ پڇي ئي ڪو نه ٿو. ٻيو ته هاڻ اها ڳالھ رهي ئي ناهي. بس گذارو ڪرڻ لاءِ ديد توڙي بنا ديد وارن جو علاج ڪيان ٿو. مون کي هن ڪرسيءَ تي ويٺي ٽيھ سال ٿيا آهن. ڏٺو وڃي ته اهو وڏو عرصو آھي. مون پهرئين ڏينهن ئي اها پٽي هنئي هئي ۽ تڏھن هيءَ پٽي ڪم جي هئي، پر هاڻ ناهي.“

مون کي ڊاڪٽر جي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي سو مان خاموش ويٺو رهيس ۽ ھن ڳالھ جو سلسلو اڃا اڳتي وڌائيندي چيو؛

“جديد کان جديد تر مشينون اچي ويون آھن. ٽيھ سال پهريان به هڪ مشين هئي، جنهن مشين مان جڏهن مان ماڻھن جي اکين ۾ نهاريندو هيس ته هڪڙي مخصوص قسم جو پاڻي نظر ايندو هو. پر هاڻي ڏينهون ڏينهن اهو پاڻي، ماڻھن جي اکين مان ختم ٿيندو پيو وڃي.”

مان وري به خاموش هيس ته ڊاڪٽر صاحب چيو؛ “ٽيھ سال پهريان، اها حالت نه هئي جيڪا هينئر آھي. تڏهن پڪن پوڙھن، جوان ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن، سڀني جي اکين ۾ نهاريندو هيس ته اهو پاڻي نظر ايندو هو ۽ هاڻي.........”

“۽ ھاڻي ڊاڪٽر صاحب....؟!” مون پڇيو ته ڊاڪٽر صاحب هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين؛ “هاڻي ته اها اک ئي نظر نه ٿي اچي. الائي منهنجيون اکيون ڪمزور ٿي چڪيون آھن، الائي سچ ۾ ماڻھن جي اکين مان حياءُ وارو پاڻي ختم ٿي ويو آھي. سڀاڻي اها پٽي ئي پٽي ڇڏيندس.”

ڊاڪٽر صاحب خاموش ٿيو ۽ مان ٻاهر نڪري آيس.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment