Friday, October 8, 2021

اخلاق انصاري جو احساسن سان ڀريل نثر - ڪليم ٻٽ

اخلاق انصاري جو احساسن سان ڀريل نثر

ڪليم ٻٽ



سنڌي افسانوي ادب جي حوالي سان هڪ را اها آهي ته ان ۾ تخليق ۽ تخيل گهٽ جڏهن ته نعري بازي وارو جز ڪجهه نمايان نظر اچي ٿو. اسان جو پڙهندڙ ڪهاڻيڪارن ۽ افسانا نگارن مان اها اميد رکي ٿو ته اهي اهڙو ادب لکن جنهن سان سياسي نعري بازي کي هٿي ملي، اهو ستل قوم کي جاڳائي ۽ انقلاب جون راهون هموار ڪري. اسان وري وري پنهنجي پڙهندڙ کي اهو ياد ڏياريندا ايندا آهيون ته ليکڪ جي سماج ڏانهن ذميواري آهي ۽ ان کي هر حال ۾ اها ذميواري پوري ڪرڻي آهي. منهنجو خيال آهي ته هڪ ڪهاڻيڪار جي ذميوار سندس پڙهندڙ کي سٺي ڪهاڻي ٻڌائڻ آهي نڪي نعرا هڻڻ، جيئن ڪو ڪهاڻيڪار ڪا ڪهاڻي ٻڌائي بس ڪري ٿو ته انهي وقت سندس ذميواري به پوري ٿي وڃي ٿي. پر سنڌ ۾ ڪي اهڙا ڪهاڻيڪار به پيدا ٿيا آهن جن بنا ڪنهن جي پرواهه ڪئي ڪهاڻي جي روح کي سمجهي سنڌي ڪهاڻي سان پيار ڪندڙن کي شاندار ڪهاڻيون پڙهڻ لا ڏنيون آهن. سنڌي ٻولي جي خوبصورت ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري جو نالو به اهڙن ڪجهه ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ اچي ٿو.


سٺو فڪشن پڙھندڙ تي ٻه اثر ڇڏيندو آھي: هڪ ته اهو پڙھندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪندو آھي، ٻيو سٺو فڪشن پڙھندڙ کي تصور ۽ تخيل جي هڪ الڳ دنيا ڏانهن وٺي ويندو آھي. سچ پڇو ته جيئن ئي مون سنڌ جي هن نرالي ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري جو ڪتاب مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان پڙھڻ شروع ڪيو ته هن ۾ ڏنل ڪهاڻين ۽ ڪردارن زندگي جي مختلف رخن تي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي هڪ الڳ دنيا ۾ محسوس ڪري رهيو آھيان، اڃا به هنن ڪهاڻين جي سحر مان نه نڪري سگهيو آھيان.

مون هڪ هنڌ ادب جي حوالي سان لکيو ته:

"Literature is to express your darkest feelings in sophisticated manner."

اخلاق انصاري جي ڪهاڻين جي ڪتاب مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آھيان پڙھڻ کان پوء پنهنجو اهو جملو سچ ثابت ٿيندي محسوس ٿيو.

ڪنول پبليڪشن پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ سورنهن ڪهاڻيون آھن، جن ۾ نه ته ڪا پرچار ڪئي وئي آھي نڪو ئي وري ڪا پروپيگينڊا، پر ان کان مٿي انسان جي انهنdarkest feelings جو اظهار ڪمال نفاست سان ڪيل آھي. فني اعتبار سان هڪ ڪامياب ڪهاڻي اها آھي جنهن ۾ واقعا، جذبا، احساس هڪ تسلسل ۾ ھجن ۽ اهو تسلسل ڪٿي به نه ٽٽي. پڙھندڙ کي ڪٿي به اهو احساس نه ٿئي ته فلاڻي ڳالهه، واقعو يا جملو ڪهاڻي ۾ اجايو ٽنبيو ويو آھي.

اخلاق صاحب ڪمال مهارت سان هي ڪهاڻيون لکيون آھن.

هنن ڪهاڻين جي هڪ عجيب دنيا آھي ڪردارن جي مختلف ورتائن جي ڪري الڳ نفسيات جڙي ٿي وڃي. ڪنهن ڪهاڻي ۾ هڪ پوڙھو همراهه ماڻھن سان ڳالهائڻ لاء سڪي ٿو ۽ پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري ٿو ته ڪنهن ڪهاڻي ۾ پنهنجي وقت جو مشھور ڌاڙيل جيل مان نڪرڻ کانپوء بيوسي جي عالم ۾ ھليو ٿو وڃي. ڪنهن ڪهاڻي جو ڪردار سندس ئي خوف جي سوڙھي ڪنڊ جي دائري ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. کيس ڊپ آھي ته جيڪڏھن کيس ايڊز پازيٽو آيو ته سندس پاڙي وارا ۽ مٽ مائٽ ھن لاء ڇا سوچيندا ۽ انهي خوف ۾ هن کان زندگي جون رنگينيون کسجڻ لڳن ٿيون. ورهاڱي کانپوء ظفر اقبال هتي پناهگير ٿي اچي ٿو پر اڃا به کس پناهه جي ڳولا آھي.

هنن ڪهاڻين ۾ ھڪ نواڻ اها به ڏسڻ ۾ آئي ته ڊائلاگن ۾ انورٽڊ ڪاما استعمال نه ڪيا ويا آھن، ان طرز تي ادب ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ پورتگالي ناول نگار حوزي ساراماگو جا ناول لکيل آھن.

ڪهاڻين جا ڇرڪائندڙ جملا ۽ پڄاڻي ليکڪ جي آرٽسٽڪ ايڪسپريشن جي شاهدي ڏين ٿا.

هنن ڪهاڻين جو تت شوڪت شورو صاحب جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل هنن سٽن مان ڪڍي سگهجي ٿو:

”اخلاق انصاري نئين حساسيت (Modern sensibility) جو ڪهاڻيڪار آھي. هن زندگي جي ننڍڙن ۽ پيچيده پاسن کي آرٽسٽڪ نموني جديد ڪهاڻي جي فريم ۾ آندو آھي. اخلاق انصاري انساني رشتن ۾ پيدا ٿيل مفادن ۽ منافقتن کي چٽو ڪيو آھي.“

ويجهڙ ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان هي ٻيو اهم ڪتاب منهنجي نظرن مان گذريو آھي. ان کان اڳ مشتاق شورو صاحب جو ڪتاب هستي جو گم ٿيل ٽڪرو پڙھڻ جو موقعو مليو. هي ٻئي ڪتاب جديد سنڌي ڪهاڻي جا سنگميل آھن. هنن ٻنهي ڪتابن کي يونيرسٽي ليول تي سنڌي ادب جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. جيئن نئون لکندڙن کي جديد ڪهاڻي جي فن جي خبر پئجي سگهي.

اخلاق انصاري جو هي ڪتاب پڙهڻ کانپو ليکڪ جي ٻين لکڻين کي پڙهڻ وارو منهنجو تجسس وڌي ويو ۽ اتفاق اهڙو ٿيو جو حيدرآباد جي هڪ ڪتاب گهر تان سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”مان اڪيلو اواڪ (ڪهاڻيڪار جو نوٽ بوڪ) وٺي آيس.

هي ڪتاب ڪنول پبليڪشن، ۲۰۱۶ع ۾ ڇپرايو آهي، هن ۳۰۰ صفحن جي لڳ ڀڳ ڪتاب به احساسن سان ڀريل آهي جنهن جو مثال ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڏنل هي جملو آهي:

”توهان مونکي پنهنجي ذهن مان تڙي ڪڍو، مان توهان کي وسارڻ لا سوچيندس.“

هي ڪتاب ڊائري واري انداز ۾ لکيل آهي، جنهن جي مهاڳ ۾ مدد علي سنڌي لکيو آهي ته:

”اخلاق انصاري، جي ڊائري منهنجي هٿن ۾ آهي. اها رات جو ئي پڙهڻ شروع ڪيم. سموري يڪ ساهي ۾ پڙهي ويو هوس.

پو ته ننڊ اکين مان اڏامي ويئي ۽ سمهي نه سگهيس. هان اُٿي اچي گيلري ۾ بيٺو آهيان، سامهون وڻن مان ايندڙ تيز هوا پئي اچي مون کي لڳي. هوا وڻندڙ ٿڌي آ، بهار جي آمد آمد آهي. بسنت ڄاڻ لڳو. هوا ٻڌائي رهي آهي ته رُت ڦري آهي. سامهون سموري ڪائنات تي خاموشي ڇانيل آهي. مٿي آڪاس تي اماوس جي اونداهه آهي پر آڪاس جهرمر جهرمر ڪندڙ، تارا کڙيل آهن، انهن مان صبح جو تارو نمايان آهي سڀني کان! پريان سمنڊ مان لنگهندڙ جهاز جو گهگهو خاموشي کي ڪجهه دير لا ٽوڙي ٿو. منهنجي من تي اخلاق جي ڊائري جو اثر آهي. ڊائري پرهندي منهنجي اکين آڏو اهو زمانو اچي بيٺو، جڏهن هُو يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ سندس امنگون، جذبا ۽ جوش جوان هئا، بسنت جي ڪنهن صبح جهڙا!“

سچ به اهو ئي آهي ته اخلاق انصاري جون ڪهاڻيون يا نثر پڙهندي پڙهندڙ انهي قسم جي سحر ۾ گم رهي ٿو، سندس نثر ۾ هڪ جادو آهي.... اخلاق انصاري جو نثر ٻيجل جي انهي ساز جهڙو آهي جنهن کي ٻڌي بنا ڪجهه سوچي ئي را ڏياچ سر ڏيڻ لا تيار ٿي ويو.

هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي والد جا لکيل خط ۽ ليکڪ جا ڏنل جواب، احساسي ٽڪرا، يونيورسٽي جو احوال، سياسي اٿل ڦٿل جو ذڪر ملي ٿو ان کان سوا ڪيترن ئي ليکڪن جون ڪوٽيشنز پڻ ڏنل آهن. ڪتاب ۾ ڏنل پهرين ٽڪري ئي منهنجا ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيا:

”مان؟؟ ان ديس جو شهزادو آهيان، جنهن ديس ۾ شهزاديون ٿين ئي ڪانه.“ يا وري رسول حمزا توف جي شاعري جي حوالي سان ليکڪ هي خوبصورت خيال ڏنو آهي:

”جي تون رسول حمزاتوف جي شاعري پڙهين ته لهندڙ سج کي پٺي ڏئي اوڀر ڏي ڊوڙين.“

 منهنجي خواهش آهي ته اخلاق انصاري جون ڪهاڻيون ۽ نثر ٻين ٻولين ۾ ضرور ترجمو ٿيڻ گهرجي جيئن دنيا کي خبر پئجي سگهي ته سنڌي اديب جي خيال ۽ تخيل جي اڏام ڪيڏي نه اوچي آهي، جو اها ستين آسمان کي چمي ڏئي موٽي اچي پڙهندڙ جي جهولي ۾ ڪري ٿي.

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۵ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment