Sunday, October 17, 2021

ناول، ناوليٽ ۽ ناويلا ۾ فرق - ممتاز بخاري

ناول، ناوليٽ ۽ ناويلا ۾ فرق

ممتاز بخاري



ناويلا افسانوي نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي جيڪا پنهنجي بناوٽ ۾ گهڻي ڊگهي ناهي هوندي ۽ بناوت ۾ حقيقت وانگر هوندي آهي. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي زندگي جو ڪو حصو افسانوي انداز ۾ بيان ڪندو آهي ۽ ان ۾ ناول يا ڪهاڻي وارا عنصر شامل هوندا آهن. جنهن ۾ ڪنهن فرد جا ذاتي حوالي سان ڏک سک، طبيعت، سياسي خيال وغيرهه بيان ٿيندا آهن. ناويلا ۾ ناول جي ڀيٽ ۾ ٿورا ڪردار، گهٽ ٿيم ۽ گهٽ تضاد هوندا آهن اهو شعور جي وهڪري ۾ احساساتي انداز ۾ اڳتي وڌندو آهي.


ناول هڪ وسيع جهول رکندڙ آهي جنهن ۾ انساني زندگي کان هٽي ڪائنات جي رمزن بابت به موضوع هوندا آهن. ناول هڪ اڻ کٽ وسيع ميدان آهي جنهن ۾ واقعن، خيالن ۽ سوچن جا سرڪش گهوڙا جيتري ڊوڙ هڻڻ چاهين هڻي سگهن ٿا. ڪردارن ۽ ڪهاڻين سموئڻ جي ڪا جهل ناهي. بيان جي انيڪ طريقن سان اظهاري سگهبو آهي. ايئن چئجي ته جيڪڏهن ناويلا يا ناوليٽ ۾ گهڻا ڪردار ۽ وڌيڪ پلاٽ ايندا ته اهو ناول ٿي ويندو. ناول ۾ ڪردار، واقعا، معاملا، پلاٽ وڌيڪ هوندا آهن.

ناويلا ۽ ناوليٽ ۾ اڪثر ڪو هڪ تضاد هوندو آهي ۽ اهو ئي گهڻو تڻو حاوي هوندو آهي. باقي تضاد، گهڻا حاوي ناهن لڳندا. ايئن کڻي چئجي مک تضاد مان نڪتل لڳندا آهن. پر ناول ۾ نه رڳو مختلف تضاد به هوندا آهن پر هر تضاد اندر ان جو پنهنجو سب پلاٽ يا الڳ ڪهاڻي به هوندي آهي. ناويلا ۽ ناوليٽ ۾ تضاد تيزي سان پنهنجي منطقي پاسي ويندا آهن.

پر ناول ۾ مرڪزي تضاد هوريان هوريان به هلندو آهي ۽ ڪٿي وري سب پلاٽ جو تضاد اچي ان کي روڪي به وجهي ٿو ۽ پوءِ وري مک تضاد ٻين ننڍن تضادن سان اڳتي وڌي ٿو، پوءِ اهي احساساتي هجن يا شعور واري وهڪري جا هجن توڙي لاشعور مان ايندا هجن يا وري حقيقت نگاري پٽاندڙ هجن. ايئن ناول پنهنجي بيان سان گهڻيون ئي ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو.

ناويلا ۾ ڪردار جي ذاتي ۽ احساساتي بيان کي وڌيڪ اهميت هوندي آهي.

ناوليٽ ۾ ڪردار ڪنهن هڪ نقطي تي ٽڪيل هوندا آهن. پلاٽ جي بيان ۾ گهڻي لامحدوديت ناهي هوندي.

ناول ۾ ڪردارن واقعن کي بيان ڪرڻ جي تمام گهڻي گنجائش هوندي آهي. اڄ جي دور ۾ ناول گهٽ ۾ گھٽ چاليهه هزار لفظن کان مٿي هجي. ناويلا گهٽ ۾ گهٽ پنڌرنهن هزار لفظن کان مٿي ۽ چاليهه هزار لفظن جي اندر هجي. جڏهن ته ناوليٽ گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏهه هزار لفظ ۽ وڌ ۾ وڌ ويهه هزار لفظ هجي.

 

(ممتاز بخاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment