Friday, October 8, 2021

تالو - امر اقبال

تالو

ننڍڙي ڪهاڻي

امر اقبال



پيءُ جي گهڻو ڏُور هليو وڃڻ کان پوءِ، ڄڻ تہ گهرَ جي اَڌُ ڇانءَ کسجي وئي هُين. هاڻي پوڙهي امڙ سندن گهر لاءِ ڇانوَ هئي. وڏو ڀاءُ هئڻ جي ناتي سڀني ڀينرن کي ۽ سڀني ڀائرن کي ڌام ڌوم سان پرڻائي، ڪلهن کي هلڪو ڪيائين.

ڀينرون پنهنجن ورن، گهرن ۽ ٻارن سان خوش هيون. ڀائر، پنهنجا پنهنجا الڳ گهرڙا جوڙي، پنهنجي ٻَچن سان خوش هُيا.....


سَڀُ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خوش هُئا، پَرَ هي وڌيڪ خوش هُيو. جو ماءُ جي ڇانوَ سندس حصي ۾ هئي...

”منهنجو گهر، منهنجن سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کان وڌيڪ سُهڻو آهي“. هِڪَ شامَ امڙ جي پيرن کي زور ڏيندي هُنَ سوچيو ۽ مُسڪرايو. سندس ستن سالن جو پُٽ ۽ پنجن سالن جي ڌيءُ، ڀرسان ئي اسڪول جو هوم ورڪ ڪري رهيا هُئا ۽ سندس زالَ، بورچيخاني ۾ راتِ جي مانيءَ لاءِ ٿانوَ کڙڪائي رهي هئي...

ڊسمبر ۽ جُون جولاءِ جي موڪلن ۾ سڀئي ڀينرون ۽ سڀئي ڀائر، پنهنجي پنهنجي ڪهولَ سميت اچي هِنَ گهر ۾ نڪرندا آهن. اباڻو گهرُ ڀَرجي ڀَرجي ويندو آهي. پنهنجي اکين جي سڀني تارن کي هڪ ئي ڇت هيٺان ڏسي، امڙ جي حياتيءَ جا ڏينهن وڌي ويندا آهن...

روزاني زندگيءَ ۾ صُبح جو ساڍي ستين بجي ٻنهي ٻارن کي اسڪول ڇڏي، هُو گهر موٽي ايندو آهي. تڪڙ ۾ نيرن ڪري، زال کي سندس اسڪول ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي آفيس هليو ويندو آهي.

امڙ جي گهر ۾ موجود ھوندي مصروفيت ڇا هي هوندي؟!

قرآن شريف جو دؤر .......

دَرَ تي آيل فقير کي خيرُ ڏيڻ.....

ڪَمَ واري ماسيءَ لاءِ دَرُ کولڻ.....

پوسٽ مئن کان خط ۽ پارسل وٺڻ....

وڌ ۾ وڌ.....

فرج ۾ شيُن کي ترتيبَ سان رکڻ....

پاڻيءَ جون بوتلون ڀري فريزر ۾ رکڻ...

منجهند جو لنچ ٽائيم ويلي هُو لامارو ڏئي ٻارن ۽ زال کي سندن اسڪولنَ مان کڻي، گهر ڇڏي ويندو آهي.

ڪنهن شاديءَ جي تقريبَ ۾، بازار شاپنگ لاءِ، يا ڪنهن ٻئي پاسي، زال ۽ ٻارن سان ويندي بہ، گهرَ ۾ امڙ جي موجودگي سندن لاءِ ڪنھن آٿت وانگر ئي رهندي پئي آئي...

...... ۽ پوءِ هِڪَ ڏينهنُ ڇا ٿيو. سندس امڙ صبح جي نمازَ واري سجدي  ۾ ئي پري، گهڻو پري هلي وئي. بنا ٻُڌائڻ جي..... اباڻو گهر سُڏڪن سان ڀرجي وَيو. ڀائرَ، ڀينرون، مٽ مائٽ آيا. امڙ کي سينگاري، سندس پيشانيءَ تي آخري چُمي ڏئي، هُو سڀني جي ساٿ ۾، ڳوٺ جي ٿڌي مٽيءَ ۾ کيس آرامي ڪري آيو.

تڏي تي دعا لاءِ هٿ کڄندا ۽ ڪرندا رهيا. ٽيجهي کان پوءِ هر ڪو ئي، پنهنجي پنهنجي گهر، پنهنجي پنهنجي شهر اُسهڻ لڳو. پهريان مٽ مائٽ ۽ پوءِ آهستي آهستي ڀينرون ۽ ڀائر بہ آلين اکين سان، ڀنل ڀاڪُرَ پائيندي، موڪلائيندي هليا ويا.

هُو زال ۽ ٻن ٻارن سميت گهرَ ۾ اڪيلو رهجي ويو. پنهنجي آفيس ۽ زال جي اسڪول ڏانهن، آچَرَ تائين موڪل جي درخواست ڏياري موڪليائين.... ٻارن جي اسڪول بہ موڪل لاءِ چورائي ڇڏيائين.

آچر تائين هُو حيران اکين سان گهرَ جي ديوارنُ، ڪمرن، امڙ جي مصلي ۽ دوائن جي شيشين کي ڏسندو رهيو....

سومر جي صبح جو ساڍي ستين بجي ٻارن کي اسڪول ڇڏي گهر موٽيو. جوڻس نيرن ٽيبل تي تيار رکي هُيس. هِڪُ گرھ هنيائين. چانھ جو ڪوپ اڌ ۾ ڇڏي زال کي چيائين: ”جلدي اٿ، دير ٿي وئي آهي“.

جوڻس پرس کڻي، چادر کي ٺاهيندي اُٿي.

ٻاهر نڪري بائيڪ تي ويٺو. جوڻس ڪلهي تي هَٿُ رکي پويان ويهي رهيس. زال کي چادر سنڀالڻ جو چئي، موٽر سائيڪل کي ڪِڪِ هڻڻ وارو ئي هُيو جو. اوچتو الائي ڪهڙو خيالُ آيس.

”هِڪُ منٽُ“، زالَ کي چيائين ۽ تڪڙ ۾ گهر اندر هليو ويو. واپس آيو تہ هَٿَ ۾ تالو هيس.

گيٽ جو ڪڙو ڏئي، تالو هڻي ئي رهيو هو تہ سندس اک مان ٽميل ڳوڙهو، ڳَلَ تان ترڪندو اچي تالي تي ڪريس...

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment