Friday, October 8, 2021

پھتل اديب - مور مغيري

پھتل اديب

ننڍڙي ڪهاڻي

مور مغيري



پيءُ کنگهندي چيو؛ ”پٽ عامر! ڪاڏي ٿو وڃين؟“

”بابا! هڪڙو اديب، وڏيءَ پهچ وارو آهي. انهيءَ پھتل اديب سان ملڻ ٿو وڃان. جيئن ڊاڪٽرن کي سفارش ڪري ته، ڪو دوا درمل ۾ تنهنجو خيال ڪن. باقي هتي سرڪاري اسپتال ۾ ته نڌڻڪي ماڻهوءَ جو ڪو به ڌڻي سائين ناهي. ست ڏينهن ٿيا آهن، توهان کي اسپتال ۾ داخل ٿئي. توهان جي طبيعت وڃي ٿي پوئتي ٿيندي. تنهنڪري، انهيءَ پھتل اديب سان ملڻ ٿو وڃان.“

پيءُ چيس؛ ”پٽ! اهي اديب ڳؤرا بارا ۽ وڏا مغرور ماڻھو هوندا آهن. تو ننڍڙي ماڻهوءَ جو ڪم ڪاٿي ڪندا؟“


عامر خاطريءَ سان پيءُ کي ورندي ڏني؛ ”بابا مان به شاعر آهيان. هڪ لڏي جا آهيون. مڙيئي منهنجي عزت ڪندا آھن.“

پيءُ سندس اصرار کي نه ڀڃندي صلاح ڏنس؛ ”ابا! نه ٿو مڙين ته ڀلا وري به فون ڪري پوءِ پنڌ پؤ. ڳالهائڻ ۾، اڇا ڪارا ظاهر ٿي پوندا.“

عامر کي پيءُ جي صلاح وڻي ۽ چيائينس؛ ”بابا صحيح ٿا چئو! فون ٿو ڪري ڏسانس.“

عامر فون ملايو. اڳيان فون جيئن ئي ملي ته چيائين؛ ”اسلام عليڪم! ذيشان صاحب.“

پھتل اديب ورنديءَ ۾ پڇيس؛ ”وعليڪم السلام ڪير پيا ڳالهايو؟”

سائين! مان شاعر عامر پيو ڳالهايان!“

”ها عامر ڳالھ ڪر، ڇو فون ڪيئي؟“

”سائين! توھان ۾ ڪم آهي! ان لاءِ اوهان سان ملڻ پيو چاهيان. اوھان جو وقت کپي.“

”ڪم!!!... وري مون ۾!! سو ڪھڙو!!! پر ادا! مون وٽ ته ٽائيم آھي ئي ڪو نه!!!“

”سائين مهرباني ڪري، پنج منٽ ٽائيم ڏيو، منھنجو بابا بيمار آهي. اسپتال داخل آ.“

”تنهنجو پيءُ بيمار آهي ته قسمت کي چئو!“ اڳيان رکائيءَ سان جواب آيو؛ ”مون وٽ ته ٽائيم ناهي. اسان پروگرامن کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ئي مشڪل سان ٽائيم ٿا ڪڍون.“

”سائين صرف پنج منٽ ٽائيم ڏيڻ جي مهرباني ڪيو.“ عامر فون تي منٿ ڪندي چيس.

اديب: ”چريو آهين ڇا؟ جڏهن چيم ته مون وٽ ٽائيم ناهي، پوء به هروڀرو مٿو ڇو ٿو کائين؟“ ايئن چئي، نمبر ڪٽي، پنهنجي منهن وڦلڻ لڳو: ”واندن مان ڦاٿا آهيون. اسان کان ٿا ٽائيم وٺن.“

عامر مايوس ٿي موبائيل خيسي ۾ وجهي، پيءُ سان مخاطب ٿيو: ”بابا! توهان صحيح چيو ته، اديب وڏا مغرور ھوندا آهن.“

پڻھنس کنگهندي ۽ سهڪندي چيس؛ ”پٽ عامر! انهن پھتلن جي لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي نه وڃ. اهي ظاهر ۾ پھتل ۽ اندر ۾ کٽل هوندا آهن. پٽ! سچ پڇين ته حقيقت اھا آھي ته اڄڪلھ جي پھتل اديب ۽ پھچ واري وڏيري ۾ فرق ئي ناهي رهيو. پھتل اديب به ائين زور جا مغرور آهن. ننڍڙن ليکڪن کي ته گاھ ئي ناهن وجهندا. منھنجي صلاح وٺ! الله سائينءَ کي ياد ڪري، ويهي رھ! وڏو ماڻهو ڪهڙي به شعبي جو ڇو نه هجي، وڏائيءَ جي نشي ۾ ٻڏل هوندو آهي. ان کي منٿ ايلاز ڪرڻ، آھي ھٿ سان پٽڪو لاھرائڻ.“

 

(اسڪالر مور مغيريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ آڪٽوبر تي کنيل)

No comments:

Post a Comment