Thursday, October 14, 2021

ميران جوڳڻ ڪھاڻي-ڪتاب ننگر چنا

ميران جوڳڻ

ڪھاڻي-ڪتاب

ننگر چنا



مون کي ٿورا ته پنھنجي يار حميد چني جا مڃڻ گهرجن، جو هن منھنجي چوڻ تي ڪتاب هٿ ڪري موڪليو. ٻِٽا ٿورا ان سانئڻ جا، جنھن ڪتاب لکيو ۽ حميد چني جي چوڻ تي ڪتاب تي مون لاءِ اکر لکي موڪليا.

هُنَ لکي موڪليو ته؛ “مون کي خوشي آهي ته منھنجو هيءُ ڪتاب، ڪتابن سان محبت ڪندڙ سائين ننگر چنا لاءِ آهي.”


مون سندس ڪتاب پڙهيو ۽ ادب جي هڪ ڪارج مان جيڪو گُڻُ پڙهندي پراپت ٿيندو آهي نه، Sublimation، مطلب ته پاٺڪ پڙهندي پڙهندي اهڙي بلند ڪيفيت کي پھچي جتي کيس Pleasure حاصل ٿئي، جنھن کي اردوءَ ۾ “ترفع” چئجي ٿو، اهو ملڻ لڳي ته سمجهو لکڻ واري جي محنت ثابِ پئي. محترما شميم مري جون ڪي ڪھاڻيرن انهيءَ گُڻَ  جون ساکي آهن.

اسان جون مايون، شاعريءَ ۾ هيڻيون/ ڏٻريون هونديون آهن. سُڌِ ناهي ته اها هيڻائپ به پدرشاهي سماجَ جو دانُ اٿن يا وري خَلقي طور تي ڪائنات جي وڏي تخليقي ڪم ڪرڻ جي پاڻ ئي مطمئن هونديون آهن. ان ڪري ته مائرون ديوتائن جيئن هونديون آهن. پر هيءَ ليکڪا جيڪا شميم مري آهي سا پنھنجي لھجي، تخليقي جوش، ڳالهه ٻڌائڻ جي ڍنگ، فڪري اڏامَ ۽ انجام جي مامري ۾ اوچ ڪوٽي تخليقڪار آهي.

اسان جي ليکڪائن جي تخليقن ۾ “عورت” هجڻ جو عنصر ڪَپرن کان ٻاهر ڇُلڪندي نظر ايندو آهي. هڪڙيون ته وري انهيءَ “عورتازاد” کي بازار جو وکر هجڻ ڪري ٻارهئين مھينا کنيون هوڪا ڏينديون وتنديون آهن. ٻيون وري پنھنجي وچئين طبقي واري ڦرڻي گهرڻي بيھڪ جي ڪري دلالي ڪندي به “عورت” هجڻ جو کٽيو کائينديون رهن ٿيون. پر شميم مريءَ وٽ، عورت هجڻ جي “گريس مارڪن” وٺڻ جو ڪو به رجحان ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

هُنَ کي اعتماد آهي ته هُوءَ سرجڻھار آهي، انسان آهي. هُنَ ۾ عورت هجڻ جي احساس ڪمتري ناهي. هُنَ پنھنجين لکڻين ۾ “عورتازاد” جو بينر ناهي کنيو. انهيءَ ڪري هُوءَ سماج جي مصور آهي، “انسان” جي پيشڪار آهي. الٽرا ماڊرنسٽ، اوور ليپ ۽ قلعي ٿيل فيمينسٽ ناهي. هُوءَ بس عورت ۽ مرد جي دائرن کان مٿي هڪ ڪھاڻيڪاره آهي.

“ميران جوڳڻ” ۾ هن وٽ هر قسم جا ڪردار آهن؛ مرد، عورتون، ٻار، ۽ ڪو دلال، ڪا رنڊي، ڪو ڳجهو راسڪل راسپوٽين مرد، ڪو گندو سياستدان ته ڪو اين جي اوز ۾ ويٺل مردار-خور. پر هن ڪنھن به ڪردار کي عورت ٿي نه ڏٺو آهي، بس هڪ سرجڻھار ٿي پيش ڪيو آهي.

“گڏيل ٻار” ۽ “مسلمان لڙڪا” جھڙيون ڇرڪائيندڙ ڪھاڻيون به آهن ته “رشيدان اوڏڻ”، “ٻروچاڻي” ۽ “ميران جوڳڻ” جھڙا فطري ڪردار رکندڙ ڪٿائون به آهن. ۽ “شينھن سرڪار”، “جانڻ سائين” ۽ “ڏِنگي اڻ _ پور” جھڙيون ڪھاڻيون لکڻ وارو ساهس رڳو هن وٽ ئي آهي.

شميم مريءَ مان آس آهي ته هُوءَ اڃا اڳڀري ٿي، اسان جي سماج جي اونداهن/ رهجي ويل پاسن تي پڻ قلم کڻندي.

 

ننگر چنا، ۱۰ ڪَتي، ۱۳۹۵ سنڌو سنبت، ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع، چنا محلو، نصيرآباد، سنڌ.

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment