Friday, October 8, 2021

ملياڻي حليمان - ابراهيم کرل

ملياڻي حليمان

مختصر ڪهاڻي

ابراهيم کرل



دريائي ڪنارا جڏهن وڻن، ٻوڙن، جھنگ ۽ گاهه کان خالي نہ ٿيل هئا تڏهن دليون بہ محبتن سان سرسبز ۽ سايون هيون، ٻيلن جو موت نہ ٿيو هو ـــ تترن جي تنوار، مال جي چَڙن ۽ بِيڪو مشينن جي پائيپ مان نڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز. خانوءَ واري اَٽي جي، چڪيءَ واري لوٽيءَ جو آواز، ماحول کي مترنم ڪري ڇڏيندو هو. هي تن ڏينهن جي ڳالهه آهي.


درياءَ جي کاٻي ڪَپَ تي وڏيري ربن جو ڳوٺ چاليهارو گهر، لانڍيون، ڇَپِرا، سي به لَئي جي لڪڙن مان ٺهيل. سِرَ، سيمينٽ جو نالو نشان ئي ڪونه. سواءِ هڪ حويليءَ جي جيڪا به ٻاهران پڪ سِري ۽ اندران ڪچين سِرُن جي ٺهيل، چوڌاري اوڏڪي ڀت، ۽ هڪڙي وڏي اوطاق، ربن خان جي، جيڪو ڳوٺ جو وڏو، چڱو ۽ ڪرتا ڌرتا به هو. ڪچي جي ٻني درياءَ جو لٽ چڙهي ته، ماڻهو پوک ته ڦُٽي پوي، سرنهن اُڇِلِ ته، ونئڻن جيان ڳَنَرَ ڪري، ڦلارجي ته مکيءَ جي کيتن کي به ماري وڃي. انهيءَ ڳوٺ ۾ پهريون واقعو ٿيو هو ته ماڻهن جي بُتَ ۾ سِسِراٽيون پئجي ويون، سال سَوا ته، ماڻهو ڪنن کي وٺي، نڪ تي آڱر رکي ڪي گهڙيون، سانت ٿي ويندا هئا.

مولوي بدر الدين جو گهر، ڳوٺ جي نياڻين لاءِ مسيت به، تَه، محرابُ به، جتي ڳوٺ جا ٽَٻَرَ ڇوڪرا، ڇوڪريون قرآن پڄائڻ تائين، مَسعُ ڪري رومال ۽ پوتيون ويڙهي، جڏهن نُخنِ تي اچي ويهندا هُئا ته سڄي ڳوٺ ۾ ”دُرِيَون يوقد“ ”تننزل الملائڪة“ جهڙن لفظن جي گونجار ۾ ٻري اٿندو هو ۽ مولوي بدر الدين جو ڳرو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهگهو ٿي ويل آواز سڄو پاڙو ٻڌندو هو، دونهين جون لاٽون سياريءَ ۾ ڳوٺ جي مٿان وڪڙ کائي، مال جي اٿيل مٽيءَ سان ملي هِڪَ ٿي وينديون هيون. انهي گهر ۾ جنم وٺندڙ حليمان سيپاري (قاعدي) کان جڏهن وَناسِ تائين پهتي ته بدر الدين نُختي ۽ سنڱر جي ٿيلهي ڀري اچي سائيڪل جي هِينڊل مان لاٿي، خُطابين سان گڏ ڳوٺ جي هر گهر ۾ چَپٽي چَپٽي، خُطابين هٿان موڪلي ڏنائين ته، ڪريمت پنهنجي ڌيءَ مٿان گھور گھور ٿيڻ لڳي. پنجن سالن کانپوءِ ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪريءَ قرآن پڙهي پورو ڪيو هو ۽ هيءَ نياڻي چوڏهن قرآن ٿي پئي هئي. ”نياڻي ست قرآن ۽ وري جي پڙهي پورو ڪيائين ته چوڏهن قرآن“.

مولوي بدر الدين تان ڄڻ اَڌُ بار لهي پيو هو، ڳوٺ جون ڇوڪريون هاڻي حليمان پڙهائڻ لڳي هئي. هوءَ صوم صلواة جي پابند بڻجي وئي هئي. مولوي بدر الدين، هاڻي جي، شادي مُرادي ۽ مرڻي تي هليو ويندو هو ته، کيس ڳڻتي ڪانه ٿيندي هئي. حليمان پنهنجي علم ۽ حِلمَ سان ميلو مَچايون ويٺي هُئي. هن نمازن ۾ هاڻي اشراڪ کي به شامل ڪري ڇڏيو هو. وڏي ڳالهه ته هاڻي زناني موتگيءَ جا بار به هن پنهنجي مٿي تي، کنيا هئا. فوتگي ٿي ته، هوءَ مهل سان ڪَفَن جي سلائي، عطر، خاڪِ شِفا ۽ ڪلمن واري چادر سميت وڃي، ميت تي پهچندي هئي، تَڙُ ڏيارڻ کانپوءِ، ميت کي ٺاهي سينگاري، جڏهن ڪفن ۾ ويڙهي کٽ تي سمهاريندي هئي ته سندس چهرو ٻهڪي پوندو هو ۽ پوءِ هوءَ، سورتون پڙهي قرآن بخشي جڏهن عورتن کي نه روئڻ جو درس ڏيندي هئي ته سفيد لباس ۾ آسمان جي پري لڳندي هئي. ڳوٺ جون سڀ مايون کيس ڏسي، اهو ضرور چونديون هُيون ته ”ادي بدر الدين زندگيءَ ۾ ته بهشت ڪمايو پر مئي به پنهنجي قبر ڇڏائي“.

ڪريمت ڪَرُ کنيو گهمندي هُئي ۽ ڌيءَ جي اهڙن ڪمن کيس سرخرو ڪري ڇڏيو هو. ڳوٺ جي چڱي ربن کي اهو ارمان هو ته: ”سندس نياڻي رحيمان اهڙو مرتبو نه ماڻي سگهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي ڌيءَ رحيمان سان ان وقت ڪيو، جڏهن هُو موتيءَ تان موٽي ٿڪجي، اچي کٽ تي ليٽيو هو ۽ رحيمان کيس زورَ ڏئي رهي هئي. هن پنهنجي ڌيءَ جي منهن ۾ نهاريندي چيو هو ”امان اڄ مان دنگ رهجي ويس“.

ڇا ٿيو بابا؟

رحيمان جي اُنَ سوال تي ربن ٿڌو ساههُ کنيو ۽ چيو

امان بدر الدين جي ڌيءَ، اڄ مائي مرادان جو ڪَفنُ ٺاهيو. کيس تَڙُ ڏئي تيار ڪيو“.

”ها بابا، هوءَ سِکي آهي، قرآن پڙهي آهي! سندس پيءُ مُلان آهي“

ها ڌيءَ بيشڪ! ”بدر الدين ته سندس تربيت ڪري، هي جهانُ به سنواري ڇڏيو ته هُو جهان به سنواريو“.

ها بابا! اها ته سٺي ڳالهه آهي!

ڌيءَ ڪاش مان به تنهنجي اهڙي تربيت ڪيان ها.

بابا...... توهان به!

ڇو بابا..... اُنَ ۾ ته چڱائي آهي، ڪهڙي بُرائي آهي؟

مان ڪڏهن ٿي چوان ته بُرائي آهي، پَر حليمان کي اهڙو ماحول مليو تنهن ڪري هن سکي ورتو!

ته مونکي به اهڙو ماحول ڏيڻو هو نه ! ربن وراڻيو.

بابا، ريس نه ڪبي آهي. ڀلا رحيمان کي مون جيان گهر هلائڻ ايندو، اوطاق جي لاءِ اهڙي سانجڻ ڪرڻ ايندي. آئي وئي جو خيال رکڻ ايندو، ڳوٺ جي مائين سان اُٿي ويٺي، ڪرڻ ايندي. رحيمان پيءُ کي لاجواب ڪندي چيو.

چوين ته تون به سچ ٿي.... پر ڌيءَ، جنهن آخرت سنواري اهو ڪمائي ويو.....

هيءَ نيڪي گهٽ آهي، ٻين جي خدمت ڪرڻ، بکين کي کاڌو کارائڻ تڪليف ۾ مدد ڪرڻ، ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ“ رحيمان آٿت ڏيندي چيو.

”ڌيءَ تون ته منهنجو بار هلڪو ڪري ڇڏيو، تون ايڏي سياڻي ٿي وئي آهين“

”مان ڌيءَ ڪنهن جي آهيان“ رحيمان مرڪي چيو.

ربن جي منهن تي، مرڪ تري آئي. هن اٿي ڌيءَ. جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ سينڌ تي چُمي ڏني.“

روشن توڻي جو بدر الدين جو پٽ هو پر، پنهنجي طبيعت ۽ ارڏائي جي ڪري بدر الدين کي ڀانءِ نه پوندو هو، ”نه مسيت ڏانهن مُنهن، نه چڱن سان چاهه“، ”نه ربيع ۾ راضي نه خريف جي خبر“، محنت ڏانهن ته منهن ئي نه هئس، دوستن جي سنگت کاري خراب ڪيو هئس، سدائين سِيٽ تي زور، سچ چئه ته سامهون پوندو هو. ان ڪري بدر الدين چاهيندو هو ته گهر کان دربدر هجي، منهن نه چڙهي، کيس ڪوٺيندو ئي اوندهه هو.

جڏهن کان حليمان پڙهي قابل ٿي هئي ته، وٽس خوشين جي آمد ٿي هئي، هِڪُ ڏينهن اهڙو به آيو جو روشن اچي ڀنڊڻ ڪيو ته مونکي ماڻهو مهڻا ۽ طعنا ٿا ڏين ته، ڪنواري ڀيڻ کان مُلائپ ٿا ڪرايو، دينُ اسلام، ان جي اجازت نٿو ڏئي ٻيو ته اسان سڀ مائين جي ڪمائي ٿا کائون.....

بدر الدين کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي هئي پر، پهريان شرعي فتويٰ وٺڻ جو سوچي چپ ٿي ويو. حليمان ته حالن کان هلي وئي. ”ڇا ڪنوارپ اسلام ۾ ايڏو وڏو ڏوهه آهي“. جو ماڻهو ميت کي تڙ ڏئي سنواري قبر ڏانهن موڪلي نٿو سگهي. ٻيو ته ملندو وري ڇا هيو اهي ٻه رَوا، يا اجرڪُ، يا وري ميت جي بت تان لٿل ڪپڙا، يا وري قرآن بخشراڻي ٻه چار سَوَ جنهن لاءِ هن جي ڀاءُ اچي ڪاڪڙو ڪيو هو ۽ اڀ مٿي تي کنيو هيائين.

ٻي ڏينهن تي ٽاڳڙي جي مدرسي ۾ بدر الدين وڃي مولوي عبدالحق سان مليو هو ۽ حال سندس آڏو رکيو هيائين، مولوي عبدالحق مسئلو ٻڌي فلحال ته ڦانءِ ٿي منجيءَ تي ليـٽي پيو، پاسا ورائي پيٽ جا وڪڙ ڪڍي سڌو ٿي ويٺو.

”بابا بدر الدين، اسان سڏايون ته مولوي ٿا پر، احڪامن تي پورا نٿا لهي سگهون، بابا دين جي مسئلن ۾ منجھي ٿا پئون، حڪم آهي ته نينگر جوان ٿئي ته اٿاري ڇڏجي. ايتري تائين جو ٻه ماهواريون آيون ته ٽئين پوڻ نه ڏجي، تڏهن ته اسان کي ماڻهو پير تي نه هجڻ جا مهڻا ٿا ڏين. ابا اهي مليائپ واريون مسندون تڏهن ئي وٺجن جڏهن ماڻهو پير تي پورو هُجي.“ هاڻي تون ته اسان لاءِ به مسئلو پيدا ڪندين، وڃي ڳوٺ ٻڌائيندين ته مولوي عبدالحق هيئن چيو آهي. جنهن کي ڳالهه نه وڻندي اهو مونکي به چڱو ڪونه سمجھندو تنهن ڪري پنهنجي پٽ سان منهن پاڻ ڏي، باقي نياڻي اٿارڻ جو ته سڌو سنئون حڪم آهي، باقي مرضي آ تنهنجي حرام، حلال آ تنهنجي هٿ ۾ مرضي پوئي ته کاءُ، مرضي پئي ته پري ڪر! مونکي آ، درس ڏيڻو سو ٻيلي مان هلانءِ ٿو. باقي دوزخ جي باهه کان بچڻ ٿو چاهين ته نياڻي اٿاري ڇڏ“.

بدر سڄي واٽ سوچيندو ويو ته آخر ڇا ڪجي؟ مسين وڃي سور گهٽيا هئا، وري اچي ڏونگرن منهن ڪڍيو آهي. رات جو ڪريمت کي ويهاري ويچار ڪيائين ته آخر ڪهڙو پاسو وٺجي. حليمان جيڪا مصلي تي هٿ مٿي ڪري پنهنجي پالڻهار کان پيءُ ماءُ لاءِ دُعا گهري رهي هئي، شاديءَ جو سڙ ٻاٽُ ٻڌي ساهه مٺ ۾ اچي ويس.

منهنجا مولا، مس ته وڃي پيرن ڀر بيٺي آهيان، پير ئي ٿا پٽجن، هي ڇا ڪائنات جا رب! منهنجي قسمت ۾ اِهُو لکيو هيئي. هيءَ مهل منهنجي لکيي جي لکئي هُيئي“!

ڪريمت! ”ڀلاَ جي ڇوڪري جي شادي ئي ڪرڻي آهي ته منهنجي ڀاءُ جو پٽ ڀلارو ويٺو آهي“.

ڀلاري جو نالو ٻڌي حليمان جو هنيانءُ هٿ ۾ اچي ويو. ڀلارو پورا ڏهه سال مونکان وڏو، نه سنوارت ڪرائي نه نماز، نه روزو، نه مسلماني..... يا خدا هي ڇا؟

حليمان جا پيءُ اهڙو قهر ته نه ڪر! ڪريمت جا لفظ ٻڌي حليمان کي ڪجهه ساهه پيو.

منهنجو ڀاءُ ڇا چوندو! بدر الدين منهن خراب ڪندي وراڻيو.

اسان جي ڇوڪري سهڻي سيبتي، روزي نماز جي پابند، سڄي ڳوٺ ۾ سندس عزت، مان مرتبو، ماڻهو ٿڪون نه هڻندا ته هٿ وٺي ڇوڪر باهه ۾ اڇلايوَ!

دوزخ جي باهه کان ته بچنداسين! بدرالدين جي ذهن ۾ عبدالحق جا لفظ ڦرڻ لڳا.

ته جيئري نياڻيءَ کي باهه ۾ اڇلائيون! ائين نه! ڪريمت وراڻيو.

ٻيا رشتا کُٽا آهن آهن جو ائين ڦاهو کائون! ڪريمت وراڻيو.

بدر الدين سوچ ۾ پئجي ويو.

ڀلا ڏي وٺ ڪيئون؟ ڪريمت داءُ کيڏيو.

ڪنهن سان ؟ بدر الدين وراڻيو.

ادي مير محمد سان؟ ڪريمت چيو.

بدر الدين ڪاراٽجي ويو..... ”ادي مير محمد سان هونهه! “

سدائين پنهنجن ڏانهن پير سور ڪجانءِ! تو وارو ڇورو بيهندو ان ڳالهه تي. سدائين وتي ٿو مامن جون سڙيون ٻوٽيون کائيندو!

”ڀلا جي هلي اچنسِ ۽ معافي تلافي ٿئي ته....! ڪريمت اهو دڳ ٻڌايس! ڪونه معاف ڪندن! ڇوري کان پوليس جا پادر وسري ويا هِن! بدر الدين ياد ڏياريس.

”پادر به ته پاڻ کاڌا هيائين يا منهنجي ڀائرن چيو هئس ته چوري ڪري“!ڪريمت ڀائرن جي وَٽِ ورتي.

”ڪاهيو به ته ڇيلو هيائين ڪو وڏو ڏوهه ته ڪونه ڪيو هيائين جو ست ڏينهن ٿاڻي ۾ پي ڪٽرائيو هئائونس“ ـــ بدر الدين پٽ جي وٽ کنئي.

مان ته سٺي صلاح ڏني اٿمانءِ! ڇوڪري سکي ٿيندي جي چوندين ته ڇوڪري به گهر ۾ هوندي ۽ شادي به ٿي ويندس!ڪريمت ڳالهه سؤلي ڪري ڏنس.

”شاباس! ته گهر ڄاٽو ڪرائي رکندو مانس ۽ پٽ جي منهن تي دانگي مليندس“! بدر الدين ارهو ٿيو.

وڌيڪَ آ تنهنجي مرضي جيئن وڻئي تيئن ڪر! باقي ڇوڪريءَ کان پڇجانءِ ضرور! نه ته قيامت ۾ جواب پاڻ ڏجانءِ! ڪريمت ڊگهي ٿي سمهي پئي. بدر الدين ڌيءُ ڏانهن ڏٺو، جنهن جا هٿ اڃا مٿي بارگاهه الاهي ڏانهن کنيل هئا.

صبح سان ئي بدر الدين نماز پڙهائي موٽيو ته، روشن نلڪي تان منهن پي ڌوتو.... بدر الدين جي مٿان بار هو، هن اهو لاهڻ پي چاهيو. هو گهڙي پلڪ رڪجي ويو دل، من، سوچي هن روشن کي چيو ”پٽ ٻه منٽ اندر اچ توسان ڳالهائڻو اٿم!

بدر الدين اندر ويو ته روشن به ڪڍ لڳو ويس.

ويهه پٽ!

جي بابا!

پٽ، مونکي آهي بار لاهڻو، تنهنجو ڪروڌ به چوٽ چڙهيل آهي....سو ڌيءَ حليمان جي شادي ڪرڻي آهي. مون ته سڄي رات جاڳي گذاري آهي....

تون ڇا ٿو چوين!بدر الدين پٽ جي منهن ۾ ڏٺو.

”مان ته راضي آهيان، توهان ڀلي اهو بار لاهيو، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته طعنا ۽ مهڻا ٻڌڻا نه پوندا. روشن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو

پٽ هڪڙي جاءِ آهي. ادي وٽ، ڀلاري لاءِ......... ۽ ........ ۽ ..... بابا.....

۽ ٻي جاءِ آهي. تنهنجي مامن وٽ، مير محمد جي...... بدر الدين اڃا جملو ئي پورو نه ڪيو ته روشن ڳالهايو ”انهن جو نالو ئي نه کڻ بابا، ڪهاڙيءَ سان ڪپي ڇڏيندس حليمان کي..... پر انهن کي ڏيڻ ڪونه ڏيندس“!

ڀلا جي ڇوڪر ڀلاري لاءِ راضي نه هجي..... بدر الدين جملو روڪي ڇڏيو.

روشن کٽ تان اٿيو ۽ نماز پڙهندڙ ڀيڻ کي ٻانهن کان گهليندو اندر وٺي آيو. پڇيس بابا...... هاڻي جو هاڻي پڇيس.....

حليمان ڏڪي رهي هئي، هن جي جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو هو!

بدر الدين اکيون مٿي ڪري پڇيو.... ڌيءَ توکي ڀلاري جو رشتو منظور آهي....؟

حليمان جي جسم مان ساهه ڇڏائبو ويو. هن ڊگهي ڳيت ڏئي توانائي گڏ ڪري چيو: ”نه بابا، منهنجو نڪاح مسلمان سان ڪرايو“.....

روشن ڀيڻ جو هٿ ڇڏي ڏنو.....

ڀلا مامهين مير محمد جو پٽ! بدر الدين ٻيو آپشن ڏنو.

ڀلي ڪنهن سان به ڪرايوپر ...... حليمان رڪجي وئي.

اڳيان لفظ نه بدر الدين ٻڌا نه روشن.....

ڪهاڙي سينڌ ۾ اچي لڳس.....

بابا ڪري، ڪري پئي..... ٻي ڪهاڙيءَ پيءُ جو پٽڪو ڪيري حليمان جي ڪياڙيءَ ۾ لڳي. بابو رتورت، بابي جي ڏاڙهي رت....

ڪريمت قرآن کڻي آئي، پر ملياڻي حليمان آخري هڏڪي ڏني....!

خبردار جو هن کي ڪنهن تڙ به ڏنو آهي ۽ تڏو وڇايو آهي...... روشن جا آخري جملا گونجيا.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۶ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment