Wednesday, October 13, 2021

ڇٽل ڪارتوس - رزاق سھتو

ڇٽل ڪارتوس

ننڍڙي ڪهاڻي

رزاق سھتو



رات جي وڳڙي ۾ مون واري زال ٽي وي لائونج ۾ رکيل فرج مان پاڻيءَ جي بوتل کڻي جيئن ئي ڪمري ڏانهن وڌي ته چيومانس؛ ”ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل مونکي به ڏيووڃ.“

“ڌيءَ صدف خراب خواب ڏٺو آهي. نڙي سڪي وئي اٿس. سڄي پگھرجي وئي آهي. ان کي پاڻي ٿي پياريان. جڏو ٿورو ئي آهين جو فرج مان بوتل به نه ٿو ڪڍي سگھين، ڇٽل ڪارتوس!“ هوءَ طنز جو تير ڇوڙيون ويئي.


رٽائرمينٽ کانپوءِ اڪيلو ٿي پيو آهيان. اڪيلائيءَ ۾ زال به ساٿ ڇڏي، ٻچن سان گڏ وڃي سمهي ٿي. ٻار به ليکين ڪو نه. کيس مون سان گڏ سمهڻ گھرجي. گھڻيون اوچتيون بيماريون سيماريون آهن. زال گڏ هوندي ته ڏڍ هوندو. ڀانيان ٿو ته مُهڙ کان ئي ڏتڙيل شخص آهيان.

                                            ****

امڙ ٻڌائيدي هئي ته تنهجي ڇٺيءَ تي ٻين ٻارن جيان سڃائي جي ڪري ڪو اهتمام نه ٿيو. جنگ جو زمانو هئو پڻهي جي سرڪاري ڪامورو هجڻ ڪري سندس سخت ڊيوٽي لڳل هئي. موڪل به ڪو نه ٿي ڪري سگھيو. مهيني کان مٿي ٿي ويو هئس جو گهر ڪو نه وريو هئو. ان وچ ۾ تون ڄمي پئين. مون وٽ ايترا پئسا ڪو نه هئا. بس چار مايون پاڙي جون سڏرائي ڇڙا ڳانڙا ئي پاتا هئاسين.“ امڙ رڳو ائين ڪو نه چيو، بلڪ وڌيڪ اھو به ٻڌايو؛ ”مُهڙ کان ئي اڀاڳو آهين.“

سوچن جو دائرو ويڪرو ٿيندو وڃي ٿو؛ ”ڀلا اڀاڳو نه هجان ها ته ههڙي ڪاري، ڪوجھي نافرمان ۽ بيڪار زال مٿي ۾ لڳي ها.“

اندر ۾ هڪ بيچيني آهي.

”چپ ته ڏسينس ڄڻ ڪا آفريڪي شيدڻ هجي. ڳالهاءُ اهڙو جو ڪِلي سان ٻڌل ڪنهن معصوم جانور کي لٺ لڳي ته خوفناڪ رڙ ڪندو هجي.“

هڪ ڀيري امان ڏانهن زال کي ڏسي شڪايتي نوع ۾ ڏٺم. سمجھي ته وئي پر ڪڇي بنهه ڪو نه. جڏهن زال هلي وئي ته چوڻ لڳي؛ ”پڻهي وڏو ڪامورو پر ٺپ ايماندار. دال تي گذارو. ۽ هيڏانهن هر سال جاڙا جاڙا ٻار. گھر نه ٿيو ڄڻ ڪو اناد آشرم جنهن ۾ شهر جي ڪنهن ٻي گھر ۾ جنم وٺندڙ ٻارن به ڄڻ منهنجي گھر ۾ پئي جنم ورتو. نه سئولو ڪپڙو تن تي نه پيٽ ۾ سکيو ٽڪر ۽ ٻارن جي سارسنڀال. بک واڪا پئي ڪيا. اها ڪاري ناسري شيدڻ به مون وس ڪري تو لاءِ گھري ورتي ته سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهي. من ڪو تو کي ئي سولو ٽڪر نصيب ٿئي. پڙهائيءَ ۾ به ٻين ڀائرن، ڀينرن کان ٻاڙو هئين. شڪل به اها جيڪا موالين واري ٺاهيو وتين. تو کي ڪهڙي حور پري ملي ها.“

امان ڄڻ منهنجي ڀاڳ جو پوتاميل لمحن ۾ پڌرو ڪري ڇڏيو.

مون چاهيو هئو ته خوبصورت زال جو مڙس هجان. اهو به نه ٿي سگھيو. يا اهڙو ڪو ڪارنامو سر انجام ڏيان جو دنيا ۾ وهوا ٿي وڃي. رات جي پيٽ ۾ مشهور ٿي وڃان. دولتمند ٿي پوان. پئسو آهي ته سڀ ڪجھه ڪرڻ آسان آهي. برک ليکڪ ٿي وڃان پر ڪجھ به ٿي نه سگھيس. ڊگري ڪاليج جو ليڪچرر معنى ماستر، ولر ٻارن جو پيدا ٿي ويو. عمر ائين گذرندي وئي، جيئن پشم گولو وات ۾ وجھڻ سان ئي سڪڙي سوڙهو، ننڍڙو ٿي ويندو آهي.

اٿيس ۽ فرج مان پاڻيءَ جي ٿڌي بوتل کڻي، پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽيس.

پاڻيءَ جي ٿڌي بوتل منهن تي چاڙهيم ته بابا ياد آيو.

”ٻارن جي فوج پيدا ڪيائين. مٿان ايمانداريءَ جو چوغو پاتائين. وڏو ڪامورو هيو. چاهي ها ته اولاد لاءِ گھڻو ڪجھه ڪري ٿي سگھيو. وڏي ملڪيت ڇڏي مري وڃي ها پر ڪاريءَ وارا ڪک. ڀلا جي ملڪيت نه ٺاهيائين ته ڪٽنبي رٿابندي واري کاتي کي ذليل ته نه ڪري ها. ڇاندي پاڻي لاءِ ڪو جهان کٽل هو.؟ ڪامورا ڇا ناهن ڪندا.؟ مان به ڪو نه پيدا ٿيا هان، نڪي سور پسان هان، نڪي محرومين جو شڪار ٿيان هان. نڪي ان افسوس ۾ اکين کي اوجاڳا ڏيان هان. هيءَ ته اها ڳالهه  ٿي. ڪري ڪير ته ڀري ڪير مزا ماڻيائون پاڻ ــ خواري اسان جو مقدر بڻي. بابو ڀائرن ڀينرن جو ولر ڏئي مري ويو. قبر ڪشادي وڃي ڪيائين. سماج اهو ٿورئي ٿو ڏسي ته سندن پيءُ وڏو ايماندار ڪامورو ٿي گذريو آهي. اهي ته اهو ٿا ڏسن ته ڪيتري پئسي وارا آهن. سماج هينئر ته مالي حيثت ڏسي پوءِ عزت ٿو ڏئي. منهنجي به ساري زندگي ماستري ڪندي گذري وئي. ادا ليڪچرر معنى ماستر ٻيو ڇا.؟ اهو به سبجيڪٽ کان اڻڄاڻ، ناڪامياب ۽ گوسڙو ماستر طور بدنام. مون نموني بازيون به گھڻيون ڪيون. ڪاليج ۾ ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ ٻين لاءِ پوز هڻڻ لاءِ وڏا وار وڏيون گانگٽ جهڙيون مڇون ڇڏي ڏنم. جيئن ڪو دانشور لڳان. مُڇن چپ ڍڪي وات ئي پوري ڇڏيو. وڏي داٻي سان گھمندو هيس. ڪجھه جملا رٽيل هوندا هيم باقي دٻي ۾ ٺڪريون. طوطي وانگر ياد ڪيل جملن جي سهاري پيو ڪچهرين ۾ ٻين ويٺلن تي رعب رکندو هيس. ڳالهائيندو تمام گھٽ هيم. ڪچهري ڪندي جيستائين ڪو چوندو نه هو ته؛ ”سائين توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“

تيسين ڳالهائيندو نه هيم. پوءِ اداڪاري ڪندي ڪا دير سوچڻ کانپوءِ ڳالهائيندو هيس. سڀ منهجي منهن ڏانهن پيا ڏسندا هئا ته؛ ”سائين جن الائي ڪهڙي راءِ ڏيندا.“

هينئر هن لمحي اهڙيون حرڪتون ياد ٿيون اچن. اصل شڪي ئي نه ٿيندو هوس.

”حرامپائيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي.؟“ پاڻ تي سوچيندي کل ٿي اچي.

هينئر مان پنهنجي پيءُ کي گھٽ وڌ ويٺو ڳالهائيان سڀاڻي منهنجي اولاد مون کي گاريون ڏيندي ته؛ ”بابو اسان لاءِ ڪجھه ڪو نه ڪري ويو. هن به ته ڏاڏي واري پَرَ پاري آهي.“

هاڻ ته جھنگ منهن ڪرڻ جوڳو به نه رهيو آهيان. اندر جي باهه کان پنهنجي پيءُ کي گار ڏيڻ تي دل ٿي ڪري. سوچيان ٿو؛ ’گار ڏيڻ ۾ ڇا هي؟ ڪهڙو ماڻهو ٿا ٻڌن؟‘

”هلا تنهجي......... کي.“

گار ڏيڻ کانپوءِ منهنجو من هلڪو ٿي پيو.

”ٻار پيدا ڪرڻ ۽ موج مستيءَ ۾ وڏو فرق آهي. موج مستي وارا پيريءَ تائين خوش ۽ خوشحال هوندا آهن.“

اهو الائي ڪنهن چيو آهي. پر منهنجي اها حالت هئي جو ڪا اوپري عورت ويجھو ايندي هئي. ته ڌڙڪ چڙهي ويندي هئي. جڏهن ڪي يار دوست شوق تي چڙهندا هئا. عورتون گھرائيندا هئا. انهن سان ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين ته مان ڳالهائيندو ڪجھه به ڪو نه هيس جڏهن عورتون مون ڏانهن نهارينديون هيون ته پگھرجي ويندو هيم. دوست ڏاڍو چوندا هيا ته شوق فرماءِ پر مان نهڪر ڪري ڇڏيندو هيس. پر اندر ۾ ته خواهشن جو جوالا مکي پيو ٻڙڪندو هئو. پهرين بدليءَ تي نئين شهر ۾ ڪنهن سان ڪا ڏيٺ ويٺ ڪا نه هئي. تنهنڪري پرنسپال ڪاليج جي هڪ ڪمري ۾ مونکي رهڻ جي اجازت ڏني. رات جو چوڪيدار گيٽ تي هوندو هئو. گيٽ ۽ ڪمري جي وچ ۾ چڱو مفاصلو هئو. هڪ رات پوئين پهر ۾ سجاڳي ٿي ته انڌيرو هئو. سمجھيم ته لوڊ شيڊنگ آهي پر اوسو پاسو روشن هو. مون کي حيراني ٿي. گيٽ ڏانهن جيئن چوڪيدار جي ويجھو پهتس ته هن سان هڪ عورت ساٿ ۾ هئي. مون پوئتي پير ڪيا ۽ چوڪيدار پريشان ٿي ويو. هو منهنجي پويان ڊوڙندو آيو.

”سائين، منهنجو ڀرم رکجو. ڇا ڪيان مهينن جا مهينا گذريو وڃن. ڳوٺ ڪو نه ٿا وڃون. مڙئي هتي پيا شغلڙو ڪندا آهيون. سائين پرنسپال کي نه ٻڌائجو نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندو.“

”تون بجلي ته چالو ڪر، باقي سڀاڻي.“

وَرندي شام جو چوڪيدار ڊيوٽيءَ تي پهتو ته سڌو منهنجي ڪمري تي هليو آيو. ڏاڍو پريشان هئو. چي؛ ”سائين منهنجو روزي رزق توهان جي هٿ ۾ آهي.“

”گھٻراءِ نه.“

”پڪ سائين.“

”ها ها چيم ني من.“

”سائين توهان به حڪم ڪيو ته هڪ کان هڪ پئي آهي.“

”هان. چڱو تون وڃي ڊيوٽي ڪر مان ٿوري دير کانپوءِ اچي تو سان ڳالهايان ٿو.“

*

مون کي اهو ڊپ کائيندو رهيو. هي جملو ذهن ۾ گھمندو رهيو.

”گھرايان به کڻي پر جي هٻڪ چڙهي وئي ته پوءِ؟“.

پر منهنجي دل کي ان ڳالهه ٽيڪ ڏني ته هتي ته مان اڪيلو آهيان. دوست يار به ناهن. متان سَتُ ساري وڃان. جي ڪمي پيشي ٿي ته چوڪيدار کانسواءِ رسوائي ڏسڻ وارو ڪو ئي ناهي. اهو سوچي مون چوڪيدار سان ها ڪري ڇڏي. منهنجي اندر جي ڪيفيت ڪجھه عجيب ٿي وئي. ور ور ڪيو پاڻ کي آزمايم پئي. مان صفا ٺيڪ لڳو پيو هيم. صفا مست. رات جا اٺ ٿيا هئا. شهر مان ماني کائي اڃا ڪمري تي مس ساهه پٽيو هوم ته در تي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿي. مون سمجھيو چوڪيدار کير کڻي آيو هوندو. در کوليم ته منهنجا تاڪ لڳي ويا.

”صاحب، اجازت هجي ته ......“ ڊگھي قد سڊول جسم واري، هڪ وچولي ڄمار جي ڀُوري عورت مرڪ پکيڙي ڇڏي؛ ”اوهان جي ڪاليج جي چوڪيدار ملوڪ اوهان جو پيغام پهچايو، حاضر ٿي آهيان.“

هن جي سراپي مون کي اهڙو ته سراپي ڇڏيو جو کيس اندر اچي کٽ يا ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ به نه چيم. هوءَ پاڻ ئي کٽ جي سيرانديءَ کان اچي ويهي رهي. سڄو وايومنڊل خوشبوءِ خوشبوءِ ٿي ويو. جنهن جو احساس کليل درين مان ايندڙ هواءِ پئي ڏنو. پر آءُ نراڙ کان پيرن تائين پگھر ۾ ڇلِ هوس. نڙي خشڪ ٿي چڪي هئي. ۽ بدن ڏڪي رهيو هو. عورت جراح هئي. سُري منهنجي ويجھو سرٻاٽن ۾ چيائين.

”هٻڪ جو عارضو اٿو ڇا.؟“

پنهنجي پگھر ۾ ئي ٻڏي رهيو هئس. شرمساريءَ وچان مان ڪنڌ نه پئي کڻي سگھيس. عورت جي سراپي جي خوشبوءِ منهنجي ساهن ذريعي اندر آئي پئي. هن جي سندرتا کي پسي مان نيم بيهوش ٿي ويو هئس. چنڊ ڪڪرن جي اوٽ مان نڪري آيو. چانڊوڪي جهڙي بدن جي روشني منهنجي چار سو هئي. مان زال جي اونداهي بدن جو هيراڪ هيس سو هيءَ چنڊ جهڙي مڌم روشني به اکين ۾ چُڀي ٿي. جنهن مونکي ويتر محروميءَ طرف ڌڪي ڇڏيو. عورت پورو وس لڳايو پر مان ڪجھه ڪري نه سگھيس.

*****

شام جو وقت هئو مون باغيچي ۾ واڪ پئي ڪيو. زندگي ته پنهنجو مدو ان ڏينهن پورو ڪري چڪي جنهن ڏينهن باءِ پاس آپريشن ٿي هئي. ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو آهيان. بينچ تي اچي ويٺس. آپريشن جي حوالي سان مون کي ياد ٿا پون منهنجا ڀائر ۽ ڀائرن هڪ نيم سرڪاري اسپتال جي جنرل وارڊ مان منهنجو باءِ پاس ڪرايو. تڏهن کان برسڪ واڪ ۽ ڪنٽرول ڊائيٽ منهنجو مقدر بڻجي ويا آهن. ڪهڙي زندگي ۽ ڪهڙو سک. زال اندر ٻاهر ڪاري، ڀائر هوندي سوندي پڪا ۽ سڃا باءِ پاس جو بل قسطن ۾ مون کان اڳاڙي رهيا آهن. ڪاوڙ مان جملو؛ ”ڪمينا ڪنهن جاءِ جا.“

”چون ٿا ڀائو تڪڙ ناهي هوريان هوريان پيو لاهجانءِ.“

ڀانيان ٿو. منهنجي رهيل عمر ڀائرن جو قرض لاهيندي گذري ويندي.

”ڀلا ويهن هزارن جي پينشن مان اٺ اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ ٻارن جو پيءُ، اڍائي لک روپيا ڪڏهن پورا ڪندو.“

پاڻ کان سوال پڇي، پيءُ ۽ ڀائرن جي نالي کانگھارو پَٽ تي اڇلي. باغيچي جي خالي بينچ تان اٿي گھر طرف روانو ٿيس.

******

موڪل جو ڏهاڙو هئو. شهر کان ٻاهر هڪ پهاڙي هئي. جنهن تي اڪثر مان وڃي ويهي رهندو هيس. سماجي ڀڃ ڊاهه لاءِ مون جيڪو جملي محاظ قائم ڪيو هو، ان جو انت اچي چڪو آهي. ڪجهه به حاصل نه ٿيو. محسوس ٿيو ته سچائيءَ کان سواءِ ڪنهن به قسم جي سڦلتا ماڻي نه ٿي سگھجي. منهنجي بدقسمتي ته ڏسو. مون ڪجھه يارن دوستن جي ٽيڪرن تي لکڻ شروع ڪيو. منهنجو هڪ جڳادري ليکڪ دوست هئو. جيڪو سدائين منهنجي وڏن وارن ۽ وڏن مڇن کي ڏسي چوندو هئو.

”ڪاش اهڙا وسَب منهنجا هجن ها ته مان پاڻ کي ميڪسم گورڪي سڏرائڻ ۾ وسان نه گھٽايان هان. پر تون لکڻ شروع ڪر مان تو کي راتورات مشهور ڪري گورڪي بڻائي ڇڏيندس.“

گورڪي بڻجڻ لاءِ مان ۽ منهنجو دوست ٻاهر جي دنيا جي ليکڪن جا رديءَ مان ڳولهي ڳولهي اردو ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب وٺي ايندا هئاسين. انهن مان ٽڪرن جا ٽڪرا ڪڍي، ساڳين موضوعن تي هيراڦيري سان ڪهاڻيون ۽ ٻيا ليک لکڻ شروع ڪيا. چئني طرفين واهه واهه ٿيڻ لڳي.

هڪ ڀيري مون پنهنجي دوست کي چيو؛ ”يار ڪٿي پاڻ پڪڙجي نه پئون.؟“

”گھٻراءِ نه جڏهن تنهنجو نالو چوٽ چڙهيو ته اسان جواب ۾ ائين چونداسين ته وڏن ليکڪن تي الزام لڳندا ئي رهندا آهن. خيالن جي هڪ جهڙائي ٿي سگھي ٿي. چوري پڪڙجڻ تي شڪارپوري شاعر به ته ائين ئي چئي جان ڇڏائي هئي.“

مان به ڏاڍي اعتماد سان پرايا خيال چورائي لکندو رهيس. آخر منهنجي جڳادري دوست مون تي هڪ ڪالم لکي شڪل صورت جي لحاظ کان ميڪسم گورڪي ۽ لکڻين جي حوالي سان ڪافڪا ثابت ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو. چوندا ناهن ته ڀت هميشه بنياد تي بيهندي آهي. منهنجو بنياد ئي ڪچو هئو، سو ڊهي مٽيءَ جو ڍير ٿي ويس. چوريءَ جا الزام ثابتيءَ سوڌو لڳا ۽ مون کان لکڻ به کسجي ويو. منهنجي لکيل ۽ ڇپيل شين تي سواليه نشان لڳايو ويو. تڏهن کان آئون هن پهاڙيءَ تي ويٺي پاڻ کي سَنڍ نسل جو نمائندو سمجھي رهيو آهيان.

*

پهاڙيءَ تي ويٺو آهيان. ان کان ٿورو پرڀرو وڏو روڊ آهي. ان پاسي کان هڪ ڇوڪري گھڻي ديرکان بيٺي آهي. سينگاريل سنواريل ڪاريون اچن ٿيون. هن وٽ بيهن ٿيون وري هليون ٿيون وڃن. هوءَ مون کان پري آهي پر مان هن جي چرپر کي چڱيءَ طرح سان ڏسي رهيو آهيان. هاڻي منهنجي دلچسپي اها ڇوڪري بڻجي پئي آهي. مون کي ساڻس همدري ٿي پئي آهي.

مان پنهنجي منهن ڀڻڪان ٿو؛ ”ويچاريءَ کي گراهڪ ملڻ گھرجي. شايد کيس ڏوڪڙن جي گھرج گھڻي آهي، جو هوءَ وڌيڪ پئسن جو مطالبو ڪندي هوندي تڏهن ته ڪارين ورا هليا ٿا وڃن.“

مون کي ڪجھه ڪجھه ڏٺل ٿي لڳي. مان تجسس وچان کيس ڏسان ٿو. منهنجي دل ۾ ڇوڪريءَ لاءِ سافٽ ڪارنر پيدا ٿيو پوي ٿي؛ ”ڪارن وارا ڇو نه ٿا کڻنس، ويچاريءَ جون ضرورتون پوريون ٿي پونديون.“

وري پاڻ کي جواب ڏيان ٿو؛ ”پئسن تي ڪو نه ٺهيا هوندا.“

”چڱو ٿي ڪري پنهنجي زندگي جي مزي لاءِ ڏوڪڙ ڪمائي رهي آهي. پوسٽ ماڊرن ازم جي دور ۾ ڪير ٿو ڏسي ته پئسو ڪيئن ۽ ڪٿان آيو. بس پئسو اچڻ گھرجي. دولت آهي ته لوڪ عزت به ڏئي ٿو.“ دل ئي دل ۾ ويچاريان ٿو.

منهنجي دلچسپي ڇوڪريءَ ۾ ايتري وڌيل آهي جو مان پهاڙيءَ کان سُري، هيٺ خيالن ۾ هليو ٿو وڃان. 

”قد بت ته ڌيءَ صدف وارو ئي لڳي ٿو. پر هوءَ نه هوندي. ها ها هوءَ نه هوندي.“

ايتري ۾ هڪ ڪار اچي ڇوڪريءَ جي پاسي ۾ بيٺي. ڪار ۾ نوجوان ڊرائيور ڇوڪريءَ کي ويهڻ جو اشارو ڏنو آهي. ڇوڪري ويٺي. نوجوان ڊرائيور کي سڃاڻي نه سگھيس. ڪار جي ويجهو پھچڻ وارو ئي هيس ته ڪار اڳتي وڌي وئي۔ رستي هلندي سوچيندو آيس۔ ڪار ۾ ويندڙ ڇوڪري، جھڙي صدف۔ مان ڇو وهم ۾ وڪوڙجي ويو آھيان۔ گهر جي گهنٽي وڄائيندي خيالن ۾ ڇوڪري پئي ڦري۔ زال در کوليو؛ ”ڏي خبر! صدف ڪٿي آھي۔“

”هوءَ ساهيڙيء جي دعوت تي ويل آھي۔“

”اڇا!“

زال تڪڙيون وکون رڌڻي طرف کڻندي؛ ”ماني تئي تي وڌم ته تون اچي وئين، در تي. ماني سڙي نه وئي هجي۔“

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment