Friday, October 29, 2021

جُٺِ - زاهد علي ڀٽو

جُٺِ

(ننڍڙي ڪهاڻي)

زاهد علي ڀٽو



سانوڻ جيڪو منهنجي هڪ دوست شيراز جو دوست هو ۽ شيراز جي معرفت سانوڻ سان ميل ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿينديون رھنديون هيون۔

سانوڻ پنهنجي نالي جيان تکو ۽ تيز هو۔

سانوڻ ڪچهرين ۾ تمام وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو هو ته؛ “جي منهنجي هٿ وس هجي ته هيئن ڪري ڇڏيان، هونئن ڪري ڇڏيان. ڪو غريب بک نه سمهندو، ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جو نانءُ نشان نه هوندو. ڪوڙ ٺڳي ۽ ڪرپشن نه هوندي!”


سندس اهڙيون دلفريب ۽ انقلابي ڳالهيون ٻڌي اسان سڀ سنگتي سانوڻ جي سحر ۾ جڪڙجي ويندا هئاسين ۽ سندس اهڙين ڳالهين سبب، جتي ڪٿي سندس ساراھ ٿيڻ لڳي هئي۔

سانوڻ کان علاوه اسانجي سنگت ۾ قاسم نالي سان هڪ ٻيو دوست به هو جيڪو هڪ امير گهراڻي سان واسطو رکندو هو سو سانوڻ جي انقلابي ڳالهين جي چرچا پنهنجي پيءُ سيٺ حاڪم سان به ڪندو رهندو هو.

هڪ ڏينهن دوست قاسم پنهنجي سڀني سنگتين کي پنهنجي فيڪٽريءَ تي دعوت ڪئي. ٻين سنگتين سان گڏ مان ۽ سانوڻ به ان دعوت ۾ وياسين. قاسم سان گڏ فيڪٽريءَ تي دعوت ۾ سندس پيءُ سيٺ حاڪم به موجود هو۔

 قاسم دعوت ۾ ست-رڇي طعامن سان سنگت جي خاطر تواضع ڪئي. ماني کائيندي ڪچھري به هلندي رهي. ڪچھريءَ ۾ سيٺ حاڪم، سانوڻ جي ڳالهين مان گهڻو محظوظ ٿي رهيو هو. بلڪ گهڻي ڀاڱي متاثر ٿي رھيو هو ۽ ڳالهين ڳالهين ۾سانوڻ کي پنهنجي فيڪٽريءَ تي مئنيجر جي نوڪري جي آفر ڪيائين ته؛ “ٻن مهينن کان فيڪٽريءَ تي مئنيجر جي سيٽ خالي آھي ۽ تو جهڙي Competent باصلاحيت ماڻهوءَ جي ضرورت آھي. سٺي پگهار، رهائش ۽ ٻيون سهولتون به ملندئي! تو کي مئنيجري ھلائڻ جو تجربو ناهي ته ڪا ڳالھ ناهي. تو ۾ صلاحيتون نظر اچن ٿيون ۽ ٻي ڳالھ ته منهنجو پٽ قاسم تنهنجي قابليت کان ڏاڍو متاثر آهي. تنهن تنهنجي گارنٽي به ان کنئي آ!”

اهڙي زبردست آڇ تي سانوڻ نھ نه ڪري سگهيو. ڄڻ اها سِيٽ، سندس پُراڻي خواهش هئي ۽ هاڻ اها خواهش سندس دوست قاسم جي معرفت پوري ٿي رهي  هئي. سو سانوڻ خوشيءَ خوشيءَ مئنيجر جي نوڪريءَ واري آڇ قبول ڪئي۔

فيڪٽري مئنيجر جي نوڪري ماڻڻ تي، سانوڻ ڏاڍو خوش هو. پر نوڪري ملڻ جي ڪجھ عرصي کانپوءِ سُتت ئي سندس انقلابي ڳالهيون ۽ خيال صفا ماٺا ٿي ويا. بلڪ مٽجي ويا هئا. سانوڻ ته ساڳيو هو پر جيڪي اڳ ۾ ڳالهيون ڪندو هو يا جيڪي سندس قول اڳي هئا، سي ٻيا هئا.

وقت گذرڻ سان سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد ايندو ويو۔

وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو. اڃا سندس نوڪريءَ کي ڪجھ سال ئي ڪو نه گذريا هئا ته مالڪن ۽ سانوڻ ۾ معاملات بگڙجڻ لڳا. پر سانوڻ سنگت سان اهڙي ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍي. ٻه ٽي ڏينهن منظر عام، يعني سنگت جي ڪچھرين کان، الائي ڪٿي غائب هيو. هڪ ڏينهن رات مهل، اوچتو صابو سبزيءَ واري جي بند پيل دڪان جي دِڪيءَ تي ڏاڍو پريشان حال نظر آيو. ڳڻتيءَ واري ڪيفيت ۾ سندس ٻئي هٿ مٿي تي هٿ هيا. پڇا ڪرڻ تي صفا ڦاٽي پيو.

چئي؛ “نوڪري ڏيڻ مهل مالڪن چيو ھو ته اسان جو فيڪٽريءَ سان واسطو نه هوندو! تون ڄاڻ فيڪٽري ڄاڻي...! فيڪٽريءَ تي ملازم رکڻ ۽ ڪڍڻ تنهنجي صوابديد تي هوندو. اسان پاران ڪا به مداخلت نه هوندي. بس مهيني سر پنهنجي Progress Report اسان کي ڏيندو رهجانءِ!“

وڌيڪ ڦاٽ ڦاڙيندي اوڳاڇيائين؛ “پر هاڻي ته مالڪ پنهنجي ڪيل مڙني واعدن تان ڦري ويا آهن. ڪم ڪار ۾ بي جا مداخلت پيا ڪن. هر روز مارڪيٽ ۾ لوڪ آڏو ذليل و خوار پيا ڪن. ٻيو ته ٺهيو سيٺ حاڪم جو پٽ، پنهنجو سنگتي قاسم، جنهن منهنجي نوڪريءَ لاءَ سفارش سان گڏ منهنجي گارنٽي به کنئي هئي، سو به صفا منهن مَٽي ويو آ. فيڪٽري جي ڪم ڪار لاءِ، جيڪي مُلازم مان رکيا هئا، مالڪ تن کي نوڪريءَ مان ڪڍي، ٻيا پنهنجي پسند جا ملازم رکن پيا.! جيڪي منهنجو چيو مڃڻ ته پري رھيو پر مون کي ليکين ئي ڪو نه ٿا! يار مان ڏاڍو رت ٿيو آھيان، مالڪن جي اهڙي روش مان. مالڪ جيڪڏهن مون تي ڀروسو نٿا ڪن ته سڄو ڪاروبار پاڻ اچي سنڀالين مونکي ڏٺو ڇو ٿا ڪن..!!!؟؟ باقي بنا اختيارن جي رڳو ڦرڻي ڪرسيءَ تي ويھڻ معنيٰ مارڪيٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪِنو ۽ خوار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونهي ..! مالڪ مون سان ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو واري تعدي پيا ڪن.”

 

(روزاني آجيان شڪارپور ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ آچر ڏينهن تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment