Sunday, October 17, 2021

سينڊل - زاهد منگي

سينڊل

ننڍڙي ڪهاڻي

زاهد منگي



سول اسپتال جي سامهون واري فٽ پاٿ تي هو ويڳاڻن جيان بيٺو هو. روڊ تان ڪيتريون ئي لاريون، ويگنون، ڪارون، رڪشائون، چنگچيون ۽ اسڪوٽر اچي وڃي رهيا هئا. جن جي گوڙ ۾ سندس ڪن وڄي رهيا هئا. بيٺي بک محسوس ڪيائين ته سري وڃي ڀرسان بيٺل برياني جي ريڙهيءَ واري وٽ پهتو. گراهڪن جي رش سبب ريڙهيءَ واري جو هٿ مشين جيان هلي رهيو هو. هڪ ديڳ مان پليٽ تي چانور ڪڍي، ڀرسان پيل ٻي ننڍي ديڳڙيءَ مان ان تي رس ۽ بصر وجهندو گراهڪن کي ڏيندو پئي ويو. هن سندس ڀرسان وڃي پڇيو؛ “ننڍي پليٽ گهڻي ٿو ڏين ادا؟”


“ٽيهه رپيا!” ريڙهي واري کيس ڏسڻ کان سواءِ ئي جواب ڏنو.

هن کيسي ۾ هٿ وڌو! ويهن رپين جو نوٽ نڪري آيس. وري ٻيهر هٿ وڌائين ته خالي نڪتو آيس. برياني کائڻ جي ارادي کي ترڪ ته ڪري ڇڏيائين پر بک سبب پيٽ ۾ ولهوٽا پئي پيس. هن جي هيڏانهن هوڏانهن ڪيترا ئي ماڻهو برياني کائي رهيا هئا. دل ۾ خيال آيس ته جيڪر وڃي ڪنهن کي چوان؛ “ڀائو ٿورڙي ڏيندين.” پر حضور شرميءَ کان، دل جي خيال کي دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيائين. اتان سري، ٿورو پرڀرو وڃي پنهنجي منهن بيهي رهيو. اتي بيٺي اڃا ڪي ٻه ٽي منٽ مس ٿيا هيس ته اوچتو تيز رفتار موٽرسائيڪل سوار ٻه همراهه اچي وٽس بيٺا. جنهن مان اڳئين کي هيلمينٽ پاتل ته پوئين کي ٻٽ ٻڌل هئي. انهن جي بيهڻ سان ئي هن کي ڪا سخت شيءِ پنهنجي پيٽ تي محسوس ٿي. ڪنڌ هيٺ ڪري ڏٺائين ته پستول هو.

“رڙ ڪيئي ته گولي پيٽ جي پار ٿي ويندئي، کرڙي ئي نه هڻندين. ماٺ ميٺ ۾ جيڪو ڪجهه کيسي ۾ اٿئي مزي سان ڪڍي ڏي.”

خوف سبب جسم ۾ ڏڪڻي پئجي ويس. ٽنگون ٿڙڪڻ لڳس. ڏڪندڙ هٿ کيسي ۾ وجهي، ويهن رپين وارو نوٽ ڪڍي همراهن ڏانهن وڌايائين.

“اڙي ڀيڻ جا....... بس رڳو ويهه رپيا؟!!؟!؟!؟“

“بس ڀائو پيا ئي اهي آهن. ستون ڏينهن آ! امان چاڪ ناهي اسپتال ۾ داخل ڪيو اٿمانس هڙ خرچ ٿي وئي ٽڪو نه بچو آ.” هن پنهنجي خوف کي قابو ڪندي يڪساهيءَ ۾ جواب ڏنو.

“اڙي چڱو هاڻي ڇڏ انهيءَ ڊيگهه کي کيسا ٻاهر ڪڍ!” هيلمٽ پاتل همراه دڙڪو ڏنس.

هن ٻنهي پاسن وارن کيسن ۾ هٿ وجهي، همراهن کي خالي کيسا ڏيکاري پڪ ڏني.

“اڙي هل اڳتي، هي صفا سڃو آ.”

گاڏيءَ واري ڪڪ هنئي ته پوئين همراهه چيس؛ “بيهه ته ٿورڙو، اڙي جلدي ڪر اهيو سينڊل ئي لاهي ڏي.”

“سينڊل!؟“ هن حيرت ۾ وراڻيو.

“هاها سينڊل، ٻڌئي ته به پڇين ٿو.!؟

هن سينڊل لاهي کيس هٿ ۾ ڏنو. همراهه موٽرسائيڪل ڪاهي تيزيءَ سان گم ٿي ويا.

 

(زاھد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment