Wednesday, February 4, 2026

گلابن جي ڌرتيءَ جي وساريل محبت - محمد احسان لغاري

گلابن جي ڌرتيءَ جي وساريل محبت

(مختصر ڪهاڻي)

محمد احسان لغاري


هو ٻئي گلابن جي ڌرتي هالا جا هئا، توهان جو ڪڏهن سنڌ جي ان پٽ تان گذرڻ ضرور ٿيو ھوندو، اھو ميلن جي پٿرن، بورڊن، روڊ ڪناري آباد وسندين يا شھرن جي ڪري شايد ياد نه رهندو. توهان کي ياد رهندا ته رڳو منظرن جا بدلجندڙ رنگ: سنڌو درياءَ جو کاٻو ڪنارو، موسمي فصلن، انبن جي باغن، ساون گاھن سان ٻُٽيل ٻنيون، قومي شاهراهه جي ڀرسان سانت ۾ ڄڻ ستل شهر ۽ ان کان پرتي زمين جا اهي ٽڪرا جتي گلابن جي پوک ھٻڪارون ڦهلايندي ھئي. گلاب جي انھن جھرمٽن ڄڻ ته انھي مٽيءَ کان صبر جو سبق سکي ورتو ھو.


هاڻي انهن ٻنھن مان ڪو به اتي نه رهندو آھي. ڏهاڪا گذري ويا جڏهن هو آخري ڀيرو گڏجي اتي ويا هئا. ھاڻ ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته سندن اباڻا گهر اڃان سلامت هئا، يا وڪامي ويا. وقت سان گڏ ڊهي پٽ ٿي ويا يا قبضن جي ور چڙهي ويا. ڪنهن کي به پتو نه هو ته انهن اڱڻن ۾ اڃان تائين سندن ٻاروتڻ جي پڙاڏن جي ڪو آلاپ بچيو هو يا نه.

۽ ڪنهن کي اها به خبر نه هئي ته سندن يادگيريون اڃان اتي ڪنھن نم جي وڻ سان چهٽيل ۽ جيئريون هيون يا نه؟

سائنس ۾ مادي ۽ توانائي جي بقا جو قاعدو آھي ته توانائي نه پيدا ڪري سگھبي آھي ۽ نه ئي اھا ختم ٿيندي آھي، بس رڳو پنهنجو روپ مٽائيندي آهي!

پيار به ته هڪ توانائي آهي.

پيار ڪنھن توانائي جيان ان ھنن جي زندگين سان ويڙهجي ويو ھو، پر شايد مختلف معنيٰ سان!

پيار روپ نه مٽائيندو آھي؛ بس رڳو غائب ٿي ويندو آھي. شايد اهو يا ته جيئرو رهندو آهي...  يا ان جي جيئري ھجڻ جو ڏس نه ملندو آھي.

هو هڪٻئي کي ڄڻ ڄمڻ کان سڃاڻندا هئا. جڏهن رڳو ٻن سالن جا هئا ته اها سڃاڻپ ائين سندن زندگيءَ جو حصو بڻجي وئي، ڄڻ ته سندن ڪو گڏيل عضوو ھجي. ساڳيو ڳوٺ، ساڳيو پاڙو. زين، زمل کان رڳو ٻه مهينا وڏو هو؛ اھو سٺ ڏينهن جو وڏو ھجڻ، ڄڻ سندن ناتي ۽ محبت ۾ پڻ پويل ھو.

هنن هڪ ئي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو. بس زمل هڪ سال دير سان داخل ٿي هئي. ان ڪري زين هميشه کانئس هڪ ڪلاس اڳتي هوندو هو. جڏهن امتحان ختم ٿيندا هئا ته زين پنهنجا ڪتاب ۽ ڪاپيون اھڙي نموني سان سنڀالي رکندو هو جو انھن تي ڪو به ليڪو ڪو نه هوندو هو ۽ نه ئي ڪو داغ! ڪو ٻار اھڙي چاھ ۽ خيال سان ڪتاب ڪيئن ٿو سنڀاري سگھي!؟ هو انهن کي ائين صاف رکندو هو، زمل جڏهن انهن کي کوليندي ھئي ته کيس بلڪل نوان لڳندا ھئا ۽ گدگد ٿيندي ھئي، سندس مرڪون ڏسي زين ٽپا ڏيندو مھڪي اٿندو ھو. ڪتابن سنڀاري ڏيڻ جو اھوسلسلو ميٽرڪ تائين هلندو رهيو.

ٻاروتڻ جي راندين ۾، جتي جوڙي جوڙي جي ضرورت هوندي هئي، چاهي اهي ڊوڙون هجن، گهر گهر واري راند؛ سڀني کي اڳ ئي خبر هوندي هئي ته ڪير ڪنهن سان گڏ هوندو: زين ۽ زمل. ڪو اعلان نه ٿيندو هو، ڪو فيصلو نه ڪيو ويندو هو. اهو ڄڻ اَڳ کان لکيل ۽ سمجهيل ھو، راند جي ٽولي واري ٻارن کي ڄڻ پهريان کان پتو ھو .

ائين ئي سندن محبت وڌي.

اڻ اعلانيل، اڻ پڇيل ۽ اڻ ٻڌايل! خاموشيءَ سان ٽڙندڙ، انهن گلابن وانگر جيڪي ان مٽيءَ مان ڦلاربا ھئا ، جنهن ڪڏهن مشهوريءَ جي پرواھ نه ڪئي هئي.

ٻنھن جي خاندانن جي سماجي بيهڪ ھڪ بس ھڪ جھڙي ئي ھئي. غريب، جاکوڙي ۽ روزي روٽي لاءِ مسلسل محنت ڪندڙ. ھائو، پر زمل جو گھراڻو ٿورو بيٺل ھو؛ سندس خاندان، جيتوڻيڪ روايتي هو، پر منجهن هڪ خاموش ترقي واري سوچ هئي. هنن جو يقين هو ته ڇوڪري پڙهي سگهي ٿي، گهر جي ڏيوڍي کان ٻاهر نڪري سگهي ٿي، يونيورسٽي وڃي سگهي ٿي ۽ پوءِ به پنهنجي روايتن سان جڙيل رهي سگهي ٿي.

زين جي دنيا ڪجهه سوڙهي هئي.سندس خاندان مذهبي، ٿورو سخت گير ۽ روايت پسند. جڏهن هن اداڪاري ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته سخت مخالفت ڪئي وئي. اداڪاري جي شوق کي اندر ويهاري ڄڻ ھن پنھنجي وڏي ٿيڻ جو انتظار پئي ڪيو. پڙھڻ ڏانھن ڌيان ڌريائين جو ڇوڪرن کي پڙھڻ کان ڪير به نه روڪيندو آھي. پوءِ هو ھڪ سال جي تعليمي فرق سان يونيورسٽي ۾ گڏ ھئا. سندن مضمون الڳ هئا، پر منزل ساڳي هئي.

زين انگريزي ادب چونڊيو، ٻولي، جذبن ۽ معنيٰ جي ڳولا ۾.

زمل سوشل ورڪ (سماجي ڪارج) ۾ داخلا ورتي، سڪون، مقصد ۽ بقا جي تلاش ۾.

محبت بابت سندن خيال سادا ۽ چٽا هئا:

گڏ رهڻ، ڪيريئر ٺاھڻ ۽ سڄي عمر هڪٻئي سان پيار ڪرڻ.

زين “ھجڻ” جي ڳالهه ڪندو هو: “مان اتي اوس هوندس، جتي به توکي منهنجي ضرورت پوندي، هميشه !”

زمل “محفوظ آئيندي” جي ڳالهه ڪندي هئي: “زندگي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جو نالو آھي، پيار سان گڏ زندگي کي مضبوط به ڪرڻو آھي.”

جيئن جيئن زمل جوڀن ۾ پير رکيا، سندس سونهن ائين پکڙجڻ لڳي جو ان کي نظرانداز ڪرڻ ناممڪن هو. يونيورسٽيءَ جي ڪاري ڊور ۾ سندس حسن روشنيءَ جيان ھن کان اڳواٽ پهچي ويندو هو. ھن کي ڪير نه چاهيندو ھوندو، پر ڊنگ ليڊر، پاڙھو پوزيشن ھولڊر يا ڪنھن وڏي ماڻھو جي بگڙيل پٽ کي به هنن جي رستي ۾ اچڻ جي ھمت نه ٿيندي ھئي؛ نه ڪنھن ڊپ ڊاھ کان، پر ھنن جي محبت جو سڀاءُ ئي اھڙو ھو جو اٻکو ماڻھو به ھنن جي محبت جو خير گھرندڙ ھو! سڀني کي خبر هئي ته زين ۽ زمل هڪٻئي لاءِ بڻيا آهن. تان جو سندن ڪو اُڙيو ٿُڙيو دشمن به چاهيندو هو ته هو گڏ رهن. ڪو رقيب، ڪو کارو کر به حسد محسوس نه ڪندو هو. هو رڳو هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري چوندا هئا: “ڪاش! زمل مون سان پيار ڪري ها...  پر زين ئي هن جي پيار جو حقدار آهي. صرف زين!.”

وڇوڙي اوچتو کين ڳولڻ شروع ڪيو؛ ايئن ئي چپ چپاتي ۾ جو ھنن کي خبر ئي نه پئي.

يونيورسٽيءَ جي آخري سالن ۾، زمل جي خاندان جي مالي حالت بنھه پوئتي پئجي وئي. سندس تعليم جاري رکڻ مشڪل ٿي ويو. زمل جي من ۾ هڪ خوف گهر ڪري ويهي رهيو. اھو خوف رڳو غربت جو نه ھو، پر اها بي وسي جھڙي تڪليف هئي جنھن ڄڻ نانگ ڏاڪڻ واري راند جيان مٿان کان هيٺ ھڪ ڪڻ تي ڪيرايو پئي.

زين دير ڪيئن ته ڪري ھا. هن ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيا، وڌيڪ ڪم ڪيو، ۽ هر اهو رستو ڳوليو جنهن سان هو ايترو ڪمائي سگهي جو زمل جي پڙهائي جاري رهي سگهي. هن پنهنجا واعدا لفظن سان نه، پر عمل سان سچا ڪيا، پر ھن کي نه وعدا ياد هئا نه “ پنھنجي ھجڻ” جو احساس، ھن کي صرف زمل ياد ھئي، جنھن جي لاءِ ھن بي سمجھه عمر ۾ به ڪتاب جو پنو ميرو نه ڪيو!

زمل ان مدد لاءِ نھڪر ڪئي، بحث ڪيا. هوءَ نه پئي چاهي ته سندن پيار ڪا “خيرات” بڻجي وڃي؛ يا ڪٿان ڪو مھڻو کيس ماري وجھي.

پر زين اهو سڀ ڪري ڏيکاريو. زمل جي ڊگري مڪمل ته ٿيڻ ھئي.

محبت هاڻي شاعري نه رهي هئي. اھا ھاڻ محنت ۽ جستجو ٿي چڪي ھئي!

زين اداڪار بڻجڻ پئي چاهيو، پر تقدير جي ترتيب ڪجهه ٻي هئي. جيئن ئي زمل پنهنجي آخري سال ۾ پهتي، کيس هڪ ڪمرشل اشتهار جي آڇ ٿي. کيس اداڪاريءَ جي الف بي به نه ايندي هئي، پر هن زين کان فن ۽ ڪردار نگاريءَ بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو.

زين کيس همٿايو: “ها، توکي اهو ضرور ڪرڻ گهرجي.”

هن کيس ڊائلاگ پڙهڻ سيکاريا، ڊائلاگ جي وچ ۾ ننڍڙي خاموشيءَ جي معنيٰ سمجهائي. اهو اشتهار مشھور ٿي ويو. آهستي آهستي، ٽيليويزن سيريلز جون آڇون اچڻ لڳيون. پهرين زمل کي ھر ڪنھن اداڪاري جي حوالي سان سڃاتو پوءِ زين پڻ ڊرامن ۾ اچڻ لڳو. ٻئي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لڳا.

پر ان سان گڏ ئي، هڪ گهري فڪري وڇوٽي پيدا ٿي وئي. وڇوڙي جي واسينگ ڪر کڻڻ شروع ڪيو. ھاڻ انهن جو اهو بحث اڪثر هيئن ٿيڻ لڳو:

زمل: “زين، آرٽ رڳو روح جي آسودگي آهي، پر سي ايس ايس (CSS) هڪ مضبوط مستقبل آھي. تون ڪوشش ته ڪر؛ ڏس پاڻ پنھنجي پيار جي هيءَ عمارت مضبوط ڪرڻ جي ڇو نه ڪيون. پاڻ غربت کي ڀوڳيو آھي.”

زين: “پر اسان ڪمايون ته پيا، زمل! اسان جي محنت جا گل لڳڻ شروع ٿيا آهن. مان ڪنهن سرڪاري ڪرسيءَ جي پويان پنهنجو فن ۽ پنهنجي سڃاڻپ نٿو دفنائي سگهان. پيار جو مطلب هڪ ٻئي تي ڀروسو آهي، رڳو معاشي سلامتي نه.”

زمل: “پيار جڏهن بک ۽ بدحاليءَ جي آڏو ايندو آهي ته سڀ کان اڳ فن جا گل ئي مرجهائجي ويندا آهن، زين. مون کي تنهنجي پيار سان گڏ پناهه به گهرجي. اها پناهه پاڻ کي هڪ مستحڪم مستقبل ڏئي سگهي ٿي.

۽ ڪٿي ان گوڙ ۾، هالا جي گلابن جي خوشبو مدھم ٿيڻ لڳي.

ٻئي پنهنجي جاءِ تي صحيح هئا.

زين جي ذهانت اهڙي هئي جو هو سي ايس ايس ڪري سگهيو ٿي. ڇا ٿئي ها جيڪڏهن هو رڳو هڪ ڀيرو ڪوشش ڪري ها؟

۽ زين جو دليل به غلط نه هو. هو ڪمائي رهيا هئا. وقت سان گڏ هو وڌيڪ مضبوط ٿي سگهيا ٿي. ڇا ٿئي ها جيڪڏهن زمل ان وقت تي ڀروسو ڪري ها؟

پوءِ ٻنھن جي وچ ۾ چپ جي سئو پيري اچي وئي.

پهرين آهستي...  پوءِ تڪڙي.

ڳالهيون گهٽجي ويون. وضاحتون بي معنيٰ ٿي پيون، ھاڻ انھن ۾ دير ٿيڻ لڳي.

اها خاموشي هڪ سال تائين هلي. زمل يا ھنن ڪڏهن موڪلايو به نه ڌار ٿيندا ويا.

پنجين ڪلاس جي انهن ڪتابن جا چٻا نه ٿيل صفحا خاموشيءَ سان روئڻ لڳا. گلاب ته شايد ڪنهن ٻئي هنڌ پوکييا پئي ويا. زمل شوبز جي دنيا ۾ وڌيڪ مٿي نڪري وئي. وقت گذرڻ سان گڏ، هن هڪ اهڙي شخص کي چونڊيو جنهن وٽ هڪ مستحڪم نوڪري ۽ محفوظ مستقبل هو.

هوءَ اڄ به ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي؛ پنهنجي دنيا ۾ شايد خوش پڻ آهي

ڇا زمل زين کي وساري ڇڏيو هو؟

ظاهري طور ته سندس زندگي تمام پرسڪون هئي. هن وٽ اهو سڀ ڪجهه هو جنهن جي هن تمنا ڪئي هئي...  هڪ مضبوط قلعو، مالي آسودگي ۽ هڪ معتبر سماجي حيثيت، پر يادگيري هڪ اهڙو سمنڊ آهي جيڪو ڪڏهن به مڪمل ماٺار ۾ ناهي ھوندو.

هڪ شام، هوءَ پنهنجي مڙس جي آفيس ۾ ويٺي هئي. آفيس جي ڳري فرنيچر ۽ اي سي جي ٿڌڪار ۾ هڪ عجيب قسم جي بي حسي هئي. هوءَ ڪنهن سوچ ۾ گم هئي ته اوچتو دروازي کلڻ جو آواز ٿيو.

هڪ شخص اندر داخل ٿيو.

زمل جي نظر جهڙوڪر منجهي پئي. اهو قد، اهي وار ۽ هلڻ جو اهو انداز...  ائين لڳو ڄڻ وقت پٺتي هليو ويو هجي. ڄڻ هالا جي گلابن جي خوشبو سڄي آفيس ۾ پکڙجي وئي هجي.

هڪ لمحي لاءِ سندس ساهه رڪجي ويو. سندس ٻانهن جي هڪ تيز ۽ اڻڄاڻائي حرڪت سان، ميز تي رکيل سندس مهانگو بيگ هيٺ فرش تي ڪري پيو. خاموش ڪمري ۾ ان جو آواز ڪنهن ڌماڪي وانگر گونجيو.

سندس چپن مان هڪ اڌورو لفظ نڪتو: “زين... !”

هو شخص حيران ٿي ويو. هن تڪڙ ۾ هيٺ جهڪي زمل جو پرس کنيو ۽ ميز تي رکندي نهايت ادب سان چيو:

ميڊم! معافي گهران ٿو، شايد توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي. مان حسن آهيان، صاحب سان ملڻ آيو هئس.”

زمل پنهنجي حواسن کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس اکيون ڄڻ ڪوهيڙ۾ بي نظر ٿي پيون. هن کي پنهنجي مڙس جي آفيس جي ديوارون اوچتو سوڙهيون لڳڻ لڳيون.

حسن ٿورو مرڪيو، هڪ اهڙي مرڪ جيڪا ڏکوئيندڙ حد تائين آشنا هئي. ‘هن کي ياد آيو ته دوست کيس چوندا ھئا ته ھن جي شڪل بلڪل اداڪار زين سان ملي ٿي.’. حسن آفس مان تڪڙو نڪري ويو.

زمل کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن ان جي روح جي ٻير کي تيز ڌوڻو ڏئي ڇڏيو هجي.

زين! ڪٿي آهين؟! زمل لاءِ شايد هو اڄ به اهو ٻار هو جيڪو پنهنجا ڪتاب صاف رکندو هو ته جيئن هوءَ نواڻ ڏسي خوش ٿئي.

حسن هليو ويو، پر آفيس جي ان بند ڪمري ۾ “زين ھن کي سندن پاڙي جي گھٽي ۾ ڊوڙون پائيندي نظر پئي آيو کيس پڪڙڻ لاءِ.

ڪنهن کي به پڪي خبر ناهي ته زين ڪيڏانهن ويو ۽ ڪٿي آھي. ڪي چون ٿا ته هو آمريڪا هليو ويو. اتي پنهنجو ڪامياب ڪاروبار ۽ وڏو گهر اٿس، پر هو سوشل ميڊيا تي ناهي، نه ئي پنهنجي ڳوٺ سان ڪو رابطو اٿس.

پر عاشق چون ٿا ته جڏهن به سنڌو درياءَ جي ڪناري تي ڪو جهنگلي گل ٽڙندو آهي، ته ان ۾ زين جي خوشبو هوندي آهي...  ۽ انهن صاف رکيل ڪتابن جي يادگيري، جيڪي جنوريءَ جي اڌ رات جي آسمان وانگر پاڪ هئي، ڪاري، پر تارن سان ڀريل

۽ هاڻي چريا چون ٿا ته:

پيار هڪ توانائي آهي.

پيار نه پيدا ٿيندو آهي ۽ نه ئي ميساربو آهي.

اهو ته پنهنجو روپ به نه مٽائيندو آهي.

پيار جا سڀئي روپ... رڳو پيار ئي هوندا آهن.

***

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد جي فيبروري ۲۰۲۶ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment