Wednesday, February 4, 2026

ڀوڪ بصر - پير عبيد راشدي

ڀوڪ بصر

(مختصر ڪهاڻي)

پير عبيد راشدي


ٽي ماڙ گھر جي ڇت تي وڃڻ لاءِ ڪاٺ جي گول ڏاڪڻ تي ڪير چڙھي يا لھي ته ٺڙڪو ضرور ٿيندو آھي. ٺڙڪي تي گھر ڀاتي ته ايئن ھري ويا ھئا جيئن ڄامشورو ريلوي اسٽيشن يا ڀان سيدآباد لڳ ريل ٽريڪ جي ڀر ۾ ڀنڀڻ ڳوٺ جا خشڪ جن جي بنھه ڀرسان ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ٽرين جي ڳري آواز تي ھريل. ڀان سيدآباد لڳ خشڪن جي ڳوٺ اتفاق سان ويندو آھيان ۽ ريل گذرندي آھي ته لڳندو آھي ڄڻ زلزلي جي ڪري ڌرتي پئي ڌڏي.

انھيءَ ڏينھن پاڏل شاھ مانجھاندي تي ونگارن مزدورن جيتري ماني کائي لسي جا ٻه وڏا گلاس پيتا ته پاڏي ڍڳي رنڀ جھڙيون اوڳرايون ڏنيون اڃان به پليٽ ۾ ليمي آچار جو چٽو ڪري آڱريون چٽيون ۽ پوءِ پاڏي جھڙي پيٽ کي زور ڏئي پاسا ورايا ۽ مونکي ڏسي چيو،

”ماشاالله تنھنجي گھر جي ماني سوادي ھميشه ياد ڪندو آھيان.“


مون خاموشي سان مرڪي چپن ۾ چيو،

وقفو ضروري آھي

ڇا جي ڀڻ ڀڻ لاھي ويٺو آھين، وقفو ضروري آھي!؟

ھن ڀر مان گذرندڙ عورت ۽ گڏ ھلندڙ ٻارن جي ولر کي شڪي نگاھ سان ڏسندي چيو.

برنس روڊ جي ريسٽورينٽ جون ڪڙھايون ۽ دھي بڙا کائڻ لاءِ ويندو ھوندين؟

برنس روڊ جي ڪھڙي ڳالھه، اتي جي ڪالونيل دور جون بلڊنگون، عمارتون ۽ پراڻي دور جي مردن کي پاتل بيل باٽم پينٽس، ڪرتا پاجاما، عورتن کي پاتل ڪرتا پاجاما ۽ ٻڌل وار، ڊوڙ ڊڪ کيڏندڙ ڪنھن ويٽر جي وچ مان ڀڄندڙ ٻار ۽ ريسٽورينٽس مان ماڻھن جا اواز ۽ ٿانون جا ٺڙڪا آواز پاڏل شاھ جي اکين ۾ لھي پيا.

ٽيبل تان اٿي واش بيسن تي بيھي شيشي ۾ پنھنجو پاڻ کي ۽ پوءِ مونکي ڏسي چپن ئي چپن ۾ ڪجھه چيو پھرين ته آئون سمجھي نه سگھيس پر پوءِ سندس باڊي لينگويج ۽ پيٽ تي ھٿ ڏسي سمجھي ورتم ۽ کيس واشروم مان ڪموٽ ڪڍرائڻ جو ٻڌايو.

پوءِ ڪيڏانھن وڃان؟

پاڏل شاھ پڇيو،

اصل پيٽ ۾ ڪڪڙن ڪڙڪاٽ ٿي ڪيس.

شھر ۾ جھنگ ته ڪونھي جو جھنگ خيال جو عالمي پيٽ مروڙ جو مسئلو ڪنھن ڪنڊ پاسي حل ٿِئي.”

سندس آنڌ مانڌ ۽ ڪپڙن وڃائڻ جي ڪري يا عمر ڀر جي ياراڻي جي ڪري مٿس نالي ماتر ترس پيم.

ٽاپ سمر ولا جي واش روم ۾ ڪموٽ آھي؟

پڇيائين.

ويسٽرن ڪموٽ آھي ، پاڻ وڏي دري مان شهر جا نظارا ڏسي هلڪو ٿيندين

منهنجي زندگي جو رومانس بليڪ اين وائٽ سادي دور سان سچ ته بليڪ اين وائٽ واري دنيا سان زندگي جون ڪيتريون حقيقتون لڪيو وڃن منهنجي هن دوست سان HD ڪلر فل اسڪرين جا رشتا به آهن جنهن ۾ ڪجھه به لڪي نه سگهندو آهي.

ھن سان ڀوڳ چرچو پنجاھ پنجونجاهه سالن کان آھي ساڻس نه رڳو ھلڪا، پر ڳرا ڀوڳ به ڪندو آھيان جيئن جون جولاءِ جي گرمي ۾ اي سي يا فين بند ڪرڻ يا ستل ھوندو ته مٿس ٿڌي پاڻي جي بوتل نائڻ، اھڙن ڀوڳن تي لٺ کڻي پويان لڳندو آھي ۽ اسانجي ڀڄڻ لڪ ڇپ تي ننڊا وڏا کل ۾ ھوندا آھن. ڪنھن ڀيري ڪيڏاهن وڃڻ جي تڪڙ ھئس ۽ مون سندس ڪار جي چاٻي لڪائي ڇڏي، ڏينھن به ھئا گرمين جا ڪاوڙ مان سڀ ڪجھه چيائين نيٺ ساڳي لٺ کڻي پويان لڳو ھڪ ٻه گھٽيون لتاڙي کيس سھڪائي چاٻي واپس ڪيم.

آئون کيس ھميشه ڇتو ڪري ککر ڏينڀو ڏنگ جھڙو ڪري ڇڏيندو آھيان ۽ اوڙو پاڙو حيران ٿي ويندو آھي. اوڙي پاڙي وارا وڌيڪ حيران تڏھن ٿيندا آھن جڏھن اسين گھڙي پل ۾ ڀاڪرن ۾ ھوندا آھيون ته جاڙا ڀائر پيا لڳندا آھيون. ھو موکي متارو ايڏو آھي جو مون جھڙا ٻه ٿيندس.

ٿولھه کيس سوني جهرڪي ڏيکارڻ وقت ڏائڻ جيان چنبڙي پئي هئي ۽ طھرجڻ کان پوءِ دادلو چاڳلو ٿي پيو، ڦٽ ته هفتي کن ۾ ڇٽي ويس، پر مھينن جا مھينا N.J.V اسڪول نه ويو باقي P.E.C.H.S سوسائٽي ۾ ٺهندڙ ڪشمير روڊ ۽ قائدين روڊ تي رولر ٽريڪٽر هلائيندڙ پٺاڻ ڊرائيورن سان گڏ ويٺل هوندو هو، نتيجو اهو نڪتو مڊل اسٽينڊرڊ امتحان ۾ بار بار ناپاس ٿيندو رهيو جڏهن ته سندس هم ڪلاسي ميٽرڪ ۾ وڃي پھتا ۽ کلندا ٽوڪ ڪندا چوندا هئس،

اڳي ته سنهڙو هوندو هئين هاڻ ته ٽرام K.D.A ,, K.M.C ٽرڪن جهڙو ٿي پيو آهين.”

طهرجڻ کانپوءِ،ِ اصلي گيھه جون بُسريون ۽ ٻاجهر جون مِٺيون ڪُٽيون کيس ڀولو پھلوان ڪري ڇڏيو، جڏهن N.J.V اسڪول پڙهڻ لاءِ لاري ۾ چڙهندو هو، اهي هم ڪلاسي ٽهڪ ڏئي چوندا هئس تنهنجو وزن لاري کڻي سگهندي يا نمائش چورنگي تي خراب نه ٿي پوي.

پاڏل شاھ N.J.V اسڪول وقت جي عادت ڇڏي نه سگھيو ھو، انسان ۾ الائجي ڪيتريون چڱيون لڱيون عادتون، پر ھڪ عادت ھئس کٽ تي ويھي زور ڏئي ٺڪ ٺڪ ڪري ريڙھڻ وساري نه سگھيو آھي

کٽ ريڙهڻ لاءِ چپن ۾ ڀڻڪو ڪيم،

کٽون ته ڪڏهن ڪيتريون ڇنيائين ڀڳائين، پر زبان ڊگهي ڪيم.

پاڏل! ڪڏهن خالي کٽ تي ويهي زور لڳائيندو ھوئين، کٽ کي ته نچائي بريڪ ڊانس ڪرائيندو ھئين، چوڻ جي دير هئي کٽ کي اڏام کٽولو ورانڊي ۽ لِونگ کان ٽائل موزيڪ تان ترڪائندي وڃي اڱڻ تي پھتو، مون ڏانھن فخر مان ڏٺائين، مون کان ڄڻ شاباش وٺڻ ٿي چاهيائين، چپن تي پراڻو ڪلام، تلڪ چاڙھي تان ٻيڙي ڊوڙي، سنڌوءَ نديءَ ۾ ريل، ٻارو ڏسو نرالو کيل، تري آيو.

مئٽرڪ ته N.J.V اسڪول مان ڪيائين، ڳالهيون يادون ته N.J.V اسڪول جون ڪرڻ کپنديون ھئس، پر گهڻو ڪري ماما پارسي اسڪول ڪاليج جون ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن آچر ڏينهن ماما پارسي اسڪول جي گيٽ اسٽاپ تي هوائن سامهون هوندو آهي ۽ آئون چوندو آهيانس،

تنهنجي بس ويگن ته ڪڏهوڪي نڪري وئي!”

ٿڌو ساھ ڀريندو ۽ نڪ سڻڪي وراڻيندو

وه ميري نصيب ڪي بارش ڪسي اور ڇت پي برس گئي.”

ها بس ويگن نڪري وئي، بس ويگن ته وري موٽي ايندي ساڳئي رستي تي پر تو واري 120Y ڊاٽسن ڪار وري نه منھن ڪيو

منھنجي به ھئي ڪا مارڪ ٽو، مارڪ ايڪس، ٽويوٽا ڪراؤن، ھونڊا سِوِڪ.”

تنھنجون ته ھيون اڻ ڳڻيون ھچائون، ميرو خان قمبر، ھو گلستاني افشاني لچڪ لچڪ.”

ھن مرڪي پڇيو.

چپن تي مرڪ ھئس.

اڙي گلستاني افشاني لچڪ لچڪ ڄڻ ته نان ڪسٽم پيڊ شيورليٽ سان ته ڄڻ ويئر ھائوس ۾ زنگجي ڳري وئي.”

نالو کڻندي ڳري لڙھي پيس. من لوڻاٺو ٿي پيو.

پڙهيس ته N.J.V ۾ پر Physiology، Anatomy ماما پارسي اسڪول مان سمجهيس.” پاڏل ٻڌايو.

کٽ کي ته اڏام کٽولو ڪري سگھين ٿو، پر کٽ تي انگ ونگ ۽ وار ڇنڊي واڏڻ ٽوڙي سگھندي؟

پاڏل شاھ کٽ کي ته اڏار

ڄٽ وانگر جُتيءَ سوڌو کٽ تي چڙھي ويھندو، يا وڻي نه وڻي وچان گراھ ضرور کڻندو. ڳالھه پيٽ ۾ رکي نه سگھندو آھي، ڪنھن جو راز ٻي سان ضرور ڪندو آھي

پاڻ راڄن سان ڪندو پر چوندو؛ ”رڳو توکي ٿو ٻڌايان.“

وڏو پيٽ ھوندي به پيٽ ۾ ڳالھ رکي نه سگھندو، پيٽ به مڱڻهارن جي دھل جيڏو اٿس.

ڪڏھن آئون کيس پرچايو ڳرن خطرناڪ ڀوڳن جي تلافي ڪرڻ لاءِ ڀاڪر دل دل سان ملائڻ چاھيندو آھيان، پر ارمان سندس وڏي پيٽ جي ڪري پورو نه ٿي سگھندو آھي سندس پيٽ برف جي ٻه مڻي دڪي بلاڪ جيڏو آھي، برف جو دڪو بلاڪ ته ڳريو وڃي، پر ھن جو پيٽ ڏينھون ڏينهن ھر دور ۾ ڍاپيو نه ٿيندو آھي.

ڪجھه سال اڳ سخت بيمار ڇھه ٻارنھن مھينا بيڊ ريسٽ ھو ۽ آئون ڳڻتين جي ڳاراڻي ۾ وٺجي ويس، ڪلفٽن ڇڏي گلشن اقبال مسڪن ابوالحسن اصفهاني وڃي خدمت ڪندو ھئس لڳو ھئم اجھو ٿو زندگي جو ڏيو وساميس، پر ملڪ الموت سندس معصوم ٻار ڏسي ٽارو ڪري ويو يا ملڪ الموت جي ڪا مصلحت ھئي بيماري سندس ٿولھه تي ڪجھه اثر ڇڏي وئي، پر پيٽ اھو ئي برف جي بلاڪ جهڙو ۽ آئون کيس ڳلي ملڻ کان محروم.

ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي سندس قدم ڄڻ ڍڳي گھوڙي جو کر، پير ڄڻ ڄامشورو ريل اسٽيشن ڀان سيدآباد خشڪن جي ڳوٺ وٽان ريل ٽريڪ تان گذرندڙ ريل جو ٺڙڪو ڌڏڪو.

”ڇڪ پنڌ کي اڃا اڌ ڏاڪڻ تي پھتو آھين، متان ليمي آچار جي گرم مصالحي سان ڪپڙا خراب ڪرين.”

 ھو ڏاڪڻ چڙھڻ لڳو ۽ آئون لِونگ روم مان اٿي اڱڻ ۽ گيلري مان شھر جون ماڙيون ۽ رستا ڏسڻ لڳس.

 الاءِ ڪنھن لاءِ ڪانگ اڏارڻ لڳس.

اڻ پورا سانگ ياد ڪرڻ لڳس پري پري کان گاڏين جا شور ۽ ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تان ٽرين جا ھارن ٻڌڻ لڳس مون لاءِ ھي نظارو سٺ ستر اسي واري ڏھاڪن جو بليڪ اين وائٽ نظارو ٿي پيو ھو. جڏھن ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تان ٽانگا وڪٽوريا گاڏيون هلنديون ھيون.

مار پوئي خدا جي واھ جي ڪيئي ھڪ وڏي ڏاڪڻ ٻيو ايسٽرن دبليو سي؟

پاڏل شاھ جو ڳرو آواز ڄڻ وڪٽوريا ٽانگي ۾ جوٽيل گھوڙي جي ھڻڪار، واقعي پاڏو ٿيل ھو.

 پاڏي جھڙي رنڀ ڪيائين آيم ٿي ته کل ٽھڪ، پر روڪي ڇڏيم ۽ کيس چيم

 ڀوڪ بصر آھين!”

اڙي بصر جو نالو نه کڻ پاڻ وارو دلبر وڏي ڀاءُ جھڙو آمريڪن ڪزن داٻا ڏيندئي.”

 ھن چيو.

 ادا قاصر شاھ!؟ ھو ته مٺي ماکي، گلاب گلقند آھي، آمريڪن گلاب جھڙو

 مون کيس وراڻيو،

 پاڏل شاھ کي ھر ڏاڪي تي جيڪو چوڻو وڦلڻو ھئس چوندو آيو.

 ڏاڪڻ جي چوڪي تي ساھي پٽڻ لاءِ بيھي رھيو.

 زندگي ڀر جي ھجت پر ڀوڪ بصر؟

 پر جملو پورو نه ڪري سگھيس.

 ڇو ته ڳاڙھ سرو بصر چار سئو رپيا ڳاٽي ڀڳو اگھه، پر بازارن ۾ ڇورن پويان ھلندڙ ڪارو ڪٺ بصر، پر کيس آمريڪن سئوٽ قاصر شاھ ڏوھاري ھوندي به ساھ ۾ جايون ڏيندو آھي. قاصر شاھ جو بصر تي ھٿ ايئن جيان وائٽ ھائوس جو يروشلم تي، پر مون جھڙو ڄڻ فلسطيني يا ستايل ايراني ۽ اسان تي ڄڻ آمريڪن راڪيٽ يا ڊرون جا حملا.

 صفا ڪو بصر ڀوڪ آهين!”

اچرج مان ڏٺائين.

بصر جي قسمن جي خبر اٿئي؟

آئون رڳو بسم الله پڙهي کاوان

ماڻهون ڇتو ٿيندو آهي ته بصر جام کارائبو اٿس.”

ماڻهون ڪتو آهي جو ڇتو ٿيندو آهي؟

يار معاف ڪجان باقي چريائپ کي سڱ ٿيندا آهن؟ اڄ جي ماڻهن کي ٿوري ٿوري ڳالھه تي مرچ لڳيو وڃن

مون کيس آھستي وراڻيو،

مون کيس بصر جا قسم ٻڌايا، نصرپوري، هزاري، پکراج، ڦلڪاري، سڀني ۾ تيز ڪڙو نصرپوري، جو ماڻهون ڪٽيندي لڙڪ لاڙيو ڇڏي.

تون تلهاري تيز مرچ آهين!”

چوڻو مون کي هو، پر ڄڻ منهنجن چپن تان جملو چورائي ڇڏيائين.

اڙي مٿي ڪموٽ ڪونه ھو ڪم نه ٿيو.”

 پاڏل شاھ سھڪيو پئي.

 آخري ڏاڪي تي ھو، آئون سندس باڊي لينگويج سمجھي پرتي وڃي بيٺس ھن ٻانھن ڊگھي ڪري جتيءَ ۾ ھٿ وڌو، پر سندس ڀريل پيٽ کيس روڪي ڇڏيو.

 پوءِ ھميشه وانگر ٻنھي ھٿن جون آڱريون کولي آڱرين جو ھار پارائي ڇڏيو.

 آئون سندس کليل آڱرين ۽ پٽيل زبان جو گھرو سڪايل رھندو آھيان ڇو ته زندگي جي آخري پھر ۾ ڪنھن دل گھرئي جي ھجت ڀوڳ ۽ آٿت وڏو سھارو ٿيندو آھي.

 آجو ٿيئن؟

 قسط رھجي وئي.”

وقفو ضروري آھي

 مون چپن ۾ چيو.

 زبان بجاءِ ھٿ آڱريون کليل ھئس، سندس کليل آڱريون زبان ٿيل ھئس.

 مون کيس گھر اندر وڃڻ جو اشارو ڪيو،

پيٽ تي ھٿ ڏيندي لونگ ڪاريڊور لتاڙي ۽ ڊريسنگ روم واشروم جي در تي شيطان مردود کان بچاءُ جو دعائون پڙھندي ايترو تڪڙو ويو جو واشروم جو در به بند نه ڪيائين.

ايڏي تڪڙ!”

شيطان کان پناھ!؟ ماڻھو کان پناھ گھر.”

 پويان چيومانس

 تو جھڙو ڪو شيطان!” واشروم مان چيائين.

 فلش ڪجانءِ متان.”

***

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد جي فيبروري ۲۰۲۶ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment