ڀوڪ بصر
(مختصر ڪهاڻي)
پير عبيد راشدي
ٽي ماڙ گھر جي ڇت تي وڃڻ لاءِ
ڪاٺ جي گول ڏاڪڻ تي ڪير چڙھي يا لھي ته ٺڙڪو ضرور ٿيندو آھي. ٺڙڪي تي گھر ڀاتي ته
ايئن ھري ويا ھئا جيئن ڄامشورو ريلوي اسٽيشن يا ڀان سيدآباد لڳ ريل ٽريڪ جي ڀر ۾
ڀنڀڻ ڳوٺ جا خشڪ جن جي بنھه ڀرسان ڪوٽڙي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ٽرين جي ڳري آواز تي
ھريل. ڀان سيدآباد لڳ خشڪن جي ڳوٺ اتفاق سان ويندو آھيان ۽ ريل گذرندي آھي ته
لڳندو آھي ڄڻ زلزلي جي ڪري ڌرتي پئي ڌڏي.
انھيءَ ڏينھن پاڏل شاھ
مانجھاندي تي ونگارن مزدورن جيتري ماني کائي لسي جا ٻه وڏا گلاس پيتا ته پاڏي ڍڳي
رنڀ جھڙيون اوڳرايون ڏنيون اڃان به پليٽ ۾ ليمي آچار جو چٽو ڪري آڱريون چٽيون ۽
پوءِ پاڏي جھڙي پيٽ کي زور ڏئي پاسا ورايا ۽ مونکي ڏسي چيو،
”ماشاالله تنھنجي گھر جي ماني
سوادي ھميشه ياد ڪندو آھيان.“