Friday, February 20, 2026

سنڌي ناول ۾ نوان تجربا ۽ لاڙا - ممتاز بخاري

سنڌي ناول ۾ نوان تجربا ۽ لاڙا

سنڌي ناول ۾ ادبي لاڙا جي حوالي سان عجب احوال

ممتاز بخاري


اڄ ڪلهه سنڌيءَ ۾، خاص ڪري سنڌ اندر، ناولن جي عددي طور گهڻي ڇپجڻ جي حوالي سان بحث مباحثي جيترو زور ورتو آهي، جو ايئن پيو لڳي ڄڻ سنڌي ادب ۾ اهو ڪو نئون عمل ٿي رهيو آهي. پر ايئن بنهه ناهي. سنڌي ناول ۾ اها تيزي لڳ ڀڳ ان جي هر دؤر ۾ رهي آهي. مون جڏهن سنڌي ناول بابت ڪتاب ”سنڌي ناول جو سفر“ لکيو ته کوج ڪندي اها ڳالهه سامهون آئي ته مار! سنڌي ناولنگارن ته ويهين صديءَ جي پهرين پنجن ڏهاڪن دوران وڻ ئي وڄائي ڇڏيا هئا. تمام گهڻا ناول لکيا ويا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ توڙي رسالن ۽ اخبارن ۾ به قسطوار ڇپيا. انگريزي، بنگالي، هندي سميت ٻين ٻولين مان به ترجمو ٿيا. مون ان حوالي سان هڪ لسٽ به ڪتاب ۾ ڏني، پر ان بعد نئين کوج سان ان ۾ تمام گهڻو وڌارو ٿيو آهي. ويجهڙ ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ”سنڌي ناول ۾ نوان تجربا ۽ لاڙا“ جي موضوع تي ۱۱ فيبروريءَ تي منهنجو ادبي ليڪچر هو، ان کان اڳ تياري ڪندي اها ڳالهه وڌيڪ چٽي ٿي ته جڏهن ورهاڱي کان اڳ سڀ سنڌي ليکڪ سنڌ ۾ هئا ته انهن جتي ڪتابي صورت ۾ ناول لکيا ته اتي رسالن ۽ اخبارن ۾ به قسطوار ڇپبا هئا، ڇو ته سموري دنيا ۾ اڻويهين صدي ۽ ننڍي کنڊ ۾ ويهين صديءَ جي پهرين پنجن ڏهاڪن دوران قسطوار ناولن جو سنهري دور هو، جن کي انگريزيءَ ۾ سيريلائيزڊ ناول چيو ويندو آهي. انهن مان ڪيترائي ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيا آهن، جيڪو سنڌي ادب جو سرمايو آهن. ورهاڱي کانپوءِ هندو سنڌي ليکڪ ڀارت لڏي ويا ۽ پٺيان سنڌ ۾ شاعري ۽ ڪهاڻي ته چوٽيءَ جي سرجبي رهي پر سنڌ مان ناول لڏپلاڻ ڪري ويو. اسان وٽ سنڌي ادب پڙهائيندڙن ڀارت ۾ لکجندڙ سنڌي ناول کي نظرانداز ڪيو يا ڪي سياسي ۽ سماجي مصلحتون ٿيون، جو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ان دؤر کي ناول کان جهڙوڪر ڪورو ڄاڻايو ويو آهي. ان جو ڪارڻ اهو هو ته ڀارت ۾ لکيل سنڌي ناول کي نه ٿي ڳڻيو ويو. حقيقت اها آهي ته اتي ان دوران سوين سنڌي ناول آيا، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ناول کي ڪڏهن فل اسٽاپ آيو ئي ناهي. جيڪڏهن سرحد جي لڪير کي نه ڏسبو ته پوءِ ورهاڱي بعد به سنڌي ناول جهجهو ڇپبو رهيو آهي. جتي سنڌ ۾ سال ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ناول ٿي آيا، اتي ڀارت ۾ ٽيهن جي لڳ ڀڳ ٿي آيا، جيڪو هاڻ ابتو سلسلو ٿيو آهي، سنڌ ۾ هر سال ويهه ٽيهه ناول ٿا اچن ۽ ڀارت ۾ پنج اٺ ٿا اچن. چوڻ جو مقصد ته سنڌي ناول لاڳيتو وڏي تعداد ۾ ڇپبا رهيا آهن. هتي في الحال ان جي معيار، فني پختگي، موضوعاتي پکيڙ ۽ فڪري پاسي تي نه ٿا ڳالهايون.


هاڻ ڳالهه ڪريون ٿا سنڌي ناول جي عجب احوال جي. کوج ڪندي مون کي جيڪا هڪ منفرد ڳالهه نظر آئي، اها هي هئي ته اهو ۱۹۱۲ع جو سال هو، ان وقت سنڌي اخباري ميڊيا وڌي رهي هئي. جنهن ۾ اخبارون ۽ رسالا ٿي آيا ۽ ان دوران سنڌيءَ ۾ پندرنهوار ۽ هفتيوار اخبارن مان روازنيون اخبارون به شروع ٿي ويون. انهن ۾ ادب کي به خاص جڳهه ملي، ناول ۽ شاعري وڌيڪ جاءِ والارڻ لڳا. حيدرآباد مان هڪ اخبار ڪڍي وئي، جنهن جو نالو ئي ”ناولس اخبار“ رکيو ويو. اها اخبار چاليهن صفحن تي هئي ۽ ڪڏهن ته ان جا سٺ صفحا به ايندا هئا. ٽيهوار اخبار هئي، ان جو ايڊيٽر خوشيرام موٽومل هيراننداڻي هو. اخبار ۾ قسطن ۾ دليان لکيل (ان وقت طبعزاد ناولن يا ڪهاڻين کي دليان لکيل چيو ويندو هو) يا ترجمو ٿيل ناول ڇپبا هئا. ڪي ناوليٽ ٻن قسطن ۾ به ڇپيا يا ناولن جو تت ڇپبو هو. ان اخبار جو ذڪر ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيئي به پنهنجي ڪتاب ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ“ ۾ به ڪيو آهي. ڪاش ان اخبار کي مڪمل هٿ ڪري ان جو سمورو مواد ٻيهر ڪتابن جي صورت ۾ ڇپايو وڃي! ايئن ورهاڱي کان اڳ ”جاسوسي ناول اخبار“ به حيدرآباد مان ڇپبي هئي. سکر مان به ويهين صديءَ جي ٻي ڏهاڪي دوران مولچند هريسنگهه ”ناول اخبار سنسار چڪر“ جاري ڪئي، جيڪا پنڌرنهوار هئي. مولچند ٺارو مل پاران جاري ڪيل رسالي ”سرسوتي ساهتيه“ ۾ به اڪثريتي ناول ڇپبا هئا. ۱۹۳۰ع ۾ ساهتيه منڊل پاران نڪرندڙ رسالي ”رتن“ ۾ به گهڻائي ۾ ناول ۽ ناٽڪ ڇپبا هئا. ۱۹۳۶ع ۾ وديارتي جي ادارت هيٺ نڪرندڙ ”هفتيوار باغبان“ ۾ به ناول ۽ ڪهاڻيون ڇپبيون هيون. ۱۹۳۷ع ۾ ڪراچي مان به ”جاسوسي ناولس“ اخبار جاري ٿي. عبدالرحمان ٻگهيئي موجب، رسالي سان گڏ هڪ ناول ڪتابي شڪل ۾ به ڇاپي مفت ڏنو ويندو هو. پاڻ جڏهن سڌي ”ناولس اخبار“ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته دنيا ۾ اهڙي نالي سان شايد ئي ڪا اخبار آئي هجي. مون ته گوگل ۽ ٻين سرچ توڙي چيٽ بوٽس وسيلي کوجنا ڪئي، ڪي خاص نتيجا نه مليا. سو سنڌ جو اهو ادبي دور ايئن ٿو لڳي ڄڻ اهو هڪ ”سنڌي ناول ادبي لاڙي“ واري حيثيت اختيار ڪري ويو ھو۔

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment