Tuesday, October 11, 2016

دل جي ڳالهه - زيب سنڌي

دل جي ڳالهه
فيس بڪ جي ڪرائيم ڪهاڻي
زيب سنڌي
ڪراچيءَ جي هڪ عورت پروفيسر کي، سوشل ميڊيا تي جعلي اڪائونٽ وسيلي تنگ ڪندڙ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر فرحان ڪامرانيءَ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. ڇنڇر واري ڏينهن ڪاوش ۾ انهيءَ حوالي سان ڇپيل مختصر خبر بابت مون ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي، جنهن مطابق ڪراچيءَ جي غير سرڪاري گرين وِچ يونيورسٽيءَ جي هڪ ليڊي پروفيسر ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم سيل کي درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ هن شڪايت ڪئي هئي ته ڪنهن ماڻهوءَ سندس نالي سان نقلي آءِ ڊي ٺاهي آهي ۽ اهو ماڻهو سندس تصويرن کي ايڊٽ ڪري غير اخلاقي بڻائي، لڳاتار يونيورسٽيءَ جي فيس بڪ پيج تي اهي تصويرون ۽ وڊيوز اپلوڊ ڪري رهيو آهي ۽ سندس باري ۾ غير اخلاقي زبان پڻ استعمال ڪري رهيو آهي. عورت پروفيسر جو چوڻ آهي ته انهيءَ شخص جي اهڙي حرڪت سبب هوءَ پنهنجي نوڪريءَ کان به محروم ٿي چڪي آهي. عورت پروفيسر مطابق هوءَ جنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي رهي هئي، هڪ ڏينهن انهيءَ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کيس گهرائي اهڙي ڄاڻ ڏني، ان کان اڳ ۾ کيس اهڙي حرڪت بابت خبر نه هئي. سندس چوڻ آهي ته يونورسٽيءَ جو فيس بڪ پيج شاگرد به استعمال ڪن ٿا ۽ شاگردن جي ذهنن تي سندس منفي تاثر پيدا ٿيو، جنهن ڪري هن يونيورسٽيءَ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. عورت پروفيسر جي اهڙي شڪايت تي ايف آءِ اي، ڄاڻايل فيس بڪ اڪائونٽ کي آءِ پي ايڊريس وسيلي Search ڪيو ته، خبر پئي ته اها آءِ پي ايڊريس فيصل ڪامراني نالي شخص جي آهي. (I.P مخفف آهي International protocol جو، جنهن وسيلي انٽرنيٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽر، موبائيل فون يا ڪنهن به ٻئي ڊوائيس جو پتو لڳائي سگهجي ٿو.) ايف آءِ اي جي ٽيم جڏهن ڪراچيءَ جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ فيصل ڪامرانيءَ جي گهر تي ڇاپو هنيو تڏهن خبر پئي ته، عورت پروفيسر جي نالي سان استعمال ٿيندڙ فيس بڪ جو نقلي اڪائونٽ فيصل ڪامرانيءَ جي ڀاءُ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر فرحان ڪامرانيءَ ٺاهيو هو، جنهن ايف آءِ اي ٽيم اڳيان اهڙو اعتراف به ڪيو. ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم سيل ملزم جو ڪمپيوٽر، موڊيم ۽ موبائيل فون جاچ لاءِ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا ۽ ملزم اسسٽنٽ پروفيسر کي جڊيشل مئجسٽريٽ 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.


پاڪستان ۾ سائيبر ڪرائيم ايڪٽ ته اڳ ۾ ئي موجود هو، جنهن کي پوءِ قانون جي حيثيت ڏني وئي. آگسٽ 2016 تي اليڪٽرانڪ / سائيبر ڪرائيم بابت لاڳو ڪيل قانون موجب، عدالت ۾ الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ پروفيسر فرحان ڪامرانيءَ کي هڪ سال قيد ۽ ڏهه لک رپيا ڏنڊ تائين جي سزا ملي سگهي ٿي. اهڙي اخلاقي ڏوهه جي ثابتيءَ ۽ سزا جي صورت ۾ ته سندس نوڪري به ختم ٿي ويندي، جو قانون مطابق هو ڪنهن به سرڪاري عهدي جو اهل نه رهندو. اهو قصو ته هڪڙي شخص جو آهي، جنهن خاتون پروفيسر جي زندگي زهر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي زندگي برباد ڪرڻ جو بندوبست به ڪيو آهي. انهيءَ کان پهرين به اسان وٽ سائيبر ڪرائيم سبب ڪيترا ماڻهو پڪڙيا ويا آهن، پر ڏوهن جي ڀيٽ ۾ انهن پڪڙيل ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سائيبر ڪرائيم جو شڪار ٿيندڙ ڪيترا ماڻهو (خاص طور تي عورتون) ان ڪري به زهر جو ڍُڪُ ڀري خاموش رهن ٿا ته سندن طرفان شڪايت جي صورت ۾، خواريءَ جو اهو کارو سوشل ميڊيا تان کڄي وڃي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا، يعني ٽيليويزن ۽ اخبارن تائين به پهچندو ۽ انهن خبرن سبب سندن وڌيڪ بدنامي ٿيندي!
انٽرنيٽ تي سماجي رابطن جون هونءَ ته ڪيتريون ئي ويب سائيٽس آهن، جن تي دنيا جو ڪوبه ماڻهو بنا ڪنهن خرچ ۽ اجازت جي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي سگهي ٿو، پر سوشل ميڊيا جا ٻه وسيلا فيس بڪ ۽ ٽئيٽر وڌيڪ مقبول آهن. انهن مان به گهڻا يوزر فيس بڪ جا آهن، جن جو تعداد هاڻي ڏيڍ ارب کان به وڌيڪ ٿي چڪو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جو به گهڻو مارو فيس بڪ تي ئي آهي.
فيس بڪ جتي اسان وٽ ادبي، سياسي ۽ سماجي رابطن لاءِ مثبت انداز سان استعمال ٿيو آهي، اتي اسان انهيءَ کي منفي انداز سان استعمال ڪرڻ ۾ به وسان ناهي گهٽايو. ڪنهن به معاملي تي ڪنهن جا پير ڪڍڻ کان وٺي پٽڪا لاهڻ جهڙا سڀ ڪم فيس بڪ تي عام جام ٿين ٿا، پر ڪو چوڻ آکڻ ۽ پڇڻ وارو آهي ئي ڪونه! سياسي ۽ ادبي جهيڙن جو به اهڙو ميدان بڻيل آهي، جتي فقط اهي جهيڙا ٿين ٿا، پر نبرجڻ جو نالو به نٿا وٺن. اهو ئي سبب آهي جو ڪي ماڻهو فيس بڪ کي فساد بڪ به سمجهن ٿا.
سوشل ميڊيا تي اظهار جي آزادي بيشڪ هجڻ گهرجي ۽ اظهار جي اها آزادي ڀل ته پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان به وڌيڪ هجڻ گهرجي، پر انهيءَ آزاديءَ جو غلط استعمال نه ٿيڻ گهرجي ۽ آزاديءَ جي مزي ۾ ٻئي کي ايذائڻ نه گهرجي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ”ليني ڪي ديني پڙجائين.“ ۽ سائيبر قانون جي موجودگيءَ ۾، ڪنهن ٻئي کي آزارڻ سان ماڻهو پاڻ عذاب ۾ پئجي وڃي ۽ اهڙي عمل سبب پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ کان پوءِ وتي پڇتاءَ جا هٿ هڻندو!
سائيبر ڪرائيم قانون ۾ چوڏهن سال قيد ۽ پنج ڪروڙ رپيا ڏنڊ تائين جو سزائون موجود آهن. مختلف سائيبر ڏوهن لاءِ مختلف سزائون مقرر آهن ۽ فقط ڪو نهايت سنگين قسم جي ڏوهن کي سزا لائق نٿو سمجهيو وڃي، پر ڪنهن ٻئي شخص جي نالي سان نقلي آءِ ڊي ٺاهڻ سميت ڪيترا اهڙا عمل جن کي عام طور تي سوشل ميڊيا تي معمولي ڳالهه سمجهي لنوايو وڃي ٿو، انهن لاءِ به سخت سزائون موجود آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي طرفان شڪايت ڪرڻ کان سواءِ، حڪومت پاڻ فقط فيس بڪ جي سائيبر ڪرمنلز جي وٺ پڪڙ شروع ڪري ته انهن ڏوهارين جو تعداد ايترو وڌي ويندو جو اهڙي وٺ پڪڙ کان اڳ ۾ سرڪار کي ڪيترائي نوان ”فيس بڪ جيل“ ٺاهڻا پوندا! سنڌيءَ ۾ هڪ محاورو آهي ته ”ڌَڪُ هڻ ڌيءُ کي ته سِکي نُنهن“ سو فيس بڪ توڙي سوشل ميڊيا جون ٻيون ويب سائيٽس استعمال ڪندڙ اڻ ڄاڻ نوجوانن (۽ ڪيترن ڄاڻو ماڻهن!) کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي جيل ۾ پيل اسسٽنٽ پروفيسر جي ڪرائيم ڪهاڻيءَ کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي.

(روزانه ڪاوش، 11 آڪٽوبر 2016)

No comments:

Post a Comment