Tuesday, October 11, 2016

مٽيءَ جي مورت - مير منصور مڱريو

مٽيءَ جي مورت
مير منصور مڱريو
Image result for earthen statueرات جي پوئين پهر ۾ هڪ سنهڙي گهٽيءَ مان استاد نعيم جو گذر ٿيو. هلڪي هلڪي آواز سان روئڻهارڪو آواز ڪنن تي پيس. ان آواز کي ڪَن ڏئي، سانت سان ٻڌي، اُها جاءِ وٺي، مٿان اچي ڇا ڏسي ته ڳڀرو گٽر جي مٿان پيل پٿر تي آهلي گيت جهونگاري رهيو هو. استاد نعيم ٽارچ ٻاري، سندس منهن تي هنئي ته سَٽ ڏئي ايئن اٿيو ڄڻ دل ٻاهر اچي ڪِري هجيس. ڊپ ۾ ڪير... ڪير.. ڪير!!!!
”پُٽ ڊڄ نه! آئون نعيم موٽر سائيڪلن وارو آهيان. ڀَر ۾ ئي منهنجو دڪان آ! تون ڪير آهين؟ ۽ هن ههڙي حالت ۾؟ تو کي اڄ پهريو ڀيرو هت ڏٺو اٿم.. نالو ڇا اٿئي؟ ڇا ڪندو آهين؟“


”اُستاد منهنجو نه ڪو ئي نالو آ، نه ڪو گهر آ، نه ڪا منزل، نه ڪوئي وراث. هن هيڏي وارثدار جهان ۾ آئون لاوارثيءَ واري زندگي بسر ڪري رهيو آهيان.“ روئي پيو وڌيڪ ڳالهائڻ جي سگهه نه سمجهيائين.
استاد ڀاڪر ۾ ڀري، ڳوڙهن کي ڳلن تان هٽائي، هٿن کان وٺي، اُٿاري دڪان طرف وٺي آيس. تازي مُڇن جي ساول، چپن مٿان ڳڀرو جوان جيئان اُڀري رهي هيس.
استاد نعيم چوڻ لڳس؛ ”وڌيڪ ڳالهيون صبح جو ٿينديون. في الحال هن بينچ تي آرام ڪر. پکو هلائي ڏنائيس. لڳي ايئن رهيو هو ڄڻ، استاد نعيم جو پندرهين صديءَ وارو پکو ۽ بينچ هُن لاءِ ڪنهن نَشي جي ٽِڪيءَ جيئان هئا يا ته ڪنهن آرامدهه بستري وانگي.
سج به پنهنجي جوڀن ۾ جوت جلائي اچي مٿان پيو، تيسين ٻيا شاگرد به اچي گڏ ٿيا. هنن جي گوڙ شور ۽ مستيءَ ۾، هو لاوارث ڀٽن مٿان، ڪنڌ رکي سمهڻ وارو جاڳي پيو. استاد نعيم پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو ته ڪنهن شاگرد آواز ڏنس؛ ”استاد اوهان جو مهمان جاڳيو آهي.“
”اڙي ڇورا! فِٽايوَ نه هُن جي ننڊ!“ استاد اٿيو ۽ شاگرد کي چماٽ وهائي ڪڍيائين.
پراڻي ڪولر، جنهن تي ڪاري گِريس ڳميل هئي، ان مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري، وڌائي چوڻ لڳس؛ ”اکين کي هٿ هڻ ته پوءِ چانهه جون ٻه چسڪيون هڻون.“
هو منهن ڌوئڻ ۽ گرڙا ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو ته استادُ پاڻ ٿيلهيءَ ۾ پيل چانهه تاري رهيو هو.
هن ٻيو گلاس ڀري پيتو ۽ اچي بينچ تي ويٺو. استاد، سامهون مَنجو رکيو ويٺو هو. ڪوپ اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳس؛ ”يار هاڻي دل وڏي ڪر! آئون تو سان گڏ آهيان! هر حال ۾ ٻچو آهين منهنجو ۽ ٻچن جيئان تو کي رکندس احوال ته ڏي نه!“
هُو مسلسل استاد جي اکين ۾ پنهنجي پيءُ وارو پيار ۽ شفيق استادن جيئان مهربان سمجهڻ لڳس ۽ چپن ۾ پهريون ڀيرو آٿت واري مُرڪ تَري آيس. چوڻ لڳو؛ ”استاد آئون ٿر جي ڀٽن تي لاوارثي واريءَ زندگي گذاريندي، ڀٽڪندو رهيو آهيان. ڪڏهن پِن سِن جا ٽڪر مليا ته انهن تي گذر، نه ته اڪثر ٿر گهمڻ وارن کي ٿالهه وڄائي، پنهنجو آواز جهونگاري، ٻڌائيندو هئس ته ڪي رپيا ملي پوندا هئا. ڪي تَرس کائي، منهنجي لَٽن ڪپڙن کي ڏسي، ڪافي پئسا ڏئي ويندا هئا. هاڻي اتي نه ته ڪو ٻڌڻ وارو هو ۽ نه وري ڪنهن جي دل ۾ منهنجو آلاپ اثر ڪري رهيو هو. سنڌ ۾ ڪافي ڏينهن مختلف هنڌن، روڊن رستن تي جهونگاريندو رهيس پر هيڏين وڏين گاڏين جي آوازن ۾ منهنجو آواز ڌوڙ جيئان لَٽبو رهيو. رات اچي انهيءَ گٽر مٿان روئي جهونگاري زندگيءَ کان موڪلائڻ لاءِ آلاپي رهيو هيس.“
”ڪنهن جو پٽ آهيان؟ ڪهڙي ماءُ جو ٻچو آهيان؟ ڪهڙي ڀيڻ جي آس آهيان؟ ڪهڙي ڀاءُ جي غيرت آهيان؟ ڪا خبر ڪانهي، ڪو ڏس ناهي، ڪو پتو ناهي.“
استاد نعيم، جيڪو ايڏو جبرو ماڻهو هو، جو شاگردن کي مار ڏئي سيکاري، شاگردن جي سُڏڪن کي مذاق سمجهي، وڌيڪ سختي ڪرڻ وارو سخت دل ماڻهو، پنهنجي ڳوڙهن هٿان شڪست کائي ويهي رهيو. اکين جي پاسن کان ڳوڙهن جا بند ٽٽڻ لڳس. ڳري آواز ۾ چوڻ لڳس؛ ”ماضي، فطرتي قانون تحت خدا به نه ٿو مٽائي! باقي مستقبل! سو پنهنجي وس آ بابا.“
وڌيڪ آٿت ڏيندي چوڻ لڳس؛ ”اڄ کان تون موٽرن جو ڪم سِک ۽ آئون ڏينهن رات آرام نه ڪندس. جيسين تو کي پاڻ جهڙو مشهور استاد نه ٿو ڪيان. ۽ اڄ کان پوءِ تنهنجو نالو آهي علڻ صحرائي.“
استاد نعيم، هڙان وڙان ڪوششون ڪري علڻ کي تيار ڪيو. علڻ جي ڪاريگري، لوڪان لوڪ مشهور ٿيڻ لڳي. گراهڪن جي زبان تي صرف استاد علڻ ڇاپجي ويو.
ٻين شاگردن جي ذميواري به علڻ سنڀالي ورتي ۽ انهن تي ٿيندڙ سختيون علڻ برداشت نه ڪري سگهندو هو. علڻ لاءِ هفتو اڳ ماڻهو ٽائيم وٺي گاڏي ڇڏي ويندا هئا.
استاد نعيم جي دل ۾ جيلسي سان گڏ اٿاهه سرهائي محسوس ٿيڻ لڳي. ڏينهن گذرندا رهيا. استاد نعيم موٽر جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ علڻ شاگردن کي ڪاريگري ڏيڻ ۾ مصروف. استاد نعيم جا ويجها گراهڪ آيا. گاڏي اچي استاد نعيم جي ويجهو بيهاري چوڻ لڳا؛ ”استاد علڻ فِري آهيو! گاڏي مِسنگ ٿي ڪري! جلدي ڏسي ته ڏيو مهرباني ٿيندي. استاد نعيم جي دل ۾ ڪاوڙ جو عنصر پيدا ٿيو. هن جي منهن جا گهنج پنهنجي يارن محسوس ڪري ورتا. استاد نعيم چوڻ لڳس؛ ”تون ڇورن کي منهن ڏي. آئون ڏسان ٿو يارن جي موٽر!“
استاد نعيم ڪوشش ڪري رهيو هو. گاڏي جي آواز مان ئي علڻ مسئلو ڳولهي وڌو. استاد نعيم ناڪام ڪوششن ۾ ڪلاڪ لڳو رهيو. علڻ کان رهيو نه ٿيو ۽ اچي استاد کي ٿُڏو هڻي، پاسي ڪري، وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو؛ ”استاد هي ڏسو هتي آهي نقص.“
استاد نعيم جي جذبات  قابو ۾ نه رهي. جيئن انجڻ جي گرم آئل سامهون هيس سڄي وهائي ڪڍيائينس.
علڻ جي ڦونڊاريل اکين ۾، گرم آئل تجلا ٻاري ڇڏيا. تارن جي تاتار ۾ هلچل مچي وئي. هن جي هٿن مان ئي خبر ٿي پئي ڄڻ گوشت رِجي رهيو هو. هِن جون رڙيون ڄڻ شهر جو ڳاڙهو سگنل لڳو ٿي.
سڀ ماڻهو اچي مڙيا. جلدي پاڻي وجهوس، جلدي ڪيو دير نه ڪيو گاڏي ۾ وجهوس.
ڊاڪٽرن تائين پهچڻ ۾ علڻ جون اکيون هميشه لاءِ الوداع ٿي ويون. ڳوڙهن ڳاڙڻ کان به محروم رهجي ويو. موٽرن جي ڪم کان به موڪلائي چُڪو. لکڻ پڙهڻ ته اڳ ئي وَس کان ٻاهر هئس.

استاد نعيم جيڪو ڪنهن ماءُ جيئان مقدس پيو سڏائي، پيءُ جيئان پيار پيو ڏي، ڀيڻ جيئان واهر پيو ڪري، ڀاءُ جيئان غيرتي ٿي ساٿ پيو ڏي، استادن جيئان شفيق ٿي هنر پيو سيکاري، اهو استاد نعيم، علڻ صحرائيءَ جي قدمن تي پنهنجو منهن رکي مٽيءَ جي مورتي جهڙو ڏيک ڏئي رهيو هو.

No comments:

Post a Comment