Monday, October 10, 2016

سامونڊي پري

سامونڊي پري
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
Image result for Sea water fairy
ڪنهن زماني ۾، هڪ اهڙي سمنڊ ۾، جنهن جو پاڻي شيشي جهڙو صاف ۽ آسمان جهڙو نيرو هوندو هو، سھڻيون پريون رهنديون هيون. انهن سامونڊي جيِوَن کي ”سامونڊي پريون“ ڪوٺيو ويندو هو. انهن جو هيٺيون جسم مڇين جهڙو ۽ مٿيون ڌڙ انسانن جهڙو هوندو هو.
پرين جو بادشاهه سمنڊ جي هيٺان، هيرن ۽ موتين مان ٺهيل محل ۾ رهندو هو. هن کي هڪڙي سهڻي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو ”سپي“ هو. هوءَ سڄو ڏينهن سمنڊ ۾ هيڏي هوڏي پئي ترندي هئي.

هڪڙي ڏينهن سپيءَ پنهنجي نانيءَ کان پڇيو: ”ناني! اسان جي سامونڊي دنيا جي مٿان ڇا آهي؟“


نانيءَ هن کي ٻڌايو ته؛ ”اُتي ڌرتي آهي ۽ اُن تي انسان رهندا آهن. اُهي ترڻ بجاءِ هلندا آهن. هنن کي اسان وانگر مڇين جهڙو ڌڙ ڪين آهي، پر ڄنگهون آهن.“
اهو ٻُڌي سپي حيرت ۾ پئجي وئي. سوچڻ لڳي، ته اهي انسان ڪهڙا نه عجيب هوندا، پوءِ نانيءَ هن کي ٻڌايو؛، ”پاڻي مٿان جيڪي پاڇا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهي هنن جا جهاز آهن. تون جڏهن پندرهن ورهين جي ٿيندينءَ، تڏهن تو کي موڪل ملندي، ته تون سمنڊ تي مٿي تري وڃي سڀ ڪجهه ڏس.“
جڏهن سپي پندرهن سالن جي ٿي، تڏهن هن جي پيءُ سپيءَ جي پندرهين سالگرهه ملهائي. سپيءَ جي مڇيءَ جهڙي ڌڙ تي ست سپيون هيون، جيئن پتو پوي ته هوءَ شهزادي آهي. پوءِ کيس موڪل ڏنائين ته هوءَ ڀل سمنڊ تي مٿي تري وڃي سڀ ڪجهه ڏسي.
هڪڙي ڏينهن سپي جيئن ئي سمنڊ ۾ مٿي تري رهي هئي ته هن پري کان هڪ وڏي شيءِ ايندي ڏٺي. هن سمجهيو ته اهو ضرور جهاز هوندو، جنهن بابت هن جي نانيءَ هن کي ٻڌايو هو. شام جو جهاز هن جي ويجهو اچي پهتو. سپي تري ان جهاز جي ويجهو اهو ڏسڻ آئي ته انسان ڪهڙا ٿيندا آهن. هن ان جهاز ۾ ڪيترا ماڻهو ڏٺا، جن مان هڪ وڌيڪ سهڻو هو ۽ هن جا ڪپڙا به ٻين جي ڪپڙن کان وڌيڪ سُٺا هئا. جهاز جا سڀ ماڻهو  هن کي شهزادو ڪوٺي رهيا هئا. سپي، شهزادي کي ڏسڻ سان هن تي عاشق ٿي پئي.
اوچتو سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو ۽ جهاز تباهه ٿي ويو، تنهنڪري جهاز ۾ جيڪي ماڻهو سوار هئا، سي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳا. سپيءَ دل ۾ چيو ته؛ ”مون کي ان شهزادي کي ڳولي ان جي جان بچائڻ گهرجي.“ هن ڏٺو ته شهزادو پاڻيءَ ۾ تَري رهيو آهي. هوءَ ان کي سهارو ڏئي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي آئي.
صبح جو جڏهن طوفان ختم ٿيو، ته هن ڏٺو ته ڪي ماڻهو اچي رهيا هئا. هن سمجهيو ته اهي ماڻهو شهزادي جي سنڀال ڪندا، تنهنڪري پنهنجين سپين مان هڪ سپ لاهي، شهزادي جي هٿ ۾ ڏيئي، اُتان هٽي، سامونڊي ٽَڪريءَ جي پٺيان لڪي بيٺي، جتان ڏٺائين ته اهي ماڻهو شهزادي کي پاڻ سان کڻي ويا.
ان ڏينهن کانپوءِ هوءَ اُداس رهڻ لڳي ۽ شهزادي کي وري ڏسڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي، ٻئي ٻئي هنڌ تري ويندي هئي. هڪڙي ڀيري هوءَ اهڙي هنڌ اچي نڪتي جتي شاهي محل هو. هن ڏٺو ته شهزادو ٻاهر باغ ۾ گُهمي رهيو هو. هن جي دل چيو ته شهزادي کي سڏ ڪري، هن سان ڳالهائي پر چيائين ته سندس مڇيءَ جهڙو ڌڙ ڏسي شهزادو هن جي مٿان کلندو. ان ڪري هوءَ واپس سمنڊ ۾ هلي وئي.
شام جو جڏهن سپيءَ جي ناني هن وٽ آئي ۽ هن ڏٺو ته سپي روئي رهي هئي. نانيءَ جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته هوءَ هڪ انسان تي عاشق ٿي پئي آهي ۽ ان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي، پر ائين نٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هن جو ڌڙ انسان جهڙو ڪين آهي.
نانيءَ، سپيءَ کي چيو ته؛ ”همٿ هارڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي. مان تو کي هڪ جادوگرياڻيءَ وٽ وٺي ٿي هلان، جيڪا پنهنجي جادوءَ سان تنهنجو هيٺيون ڌڙ انسانن جهڙو ڪري ڇڏيندي.“
جڏهن سپي ۽ ان جي ناني، جادوگرياڻيءَ وٽ پهتيون ته جادوگرياڻي کين چيو ته؛ ”آءٌ ڄاڻان ٿي، ته اوهان مون وٽ ڇو آيون آهيو! سپي، هڪڙي انسان شهزادي سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي، جنهن لاءِ هن کي ڄنگهن جي ضرورت آهي. پر ان لاءِ شرط آهي ته سپيءَ کي واعدو ڪرڻو پوندو ته جيستائين کيس اهي ڄنگهون هونديون، تيستائين ڪو به لفظ نه ڳالهائيندي؟“
سپيءَ چيو ته مان تو سان واعدو ٿي ڪريان ته آئون ڪنهن سان به نه ڳالهائينديس. ان تي جادوگرياڻي کيس چيو ته؛ ”مان تو کي ٽن مهينن تائين ڄنگهون ڏئي سگهان ٿي، ان وقت اندر، اگر شهزادي تو سان شادي ڪئي ته سٺو! نه ته تنهنجو ڌڙ وري ساڳيءَ حالت ۾ اچي ويندو.“
پوءِ جادوگرياڻي سپيءَ کي جادوءَ جو شربت ڏنو ۽ چيائينس ته؛ ”اھو سمنڊ جي ڪناري تي وڃي پئجانءِ!“
سپي خوشيءَ مان ترندي، شهزادي جي محل جي ويجهو، سمنڊ جي ڪناري تي اچي پهتي ۽ جادوءَ جو شربت پيتائين. شربت پيئڻ سان سپيءَ جو هيٺيون ڌڙ، انسانن جهڙو ٿي پيو ۽ هن جي ڌڙ تي جيڪي سپيون لڳل هيون، سي هيٺ ڪِري پيون. سپي انهن کي کڻي هڪڙي پٿر جي هيٺان لڪائي ڇڏيو.
شهزادو جيڪو محل جي باغ ۾ ويٺو هو، تنهن جي اوچتو نظر وڃي سپيءَ تي پئي. هو پنهنجي محل جي ويجهو هڪ ڌاري خوبصورت ڇوڪريءَ کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ يڪدم اٿي هن وٽ آيو، هن کان پڇڻ لڳو؛ ”تون ڪير آهين ۽ هتي ڇو آئي آهين؟“ مگر سپيءَ کي جادوگرياڻيءَ سان ڪيل واعدو ياد هو، تنهنڪري ڪو به جواب نه ڏنائين.
شهزادي هن کي چيو؛ ”تون منهنجي سوال جو جواب ڇو نٿي ڏين؟ ڇا تون ڳالهائي نٿي سگهين؟“ ان تي سپيءَ صرف پنهنجو ڪنڌ لوڏيو.
سپي محل ۾ شهزادي سان گڏ رهڻ لڳي. شهزادو هر وقت هن سان گڏ هوندو هو. وقت گذرندو ويو ۽ ٻنهي جي دل ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ محبت وڌندي وئي. آخر ٽن مهينن گذرڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن اچي بچيو. سپي دل ۾ سوچڻ لڳي ته ٽي مهينا اچي ختم ٿيا آهن. جي شهزادو سڀاڻي مون سان شادي نه ڪندو، ته منهنجو هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جهڙو ٿي پوندو ۽ مان زمين تي رهي نه سگهنديس. هوڏانهن شهزادو دل ۾ سوچي رهيو هو ته مان جڏهن طوفان ۾ ٻڏي رهيو هئس ته هڪڙيءَ ڇوڪريءَ منهنجي جان بچائي ۽ هيءَ سپي مون کي هٿ ۾ ڏيئي وئي هئي. مان ان کي ڳولي ان سان شادي ڪندس.
ان ڏينهن شام جو سپي اڪيلي اڪيلي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن هلي ويئي، جتي پنهنجون سپون ڪڍي ڏسڻ لڳي. ايتري ۾ شهزادو به اتي اچي نڪتو. سپيءَ جي هٿ ۾ سپون ڏسي حيران ٿي ويون ۽ هن کي چيائين ته اهي سپون اهڙيون آهن، جهڙي سپ هن وٽ آهي. پوءِ پاڻ واري سپ کيسي مان ڪڍي، سپيءَ کان پڇيائين ته؛ ”ڇا هيءَ سپ تنهنجي آهي؟ ڇا تون اها ساڳي ڇوڪري آهين، جنهن طوفان ۾ منهنجي جان بچائي هئي؟“
سپيءَ ان تي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. شهزادي خوش ٿي چيس؛ ”مان اڄ ئي تو سان شادي ڪندس.“
ان رات سپي ۽ شهزادي جي شادي ٿي ويئي ۽ هوءَ هميشه لاءِ سچ پچ انسان ٿي پئي.


No comments:

Post a Comment