Sunday, September 18, 2016

دونهون -بنسي خوبچنداڻي

دونهون
ڪهاڻي
بنسي خوبچنداڻي
Image result for smoke images
ممبئي شهر جي هڪ ايراضي آهي جا بلڪل ننڍي آهي، اٽڪل ٻه اسڪوائر ڪلوميٽرس. هن ننڍي ايراضيءَ ۾ اٽڪل ٻه سؤ سوسائٽيون آهن، جن ۾ ڪيئي اوچيون بلڊنگون ۽ بنگلا آهن. هونئن ته ممبئي شهر توهان کي هڪ سيمنٽ ۽ ڪانڪريٽ جو جهنگل لڳندو ۽ کليل ميدان ۽ باغ ورلي ئي ڏسڻ ۾ ايندا. پر هن ننڍي ايراضيءَ ۾، توهان کي هڪ وڏي جاگنگ ٽرئڪ، چار باغ ۽ ٻه کلا کلا ميدان به ملندا. ٻن پاسن کان کليل ايريا آهي، جنھن تي اھي پکڙيل آهن. ها ڀرسان هڪ ننڍي ليڪ به آهي ته موهيندڙ. سمنڊ به بلڪل ويجهو آهي. ايراضي ايڏي مشهور آهي جو آس پاس ۾ رهندڙ ماڻهو به هن ايراضيءَ جي ڀرسان رهڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن.


هيءَ ايراضي، سمنڊ کان ڇني ڪري ٺاهي وئي آهي. هتي هر ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو رهندا آهن. پر توهان کي خبر آهي ته گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا آهن؟ ڪهڙي ٻولي توهان کي باغن ۾ به ٻڌڻ ۾ ايندي ته بازار ۾ به. اها توهان سمجهي ويا هوندا. اها ٻولي آهي اسان جي مٺڙي سنڌي ٻولي. هتي سنڌين جي هڪ سٺي پئنچات به آهي، جيڪا سنڌين جا ڏڻ وار ڀڀڪيدار نموني ملهائيندي آهي. هتي هڪ چوڻ جو نالو جهولي لال چونڪ آهي ۽ هڪ ڀرسان واري باغ جو نالو هيمو ڪالاڻي گارڊن.
اسان سنڌين کي پريان ئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جڏهن پنجٽيھ سال اڳ هيءَ ايراضي ٺهڻ شروع ٿي، تڏهن هتي نه روڊ هئا ۽ نه بازار، نه باغ هئا ۽ نه ميدان ۽ بجلي پاڻيءَ جي به تڪليف هئي. تڏهن به گهڻن سنڌين، شهر جي ٻين ايراضين ۾ پنهنجا مڪان وڪڻي، سستي اگھ ۾ هنن مڪان ورتا ۽ گهڻن ته دڪان به ورتا.
ها هيءَ ايراضي ممبئي شهر جي اپ-نگر انڌيريءَ جي اولهه ۾ نوَ ميل ايراضي آهي جنهن جو سرڪاري نالو ته سوامي سمرٿ نگر آهي پر مشهور نالو لوکنڊ والا ڪامپليڪس آهي. توهان کي لڳندو هوندو ته اهڙيءَ سهڻي ايراضيءَ جا سڀ رهاڪو خوش هوندا، گهٽ ۾ گهٽ سڀ سنڌي ته خوش هوندا. پر ائين نه آهي. ٽيھتر سالن جو سنڌي ڪيولرام جو هتي رٽرٽائرمينٽ کان پوءِ تيرھن سالن کان رهندو آهي، بلڪل ناخوش آهي.
هن جي ڏک جو وڏو ماري آهي هن ايراضي کي ٺاهڻ وارو لوکنڊ والا. هڪ ملسمان آهي. هن ايراضي ۾ آس پاس گهڻا ئي مسلمان رهندا آهن. ڪيولرام مسلمانن سان نفرت ڪندو آهي، سخت نفرت!
ڪيول جي اندر ۾ سالن کان هڪ دونهون دکيل آهي. نفرت جو دونهون، اپمان جو دونهون ۽ ذلت جو دونهون. اهو ان ڏينهن کي اصل وساري نه سگهيو آهي! سندس سڄو هٿ اڪثر سندس پيشانيءَ جي سڄي پاسي کڄي ويندو آهي، جتي هڪ ڇري جو گهاءُ آهي، ان گهاءُ کي هٿ ڦيرائيندي ئي کيس پنهنجي پيءُ جي ڪلهي تي ان ئي ڇري جو گهاءُ به ياد اچي ويندو آهي، سندس پيءُ گيلارام ته ويھ سال اڳ پنهنجو گهاءُ ۽ پنهنجو دونهون پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو، پر ڪيول ته اڃا تائين پنهنجي دونهين سان جي رهيو آهي ۽ مري رهيو آهي.!ٰ
اهو جنوري ۱۹۴۸ع جو ڪراچي جو ڏينهن کانئس ڪيئن وسرندو؟ هو پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ننڍي ڀيڻ نرملا سان سکر کان ٽرين رستي ڪراچي آيو هو. پنهنجا اجها، پنهنجا پاڙا، پنهنجا اسڪول، پنهنجا ڌنڌا ڇڏڻ لاءِ هن کي مجبور ڪيو ويو. هنن کي چيو ويو ته؛ سنڌ هاڻي مسلمانن جي آهي ۽ هو سنڌڙيءَ ۽ سنڌ وارن لاءِ هاڻي اوپرا آهن! هو روئندا رڙندا پنهنجي جان ۽ مال بچائيندي اچي ڪراچيءَ پهتا هئا. کين پاڻيءَ جي جهاز ۾ بمبئيءَ ڏانهن اسھڻو هو. جهاز جي ٽڪيٽ کين ٽي ڏينهن پوءِ جي، ڏاڍي ڪوشش ۽ رشوت ڏيڻ کان پوءِ ملي هئي. هو ڪراچي بندر جي ٻاهران، هڪ ننڍي تنبوءَ ۾ رهيل هئا. ڇو جو هندستان مان آيل مهاجرن، ڪراچيءَ ۾ فساد شروع  ڪري ڇڏيا ھيا. الا هو اڪبر جي نعرن ۽ قتل ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي چيخن سان واتا ورڻ ڪنبي اٿيو هو!
سندس پيءُ گيلارام جهٽ ٻه خالي ڳوڻيون کڻي، هڪ ڳوڻيءَ ۾ پٽ ڪيول ۽ ٻيءَ ڳوڻيءَ ۾ پنهنجي زال ۽ ننڍي ڌيءُ نرملا کي لڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ لٺ کڻي تنبوءَ جي اندرئين پاسي پهرو ڏيڻ لڳو. اوچتو هڪ پناهگير نوجوان الاهو اڪبر جا نعرا هڻندو پنهنجي هٿ ۾ هڪ وڏو ڇرو کڻي تنبوءَ ۾ گهڙي آيو ۽ دروازي وٽ بيٺل گيلارام تي ڇري سان وار ڪيائين. گيلارام به پنهنجي لٺ جو وار ان نوجوان تي ڪيو ته ڇرو پنهنجو نشان چڪي ويو ۽ گيلارام جي ڇاتيءَ تي لڳڻ بدران سندس گلي جي سڄي پاسي لڳو ۽ گلي مان خون وهڻ لڳو. ڪيول ان وقت ستن سالن جو هو. هو ڳوڻ جي هڪ سوراخ مان ڊڄندي ۽ ڪنبدي پنهجي پيءُ ۽ ان نوجوان جي لڙائي ڏسي رهيو هو. هو پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ رڙيون ڪندو، ڳوڻ کان ٻاهر اچي پنهنجي پيءُ کي چنبڙيو. لٺ سان زخمي ٿيل ان پناهگير ويندي ويندي ستن سالن جي ابهم ڪيول کي به ان رت ۾ ٻڏل ڇري سان وار ڪيو. وار، ڪيول جي پيشاني جي سڄي پاسي لڳو ۽ ڪيول جو منهن رت ۾ ڀرجي ويو. وار ڪري اهو پناهگير ته ڀڄي ويو پر پنهنجا پيءُ ۽ پٽ کي بدن جا ۽ من جا گهرا زخم ڏيئي ويو!
ڪيول جي ماءُ جمنا، پنهنجي روئيندڙ ننڍڙي ڌيءُ کي ڳوڻ ۾ ئي ڇڏي ٻاهر نڪري آئي ۽ پنهنجو رئو ڦاڙي گيلا رام ۽ ڪيول جي زخمن کي ٻڌي ڇڏيائين. رت وهڻ گهٽ ته ٿيو پر بند ڪو نه ٿيو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ملٽري آئي ته پاڻ سان ميڊيڪل ٽيم به وٺي آئي. گيلارام ۽ ڪيول جا زخم ڏسي کين اسپتال هلڻ لاءِ چيائون پر گيلارام هاڻي سنڌ ۾ هڪ منٽ به وڌيڪ رهڻ لاءِ تيار ڪو نه هئو. هن اسپتال وڃڻ کان صاف انڪار ڪيو. ملٽريءَ وارن لاچار، هڪ ڊاڪٽر کي گهرائي، سندن زخمن جي ملم پٽي ڪرائي. علاج کان پوءِ گيلارام ۽ ڪيول جي زخمن جو ٻاهريون خون ته بند ٿي ويو پر اندريون خون کين جلائيندو رهيو، ٻاڪاريندو رهيو ۽ ٻرندو رهيو ۽ ان باهه جو دونهون اڃا ڪيول وٽ سلامت آهي!
ٽن ڏينهن کان پوءِ هو پاڻيءَ جو جهاز پڪڙي، بمبئي اچي پهتا. پهرين هنن کي آزاد ميدان ۾ خيمن ۾ رهايو ويو ۽  پوءِ ٽرڪن ۾ سامان وانگر ڍوئي، ڪلياڻ ڪئمپ آندو ويو، جنهنجو پوءِ نالو الهاس نگر پيو.
ڪيول جي ماءُ جمنا، ان حادثي کان پوءِ بلڪل چپ ٿي وئي! هوءَ ڪڏهن به ان حادثي جي باري ۾ نه ڳالهائيندي هئي. هوءَ به پنهنجا زخم پاڻ سان کڻي ڏھ سال اڳ ۾ وڃي پنهنجي ساٿين سان ملي. ڪيول جي ننڍي ڀيڻ نرملا، شادي ڪري هاڻي وڃي جئپور وسائي آهي. ڪراچيءَ جي حادثي کان پوءِ، هوءَ ڪيئي راتيون رڙيون ڪري اٿندي آهي. هوءَ هاڻي ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، پر تڏهن به جئپور شهر کي جڏهن ڪڏهن رات جو نرملا جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. ان ڪراچي جي نڀاڳي ڏينهن، نه نرملا جو پيڇو ڇڏيو آهي ۽ نه ڪيول جو!
ڪيول ڪڏهن نه چاهيندو آهي ته سندس ڪو به ناتو ڪنهن به مسلمان سان پوي. هو پٽ ۽ نهنن جي زوربار تي هن ايراضيءَ ۾ اچي رهيو آهي جيڪا هڪ مسلمان لوکنڊ والا ٺاهي آهي. جنهن سوسائٽيءَ ۾ هو رهندو آهي، ان ۾ اڌ گهر ته سنڌين جا آهن پر سوسائٽي جو اليڪٽريشن به مسلمان آهي ته پلمبر پڻ گليءَ جي ڪنڊ تي ڀاڄيون وڪڻڻ وارو مسلمان آهي ته پاسي وارو دوائن جو دوڪان به مسلمان جو آهي.
پر ڪيولرام جو ارادو پڪو آهي. هو بجليءَ جي ڪم لاءِ پريان بازار مان هڪ هندو اليڪٽريشن ئي گهرائيندو آهي. پلمبر جي ضرورت پوندي اٿس، تڏهن به ڳولهي ڳولهي هندو ئي گهرائيندو آهي. ڀاڄيون به پريان وڃي دتارام ڀاڄي واري کان وٺي ايندو آهي. پنهنجون دوائون به بازار جي پچاڙيءَ مان گرو ڪريا ميڊيڪلس کان وٺندو آهي. لوکنڊ والا بازار ۾ ٻه مشهور مٺائيءَ وارا آهن، جي ٻئي مسلمان آهن، اهي مٺائيءَ وارا شام جو سوادي، سنبوسا، پٽاٽا، وڙا، ڪچوريون ۽ گول گپا پڻ رکندا آهن، ڪيول جا باغ وارا دوست کيس ڪيترا ڀيرا چوندا آهن ته؛ يار ڪيول هل ته اڄ سوادي گول گپا کائي اچون. پر ڪيول مسلمانن جي دڪان تي ڪيئن ٿو چڙهي! مٺائي به هو بازار ۾ هڪ ننڍي دڪان تان وٺندو آهي، جنهنجو مالڪ هندو آهي.
ڪيول کي ٻه پٽ آهن. سندس ننڍو پٽ پنهنجي فئمليءَ سميت دهليءَ ڀرسان نوئڊا ۾ رهندو آهي. هو پاڻ پنهنجي زال ليلان سان پنهنجي وڏي پٽ ونود، سندس زال پرياءِ پنهنجي ۱۹ سالن جي پوٽي نيليش سان رهندو آهي. نيليش ڪاليج ۾ پڙهندو آهي. پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڏاڏي جي زور بار ڪرڻ تي به هن ڪاليج ۾ نه سائنس کنئي آهي ۽ نه ڪامرس. هو آرٽس ۾ پڙهائي ڪري رهيو آهي. جو هو اڳتي هلي هڪ مشهور ليکڪ ٿيڻ ٿو چاهي.
ڪيول جي زال ليلان، پٽ ونود ۽ نونهن پريا ته ڪراچي ڪو نه ڏٺي آهي. هو نفرت جي دونهين کان آجا آهن. هنن ڪيول جي من ۾ لڳندڙ دونهين سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو آهي. پر سندس پوٽي نيليش جي ان دونهين سان ڪشمڪش جاري آهي. ان ڏينهن نيليش جو جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ پنهنجي گهر کان چار ڪلوميٽر پري جهو ايريا ۾ هو پڪچر ڏسڻ ويا. هو پاڻ ۾ چار ڄڻا ئي هئا جو ڪيولرام جي زال ستلنگ تي هلي وئي. پڪچر دير سان ڇٽي ۽ پوءِ هو رات جي ماني کائڻ لاءِ به جهو جي هڪ سٺي هوٽل ۾ ويا. ائين کين رات جا يارهن ٿي ويا. ان وقت جھو کان لوکنڊ والا لاءِ ٽئڪسي ڏکي ملندي آهي. ڪيول هٿ لوڏيندو رهيو ته ڪجھ ديرکان پوءِ سندس ڀرسان هڪ ٽئڪسي اچي بيٺي. هن ٽيڪسيءَ ۾ اندر نهاريو ته کيس هڪ ڏاڙهي وارو مسلمان ڊرائيور ڏسڻ ۾ آيو. هو جهٽ ٽيڪسيءَ کان پري هٽي ويو ۽ مسلمان ٽيڪسيءَ واري کي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. پنهنجي پٽ کي چيائين ته؛ چنتا نه ڪر! ٻي ٽيڪسي جلد ئي ملي ويندي، پر کين ٻي ٽيڪسي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ئي ملي!
نيليش، جنهن جو جنم ڏينهن ملهائڻ آيا هئا، وفلي ويو. هو ٽيڪسيءَ ۾ منهن سڄائي، ڊرائيور جي ڀرسان واريءَ سيٽ تي ئي ويٺو رهيو. گهر اچي بنا ڪپڙا بدلائڻ جي پنهنجي بستري تي ڦان ٿي سمهي پيو. ٻئي ڏينهن صبح جو هو ناشتو ڪري، ڪاليج هليو ويو. نه پنهنجي پيءُ سان ڳالهايائين ۽ نه ڏاڏيءَ سان. ماءُ سان به بس هون هان ڪيائين!
ڪيول کي لڳو ته ڪراچيءَ جو دونھون سندس رشتن کي به ڌنڌلو ڪري رهيو آهي! نيليش ڪاليج مان منجهند جو آيو ۽ ڪپڙا بدلائي، چپ چاپ کائڻ ويٺو. ڪيولرام پوٽي کي ڏاڍو پيار ڪندو هو. هن جي ڏاڍي دل ٿي ته هو پاڻ ئي پوٽي سان پيار سان ڳالهائي، پر سندس همت نه ٿي! نيليش پاڻ ئي ماني کائڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي جي پاسي ۾ اچي ويٺو ۽ چيائين؛ ”دادو توهان ڪيترو وقت مسلمانن کان ڀڄندا رهندا؟ مون کي ڊئڊي ڪراچي جي فسادن جي باري ۾ ٻڌايو آهي، مون کي توهان سان همدردي ته آهي پر توهان تي قياس به ايندو آهي جو توهان ۶۵ سال پراڻي زندگي جي رهيا آهيو. هن نفرت جي دونهين مان توهان کي ۽ اسان کي ڪجهه به هڙ حاصل ٿيڻ وارو ڪونهي. ڪراچي ته هڪ تواريخ آهي. اُها ته جتي آهي، اُتي ئي رهندي. ڪيڏانهن نه ويندي. توهان ٽيڪسيءَ واري کان، رڪشا واري کان بچي سگهو ٿا پر توهان جنهن بس ۾ آهيو، اُن جو ڊرائيور يا ڪنڊيڪٽر مسلمان هجي ته ڇا ڪندا؟ ٽرين ۾ سامهون واريءَ سيٽ تي مسلمان هجي ته ڇا ڪندا؟“
ايترو چئي نيليش چپ ٿي ويو.
ٿوري وقت کان پوءِ، پنهنجي ڏاڏي جي ڪلهي تي هٿ رکي، وري چوڻ لڳو؛ ”دادو! منهنجي ڪاليج ۾ منهنجي پسنديءَ جو انگريزيءَ جو پروفيسر هڪ مسلمان آهي. هو هڪ لکيڪ به آهي ۽ ڪوي به آهي. ڪاليج ۾ منهنجي ڀر سان هڪ مسلمان ويهندو آهي جو منهنجو سٺو دوست آهي. سندس ابو ۽ امي، مونکي ڏاڍو پيار ڏيندا آهن. سليمان جي ڀيڻ رخي مونکي ڏاڍي وڻندي آهي!“
ايترو چوندي نيليش جا جوان ڳل، ڳاڙها ٿي ويا ۽ هو تڪڙ ۾ گهر جي لان تي ٻاهر هليو ويو.
ڪيول جي وات مان هڪ اکر به نه نڪتو.
اُن ڏينهن منجهند جو هو ننڊ به نه ڪري سگهيو. ٿوري وقت ۾ ئي اٿي ويٺو ۽ رنڌڻي ۾ وڃي، پنهنجي لاءِ چانهن ٺاهيائين. چانهن پي ٿيلھو کڻي ٻاهر نڪتو. اڄ بس ۾ چڙهي، ٻه ڪلوميٽر پري واري چار-بنگلا ايريا وڃڻو ھيو ۽ اتان گهر لاءِ تازيون ڀاڄيون ۽ سٺا بيهه به وٺڻا ھيا. کيس، بس جلد ئي ملي ويئي. پر کچا کچ ڀريل هئي. هن ٿورو پويان وڃي، ڪنڊيڪٽر کان ٽڪيٽ ورتي ته پاسي واري سيٽ تي ويٺل هڪ نوجوان، پاڻ اٿي کيس ويهڻ لاءِ چيو. ڪيول سندس شڪرانا مڃيا ۽ سيٽ تي ويهي رهيو. کيس ان نوجوان جو چهرو سڃاتل لڳو پر کيس پورو ياد نه پئي آيو. هو ان نوجوان کي چتائي ڏسڻ لڳو ته هن پاڻ ئي کيس چيو؛ ”انڪل مان ان مٺائيءَ جي دڪان تي ڪم ڪندو آهيان، جتان توهان مٺائي وٺندا آهيو. مان مٺائي ٺاهيندو آهيان ته ڪڏهن اچي گراهڪن کي مٺائي ڏيندو به آهيان. مون گهڻا دفعا توهان کي دڪان تي ڏٺو آهي.“
اهو ٻڌي ڪيول کي هي نوجوان پنهنجو لڳڻ لڳو. هن کانئس پڇيو؛ ”پٽ تنهن جو نالو ڇا آهي؟“
”انڪل منهنجو نالو شوڪت علي آهي!“ هو ايترو چئي سلام ڪري بس مان لهي ويو.
ايترو ٻڌي ڪيول سناٽي ۾ اچي ويو. سندس اڳيان نيليش جو چهرو ڦرڻ لڳو. سندس ڳالهيون کيس ولوڙينديون رهيون.

ان شام جو ڪيول جي ٻن دوستن، کيس بازار ۾، مسلمانن جي مشهور مٺائيءَ جي دڪان تي گول گپا کائيندو ڏٺو!!

No comments:

Post a Comment