Saturday, September 3, 2016

جادوءَ جو تلاءُ

جادوءَ جو تلاءُ
Image result for Pond 
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪڙو بادشاهه بيمار ٿي پيو. هن جي علاج لاءِ ڪيترا ڊاڪٽر، حڪيم ۽ طبيب آندا ويا، پر هن کي فائدو ڪو نه ٿيو ۽ هن جي بيماري ڏينهون ڏينهن وڌندي وئي.
هڪڙي ڏينهن هڪڙو درويش اَچي ان ملڪ مان لنگهيو، جنهن بادشاهه کي ڏسي چيو، جيڪڏهن بادشاهه جادوءَ جي تلاءَ جو پاڻي پيئندو، ته خوش ٿيندو، باقي هن کي ٻي ڪنهن به دوا مان فائدو نه ٿيندو.


بادشاهه کي ٽي پٽ هئا، وڏي شهزادي دل ۾ خيال ڪيو ته ڇو نه قسمت آزمائجي. جيڪڏهن مان جادوءَ جي تلاءَ جو پاڻي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيس، ته پڪ سان بابو خوش ٿي پنهنجو تاج ۽ ملڪ منهنجي حوالي ڪندو. اهو سوچي وڏو شهزادو بادشاهه وٽ آيو ۽ اچي هن کان جادوءَ جي پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ اجازت گهريائين.
بادشاهه چيس، ”پٽ، خبر ناهي ته جادوءَ جو تلاءُ الائي ڪٿي آهي، تون اهو ڪيئن ڳولي سگهندين؟“ تنهن تي شهزادي جواب ڏنو، ”بابا، مان جوان ۽ طاقت وارو آهيان، مان ضرور اهو ڳولي لهندس ۽ ان جو پاڻي توهان جي لاءِ آڻيندس.“
بادشاهه شهزادي جي زور ڀرڻ تي هن کي اجازت ڏني. شهزادو پاڻ سان گهڻو سونُ ۽ چاندي کڻي، جادوءَ جي تلاءَ جي تلاش ۾ نڪري پيو. هلندي هلندي هو هڪڙي جهنگ جي مُنهن وٽ اچي پهتو، جتي هن کي هڪڙو جنڙو مليو، جنڙي وڏي شهزادي کي چيو، ”شهزادا صاحب! ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“
وڏي شهزادي هن کي وڏائيءَ سان جواب ڏنو، ”ان ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟“
جنڙي دل ۾ چيو، ”شهزادا، توکي ڏاڍي وڏائي آهي، توکي گستاخيءَ جي سزا ملڻ گهرجي.“
وڏو شهزادو  جيئن ئي جهنگ ۾ اندر ويو ته جهنگ ويو گهاٽو ٿيندو، هو جهنگ ۾ رستو وڃائي هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳو.
جڏهن گهڻا ڏينهن گذري ويا ۽ وڏو شهزادو نه موٽيو ته وچيون شهزادو بادشاهه وٽ آيو. بادشاهه کان جادوءَ جي تلاءَ ۽ ڀاءُ جي ڳولا جي اجازت گهريائين. هن کي دل ۾ اهو خيال هو، ته جي هو جادو جي تلاءَ جو پاڻي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ته بادشاهي نه وڏي ڀاءُ کي ملندي، نه وري ننڍي ڀاءُ کي، پر اها مون کي ملندي. بادشاهه گهڻي ويچار کانپوءِ هن کي اجازت ڏني.
وچيون شهزادو هلندو هلندو، اچي ساڳئي جهنگ جي منهن وٽ نڪتو، جتي هن کي جنڙو مليو. جنڙي وچئين شهزادي کي چيو، ”شهزادا صاحب! ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“
وچئين شهزادي هن کي مغروريءَ مان چيو، ”تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي، جو مون کان سوال ٿو پڇين؟ “
جنڙي دل ۾ چيو، هن شهزادي کي سندس مغروريءَ جي سزا ملڻ گهرجي.“
وچيون شهزادو به پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر رستو وڃائي جهنگ ۾ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳو.
جڏهن گهڻو وقت گذريو ۽ ٻيئي شهزادا نه موٽيا، تڏهن ننڍو شهزادو بادشاهه وٽ آيو، جادوءَ جي تلاءَ ۽ ڀائرن جي ڳولا لاءِ بادشاهه کان موڪل گهريائين. هن جي دل ۾ پيءُ جي بيماري ۽ ڀائرن جي گُم ٿي وڃڻ جي ڳڻتي هئي.
شهزادو، بادشاهه کان موڪل وٺي هلندو هلندو، اچي جهنگ جي منهن وٽ پهتو، جتي هن کي هڪڙو جنڙو مليو. جنڙي شهزادي کي چيو، ”شهزادا صاحب، ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“
ان تي ننڍي شهزادي جنڙي کي سلام ڪيو ۽ چيائينس؛ ”ادا سائين، مان جادوءَ جي تلاءُ جي ڳولا ۾ وڃي رهيو آهيان، اوهان جي ان ڪم ۾ منهنجي مدد ڪندا ته اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي.“


جنڙو شهزادي جي اخلاق کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي چيائين، تون سٺو ماڻهو ٿو ڏسڻ ۾ اچين، تو مون کي ادا ڪري سڏيو آهي ۽ مدد لاءِ چيو آهي، تنهنڪري مان تنهنجي مدد ڪندس، جادوءَ جو تلاءُ  هڪڙي  جادوءَ جي قلعي ۾ آهي، جنهن جي مالڪياڻي ”گل ڦل“ نالي هڪ پري آهي. قلعي جي دروازي تي جادو ٿيل آهي، تنهنڪري اهو ڪنهن کان به کُلي نٿو سگهي. مان توکي هيءَ لٺ ڏيان ٿو، تون اها ٽي ڀيرا زور سان دروازي تي هڻندين ته دروازو کُلي پوندو. دروازي جي اندر ٻه بُکايل ڪُتا پهرو ڏئي رهيا آهن، جيڪي توکي ڏسندي توتي حملو ڪندا. مان توکي ٻه مانيون ٿو ڏيان، جيڪي اُنهن کي ڏجانءِ، ته توکي ڪجهه به نه ڪندا.“ پوءِ جنڙي ننڍي شهزادي کي جادوءَ جي قلعي جو رستو ٻڌايو، جنهن تي شهزادو هلندو اچي جادوءَ جي قلعي وٽ پهتو.
شهزادو قلعي جي دروازي کي جنڙي واري لٺ جا ٽي ڌڪ هنيا ته دروازو کُلي پيو. جيئن ئي شهزادو اندر ويو ته ٻه بکايل ڪتا شهزادي تي حملو ڪري آيا. شهزادي يڪدم جنڙي واريون مانيون انهن ڏانهن اُڇلايون، ڪتا ماني کائڻ کي لڳي ويا ۽ شهزادو اڳتي هليو ويو.
شهزادو جيئن قلعي اندر ٺهيل محل ۾ داخل ٿيو، ته هن هڪ مٺو آواز ٻڌو، جيڪو چئي رهيو هو، ”ڀلي آيا شهزادا.“
شهزادي ڏٺو ته سامهون ”گل ڦل“ پري بيٺي هئي. ٻئي هڪ ٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ٻنهي جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار پيدا ٿي ويو.
ننڍي شهزادي ”گل ڦل“ پريءَ کي ٻڌايو ته هو پنهنجي پيءُ جي لاءِ جادوءَ جي تلاءَ مان پاڻي کڻڻ آيوآهي. ”گل ڦل“ پري هن کي جادو جي تلاءَ تي وٺي آئي، جتان هن پاڻيءَ جي بوتل ڀري کنئي.
ٿورا ڏينهن جادوءَ جي قلعي ۾ رهڻ کانپوءِ ننڍي شهزادي ”گل ڦل“ پريءَ کان موڪلايو ۽ چيائينس؛ ”مان تو سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.“
”گل ڦل“ پريءَ هن کي ٻڌايو، ته؛ ”اسان ۾ اها رسم آهي ته ڪا به پري ان وقت تائين شادي ڪري نٿي سگهي، جيستائين هن جي عمر پندرنهن سال نٿي هجي. هڪ سال کانپوءِ هوءَ پندرنهن سالن جي ٿيندي پوءِ هوءَ وڏي خوشيءَ سان شادي ڪندي.“ شهزادو هن کان شاديءَ جو واعدو وٺي، هڪ سال کانپوءِ واپس اچڻ جو واعدو ڪري پنهنجي وطن روانو ٿيو.
شهزادو جهنگ جي منهن وٽ پهتو، ته هن کي ساڳيو جنڙو مليو، جنهن جي هن گهڻي مهرباني مڃي. هن کان پنهنجي ڀائرن بابت پڇيائين. جنڙي هن کي چيو، اُهي خراب ماڻهو آهن، جن کي مون هن جهنگ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. شهزادي جي گهڻي چوڻ تي هن ٻنهي شهزادي کي آزادڪيو پر شهزادي کي چيائين؛ ”اي شهزادا، مان هنن کي آزاد ڪريان ٿو پر مان تو کي ٻڌايان ٿو ته هي تو سان دوکو ڪندا ۽ تو کي نقصان پهچائيندا!“
جڏهن ٽيئي ڀائر گڏجي پنهنجي ملڪ ڏانهن هلڻ لڳا ته واٽ تي شهزادي هنن کي ”گل ڦل“ پريءَ سان ملڻ ۽ جادوءَ جي پاڻي آڻڻ جي ڳالهه ٻڌائي. اها ڳالهه ٻڌي، ٻنهي شهزادي کي ڏاڍو ساڙ ٿيو ۽ دل ۾ بي ايماني پيدا ٿين رات جو جڏهن ننڍو شهزادو سمهي پيو ته هنن بوتل ۾ ٻيو پاڻي وجهي ڇڏيو.
پوءِ ٽيئي شهزادا جڏهن بادشاهه وٽ پهتا، ته ننڍي شهزادي بادشاهه کي جادوءَ جي تلاءَ مان پاڻي آڻڻ جي خوشخبري ٻڌائي ۽ پاڻيءَ جي بوتل پيءُ جي اڳيان رکي. هن کي اها خبر ئي ڪا نه هئي ته هن جي ڀائرن هن سان دوکو ڪيو آهي.
بادشاهه جڏهن بوتل وارو پاڻي پيتو، هن جي بيماري پاڻ وڌي ويئي. پوءِ وڏن شهزادن پيءَ کي چورايل جادوءَ جي تلاءَ وارو پاڻي ڏنو، جنهن جي پيئڻ سان هو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. بادشاهه ڪاوڙجي ننڍي شهزادي کي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏي ۽ وڏن شهزادن تي ڏاڍيون مهربانيون ڪيون.

ننڍو شهزادو ملڪ نيڪالي ملڻ کانپوءِ سڌو ”گل ڦل“ پريءَ وٽ ويو. هن کي ڀائرن جي دوکي ۽ پيءَ جي ڪاوڙ جو احوال ٻڌايائين. ”گل ڦل“ پريءَ شهزادي کي چيو، ”تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر، مان ڪوڙ ۽ سچ کي پڌرو ٿي ڪريان.“ ائين چئي هوءَ اُڏند کٽوليءَ تي چڙهي اُڏامي وڃي بادشاهه کي جادوءَ جي قلعي ۾ کڻي آئي. کيس جادوءَ جو تلاءَ ڏيکاريائين، ننڍي شهزادي جي ڪاميابي ۽ هن جي ڀائرن جي دوکي جي ڳالهه ٻڌايائين. اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. ”گل ڦل“ پري ۽ شهزادي جي شادي ڪرايائين، کين پنهنجي ملڪ ۾ وٺي آيو، ننڍي شهزادي کي پنهنجي جاءِ تي بادشاهه بڻايائين ۽ وڏن شهزادن کي گهڻو ڳالهايائين ۽ پنهنجي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيائين.

No comments:

Post a Comment