Friday, April 21, 2023

نور جوڻيجو جو ناول خالي پڻي جو کاڄ - اڀياس

ڪلچرل تصورن جي تعمير کان جديديت پُڄاڻان جي فلسفي تائين!

(نور جوڻيجو جو ناول خالي پڻي جو کاڄ)

خليق ٻگهيو



سنڌي ادب جي تخليقي دنيا ۾ هن وقت ناولَ تيزيءَ سان تخليق ٿي، ٻين افسانوي ۽ غير افسانوي ادبي صنفن شاعري، ڪھاڻي، تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتابن کان وڌيڪ مقداري نوع ۾ وڌيڪ کپت جي ضمانت بڻيل آھن. اُھا ناولن جي مقداري نوعيت جي کپت ليکي سگهجي ٿي. جڏھن ته معيارَ جي لحاظ کان ڏِسڻو پوندو ته هنن ناولن جي وافر مقدار ۾ شايع ٿيڻ سان، سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي سماج جي ڪيتري خدمت ٿي رھي آھي؟ ۽ تخليقي سطح تي هِنن ناولن ۾ معيار جي سطح ڇا آھي؟ اُنهيءَ ڏَس ۾، موجوده دَور جي سنڌي ناولن جي فهرست ۾ نور جوڻيجو جو ناول ” خالي پڻي جو کاڄ “ به ڪنھن طرح، مقداري نوع ۽ واپار Commercialize ٿيڻ توڙي انتقاد جي اسڪرين تان اڃان غائب نه آھي. هيءُ ناول”سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد “ نومبر ٻه هزار ٻاويهه ۾ شايع ڪيو آھي. هِن ناول جي سڀ کان وڏي خاصيت هيءَ آھي ته هيءُ ناول، پڙھندڙن کي موجوده عھد جي انساني سماج ۽ تھذيبي قدرن متعلق نوَن سوالن ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ناول جي ڪھاڻي، پُڄاڻيءَ تائين پُھچندي به ڪا فڪري سطح جي حتميت نٿي ڏِئي يا ائين چَئون ته ناول جي ڪھاڻي، فلسفياڻي سطح تي ڪُليت پسند موقف ڏيڻ جي مجاز ڪانهي، جنھنڪري اُھو سمورو اختيار پڙھندڙ جي وس ۾ آھي ته هُو ناول جي ڪھاڻيءَ بابت ڪھڙن زاوين کان ڏِسي ٿو ۽ ناول ڪھڙو سنيھو تجويز ڪري ٿو؟ اُھا هن ناول جي جديد ترين فني ۽ فڪري خاصيت آھي. ٻيو ته هيءُ ناول پڙھي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي ناولائي ادب، ڪرداري نوعَ جا پراڻا ۽ روايتي پئمانا ٽوڙي رهيو آھي. هن ناول جا ڪردار، پنھنجي روين ۾ پوسٽ ماڊرنسٽ محسوسات رکن ٿا. هيءُ دَور، جنھن کي اسان جديد پُڄاڻان جي نالي سان سڃاڻون ٿا، سو تخليقي آزاديءَ جو دَور قرار ڏنو ويو آھي. هِن دَور ۾ جتي انساني زندگيءَ ۽ اُن جي قدر ۽ قيمت جو شعوري ادراڪ وڌيو آھي. اتي سماجي زندگي، وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وڌيڪ پيچيده پڻ ٿي پئي آھي. ادب، پنھنجي پڙھندڙن/ تنقيد کان سواءِ اڄ به پنھنجي اھميت وڃائي ويھي ٿو. تخليقي آزاديءَ جو تصور، لکاريءَ جو سڀني نظرياتي حدبندين ۽ نظاماڻي سرشتي کان آزاد ٿي لِکڻ جو تصور آھي. آرٽ ۾ پڻ تخليقي آزاديءَ کي پڻ وڌيڪ متعارف هن جديديت پُڄاڻان جي دَور ڪيو آھي، پر جهڙيءَ طرح هن دَور ۾ زندگيءَ جون حقيقتون پنھنجي گهرائي ضايع ڪري ويون آھن. تهڙو مثال ماضيءَ ۾ نٿو ملي. گهرائي وڃائڻ واري مام شين ۽ لقائن جي گهڻ معنويت ڪري وجود ۾ آئي آھي. گهڻ معنويت ڪنھن فن پاري جي متن جو مطالعو بڻجي يا ڪثير معنائون ڪنھن سماجي ڪردارن متعلق هجن، فڪري استقامت ٽوڙي سطح پڻو جنمينديون آھن. سطح پڻي جو جنم فائدو توڙي نقصان ڏئي ٿو. ھر جيو يا جيوت جو ڪائنات ۾ ضايع ٿيڻ عظيم ڏک آھي Rejection is pain، جنھن کي هيءُ دَور پنھنجي ڪُک ۾ جنم ڏئي رھيو آھي.


جيئن جيئن دنيا، وڌائي پيش ڪرڻ Hyperbolize ٿيندي پئي وڃي. حقيقتن کي موجوده دَور ۾ ميڊيائي ۽ گهڻ ڪثرتي بڻايو پيو وڃي. تيئن تيئن حقيقتون گهڻ طرفيون پيچيدگيون پڻ کڻي آيون آھن. هر سوچ ۽ هر فڪر نئين سر تعمير ٿي رھيو آھي. سماج توڙي آرٽ ۾ معنائن ۾ التوا جي راند هر وقت جاري آھي. جنھنڪري هيءُ تشڪيلي حقيقتن جو دَور آھي ۽ زندگيءَ جون معنائون ۽ حقيقتون پڻ سماجي۽ لسانياتي بدلاءَ ڪري پنھنجي مطلقيت، ڪُليت يا مرڪزيت ضايع ڪري ويون آھن. نور جوڻيجو جو هيءُ ناول، ساڳئي پيش منظر واري زاويي ۾ ڏِسي سگهون ٿا. ناول جا ڪردار سڌير ۽ ويدا، نازي ۽ سورج هِن تشڪيلي حقيقتن جو نماءُ آھن. هِن ناول ۾ زندگيءَ کي نئين سر سمجهڻ سمجهائڻ واري هڪ ڪوشش موجود آھي. ناول ۾ ڪھاڻيءَ جي بجاءِ ”ڳالهيون يونيورسٽيون بڻيل“ آھن. شاھ لطيف جي فڪري روشنيءَ ۾، ”ڳالهيون، ڪردارن جي پيٽن ۾ وڌي وڻ ٿين ٿيون، پر گوشي سپرين گڏجي نٿا سگهن.“ ادب جو هيءُ دَور ڪنھن به هڪ طرفي زاويي تي اڪتفا ڪرڻ ۾ عافيت نٿو سمجهي، جنھنڪري ادب انساني اظھار جي حُسن جو پرتوُو هوندي به غير نظرياتي سڃاڻپ جو شرط پاڻ سان کڻي آيو آھي. ساڳي طرح هن ناولن جا ڪردار سوچ جي ڪنهن به جامد تصورَ تي اڪتفا نٿا ڪن. ڪردارن جون حالتن پٽاندر بدلجندڙ ترجيحون ناول ۾ ڪردارن جي ڀڃ گهڙ Deconstruction آھي، جيڪا دراصل جديديت پُڄاڻان جي تقريبن نظرئي سازي (ردِ تشڪيل، پڙھندڙ جي موٽ واري تنقيد ۽ ساختيات پُڄاڻان) جي بدولت هِن ناول جي ڪردارن ۾ صورت مَٽائي Transform ٿي آھي. اھا ناول جي جدت پسندي ليکي سگهجي ٿي. ناول ۾ جديديت جي شھر ڪاري، شاپنگ مال جي موجوده صورت گري، حد دخلين جي هٽڻ وقت انساني المين جو جنم، ماڻهوءَ جو حياتياتي ۽ ڪلچرل تصورن واري ڀيٽ ۽ فرقَ، انهيءَ تناظر ۾ ماڻهوءَ جي سماجي حيثيت جو کپت Consumerism وارو لقاءُ ۽ انهيءَ جو نيم سرمايادارڻي سماج ۾ جذب ٿيڻ وارو رجحان خطابت ۾ آھي، جيڪو رجحان، جديديت جي تحريڪ کان بيزاريءَ طور جديديت پڄاڻان جي صورتحال تائين جو سفر ڪوٺي سگهجي ٿو. ناول۾ ڪا به شيءِ، ڪوبه نظارو، ڪا به ڳالهه مستقل بنياد تي ڪانهي. . ڪا به فردي سوچ اٿارٽي ڪانهي، جنھن ۾ حالتن جا ماريل ڪردارَ ٿانيڪا ٿي پناھ وٺي سگهن، هر حالت عارضي ۽ بدلجندڙ لڳي ٿي. ناول ۾ موجود اھڙين شين ۽ رخن مان جديديت پُڄاڻان صورتحال جهلڪي ٿي. هن ناول ۾ ماڻهوءَ بمقابله تعمير ٿيل گڏيل ثقافتي تصور Cultural construction آھي. فريڊرڪ جيمسن جديديت پڄاڻان کي Multination or consumer Capitalism قرار ڏنو آھي. ڪردار جنھن جنھن زندگيءَ جي توقع رکن ٿا، تنھن جي حاصلات موجوده سماج مان ”ٻٻرن کان ٻير گهرڻ“ جي برابر ڏيکاري وئي آھي، ڇاڪاڻ ته هيءُ دَور جتي ماڻهوءَ کي ڄاڻ ۽ اطلاعَ جا ڀنڊار ڏئي ٿو، اتي گلوبل وليج جي تصور ڪري تھذيبي زندگي ۾ آيل مونجهارن کي اکيلي ٿو. هن دَور ۾ ثقافت جا مقرر پئمانا ٽُٽا آھن. ناول جا هي سڀ ڪردار به تھذيبي تشخص ڳولڻ ۾ حيران ۽ پريشان آھن. اُھا جديديت پڄاڻان صورتحال آھي. ريڙھي واري جو شاپنگ مال کي ڀُونڊي ڏيڻ واري جملي جي ڊي ڪنسٽرڪشن ڪري اسان ڪلاسيڪي مارڪسيت جي ابتڙ، موجوده عهد ۾ طبقاتي سسٽم جي نئين صورتگري طرف معنائون ڪڍي سگهون ٿا، جيڪا ورهاسيت هاڻي جديد سرمايادارڻي منصوبي تحت صارفيت ڪلچر ۾ تبديل ٿي هر شيءِ هو هوڪو ڏئي رھي آھي.

هونئن، هن دَور ۾ اڃان تائين تخليقي آزاديءَ جي تصوريت پڻ نئين بحث مباحثي Discourse جي داعي بڻيل آھي. تخليقي آزادي ڪيستائين؟ ڪنھن به تخليقيت ۾ ڪنھن به آدرش جو انڪار، خود متينت جي وجود کان انڪار پڻ سمجهيو ويندو آھي. ناقد موجوده عهد تائين ڪنھن به اِھڙي ادبي عبارت جو نمونو پيش ڪري نه سگهيا آھن، جنھن عبارت جي معرض وجود ۾ اچڻ ۽ پاداش ۾ ڪنھن آدرش يا نظرئي جي جهلڪ موجود نه هجي. اظھاريت، پوءِ ڪنھن به هيئت ۾ ڇونه هجي، ڪنھن نه ڪنھن نظرئي جو محرڪ ۽ ڪارج هُوندي آھي. لِکڻ ڏانهن آمادگي ۽ جملي جي ترتيب ۽ ڦھلاءُ پاڻ هرتو ڪنھن آدرش يا نظرئي جو عڪس آھي اِھڙي لقاءَ ۾ نام نهاد (نالي چڙھيل فرضي) نظرين، جن انسان ۽ انساني دنيا کي حقيقي خوشحالي ڏيڻ جي برعڪس، بک، بدحالي، بيرزوگاري، ناخواندگي، ڪرپشن ڏني ۽ جاگيرداري توڙي سرمايادارڻي طبقاتي سماج کي وڌيڪ سگهه بخشي، تن نظرين جي آمريت جي خلاف فلسفياڻي شعور جو احتجاج، جديديت پڄاڻان سڏرائي ٿو. نور جوڻيجو جي هن ناول ”خالي پڻي جو کاڄ“ جي مڪالمن ۾ اھڙي فلسفياڻي شعور جو احتجاج موجود آھي، جيڪو ٻين لفظن ۾ وڏن نظرين جي مرڪزيت ٽُٽڻ جو اعلان ڪندي مابعد جديديت فلسفو ليکجي ٿو.

هن ناول ۾ ڪردارَ پنھنجي اصليت ڳولڻ کان محروم آھن. ناول ثابت ڪري ٿو ته هن دور ۾ انسان، ڪُل جي برعڪس، جز وسيلي زندگيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري پيو. اجتماعي زاوين کان زندگيءَ کي سمجهڻ جي برعڪس، جديديت پڄاڻان صورتحال ماڻهوءَ جي انفردايت ۽ پنھنجي وجود يا ذات جي انڪشاف کان، زندگيءَ کي سمجهڻ جو تصور ڏئي رھي آھي. هن دَور کي جين بوڊريلا Jean Baudrillard جي متشابھات Simulacrums جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ سمجهي سگهجي ٿو ته هاڻي شين جي اصليت Originality ڪيئَن گُم ٿي وئي آھي ۽ نتيجي ۾ حقيقتون ڪيئَن نه، ماروائي حقيتون Hyper real بڻجي ويون آھن؟ نور جوڻيجو هن ناول ۾ اُهي پاسا اڀرڻ کان محروم ٿي ويا آھن. نور جوڻيجو جو هيءُ ناول پوءِ به موجوده عھد ۾ فڪر جي بي دخليءَ ڪري، انسان جو بي مرڪز بڻجي وڃڻ ڏانهن لاشعوري طور اشارو ضرور ڪري ٿو. هن ناول ۾ زمان مڪان جي اھميت گهٽ ڏنل آھي. ناول ۾ زمان مڪان جو شعوري طور گم ٿيڻ ته موجود ڪونهي، پر ليکڪ کان ڪجهه اھڙو لاشعوري طور وارد ٿيل آھي، جيڪو ناول جو اڻ ڏيکاريل پاسو آھي، جيڪو ناول جو خال يا تنقيدي ٿيوريءَ تحت others آھي، سو واقعن جي ڪجهه بي ترتيبي آھي. هونئن شين جي بي ترتيبي ۽ زمان جو گم ٿيڻ هڪ جديد ترين فني تجربو هوندو آھي، جيڪو هن جديديت پڄاڻان جي دور جو انعام آھي. نور جوڻيجو، هن ناول ۾ اھڙو تجربو شعوري طرح ڪري نه سگهيو آھي.

هيءُ ناول پڙھي، اُھو احساس جاڳي ٿو ته اڄ جو انسان ڪيئن نه زندگيءَ جي معنويت ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي زيان ٿي رھيو آھي. رڳو عام زندگي کان موت جي آغوش ۾ وڃڻ ڪا شعوري حياتي ته ڪانهي. پر زندگيءَ جي مناسب توازن، جوھريت ۽ منطقيت تائين رسد جي لاءِ جنھن ڏاھپ جي گهرج آھي، سا ڏاھپ، موجوده انسان کان جاگيرداري ۽ جديد سرمايادارانه سماج رھندو کَسي چُڪو آھي، ڇاڪاڻ ته جديديت جي رٿ/ منصوبي Project جي غلط رخن مثال طور سرماياداراڻي ضابطي ۾ وڃڻ ڪري، هاڻي ماڻهو، زندگي گذاري نه رھيو آھي، پر وقت ماڻهوءَ کي گذاري رھيو آھي. اِھڙي وھڪري ۾ ماڻهو، جديديت Modernism جي دَور کان ناڪاميءَ جي وَر چڙھندو، نيٺ موجوده جديديت پُڄاڻان دَور جي ڀُوڳنائن واري صورتحال تائين لُڙھي پھتو آھي. جڏھن رشتن جو نج پڻي واري سواد جي جاءِ غير سڀاوي اليڪٽرانڪ رشتن جي آمد ٿي آھي. نور جوڻيجي جي هن ناول جا سڀ ڪردار باشعور هوندي به، پنھنجون حياتيون پنھنجي فطري ۽ انساني حقن موجب آزاد فضا ۾ گذارڻ کان محروم آھن، جنھنڪري هنن ڪردارن جو نصيب وقت جا طوفان لِکن ٿا، ناول جا ڪردار پنھنجي قسمت جا فيصلا پاڻ نٿا ڪري سگهن. اُھو ئي هن دَور جو سڀ کان وڏو الميو آھي، جو ڊارون جي نظرئي جو ارتقائي شعور مشڪوڪ ٿي، اتهاس جي عدم يقينيءَ جو مظھر بڻجي ويو آھي. دنيا جي وڏن نظرين، جن زندگيءَ ۽ سماجن جي دستورن کي متعارف ڪرايو، تن جي ڀيٽ ۾ ادبي عبارتن جي گهڻ معنويت ڀڃ ڊاھ Deconstruction جا انڪشاف ٿيا آھن، جيئن هن ناول ۾ سڌير جو مرڪزي ڪردار، پنھنجي اھڙي بي رنگيءَ زندگيءَ ۾ معنويت ڳوليندي ذھني توازن وڃائي ”مبھم آپگهات“ ڪري ٿو. ھُن کي وقت ضايع ڪرڻ جي حالت ۾ گُذاري ڇڏي ٿو. موجوده سماج ۾ سڌير جهڙا کوڙ ڪردار ڏِسي سگهجن ٿا، جن وٽ جديديت پُڄاڻان جي دَور جون غير متعين حياتيون آھن. اھڙا ڪردار سماج ۾ اڄ به تھذيبي سطح تي پنھنجي بدلجندڙ ثقافتي سڃاڻپ، ڪارج، ۽ معنويت Significance ڳولڻ ۾ سرگردان آھن. ناول ۾ اليڪٽرانڪ رشتن جو المين ۾ تبديل ٿي سطح پڻي کي جنم ڏيڻ واري تناظر کي ناول نگار، صورتحال موجب سٺي نموني ظاھر ڪري پئي سگهيو، جيڪو بلڪل هڪ جديديت پڄاڻان مظھر آھي، پر اھو پاسو پڻ کائنس اوجهل رھجي ويو آھي.

سڌير سان گڏ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندڙ سندس ٻه محبوبائون پنھنجي ڪردارن جي دليري Boldness هُوندي به، هِن دَور جي غير منطقيت ڪارڻ، عدم حاصلات جو شڪار بڻجي سڀ ڪجهه هارائي وڃن ٿيون. سڌير جو دوست عظمي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ وڳوڙن دوران اغوا ٿي، ڪافي ڏينھن بعد هڪ اسپتال پھچي ٿو. ڊاڪٽر جي چَوڻ موجب، ساڻس ريپ ڪيو ويو آھي. اُنهيءَ وارتا سبب هُو ”ڪلچرل شعوري عذاب“ جي سَٽ سھڻ کان اڳ آپگهات ڪري ٿو. عظمي جو جاگيرداري سماج جي مروج معنيٰ موجب ”ڏوھ“ مرد هوندي، عورت واري نفسيات ۽ اسٽائيل بڻجي پوي ٿو. يعني هُو نفسياتي سطح تي پنھنجي جنس واري ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ جي ڪري، هن سماج جي خُونخوارن جي هٿ لڳي پاڻ کي زيان ڪري ڇَڏي ٿو. عظمي جهڙن ڪردارن سان، اِھڙي وارتا سماج ۾ ٿيندڙ، سماج جي ڪِريل سماجي ۽ تهذيبي قدرن جي عڪاسي آھي. پدري نظام ۾ جنس جي بنياد تي ورھايل جاگيرداري نفسيات جو نتيجو آھي. پٺتي پيل پستين ۾ ڪِريل سماجن جا ڪلور ۽ اھڃاڻ آھن، جو عظمي جهڙن ڪردارن کي ذلت، خواريءَ ۽ جنسي تشدد جي نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ اُنهيءَ کان وڌيڪ معاشري جي جاهليت جي شديد ترين شڪل ڪھڙي ٿيندي آھي؟ اُھو سڀ اڄ اسان وٽ تڏھن ٿئي پيو، جڏھن سڌريل ترقي يافته ملڪن ۽ سماجن ۾ جنس جي بنياد تي جبري نفسيات وارا تفاوت ختم ٿي ويا آھن. ايتري قدر جو ٻوليءَ ۾ جنس جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ لفظي هيئتن تي، جديديت پُڄاڻان عورت زاد نظرئي ۽ ساختيات پُڄاڻان Post modern feminism / post Structuralism تحت پڻ نئين سر غور ويچار ڪيو ويو آھي. عظمي جي ڪردار نگاريءَ مان ثابت ٿئي ته ناول نگار Judith Buller جي ٿيوري ضرور پڙھي آھي. عظميءَ جي ڪردار وسيلي ناول ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته جنس جي بنياد تي ورهايل سماج ۾ ” مرد ٺيڪيداري“ نظاماڻي نفسيات ڪيتري ته ڀيانڪ ٿئي ٿي؟ عورت کي رڳو جنس Sex جي بنياد تي ڏسڻ واري موجود نفسيات، ”عظمي جهڙا مرد ڪردار“ به ڳرڪائي وڃي ٿي. اھا هڪ جنسي Sexual violence جي صورت آھي. جنھن تحت عظمي جهڙا ڪيترائي مرد اٿارٽي بڻيل مردانگيءَ واري سماجي تصور Social Construct تي پورو نه لهڻ ڪري Sexual policing جي حوالي ٿي ضايع ٿي وڃن ٿا. حياتياتي فرق جنس جي بنياد تي ٿيڻ الڳ شيءِ آھي، پر درجه بنديءَ ۾ تقسيم ٿيل معاشرو Binary Society، تضادن جي بنياد تي جيڪا تصورن جي غلط جوڙجڪ ڪري ٿو، تنھن بابت اسان جي سماج توڙي تخليقي ادب ۾ ڪيتري مزاحمت موجود آھي؟ اِھڙي ڊسڪورس کي نور جوڻيجو جو هيءُ ناول پيش ڪري سنڌي سماج جو ڌيان Judith butler جي نظرئي Gender performativity طرف ڇِڪائي ٿو. ناول ۾ عظمي جو ريپ، سماج جي سوچ، زاوين جو پد ماپي ٿو. اُھو مُوضوع، ڇڙو نفسيات جو موضوع ڪونهي، پر نفسيات کان وڌيڪ انساني قدرن وارو سوال آھي.

سڌير جي محبوبا ويدا، هڪ اھڙو افسانوي گهڙيل ڪردار آھي، جيڪا پنھنجي جاگيردار سماج ۾ رھندي، پنھنجي دوست بعد ۾ مڙس جي هوندي به سڌير سان انهيءَ ڪري محبت ڪري ٿي ته سڌير وٽ محبت جو تصور عورت کي ادعايت / ملڪيت هجڻ وارو (محبت کي پنھنجي ملڪيت) سمجهڻ وارو تصور ڪونهي ۽ هُن وٽ مرداڻي ڪوڙي Male chauvinism ڪانهي، جنھنڪري ساڻس ويدا جي محبت ذھني Understanding واري محبت آھي، پر ويدا سموري ناول ۾ سڌير کي بچائڻ واري ڪوشش ۾ ناڪام وڃي ٿي. خود سڌير مفلسيءَ جي مها ٻُوڏ ۾ لُڙھي ويل، سماج جو هڪ محروم ڪردار آهي، جيڪو هڪ شاپنگ مال تي پورھيو ڪري پنھنجي گهر جو چرخو هلائي ٿو ۽ رسالي لاءِ فوٽو گرافر به آھي، پر ريلوي لائين جي حد دخلين هٽائڻ وقت سندس ماءُ صدمي ۾ مري وڃي ٿي. جيڪو صدمو سندس برداشت کان ٻاھر آھي، پر ويدا ۽ ڪاڪو پٿر کيس انهيءَ صدمي مان ڪافي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نواب، جيڪو بظاھر سڌير جو دوست آھي، هڪ اميرزاديءَ سان ملي ڪري سڌير جي جنسي فوٽوز ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيئن سڌير کي ويدا جي نظرن ۾ ڪيرائي سگهي. نواب بظاھر شاگرد يونين جو اڳواڻ آھي، پر پنھنجي اندر ۾ اٿاھ جاگيرداري نفسيات رکي ٿو ۽ ويدا جي جسم توڙي روح کي پنھنجي مڪمل ملڪيت سمجهي ٿو. جڏھن اِھڙي سازش ۾ نواب ناڪام رھي ٿو ته سڌير کي گاڏيءَ جو ٽَڪر هڻائي ٿو، جنھن گاڏيءَ جي ٽَڪر ۾ سڌير پنھنجو ذھني توازن وڃائي ڇڏي ٿو، نتيجي ۾ ڪاڪي پٿر جون ساڻس همدرديون توڙي ويدا جون دفاعي محنتون پڻ ڪو ڦل نٿيون ڏين ۽ سڌير فطرت ۽ موت جي آغوش ۾ هميشه لاءِ گُم ٿي وڃي ٿو، ٻئي طرف نازيءَ سان سندس ڪلاس جو هڪ پروفيسر بد فعلي ڪري ٿو. نازي مزاحمت ڪري ٿي، . پر مائٽن جي چَوڻ تي يونيوسٽي ڇڏي ڳوٺ هلي وڃي ٿي. هن ناول ۾ نازي، ويدا، سورج ٽن عورتن ۽ سڌير ۽ نواب جي ڪردارن کي پڙھڻ بعد ضروري ٿي پيو آھي ته ديريڊا جي مضمون Platos' pharmacy کي پڙھي ڏسجي ته مرد واري حاڪميت Pallogocentrism جو مطالعو ڪجي، ساڳئي وقت فيمينزم جي لحاظ کان شووالٽر جي عورت زاد تنقيدي نظرئي Gynocriticism تحت ڏسجي ته ٽنهي عورت ـ ڪردارن سان نور جوڻيجو جو هيءُ ناول انصاف ڪري ٿو يا نه؟

ناول ۾ نواب سان شاديءَ بعد، جڏھن ويدا کي نواب جي پاران سڌير خلاف سازشن جي خبر پوي ٿي ته سڌير سان ڪيل زيادتن جي پلاند طور نواب کان طلاق وٺي ٿي. ويدا جي ڀيڻ سورج، جيڪا پيءَ جي پنھنجي ئي گهر ۾ جنسي عياشي، شراب نوشي ڏسي ٿي ۽ ننڍي هوندي، هڪ استاد جي پاران جنسي زيادتيءَ وارا صدما نه سھندي آپگهات ڪري ڇڏي ٿي. ويدا، جيڪا، ڪھاڻيءَ جو اھم رول يا هيروئن آھي، سا نه نواب سان رشتو برقرار رکي سگهي ٿي، نه ڀيڻ سورج کي باوجود ڪوشش جي بچائي سگهي ٿي، نه وري سڌير کي تحفظ ڏئي سگهي ٿي. ايئن ناول جا اھم ڪردار صورتحال جي مد نظر، ڪنھن حد تائين چٽي / اڻ چٽي مزاحمت ڪندي به زندگيءَ جون جنگيون هارائي وڃن ٿا. ناول جي هن ڪھاڻيءَ مان ڇا ٿو ثابت ٿئي؟ سڀ ڪردار خالي پڻي جو شڪار آھن، پر ناول جا ٻه اھم، ڪردار سڌير ۽ ويدا خاص طور خالي پڻي جو شديد شڪار ٿين ٿا. ناول ۾ ” خالي پڻي مان مراد شايد عدم حاصلات آھي. اھڙي تناظر ۾ هن ناول جي عنوان سان اختلاف ڪري به سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪردار رڳو اھڙي خالي پڻي جو شڪار نه آھن، پر سماجي زندگيءَ ضايع ٿي ويل ڪردارَ آھن. ناول هڪ لاشعوري طور هڪ سوال ڇڏي وڃي ٿو ته ڇا سرمايي جي ڊوڙ ۾ انساني زندگي رڳو ضايع ٿيندي رھندي؟ جيئن هن ناول جا ڪردار پنھنجي زندگيءَ جي جوهريت وڃائي ويھن ٿا؟ پنھنجي سماجي حيثيت موجب، پنھنجي پنھنجي زندگيءَ جي آدرشن جي ڪنھن هنڌ تائين دفاعي جنگ وڙھن ٿا. پر هڪ حد بعد مزاحمت نٿا ڪن. مثال طور سڌير، سورج، عظمي ٽئي ڪردار دشمن ڪردارن جي خلاف اڻپوري ڄاڻ رکن ٿا يا پاڻ حالتن کان شڪست کائن ٿا. سڌير، ناول ۾ هڪ اھڙو سماجي ڪردار آھي، جنھن جي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ حادثن خلاف مزاحمت صرف موضوعي Subjective قِسم جي آھي، پر خارجي سطح تي هن وٽ مزاحمت جو ڪوبه تصور نه آھي. ساڳي قسم جي موضوعي Subjective مزاحمت سورج ۽ عظمي ۽ ڪنھن حد تائين نازيءَ وٽ آھي. موجوده سماج ۾ ڏسجي ته جيڪي ڪردار معروضي / خارجي مزاحمت نٿا ڪن، رڳو پنھنجي وجود جي اندر موضوعي/ داخلي مزاحمت ڪن ٿا، سي اندر جي ڀوڳنائن ۾ وري وري ڀُرن ٿا. ڊي ڪنسرڪٽ ٿين ٿا. تعمير نو جو هر عمل هڪ نئين ڀڃ گهڙ کڻي اچي ٿو.

ناول ۾ ڪردارن جي رد تشڪيل آھي. هونئن، ڀڃ گهڙ Deconstruction فن پاري جي متن جي مطالعي جو هڪ ادبي تنقيدي نظريو آھي، پر ناول نگار انهيءَ ادبي تنقيدي نظرئي کي وسيع ڪندي سماج ۽ ڪردارن اندر رونما ٿيندڙ تبديلن ۾ سميٽي ٿو. اُھا هن ناول جي جدت ڀري تخليقي اڳڀرائي آھي. ويدا ڌيءُ جي حيثيت ۾ پنھنجي پيءُ کي، گهر ۾ جنسي عياشي ڪندي ڏسي ٿي ته ناول نگار جي لفظن ۾ ” کيس پيءُ جي بيھڪ ۾ لڌڙي جهڙي مخلوق نظر اچڻ لڳي ٿي“ هتي، احساس کان خالي ٿيل پيءُ کي گوشت جو لڌڙو قرار ڏئي، جيڪو اشارو ناول نگار ڏنو آھي، سو مارڪسٽ فيمنزم ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

نور جوڻيجو جو هيءُ ناول ”خالي پڻي جو کاڄ“ پنھنجي بيهڪ ۾ هڪ نفسياتي ۽ فلسفياڻو ناول آھي. ناول ۾ لفظي سحر ڪشي آھي ۽ ان ساحريءَ مان زندگيءَ جي نئين معنويت ۽ نئين پڻي جي تلاش موجود آھي. ناول شروع ۾ ڊائريءَ جي ورقن جهڙو لڳي ٿو. جملن جو رومانس ناول ۾ غضب جو آھي، پر پروفس جون بيشمار غلطيون بيزار ڪن ٿيون. سرمايي جي ڊوڙ ۽ غربت جي تذليل هن ناول جي موضوع جي چوڌاري ڦرن ٿا. ناول ۾ سڌير، ويدا ۽ نازيءَجي ڪردارن جا مڪالما وڏي دانشوراڻي قِسم جا ڏيکاريل آھين، جڏھن ته ناول ۾ سِڌي طرح ڪردارن جي اھڙي انٽليڪچوئل حيثيت کي ڪھاڻيءَ جي اندر ڏيکاريو نه ويو آھي. اھي ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪيشن جا شاگرد ضرور آھن، پر مڪالمن جي انٽليڪچوئلزم ڏيکارڻ لاءِ اڃان سندس ڪردارن سان جڙيل عملي ڏاھپ جي ضرورت هئي، جيڪا ضرورت ناول پوري ڪري نه سگهيو آھي. تنھن سان گڏوگڏ سڌير وٽ زندگيءَ جو تصور غير متعين آھي، بلڊوزر سان شھر ۾ گهنٽا گهر تائين حد دخلين هٽائڻ وقت هُو پکين جي آکيرن جا فوٽو ڪڍندي نھايت حساس ڏيکاريو ويو آھي، پر ڪافي وقت کان ريلوي لائين تي ساڳي طرح جي جبر خلاف هُو خاموش تماشائي رھي ٿو، جيڪا ڳالهه ڪرداري تضاد جنمي ٿي. ان جو سبب ناول نگار جو رڳو موضوعي مزاحمت تي فوڪس رکڻ آھي. جڏھن ته ويدا ۽ سڌير ملاقاتن ۾ پاڻ کي غير رومانوي سڏين ٿا، پوءِ به پاڇولن جي عڪسن مان زبردست رومانس ڪندي ڏيکاريا ويا آھن، جيڪو ناول جو تضاد آھي. اُھو ڪردارن جي مڪالمن ۽ عملن جي وچ وارو تضاد آھي، جيڪو ناول جو نظر انداز ڪيل حصو others جي دائري ۾ اچي ٿو. هن ناول جي ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ سگهارا مڪالما آھن. ڪٿي ائين لڳي ٿو ته ڪردارن جي مڪالمن تي ناول نگار پاڻ ڇانيل آھي، ڇاڪاڻ ته اھڙا مڪالما ڪردارن جي عملي سرگرميءَ يا تحرڪ کان پري بيٺا آھن. شاپنگ مالز تي تنقيد، رڳو تقريري انداز ۾ رکڻ کان اڳ، شاپنگ مالز تي وڃي کٽل کيسن مان مايوسي ظاھر ٿيڻ گهرجي. شيشي جي ديوارن مان جهريل پنھنجي جهوپڙي نظر اچڻ گهرجي، شاندار ڪاريون ڏسي گوڏن ۾ پوندڙ سور وقت ياد اچڻ لڳي. عڪس بنا خيال تقرير آھي. ڪھاڻي ڪانهي، جيڪا اڄ جي عھد ۾ ڄمي سگهي. ناول ۾ سورج، مرد جو نالو عورت تي ۽ عظمي عورت جو نالو مرد تي رکيل آھي، پر اھڙي پوسٽ ماڊرن فيمنزم ۽ ڊيريڊا جي ڊي ڪنسٽرڪشن سڌير، ڪاڪي پٿر ۽ نواب جي ڪردارن سان ڏيکاريل ڪانهي. اھا شعور ۽ لاشعور جي ور چڙھيل تضاد جو عڪس آھي. ڪٿي ويدا ۽ سڌير جي وچ ۾ مڪالمابازيءَ جا جنسي بنيادن جا فرق تجربي طور ڏنل آھن، پر اھڙن تجربن ۾ عورتاڻي جماليات پڙھندڙ کان ڦرجي وڃي ٿي. هن ناول جي ڪھاڻي جديديت Modernism جي به ڪھاڻي ٿي سگهي ٿي، پر مڪمل هيءَ جديديت پڄاڻان جي ڪھاڻي نه آھي. ناول ۾ ڪردارن جي پيشڪش وقت محسوسات جديديت پڄاڻان واري آھي، جيڪو تضادي تجربو آھي. محسوسات، عملي سرگرميءَ مان ڦُٽي ها ته وڌيڪ جاندار ٿئي ها! ڪھاڻيءَ جو پلاٽ سست رفتار، پر سوچ تيز رفتار آھي. ناول جي ٻوليءَ ۾ نظمي ۽ دانشوراڻي ادبيت آھي، پر ڪردارن جون خودڪشيون مايوسي جنمين ٿيون ۽ موضوعي مزاحمت جي ناڪاميءَ جو ثبوت به آھن. بحرحال هيءُ ناول فلسفو، نفسيات، پوسٽ ماڊرن محسوسات سان ملاقات آڇي ٿو، جيڪو هر باشعور کي پڙھڻ گهرجي. منھنجي خيال موجب، هن قسم جي ناولن مان اسان زندگيءَ ۽ سماج کي نئين سر سمجهڻ ڏانهن وڌي سگهون ٿا.

 

(ڏھاڙي روزاني آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ۲۱ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)




نور جوڻيجي جي ناول ”خالي پڻي جو کاڄ“ جو تنقيدي اڀياس

دادن ’ثقلين’ لاشاري

ناول جي صنف سنڌي ادب ۾ اوتري پروان نه چڙھي آھي جيتري واڌ ويجهه سنڌي شاعري ۽ سنڌي افساني/ ڪھاڻي ڪئي آھي. سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات ۱۸۷۰ع ۾ ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”راسيلاس“ جي سنڌيءَ ۾ ترجمي سان ٿي جنھن جو سھرو مرزا قليچ بيگ جي سر تي آھي. ساڳي طرح سنڌي اصلوڪي ناول لکڻ جو تاج به قليچ بيگ جي ئي مٿي تي آھي جنھن ۱۸۸۱ع ۾ ”دالارم“ ۽ ۱۸۸۵ ۾ ”زينت“ لکي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ ٻه ناول جا موتي وڌا.

ايڏي پراڻي روايت/ شروعات ھجڻ جي باوجود سنڌي نثري تخليقي ادب ۾ ناول ڪافي گهٽ لکيو ويو ھيو. پر ويجهي ماضي ۾ مارڪيٽ ۾ ڪافي ناول آيا آھن جيڪا اسان جي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ھڪ سٺي ۽ لاڀائتي ڳالھه آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته جڏھن ’مقدار‘ وڌي ٿو ته ’معيار‘ ڪافي ڌڪ کائي ٿو جهڙي طرح سان سنڌي شاعري سان ٿيو آھي/ ٿي رھيو آھي جتي شاعري ته جَهجهي مقدار ۾ اچي ٿي پر ورلي ڪوئي ڪتاب دل ۾ لھي وڃي ٿو يا ڪافي عرصي تائين ياد رکيو وڃي ٿو. سو ھن وقت جڏھن مان ھي ليک لکي رھيو آھيان ته ڪافي سنڌي ناول مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن. انھن منجھان اڄ مان جنھن ناول جو تجزيو ڪندم، ھڪ پاٺڪ جي حيثيت ۾، اھو آھي نوجوان ليکڪ نور جوڻيجي جو ناول ”خالي پڻي جو کاڄ“. ھي ناول سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان نومبر ۲۰۲۲ ۾ شايع ڪيو ويو آھي.

بنيادي طور ناول يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ ھڪ نوجوان سڌير جي ڪھاڻي آھي جيڪو ھيٺين طبقي سان تعلق ٿو رکي ۽ انھي طبقي جي محرومين جي ڪري ويڳاڻپ جو شڪار آھي. سڌير کي ھڪ آدرشي، حساس ۽ خوددار انسان طور چِٽيو ويو آھي جيڪو پنھنجي دنيا ۾ گم ٿو رھي ۽ دوستن جو ڪو ٿورو/ احسان نٿو کڻي توڻي جو سندس زندگي ڪسمپرسي جي پھاڙ ھيٺيان دٻيل آھي. سڌير يونيورسٽي ۾ پڙھڻ سان گڏ شھر جي ھڪ شاپنگ مال ۾ مزدورن واري نوڪري به ڪندو آھي ۽ ڊپارٽمينٽ جي مگزين ۾ پارٽ ٽائم تصويرڪار ( ڦوٽو گرافر) به آھي. سڌير ريلوي جي زمين تي موجود ھڪ خولي نما گهر ۾ پنھنجي ماءُ سان رھندو آھي. سرڪار ھڪ اينٽي انڪروچمينٽ ڊرائيو (قبضن خلاف مھم) ڪري ان سڄي آبادي ۽ سڌير جي گهر کي ڊاھي ٿي ڇڏي. جنھن وقت سرڪار جو اھو جبر ھلي ٿو ان وقت سڌير موجود ناھي ڇو ته ھڪ ’کريل وڏيري‘ کيس اغوا ڪري کڻي وئي آھي. ان قيد دوران مٿس تشدد ڪري،تقريبن ھڪ ھفتي کان پوءِ، وڏيرِي جا گُنڊا کيس واپس ان مال جي ٻاھران اڇلائي ٿا وڃن جتي ھو ڪم ڪندو ھيو. سڌير جيئن ان پاڙي ۾ پھچي ٿو ته اھا آبادي جتي ھو رھندو آھي ھڪ پٿرن/ ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آھي. ھو حواس باخته پنھنجي گهر طرف ڊوڙي ٿو جيڪو به پٿرن جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آھي. ھو انھي نيم بيھوشي ۾ پنھنجي ماءُ کي ڳولي ٿو ته کيس ٻڌايو ٿو وڃي ته اھا فوت ٿي چڪي آھي ۽ ڪائي مناسب جڳھه نه ھجڻ جي ڪري ھن کي دفنائي ڇڏيائون. ان واقعي جي نتيجي ۾ ۽ وڏيري طرفان مٿي ۾ لڳل ڌڪن جي ڪري سڌير ھوش وڃائي ٿو ويھي ۽ چريو ٿو ٿِي پئي.( ھي واقعو ايترو سادو ناھي جيئن مون لکيو آھي. نور ڪمال ڪاريگري سان ان کي اھڙي نموني چٽيو آھي جو حساس ماڻھو ڇا ڪنھن ڪٺور ماڻھو کي اکين ۾ ڳوڙھا اچيو وڃن) ناول جو ٻيو اھم ڪردار ويدا آھي جيڪا سڌير جي ڪلاس فيلو آھي ۽ ناول جي آخري حصي تائين سندس محبوبه ٿِي وڃي ٿِي. سڌير ۽ ويدا جو ئي ڪلاس فيلو ھڪ شخص نواب آھي جيڪو ھڪ امير جو پٽ آھي ۽ سندن سٺو دوست آھي پر ھو ويدا سان محبت ڪندو آھي ۽ ويدا جو سڌير طرف مائل ھجڻ کيس پسند ناھي. انھي ساڙ ۾ ئي ھو سڌير کي پھريان ته وڏيري جي ھٿان ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن سڌير جون ننيگيون تصيريون ڪڍي ويدا جي دل ۾ سڌير لئه نفرت پيدا ڪجي پر جڏھن ھو ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو ته ھن سڌير کي ان وڏيري ھٿان اغوي ڪرايو. اھا سڄي خبر ويدا کي/ پاٺڪ کي سڌير جي چريي ٿيڻ کان پوءِ ٿي پوي. اھا به ليکڪ جي ڪمال ڪاريگري ئي چئبي ته ھو تجسس سان گڏ ھڪ حيران ڪندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ واقعا ڪنھن وڄ جيان پاٺڪ تي ڪِرائي ٿو. ان سان گڏ ناول جا ٻيا اھم ڪردار آھن نازش جيڪا به سڌير جي ڪلاس فيلو آھي ۽ مٿس موھت آھي، عظمي جيڪو ٿورو ٽرانس ڏيکاريل آھي ۽ جيڪو سڌير کي ڏاڍو پيارو آھي. ساڻس ريپ ٿو ٿئي ۽ ھو خودڪشي ٿو ڪري ڇڏي. ٻيو اھم ڪردار آھي ڪاڪي جبل جو جيڪو يونيورسٽي جي ھڪ ڪينٽين تي بيرو آھي. ھو سڀني شاگردن سان انتھائي پيار ڪندو آھي پر سڌير سان وڌيڪ ويجهو آھي ۽ کيس سندس سڀاءُ جي ڪري سڀني کان وڌيڪ ڀائيندو آھي.

نور جو ھي ناول ھڪ اھڙي سماج جي عڪاسي ٿو ڪري جتي فرد جي ويڳاڻپ انتھا تي پھتل آھي جنھن کي رياست بي يارو مدد گار ۽ يتيم ئي ڇڏيو آھي. رياست جيڪا ماءُ ھجڻ کپي ۽ جنھن جو مقصد ھر فرد جو عام ڪري ۽ پيڙھيل طبقي جو خاص ڪري تحفظ ھجڻ کپي اھا ئي رياست پنھنجي شھرين کي بي گهر ٿي ڪري. ناول ۾ ھڪ شخص کي پيڙا جي انتھا تي ڏيکاريو ويو آھي جنھن جي ڪا به وارثي ھن رياست طرفان نه ٿِي ٿئي. نه رڳو اھو پر ناول ۾ ٻين سب پلاٽس جي ذريعي معاشري ۾ ھلندڙ ٻين سماجي ڪٺورتائن تان به پردو کنيو ويو آھي جيئن ھڪ استاد ويدا جي ڀيڻ سورج سان جنسي ڏاڍائي ٿو ڪري پر ابتو الزام سورج تي ئي ٿو اچي، ويدا جو پيءُ شراب جي نشي ۾ پنھنجي زال کي روز مار ڪٽ ٿو ڪري ۽ سندس ريپ ٿو ڪري (مڙس جي زال سان جنسي ڏاڍائي کي ريپ لکڻ به نور جهڙي سجاڳ ليکڪ جو ئي ڪمال آھي ڇو ته اڄ سڄي دنيا مئريٽل ريپ (ازدواجي عصمت دري) کي مڃِي ٿي، نازش سان يونيورسٽي جو ھڪ پروفيسر جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ٿو ڪري پر پروفيسرس لابي سندس بچاءُ ٿي ڪري ۽ نازش جي گهر وارا ابتو ھن جي تعليم بند ٿا ڪن.

ڪنھن ڪھاڻي/ ناول جي اھا ڪمالتا چئبي ته ليکڪ ان کي اتي ئي ختم ڪري جتان ھن شروعات ڪئي ھئي. جيئن آسڪر وائلڊ جي جڳ مشھور ناول پڪچر آف ڊورين گري جي شروعات ھڪ تصوير ٺھڻ سان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي تي اھا تصوير انھي مکيه ڪردار جو قتل ٿي ڪري ڇڏي. نور جي ھن ناول ۾ بي اھڙي ئي ڪاريگري چٽيل آھي. ناول جي شروعات ٿئي ٿي گهنٽا گهر تي سرڪار طرفان عمارتن کي ڊاھڻ سان ۽ وري ناول جي پڄاڻي به سرڪار طرفان ريلوي تي تعمير ٿيل گهرن جي مسماري ۽ ان کان پوءِ قبرستان جي ممڪنه مسماري سان ۽ مکيه ڪردار سڌير جي خودڪشيءَ سان. ناول جي اھڙي شروعات ۽ پڄاڻي مون کي ڪنھن ٻي سنڌي ناول ۾ نه ملي آھي. اھا نور جي ناول تي مضبوط گرفت چئبي جو ھو اھڙي ڪمال ڪاريگري سان ناول جي شروعات ۽ پڄاڻي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي.

ھن ناول جي ٻي اھم خوبي اھا آھي ته ھن جي پڄاڻي (ڪلائيمڪس) نه رڳو ڇرڪائيندڙ آھي بلڪ توقع جي بلڪل ابتڙ. اھا ئي ھڪ بھترين پڄاڻي (ڪلائيميڪس) جي گھرج آھي جنھن کي ھن ناول ۾ پورو ڪيو ويو آھي. ان کان علاوه ناول ۾ واقعن جي بدلجڻ (ٽرن آف ايوينٽس) کي به سٺي نموني نڀايو ويو آھي. جيئن صفحي نمبر ۱۱۷ تي اوچتو ڏيکاريو ٿو وڃي ته سڌير ھڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور تي ڪم ٿو ڪري ۽ پوءِ اتان ئي واقعن جي ھڪ ٻي ڪڙي ٿي شروع ٿئي جيڪا ناول جي المياتي پڄاڻي طرف ناول کي وٺي ٿي وڃي. ايئن واقعن جو اوچتو رونما ٿيڻ ۽ وري انھن جو ھڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ھجڻ ھڪ سٺي ناول جي اھم گهرج آھي جنھن کي ناول نگار سٺي نموني نڀايو آھي.

ساڳي طرح ناول ۾ بيان ڪيل منظر نگاري به ڏاڍي مزي جي آھي جنھن کي ليکڪ سٺي نموني نڀايو آھي. ڪافي جڳھن تي پڙھندي ايئن ٿو لڳي ته اھي منظر پاٺڪ جي اکين آڏو ھجن. ڪجھه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا:

* ”گلن، ٻوٽن، پوپٽن، ڀنڀورين ۽ وشال پوڙهن بڙ جي وڻن جي جهڳنڍ منجهه ڪينٽين قديم موهيندڙ Architecture ۾ چهڪي رهي هئي. بڙ جي وشال ۽ آڪاش ۾ ڦهليل زلفن جي ڄار منجهان روشني جا ڪرڻا ايئن پنهنجي جڳهه ٺاهيندا هيٺ ڪريا ٿي، جنهن سان سمورو ماحول روشني ۽ خوشبوئن جي مهڪ ۾ واسجي ۽ نمايان ٿي پوي ٿو. سفيد تراشيل پٿر جي ٺهيل بينچن ۽ عمارتن تي روشنين جا ڪرڻا ڄڻ عمارتن کي روشن ڪري رهيا هئا. بڙ جي وڻن تي ويٺل ڪوئلون هجر جو گيت ڳائي رهيون هيون ۽ هيٺ گول دائري ۾ نوجوان شهزادا ۽ شهزاديون وصال جا ماحُول ۾ سرور طاري هو.“

* ”مٺي جي گلين ۾ پرڪيف ۽ روح کي موهت ڪندڙ ڪشش محسوس ٿيندي آهي. ائين لڳندو آهي ڄڻ جنم جي ٻئي مڪان جو سير هجي.. شهر جون گليون اهڙي دلڪش ريت ور وڪڙ ۽ ڦيرا ڏينديون رهنديون آهن، جيئن ڪا نانگڻ ڦڻ کنيو ڏنگڻ جي اوسيئڙي ۾ هجي.. جيئن ڪنهن نار جي چيلهه تي ڪنهن نوجوان جا هٿ ڦرندا رهندا هجن. ائين لڳندو آهي هن شهر جي گلين جي بيهڪ ور، ونجهه، وڪڙ، چوڪ، گهرن جا بي خوف کليل تالا. انهن مڪينن جي حيات جي بي باڪ جهلڪ..ڪنهن چائنٺ منجهان ڪبير جي ڀڄن جو پڙلاءِ. ڪنهن سرت ۾ لطيف سائين جي سرندڙ پچار.. هوائن ۾ ڦهليل سندور جا رنگ، مندر جي گهنٽ ۽ مسجد جي اذان جو سنگم ڪنهن شاعري جي اڻت جي اصولن، فاعلتن، مفاعلتن، فاعلتن جي آڌار جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ ڀٽڪندي، رلندي روحن کي قديم غزل جهڙو سرور ملندو آهي.

ڪيڏي نه پيار ۽ دلڪش انداز ۾ مٺي شھر جو عڪس چٽيو اٿائين.“

ان کان علاوه ناول ۾ مختلف جڳھن تي ڏاڍي سٺي نموني فلسفيانه ۽ تلخ لھجي ۽ انداز ۾ سماج تي، معاشي نظام تي، انساني محرومين تي، سماجي نا برابري تي، انسان جي ويڳاڻائپ تي ڳالھايو ويو آھي. ڪي ڪي ڊائلاگ ته ھيانءُ ۾ ھٿ وجهندڙ آھن. يا ايئن کڻي چئجي ته ڪجهه مڪالما اھڙا آھن جيڪي مجموعي انساني محرومين.ناڪامين، پيار محبت، پيڙا ۽ فريب کي پر اثر نموني بيان ڪن ٿا. ڪجھه مثال ھيٺ ڏجن ٿا:

* ”پنهنجي باطن ۾ گم رهڻ وارا پنهنجي اندر ۾ ڪيترا به رنگين ڇو نه هجن پر معاشري ۾ اڪيلا رهجي ويندا آهن.

* غريبن جا دلاسا به اڻڀي ٽڪر جيان هوندا آهن. جن کي ڪتو به منهن ناهي لڳائيندو!

* محبت خود مالڪيت جو تصور آهي ۽ پدرشاهي سماج ۾ مرد جي محبت حاڪميت جو جز آهي.. مرد فراخ دل هوندي به ڪٿي نه ڪٿي هلڪڙائپ جو دامن جهلي ويهندو آهي. سندس هنياءُ ۾ واڙيل خدشا، لفظ اوڙهي ٻاهر نڪري ايندا آهن

* بي گهر هئڻ رياست جي نه هئڻ کان وڌيڪ ڀوڳنا جو سبب هوندو آهي.“

* ”رومانٽڪ هئڻ لاءِ پر حواس هئڻ ضروري آهي. رومانس ۽ ويڳاڻپ ٻئي متضاد ڪيفيتون آهن.“

* ”سڌير کي قبرستان وٺي وياسين. قبر مٿان بيهي چوڻ لڳو. ”آئون ڪيئن مڃان ته هي منهنجي امان جي قبر آهي.“ سڀني قبرن ڏانهن آڱر ڦيرائنيدي چيائين؛ ”هي سڀ قبرون منهجي ماءُ جون آهن.“

جنھن تناظر ۾ ھي جملو چيو/ لکيو ويو آھي، پاٺڪ کان ھڪ دانھن ٿي نڪري وڃي اھو جملو پڙھڻ سان. اييڏي پيڙا سان ڀرپور جملو!

* ”ماڻهو ۽ ڪتي ۾ فرق آهي ماڻهو ظرف بدلائيندو آهي پر ڪتو هميشه ڪتو ئي رهندو آهي.“

ھاڻي اچون ٿا ناول ۾ موجو ڪجھه اوڻاين طرف.. سڀ کان پھرين مان اچان ٿو ڪردار ۽ ڪردار سازي تي. ناول ۾ موجود جيڪي به ڪردار آھن انھن جي ڪردار سازي سندن ڏنل ڪردار تحت ڪئي وئي آھي/ ڏيکاري وئي آھي سواءِ نواب جي ڪردار جي ۽ ڪجهه جڳھن تي ويدا جي ڪردار جي. مثلن سڄي ناول ۾ ڪٿي به اھو اشارن ڪناين ۾ به نه ٻڌايو/ ڏيکاريو ويو آھي ته نواب ايڏو ڀيانڪ ڪردار آھي جيڪوويدا کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان حد تائين وڃي سگهي ٿو جو سڌير کي اغوا ڪرائي يا سندس اگهاڙيون تصويرون ڪڍرائي. بلڪ ان جي ابتڙ نواب جي اھڙي ته تعريف ڪئي وئي آھي جو ھو ھڪ مڪمل انسان ٿو لڳي:

”نواب پنهنجي نانءُ جيان واقعي به نواب هوندو هو. هن جي نوابي دل ۾ احساس ۽ جذبات جو چشمو وهندو هو. هو وڏي آفيسر جو پٽ هو، سندس تعلق امير گهراڻي سان هو. پر هن ۾ اميرائپ جي ٽرڙائپ نه هئي. پئسي جي هيئت کي جذب ڪرڻ ڪنهن به ڇسي ماڻهو جو ڪم ناهي. ان لاءِ رياضت گهرجي. جڏهن سماج ۾ مجموعي حياتي جي ڊوڙ جو مقام پئسو هجي. تڏهن پئسي کان فرار باشناس ۽ اصول پسند ئي ڪري سگهندا آهن. اصولن جي سوديبازي نواب ناهن ڪندا ۽ نواب پنهنجي ضمير ۽ خمير جو مان اوچو رکندا آهن. پر نوابن تي آزمائشن جا وهڪرا گهڻا ايندا آهن، نوابن جي تور تڪ ۽ ڪٿ ٿي ويندي آهي.“ ص. ۲۵

نه رڳو اھو پر نواب پاڻ ويدا کي چوي ٿو ته تون سڌير وٽ وڃ ڇو ته اھو تو لئه بھتر دوست آھي ص.۸۰. ان کان علاوه جڏھن سڌير اغوا ٿيڻ کانپوءِ واپس گهر اچي ٿو ۽ بيھوشي جي حالت ۾ نواب ۽ ويدا کي ملي ٿو ته اتي به نواب جي اکين ۾ ڳوڙھا ٿا اچي وڃن ۽ ھو اھي ڳوڙھا منھن پرتي ڪري اگهي ٿو (ٿي سگهي اھي ڪوڙا ڳوڙھا ھجن. ڪوڙا ھجن ھا ته ڇا ھو منھن پرتي ڪري اُگهي ھا؟ پر ڪٿي به ان ڳالھه کي ڪنھن به طريقي سان نه ڏيکاريو/ لکيو ويو آھي) ساڳي طرح ويدا جي ڪردار سازي به ڪمزور ٿيل آھي. ھوءَ نواب سان اڪيلي ۾ ملي ٿي، سمنڊ تي ويھي ساڻنس رومانٽڪ ٿئي ٿي، سندس ھٿن ۾ سندس ننھن وجهي ٿي ڇڏي، سندس چپن تي چمي تي به ڪوئي اعتراض ناھي پر جڏھن سڌير سندس ڇاتين ڏانھن وڌي ٿو ته ھوءَ ساڻنس ناراضگي جو اظھار ٿي ڪري. ان کان علاوه ڏيکاريو ويو آھي ته ويدا وڏي بولڊ آھي، ماڻھن ۾ سگريٽ پيئي ٿي، ڊرائيور کي چيچ جو اشارو ڪري گاڏي روڪرائي پيشاب لاءِ چوي ٿي ته وري شال به پائي ٿي. ايئن ڪرڻ سان ڪردار جي صحيح طريقي سان ڪردار سازي نه ٿي سگهي آھي يا ايئن چئجي ته ڪردار سازي ڪمزور ٿي لڳي.

ٻي ڳالھه جيڪا مون کي کٽڪي ٿي اُھا ھي آھي ته ناول ۾ ڪجھه ماحول/ وقت سان نه ٺھڪندڙ ڳالھيون ڪيون ويون آھن. ناول ۾ مختلف واقعن مان لڳي ٿو ته ناول جو پلاٽ ويجهي ۲۰۱۸ کان پوءِ جو آھي جو ان ۾ سوشل ميڊيا جي نقصانن تي به بحٿ ٿيل آھي ته پب جي راند به ڏيکاريل آھي. پر انھي سڀني شين جي باوجود سڌير جي گهر ۾ گئس ناھي ۽ سندس ماءُ ڪراچي جهڙي شھر ۾ (ناول جي پلاٽ مان لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ لکيل آھي) ٽانڊن تي ماني ٿي ڪري ۽ رات جو گاسليٽ واري بتي/ لالٽين ٿي ٻاري توڻي جو اڄ جي دور ۾ گاسليٽ جي خرچ کان گهٽ رقم ۾ اسٽيند باءِ ٽارچ وٺي ٿي سگهجي. کڻي ايئن مڃجي ته غربت جي ڪري گئس نه لڳرائي اٿن ته به اھا ڳالھه ٺھڪي ڪونه ٿي ڇو ته ڪراچي جهڙي شھر ۾ ڪاٺيون گئس کان وڌيڪ مھانگيون آھن. ٻيو ته اگر حالتن کي ڏٺو وڃي ته سڌير ڪافي غريب خاندانن/ فردن کان بھتر آھي؛ ھڪ ته ڪراچي جهڙي شھر ۾ وٽس پنھنجو گهر آھي (ڀلي ھڪ ڪمري جو ئي، ڇو ته کيس ڪرايو نٿو ڏيڻو پوي) ٻيو ته ھو ڀاتي ئي ڪُل ٻه آھن جن جو گذارو سڌير جي پارٽ ٽائيم نوڪري مان سٺي نموني ٿي سگهي ٿو. يا شايد ليکڪ اھي ٻئي وارتائون (لالٽين ۽ ٽانڊن واري باھہ) ڏيکاري انھن جي غربت تي توجھه ٿو ڏيارڻ چاھي. پر ناول جو موضوع غربت کان وڌيڪ ھڪ شخص جي ويڳاڻپ ۽ دوست جي دغا بازي آھي ڇو ته اگر غربت ڏيکارڻي ھئي ته پوءِ سڌير جي فيملي کي وڏو ڏيکاريو وڃي ھا يا ھو ڪنھن قرض ۾ وڪوڙيل ڏيکاريو وڃي ھا.

ناول ۾ مختلف ھنڌن تي ناول نگار سڌي طرح سان يا سڌير جي زباني سرمائيداري ۽ طبقاتي نظام تي ڇوھه ٿو ڇنڊي، ڪجھه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا:

* ”سڌير ڪاڪي پٿر جي نيڻن ۾ نراسائي ڏسي بي چين ٿي پوي ٿو ۽ ڌيمي آواز ۾ چوي ٿو. ”ڪاڪا! پاڻ اها راند آهيون جنهن جي ڏور سرمائيدار جي هٿ اچي وئي آهي.“ (بغير ڪنھن حوالي، تناظر جي سرمائيدار نظام جي ڳالھہ، ان تي الزام سو به ھڪ بيري سان)

* ”سراب کيس موهيندو هو. انهن ئي منظرن ۾ سندس حياتي گذري هئي. طبقاتي نظام جي آڙاهه کن پل لاءِ به کيس چين ناهي ڏنو. هن جو ذهن هري وقت تقابلي جهد ۾ سرگردان رهندو آهي.“

* ”ها پر ويدا! اڪيلائي، پيڙاه، اهنج ماڻهو جو ڀاڳ به آهي. پر سرمائيداراڻي نظام ۾ هر انسان اڪيلو ٿي پيو آهي. جنهن جو ٻئي فرد سان تعلق ڪٽجي پيو آهي.“ سڌير“

* ”طبقاتي نظام ۾ انساني حياتي جو ملهه ريلوي اسٽيشن تي لڳل پمفلٽ جيان سستو ۽ حياتي نڌڻڪي ٿي پئي آهي. جنهن تي اشتهار کان وڌيڪ گٽڪن جون گرڙيون ڇپجي ويون آهن ۽ ماڻهو ان ۾ پنهنجو عڪس تڪيندو رهجي ويندو آهي.“

پر ناول ۾ ڪٿي به سرمائيداري نظام کي نه ته چٽيو ويو آھي نه ئي ان جون برايون ڏيکاريون/ بيان ڪيون ويون آھن. ڪافي جڳھن تي بنا ڪنھن ربط ۽ تسلسل جي ايئن جملا چيا ويا آھن. اگر ليکڪ کي سرمائيداري ۽ طبقاطي نظام تي تنيقيد ڪري ان جي براين کي وائکو ڪرڻو ھيو ته ھن کي ماحول به اھڙو جوڙڻو ھيو. جيئن، يا ته ساڻنس ڪم واري جڳھه تي سيٺين طرفان ناجائزيون ٿين ھا، يا سندس دوست، ڪلاس فيلو طبقاتي فرق جي ڪري سندس عزت نه ڪن ۽ کيس لوئيندا رھن. پر اھڙو ڪجھه به نه چٽيو/ ڏيکاريو ويو آھي.

ھن ناول ۾ ھڪ تمام وڏي غلطي اھا آھي ته ھڪ اھڙو واقعو جيڪو سڀاڻي ٿيڻو آھي ان کي ڪلھه ڏيکاريو ويو آھي. ناول جي شروع ۾ ئي سڌير گهنٽا گهر تي بلڊنگ ڊھڻ جي جاءِ تي بي گهر ڪوئن جي تصوير ڪڍي ۽ روئي ٿو ۽ ٻي ڏينھن صبح جو اٿي ٿو ته سندس ذھن تي ان واقعي جو اثر آھي. ص۱۵، ۱۶. وري ھو صفحي ۲۹ تي ماضي ۾ ھليو ٿو وڃي جتي ھو عظمي سان ٿيل واقعو ياد ٿو ڪري. ان ئي واقعي ۾ ھو ڏيکاري ٿو ته ٿاڻيدار کيس ڏسي ڪجھه ياد ڪرڻ جي جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ کيس اچانڪ سان چوي ٿو :

”هو وڃڻ لڳا ته منشي وڏي واڪي چيو. اوهو اوهو، تون اهو فوٽوگرافر ته ناهين. اڙي اهوئي، جڏهن گهنٽا گهر ڊهندي. ڪوئن جا فوٽو ڪڍي، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو هئين“ ص. ۳۳.

ھاڻي سوال اھو ٿو اُٿي ته پوليس واري ماضي واري واقعي ۾ مستقبل واري وارتا (ڪوئن جو ڦوٽو ڪڍي ان تي روئڻ) ڪيئن ٿو ٻڌائي سگهي جڏھن ته عظمي وارو واقعو گهنٽا گهر واري واقعي کان اڳ جو آھي؟

ساڳي طرح ناول ۾ زمان يعني ٽينس جو به ڪافي غلطيون آھن. ھڪ ئي سٽ ۾ زمان حال به آھي ته زمان ماضي بہ. ڪجھه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.

* ”عظمي جو پيءُ هن کي ان جي ماءُ وٽ ذلت ۽ بدنامي جي شرم کان ڇڏي هليو وڃي ٿو.. ۽ عظمي ماءُ جو پاليل ٻالڪ آهي. هن وٽ عورتاڻا اظهار سگهارو هو.“

(ھي جملو ھيئن صحيح لکجي پئي سگهيو:

عظمي جو پيءُ هن کي ان جي ماءُ وٽ ذلت ۽ بدنامي جي شرم کان ڇڏي هليو ويو.. ۽ عظمي ماءُ جو پاليل ٻالڪ ھيو. تنھن ڪري هن وٽ عورتاڻا اظهار سگهارو هو.)

* ”ويدا پنهنجي پوڙهي پِيءُ سان گڏ رهندي هئي. جيڪو ڪيئي سالن کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي.“

جملو آساني سان صحيح ٿي پئي سگهيو. جيئن:

(ويدا پنهنجي پوڙهي پِيءُ سان گڏ رهندي آھي. جيڪو ڪيئي سالن کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي.).

* ”عظمي نهايت ئي کلڻو ۽ زندگي سان پرمزاج شخص آهي. نمازي ۽ تهجد گذار هو.“

ان کان علاوه ڪافي جڳھن تي جڏھن مڪالما لکيا ويا آھن ته ان ڳالھه جو خيال نه ڪيو ويو آھي ته جيڪو ڪردار مڪالمو ڪري/ چوي ٿو ان کي ڪھڙي جڳھه تي لکڻو/ ڏيکارڻو آھي. ٿوري محنت جي ضرورت سان انھن کي صحيح ڪري پئي سگهجيو. ڪجھه مثال:

* سڌير هيڊي منهن سان ويدا کي کيڪاري ٿو ”ڪيئن آهيو“؟

”مان ٺيڪ آهيان.“ سڌير. ھي انڊر لائن ٿيل ’سڌير‘ نه اچڻ گهرجي. اھڙي طرح جا ڪجھه ٻيا مثال پيش ڪجن ٿا.

* ”نوا ب هن کي ماٺ ڏسندي وري وراڻي ٿو..

ضروري ناهي ته توکي مون سان ئي شيئر ڪرڻ گهرجي پر ونڊڻ ضرور گهرجي نه ته اهو آڙاهه اندر سڀ رک ڪري ڇڏيندو.. شايد ان لاءِ سڌير سهي رهندو. نواب“

* ”سڌير .. ويدا کي آئيني ۾ ڏسي چوي ٿو. ”پاڇا روشنين مان ڦٽندا آهن. ۽ ماڻهو انهن پاڇن ۾ گم ٿي ويندو آهي. پاڇا روشني کي ڳولهيندا آهن. ۽ ماڻهو پنهنجي وڃايل روشني کي .. !! سڌير“

سڳي طرح سان ناول جي صفحي نمبر ۵۷ تي ليکڪ موھن جو ڪردار ڏيکاريو آھي جيڪو بظاھر ته ڏاڍو اھم ٿو لڳي. جيئن:

”سپاهي وراڻيو. موهن به پڙهيل لکيل حلقن ۾ گهڻو ڏٺو ويندو آهي.

افسر بخيلائپ وچان ”واڻيئي جو ٻار ڪهڙو مارڪسوادي ٿيندو!!“

واڻيو ڪيڏو به ٺينگ ڏئي پر مذهبي جنونيت سندن رڳن ۾ وهندي آهي.“

”نظر هيٺ رکوس ۽ آگاهي ڏيندا رهو.. “

پر سڄي ناول ۾، نه ان کان اڳ نه ئي ان کان پوءِ وري ان ڪردار جو ڪوئي ذڪر آيو آھي. چيو ويو آھي ته اگر ڪنھن ڪھاڻي يا ليک جي پھرين باب ۾ بندوق ڏيکاري وڃي ته ٻي يا ٽين باب ۾ اھا بندوق ضرور ڇٽڻ گهرجي. پر ھن ڪردار کي وري ڪٿي ۾ نه ڏيکاريو ويو آھي جيڪا پاٺڪ لئه ھڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھه آھي. ساڳي طرح سان صفحي ۱۳۱ تي اچانڪ سان سڌير ويدا کان پڇي ٿو ته اڄڪلھه ھو ڇا تخليق ڪري ٿي. نه ته ان کان اڳ نه ان کانپوءِ اھو ڪٿي ذڪر ۾ آيو آھي ته ويدا ليکڪ آھي.

 ڪجھه ڪجھه جملا اھڙا آھن جيڪي پڙھندي لڳي ٿو ته انھن تي بلڪل به ڌيان نه ڏنو ويو آھي يا اھا مشاھدي جي غلطي آھي!

• ”سپاهي موبائل تان هٿ ورائي هڪ شاگرد کان پمفلٽ کسي پوسٽر پڙهي ٿو ۽ يڪدم پنهنجي افسر کي پهچائي ٿو.“ ( پمفليٽ کسي پوسٽر پڙھڻ!)

• ”ماڻهو ان ملبي مان به پنهنجي ڪتب ايندڙ شيون ميڙيندا وتن ٿا لوهه جو سريو، سرون، ڪرش.“ (ملبي مان ڪرش ڪيئن ملندي؟)

• ”شراب جي خالي بوتل فرش تي خالي ڪري پئي هئي.“ (خالي بوتل فرش تي خالي)

• ”هڪ ڏينهن اچانڪ سورج جي جسم کي ڏڪڻي جا جهٽڪا ٿيڻ لڳا. ۽ هوءَ هيٺ ڪري پوي ٿي، اسان ان وقت مقام واري پاسي سهيلين سان ٽهلي رهيا هئاسين.. مان يڪدم وڻ جي ڏار تان ٽپ ڏيئي سندس ڪنڌ کڻي هنج ۾ رکيو“

(ٽھلي رھي ھئي ته پوءِ وڻ جي ڏار تان ٽپ ڪيئن ڏنائين؟ يا شايد وڻ جي ڏار تي ٽھلي رھي ھئي!)

• ”هو گئلري ۾ ٻڪ ۾ پاڻي جا ڇنڊا ڀري منهن کي هڻي ٿي.“ (پاڻي جا ڇنڊا ڪيئن ٻڪ ۾ ڀربا آھن)

• ”سڌير پنهنجي منهن ڀڻڪندي. پر خير هي به هڪ قسم جو مرده خانو آهي. جنهن ۾ ليکڪ دفن ٿيندا آهن. ۽ جيڪو ليکڪ هن ۾ دفن نه ٿي سگهي سو فنا ٿي ويندو آهي. سڌير“ ( ڪيڏو نه شاندار جملو آھي سواءِ ان غلطي جي ته مرده خاني ۾ لاش پوربا ناھن بلڪ ڪجھه عرصي لئه رکيا ويندا آھن)

صفحي نمبر ۱۸۰ تي پٿر ويدا کي چوي ٿو:

”امان نواب جو سياست جنون آهي. پر سڌير غير سياسي هوندي به سياسي شعور ۾ سگهو هو. هن وٽ پنهنجو پنفرد انداز هو. عظمي واري معاملي ۾ نواب ان ڪري وچ ۾ آيو جو سڌير عظمي سان بيٺو. ڀڄ ڊوڙ ڪئي. نه ته نواب، عظمي کي کدڙِي چوندو آهي.“ ان کان اڳ ڪٿي به اھو نه ڏيکاريو ويو آھي ته سڌير کي ڪو سياسي شعور آھي نه ئي ھو ڪنھن سياسي ڳالھه ۾ دلچسپي رکي ٿو يا ڪا سياست ڪري ٿو. اھا ڳالھه سڄي ناول ۾ ڪٿي به ذڪر ناھي ٿيل. سڌير ته ويڳاڻپ جو شڪار آھي جيڪو پنھنجي وجود جي بار ھيٺان دٻيل ٿو رھي.

آخري ڳالھہ، اسان کي ناول ۾ ٻين ڪردارن جي نالن جي ته خبر آھي پر ھڪ اھم ڪردار سڌير جي ماءُ جو نالو ڪٿي به نه آيو آھي. اھا ته ليکڪ جي مرضي آھي ته ھو ڪھڙي ڪردار جو نالو ظاھر ڪري ٿو ڪھڙي جو نہ. پر منھنجي خيال ۾ ليکڪ کي ھتي سڌير جي ماءُ جو نالو ٻڌائڻ/ لکڻ گهرجي ھا ڇو ته ان ڪردار جي موت سان ئي ناول جي المياتي شروعات ٿي ٿئي ۽ سڌير جو موت به سندس ماءُ جي وھاڻي مان ٺھيل رسي سان ڏنل ڦاسي سان واقع ٿو ٿئي.يعني ھڪ حوالي سان ناول جو مرڪز ئي سڌير کان پوءِ اھو ڪردار ئي آھي.

انھن اوڻاين جي باوجود نور جو ھي ناول سنڌي ادب به پنھنجي ھڪ الڳ حيثيت رکي ٿو ڇو ته اھڙي ڪرب ۽ پيڙا سان ٻيو ڪو ناول ويجهي ماضي ۾ ناھي لکيو ويو. ٻيو تہ، نور وٽ لکڻ جو ھڪ سگهارو ڏانءُ آھي، ھو ٿورو شين کي وقت ڏئي ۽ يڪسوئي سان لکندو ته مون کي پڪ آھي ھو اسان کي انتھائي سگهارا ناول ئي سگهي ٿو. مان پنھنجي مضمون جي پڄاڻي ناول مان کنيل ھڪ ملڪالمي سان ڪندم جنھن ۾ ھڪ سڄي دور جو سور سمايل آھي:

”جن ماڻهن جا گهر قيدخانا هوندا آهن. قيد خانا ئي تن لاءِ نجات بڻجي پوندا آهن. قيد ماڻهو کي ڇڪيندو رهندو آهي ۽ قيد خانن سان پيار ٿي پوندو آهي.“

 

(ماھوار ريکائون حيدرآباد جي مارچ ۲۰۲۳ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment