Wednesday, March 29, 2023

نو بار (No Bar) - جَي پرڪاش ڪَردَم - ننگر چنا

نو بار (No Bar)

دلت ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: جَي پرڪاش ڪَردَم

سنڌيڪار: ننگر چنا



وانٽيڊ سُوٽ ايبل گروم فار اي، ۲۵ ايئرس، ۱۵۸ سينٽي ميٽر، وِهيٽِش سِلم، شارپ فيچرڊ، بيوٽي فل گرل، ايڪسپرٽ اِن هائوس هولڊ، هائلي ايجوڪيٽيڊ پروگريسِو فيملي، ڪاسٽ نو بار. ٽائمس آف انڊيا جي ميٽريمونلس ڪالمن تي اک وجهندي هُنَ جون نظرون انهيءَ اشتھار تي اچي بيھي رهيون. هُنَ ٻہ ٽي ڀيرا انهيءَ اشتھار کي پڙهيو ۽ پين سان اُنَ مٿان هڪ نشان هڻڻ کان پوءِ هُو ڪجهہ دير تائين پين کي پنھنجين آڱرين ۾ نچائيندو رهيو ۽ پوءِ پين کي ميز تي رکي صوفي ۾ لڳ ڀڳ دَٻجندي اشتھار جي باري ۾ سوچڻ لڳو.



هُو جنھن قسم جي پڙهيل لکيل، سُھڻي ۽ سمارٽ ڇوڪري چاهي پيو، اها ڇوڪري هڪدم انهيءَ مطابق هئي. هُو ماڊرن خيالن جو هئو ۽ چاهي پيو تہ سندس زال بہ ماڊرن خيالن جي هجي. هُو ٻي ذات منجهہ پرڻي جو تڏهن کان سوچڻ لڳو هو، جڏهن هُو يوني ورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. بعد ۾ هُنَ نوڪريءَ ۾ گهڙڻ کان پوءِ پاڻ سان ڄڻ تہ وچن ڪري ڇڏيو هو تہ پرڻو هُو ڪنھن پنھنجي لائق ۽ قابل ڇوڪريءَ سان ڪندو، پوءِ اها ڀل تہ پنھنجي ذات جي هجي جان ٻي ذات جي.

هُنَ اشتھار مان پوريءَ ريت مطمئن ٿي وڃڻ کان پوءِ پين کنئي ۽ انهيءَ ميٽريمونيل جي ورنديءَ ۾ چٺي لکڻ ويھي رهيو. چٺيءَ ۾ پنھنجو بايو ڊيٽا_ تعليم، ڄمار، تندرستي، ڊيگهہ، رنگ روپ، نوڪري، پگهار، شوقَن، دلچسپين، ابي امان، ڳوٺ وغيره تائين مطلب تہ پاڻ بابت نجي ۽ ڪٽنب جي باري ۾ سڀئي ضروري ڳالهيون لکيائين. هُو ذات جي باري ۾ لکندي لکندي اٽڪي پيو. هڪ ڀيرو سندس دل چيو تہ کيس پنھنجي ذات جي باري ۾ لکي ڇڏڻ گهرجي. هن سوچيو تہ اها ڳالهہ صحيح آهي تہ اڳئين ڌر لاءِ ذات ڪو ٻنڌڻ ناهي، پر پوءِ بہ پنھنجي پاران ذات جي باري ۾ لکي ڇڏڻ ۾ ڪھڙي برائي آهي. جڏهن پوري بايو ڊيٽا لکي موڪلي پئي وڃي تڏهن پاڻ بابت بہ سڀ ڄاڻ پوري ۽ کليل انداز ۾ لکي موڪلڻ گهرجي. پر ترت ئي اهو سوچي تہ، “جڏهن اشتھار ڏيڻ واري ذات پات جي شرط کان پاڻ ئي مُڪت آهي تہ پوءِ کيس پنھنجي ذات لکڻ جي ڪھڙي گهرج آهي. ائين پنھنجي پاران ذات جي باري ۾ لکڻ هلڪڙائپ هوندي.” ۽ هن اهو سوچي پنھنجي ذات جي باري ۾ لکندي لکندي ڪَٽي ڇڏيو.

اڳ تہ هُو هر آچر تي رڳو ميٽريمونلس پڙهڻ لاءِ اخبار وٺندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اشتھارن ۾ وچڙيو پيو هوندو هو. پر هن اشتھار کان پوءِ هن اخبارن ۽ رسالن ۾ ميٽريمونلس جا اشتھار ڏسڻ ڇڏي ڏنا هئا. هن جي ڄڻ تہ ڳولا ئي ختم ٿي چڪي هئي. هن کي ويساھ هو تہ سندس مشوري کي مڃي ورتو ويندو. هن جو اهو سوچڻ پنھنجي جاءِ تي صحيح بہ هو، ڇو تہ هُو ايم ايس سي پاس انڪم ٽيڪس آفيسر هو. صحت مند، سھڻو ۽ سمارٽ هو. هُو هر حوالي سان ڪنھن بہ مڊل ڪلاس جي ڇوڪريءَ سان پرڻجڻ جي لائق هو.

اٽڪل هڪ هفتي کان پوءِ هن کي پنھنجي چٺيءَ جي ورندي ملي وئي. ڇوڪريءَ وارن هن کي پنھنجي گهر سَڏايو هو. هُو انهن جي گهر وڃي نڪتو. هُو اٽڪل هڪ ڪلاڪ تائين اتي رهيو. هن ڇوڪريءَ کي ڏٺو. جيئن اشتھار ۾ لکيل هو، ڇوڪري سُود پُود اهڙي ئي هئي، اڃا بہ انهيءَ کان وڌيڪ سھڻي ۽ دلربا. پھرين نھار ۾ ئي ڇوڪري کيس وڻي وئي هئي. سندس دل چاهيو تہ هُو بيٺي پير هائوڪار ڪري ڇڏي، پر ڇوڪريءَ جي پيءُ ڄڻ تہ سندس دل جي ڳالهہ ڄاڻي ورتي هجي. هن چيو، “ڏسو راجيش صاحب! اسان کليل خيالن وارا ماڻهو آهيون. اسان ذات پات، مذهب، ڪنھن بہ قسم جي ٻنڌڻن کي نہ ٿا مڃون. اهي سڀ پٺتي پيل هجڻ جي علامت آهن. اسان جي ڪٽنب ۾ جيتريون بہ شاديون ٿيون آهن، اهي سڀ ٻين ذاتين ۾ ٿيون آهن. هاڻ سو، مان برهمڻ آهيان ۽ منھنجي زال ڪائسٿ ڪٽنب جي آهي. اسان جي وڏي ڌيءَ جي شادي اگروال ڇوڪري سان ٿي آهي. اهو پنجابي کتري آهي. اسان چاهيون ٿا تہ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هڪ ٻئي کي چڱيءَ ريت ڏسن، پرکين ۽ ڳالهہ ٻولهہ ڪن. جيڪڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا، هڪ ٻئي مان مطمئن آهن ۽ کين ائين لڳي ٿو تہ اهي هڪ ٻئي سان ايڊجسٽ ڪري سگهن ٿا، بس اهوئي ڪافي آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪنھن بہ شئي جي اهميت ناهي. هونءَ بہ شادي سڄي عمر جو ناتو هوندو آهي. انهيءَ جي باري ۾ فيصلو سوچي سمجهي، چڱيءَ ريت پرکي ۽ پوري طرح مطمئن ٿيڻ کان پوءِ ئي ڪيو وڃي. انهيءَ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا تڪڙ نہ ڪرڻ گهرجي. توهان ٻئي پڙهيا لکيا آهيو، سمجهدار آهيو، پنھنجو برو ڀلو چڱيءَ ريت سمجهو ٿا. ان ڪري اسان چاهينداسين تہ ڪو بہ فيصلو ڪرڻ کان اڳ توهان ٻئي پاڻ ۾ ڳالهہ ٻولهہ ڪيو. هڪ ٻئي کي ڄاڻو سمجهو. ان لاءِ توهان گهربل وقت وٺو. هڪ ڀيرو نہ، ٻہ ڀيرا، ٽي ڀيرا، چار ڀيرا پاڻ ۾ ملو. پر جيڪو بہ فيصلو ڪيو سو پوري اطمينان کان پوءِ ڪيو. مان سمجهان ٿو تہ توهان بہ منھنجي ڳالهہ سان سھمت هوندا.” هن سوالي نگاهن سان راجيش ڏي ڏٺو.

هن جي اها ڳالهہ راجيش کي ڏاڍي ڀلي لڳي هئي. هُنَ سندس نظرئي سان سھمتي ڏيکاري. “جي، هائو، توهان صحيح ٿا چئو. مان توهان جي ڳالهہ سان پوري ريت سھمت آهيان.”

ان ڏينھن چانھ پي ۽ ٿوري دير ويھي هليو ويو هو. ان کان پوءِ ڪيئي ڀيرا ڇوڪريءَ سان ڊيٽنگ تي ملاقات ۽ ڳالهہ ٻولهہ ٿيس. جيئن جيئن هنن جي ڳالهہ ٻولهہ جو سلسلو اڳتي وڌي رهيو هو، هُو هڪٻئي سان راهل ماهل ٿيڻ لڳا هئا ۽ هڪٻئي جي گهڻو ويجهو اچي چڪا هئا.

پوئين ملاقات وانگر هُو ان ڏينھن بہ مليا. ڪيئي ڪلاڪ بوٽ ڪلب جي نرم سائي گاھ تي ويٺا ڳالهيون ڪندا رهيا. هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏسندا، دل جي تار دل سان جوڙيندا، هڪ ٻئي کي ڪتڪايون ڪڍندا رهيا. ڇٻر جي تيلن کي ڏندن سان ڪُتريندا جان انهن سان ڏند کوٽيندا خيالن جي ساگر ۾ اٿندا ۽ ڪرندا رهيا. مٿي تي ڇٻي رکيون چڻا ۽ مڱيرا وڪڻنيدڙ ڇوڪري، هٿن ۾ هٿ وجهيون، ڀرسان لنگهندڙ جوڙن، وڻن جي ٽارين تي چھڪندڙ پکين ۽ سامهون راج پٿ جي ترڪڻي سڙڪ تي دونھون ڇڏيندڙ گاڏين جي آوازن جي ڪري سندس ڌيان ڪنھن ڪنھن مھل ورهائجي ٿي ويو، پر وري کن پل ۾ ئي هُو پنھنجين ڳالهين ۾ گم ٿي پئي ويا.

“وهانءَ کان پوءِ هني مون ملهائڻ ڪاڏي هلندين؟” ڇوڪريءَ جو سوال هو.

“نيني تال، سوري، جاڏي تون چاهين.” هن جوش وچان وراڻيو.

“هئي... اها بہ هني مون لاءِ ڪا جاءِ آهي!؟” ڇوڪريءَ وات چٻو ڪيو. “اهي تہ ايترا ويجها آهن جو اتي ڪڏهن بہ وڃي سگهجي ٿو.”

“تہ پوءِ ڪلّو منالي هلنداسين.” هن تجويز رکي.

“نہ، ڪلّو منالي بہ نہ، اتي تہ مان وڃي چڪي آهيان. هني مون جي لاءِ ڪنھن نئين هنڌ هلجي. سائوٿ ڪيئن رهندو؟ مان سائوٿ ڪڏهن بہ ناهيان وئي. منھنجي هڪ فرينڊ اوٽي وئي هئي هني مون جي لاءِ. چوي ٿي اوٽي ڏاڍي پياري جاءِ آهي.” هن اهو چئي راجيش ڏي جوش ڀريل نگاهن سان ڏٺو.

“تہ اوٽيءَ هليو هلبو.” هن ڇوڪريءَ سان سھمتي ڏيکاري.

“ هليو هلبو تہ ائين ٿو چوين ڄڻ تہ هاڻي پيو هلين. اڙي اڳ ۾ وهانءُ تہ ٿي وڃي، پوءِ هلنداسين.” ڇوڪريءَ پيار ڀرئي انداز ۾ چيو.

“وهانءَ ٿيڻ ۾ هاڻي دير وري ڪھڙي آهي. تون مون کي پسند ڪرين ٿي مان توکي. ائين آهي نہ؟” هن ڇوڪريءَ جي اکين ۾ جهاتي پاتي.

“ان ۾ بہ ڀلا ڪو شڪ آهي ڇا.” ڇوڪريءَ ورنديءَ ۾ سوال ڪيس.

“پوءِ تہ تون وڃي پنھنجي پيءُ ماءُ کي پنھنجي راءِ ٻڌاءِ. ترت ئي ڪا تٿ ٻڌي پرڻو ڪري ٿا وٺون. ڪيئن؟ ڇا خيال اٿئي؟”

“ها، مان اڄ ئي وڃي ممي پاپا کي پنھنجي راءِ ٻڌائينديس تہ تون مون کي پسند آهين.”

ان ڏينھن صبح سوير تائين هُو هڪ ٻئي سان گڏ رهيا. پڇاڙيءَ ۾ ترت ئي هڪ ٻئي سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ جي آسَ ۽ امنگ سان گڏ هُو ٻئي ڌار ٿيا. راجيش پنھنجي ڪمري ۾ اچڻ کان پوءِ بہ ڪيتري دير تائين انهيءَ ڇوڪري جي خيالن ۾ ٻڏو پنھنجي سگهري جيون جي باري ۾ سوچيندو رهيو.

“توڻي جو پنھنجي آئيندي جي باري ۾ فيصلو مون کي ئي ڪرڻو آهي ۽ مون ڪيو آهي پوءِ بہ مون کي ابي امان پڙهايو لکايو آهي. مون لاءِ ايترا ڏک ڏاکڙا ڏٺا اٿن، مون کي انهن جي مانَ سنمانَ جو خيال رکڻ گهرجي. مون کي انهن کي ٻڌائڻ گهرجي تہ مون پنھنجي لاءِ ڇوڪري ڳولهي ورتي آهي. هُو ڪيڏا  نہ خوش ٿيندا!!” هُو دل ئي دل ۾ اهو سوچي انهيءَ هفتي موڪل وٺي پنھنجي پيءُ ماءُ سان ملڻ ڳوٺ هليو ويو هو.

پوين ڪيترن ئي ڏينھن کان ابو امان کيس پرڻي لاءِ هر هر چوڻ لڳا هئس. هُو پوئين ڀيري گهر ويو هو تہ پتا کيس چيو هو، “ڏس، پُٽَ! هر ڪم جو هڪڙو ٽائيم هوندو آهي. ٽائيم تي ئي سڀ ڪم سٺا لڳندا آهن. شادي وهانءَ جي بہ هڪ ڄمار ٿيندي آهي. تو ڏاڍو لکي پڙهي ورتو آهي. ٻہ پيسا بہ اچي ويا اٿئي. هاڻ توکي وهانءُ ڪرڻ کپي.”

۽ ماءُ چيو هئس، “پُٽَ! منهنجي جِندگي تہ اچي سانجهيءَ کي پھتي آهي. اچي پڄاڻيءَ کي پھتا آهيون. اڄ مرون سڀاڻي ٻيو ڏينهن. توکان اسان جي دل ڏاڍي خوش آهي. بس رڳو هڪ ئي کوٽ آهي. ترت ئي گهر ۾ لڇمي اچي وڃي تہ اکيون ٻُوٽڻ کان اڳ پوٽي پوٽيءَ جو منھن ڏسي وٺان.”

“هل، ابي امان جي سَڌَ بہ پوري ٿي ويندي.” هن سوچيو.

هن گهر پھچي ابي امان کي اها خبر ڏني تہ هن انهن جي لاءِ هڪڙي نُنھُن ڏسي ورتي آهي ۽ ڇوڪري ڏاڍي سھڻي، پڙهيل لکيل ۽ ڀلي گهراڻي جي آهي، تہ ٻئي ڏاڍا سرها ٿيا هئا. ماڻس گهر جو آڳر جَرڪائي وڌو هو ۽ شيتل ديويءَ کي ياد ڪيو هئائين؛ “شيتل مَيّا! تون وڏي ديالو آهين. جيئن تون منھنجي هاڻ ٻڌي آهي، اڳتي بہ ائين ئي ٻڌجانءِ.”

ڳالهہ ٻولهہ هلندي پتا ڄاڻڻ گهريو هئس، “ڇوڪريءَ وارا ڪٿان جا رهاڪو آهن؟”

“اها مون کي سَڌَ ناهي.” راجيش وراڻيو.

“ڇو؟ تو انهن کان پڇيو ئي ناهي.” پتا پڇيس.

“نہ، مون پڇا ئي نہ ڪئي. پر ڪٿان جا بہ هجن، ماڻهو ڏاڍا ڀلا آهن. اوچي ذات جا آهن، پر ذات پات کي مورڳو مڃين ئي نہ ٿا.”

“ڇا؟” پتا ڇرڪ ڀريو هو اِهو ٻڌي، “ڇا هُو پنھنجي برادري جا ناهن؟” هن شڪ ۽ هورا کورا سان ڀريل آواز ۾ پڇيو هو.

“نہ، پر ماڻهو ڏاڍا ڀلا آهن.” راجيش هنن جي ڊپ کي ختم ڪرڻ جو جتن ڪيو.

“اهو تہ ٺيڪ آهي، پُٽَ! پر ڇا انهن کي اها سُڌَ آهي تہ تون ڪھڙي ذات جو آهين؟” هِنَ ڀيري هُنَ جو آواز ڪجهہ دَٻيل هو.

“نہ، نہ انهن ڪڏهن پڇيو، نہ ڪڏهن اهڙو موقعو ئي آيو جو مان کين ٻڌايان ها. اصل ۾ ذات پات ۽ ڀيدَ ڀاوَ جو اهو روڳ رڳو اڻپڙهيل ماڻهن ۾ ئي آهي. پڙهيل لکيل سماج ڪٿي ٿو ذات کي مڃي؟ پڙهئي لکئي ۽ سُڌريل سماج ۾ ماڻهوءَ کي ذات پات سان نہ پر سندس تعليم، قابليت ۽ معاشي بيھڪ جي بنياد تي سڃاتو ۽ مڃيو ويندو آهي ۽ وري جڏهن اُوچي ذات وارا ماڻهو پاڻ ذات جي ڀيدَ ڀاوَ کان مٿانھان ٿي اسان سان رلي ملي رهيا آهن تہ پوءِ اسان جي پاران ذات جو ذڪر ڪرڻ صحيح ڳالهہ ناهي.” هُنَ پتا کي سمجهايو.

“پُٽَ! مان اڻ پڙهيل ڄَٽُ ماڻهو آهيان، گهڻو نہ ٿو ڄاڻان. تون جن ماڻهن جي ڳالهہ ڪري رهيو آهين، مان تن جي باري ۾ ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهان. پر دنياداري کي مون جيڪو ٿورو گهڻو ڏٺو آهي، ان بنياد تي منھنجي صلاح اٿئي تہ هُو نہ بہ پڇن تڏهن بہ توکي هنن کي پنھنجي ذات ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي.”

“بنان پڇڻ جي جيڪڏهن مان کين پنھنجي ذات ٻڌائيندم تہ اها منھنجي پٺتي پيل هجڻ جي نشاني هوندي. پتا! دنيا ايڪويھين صديءَ ڏانھن وڌي رهي آهي. پراڻين ريتن رسمن ۽ عقيدن جي اهميت گهٽ ٿي رهي آهي. اڄ رڳو انهن  ڳالهين جي اهميت ۽ مقصد رهيو آهي. توهان جنھن دنياداري جون ڳالهيون پيا ڪريو سا پراڻي لڪير کي ڪٽڻ وارن اڻ پڙهيل ماڻهن جي دنيا آهي. اهائي ذات پات جي منڌل سُٽ ۾ وچڙيل آهي. اسان لاءِ تہ اها سڀاڳ جي ڳالهہ آهي تہ اسان جو سڱ هڪ اهڙي ڪٽنب سان ٿي رهيو آهي جيڪو ڏاڍو پڙهيو لکيو، سلڇڻو ۽ سڌريل آهي.”

“تون پڙهيو لکيو آهين، دنيا ڏسين ٿو. پنھنجي چڱائي لڱائي چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو. تون جو ڪجهہ بہ ڪندين ٺيڪ ئي ڪندين. تنهنجو مَنُ چاهي ٿو تہ اسان لاءِ بہ ڀلو آهي. تنهنجي خوشيءَ ۾ ئي اسان جي خوشي آهي.” هُو ايترو چئي ماٺ ڪري ويو هو.

راجيش ماءُ پيءُ جو راضپو وٺي شھر موٽي آيو هو. ڇوڪريءَ بہ پنھنجي ابي امان کي ٻڌائي ڇڏيو هو تہ مون کي راجيش پسند آهي.

ان مھل تائين سڀ ڪجهہ مناسب طريقي سان ٿي رهيو هو، هاڻ جائز طريقي سان اڳتي وڌڻو هو. ڳالهہ کي ٺيڪ نموني سان آخري شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هڪ ڏينھن راجيش کي فون ڪري چيو، “مان سمجهان ٿو تہ هاڻ اسان کي ڪنھن ڏينھن ويھي ڳالهہ طئي ڪرڻ گهرجي. توهان چاهيو تہ اسان توهان وٽ اچي سگهون ٿا، پر جيئن تہ توهان اڪيلا آهيو ۽ توهان کي ڪجهہ پريشاني ٿئي، ان ڪري جي توهان کي مٺيان نہ لڳي تہ توهان اسان جي گهر هليا اچو.”

“نہ، نہ. ان ۾ مٺيان لڳڻ جي ڪھڙي ڳالهہ آهي. توهان جڏهن بہ چاهيو مان توهان جي گهر هليو ايندس.”

ان ڏينھن هُو شام جو آفيس مان نڪري سڌو ڇوڪريءَ وارن جي گهر پھتو_ ڪٽنب جي سڀني ميمبرن وڏي هيج سان سندس آڌرڀاءُ ڪيو. هن محسوس ڪيو تہ جڏهن هُو پھريون ڀيرو سندن گهر ويو هو تڏهن سڀ ڪجهہ جيترو اوپرو ۽ اڻڄاتل هو اڄ وري اوترو ئي پنھنجائپ ڀريو ۽ اميد مطابق هو. ڪٽنب جا سڀئي ڀاتي هن سان پنھنجائپ وچان ۽ کليءَ دل سان ڳالهائي رهيا هئا. ائين اڳئين ڀيري انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ ميز کاڄن، نيزن ۽ ٻين ڪيترن ئي ميون ۽ مٺائين ڀريل هئي.

ڳچ دير تائين راجيش ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ جي وچ ۾ هيڏهون هوڏهون جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ڇوڪريءَ جو پتا راجيش کان سندس ڪم ۽ ان بابت ڄاڻ وٺندو رهيو ۽ ريٽائرمينٽ کان اڳ جا پنھنجا آفيس وارا تجربا ٻڌائيندو رهيس. ڇوڪريءَ جي ماءُ راجيش کي ٿيڻ واري نياڻي جي روپ ۾ ڏسي رهي هئي ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان هن ڏي ڏسندي، “هي وٺ، پُٽَ! هي وٺ، اڃا وَٺ نہ.” چوندي ڪڏهن ميوا، ڪڏهن مٺائي ۽ ڪڏهن نمڪو پيش ڪري رهي هئس. ڇوڪريءَ جو پيءُ بہ؛ “وَٺ، پُٽَ! ها ها، اڃا وٺ.” چئي ڪڏهن هڪڙي تہ ڪڏهن ٻي پليٽ هن ڏي سوري رهيو هو.

هنن جي انهيءَ پيار ۽ لڳاوَ جي ڪري راجيش جي دل ڏاڍي سرهي هئي. هُو پاڻ کي وڏو ڀاڳوند سمجهي رهيو هو جو ايڏا ڀلا ۽ پيار ڪرڻ وارا ماڻهو مليا هئس. هن سوچيو؛ “جيڪڏهن سڀ ماڻهو ائين ٿي وڃن تہ دنيا ڪيڏي نہ سُٺي ٿي وڃي. هيءَ ڌرتي تہ سرڳ بڻجي وڃي.”

جيتوڻيڪ ڇوڪريءَ جي وسيلي سندس پيءُ ماءُ کي اها سُڌَ پئجي وئي هئي تہ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي هڪٻئي کي پسند ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان پرڻو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. پرڳالهہ ٻولهہ هلندي هنن پنھنجي حساب سان راجيش کان راءِ پڇي؛ “راجيش! مان سمجهان ٿو تہ توهان انيتا کي ڪافي ڏسي ۽ سمجهي ورتو هوندو ۽ هاڻ توھان جي راءِ ۽ فيصلو ڇا هي؟ ٻڌائي سگهندئو. ڇا فيصلو آهي توهان جو؟”

“جي، انيتا ڏاڍي ڀلي آهي.”

“ڇا توهان هن کي پسند ڪريو ٿا؟”

“جي...... جي هائو.” ٿوري ٻڏتر کان پوءِ هن چيو.

“خوشي ٿي توهان کان اِهو ڄاڻي، انيتا بہ توهان کي پسند ڪري ٿي. وڏي ساراھ ڪئي آهي هن توهان جي. ڏاڍي ڀلي ڳالهہ آهي. توهان ٻئي هڪٻئي کي پسند ڪريو ٿا. مان سمجهان ٿو تہ هاڻ اسان کي مائٽي ڪرڻ جو ڪو ڏينھن مقرر ڪري وٺڻ گهرجي ۽ توهان مائٽي ڪٿي ڪرڻ چاهيندئو؟ هتي جان ڳوٺ ۾. اهو بہ سوچي وٺو.”

“جي، مان چاهيندس تہ توهان هڪ ڀيرو منھنجي ڳوٺ هلو تہ ڏاڍو سٺو ٿيندو. اتي منھنجا ابو امان آهن. توڻي جو فصلو مون کي ئي ڪرڻو آهي ۽ مان ڪري چڪو آهيان پر پوءِ بہ توهان ٿورو اوڏانهن هلندئو تہ هنن جي بہ عزت رهجي ايندي.”

“ها،ها. ڇو نہ. اها بہ ڪا چوڻ جي ڳالهہ آهي. وڏن جو احترام سڀ کان اڳ ۾. انهن جو احترام تہ ٿيڻ ئي گهرجي. اسان توهان جي ڳوٺ هلنداسين. ٻڌايو ڪڏهن هلڻو آهي.”

“اهو مان توهان کي پوءِ ٻڌائيندس. اڳ ۾ مون کي پنھنجي ڳوٺ سُڌَ ڪرڻي پوندي. توهان تہ ڄاڻو ٿا تہ اهڙن موقعن تي ٻہ چار مائٽ بہ ايندا ئي آهن.”

“ها، ها، بلڪل. توهان سُڌَ ڪريو ۽ جيڪو بہ توهان کي صحيح لڳي اهو ڏينھن ۽ تاريخ اسان کي ٻڌائي ڇڏيو. اسان ان ڏينھن توهان جي ڳوٺ هلنداسين.”

“جي، ٺيڪ آهي. هاڻ موڪل ڏيو، مان هلان ٿو.”

“نہ، نہ. ماني کائڻ کان سواءِ توهان نہ ويندئو. ٿوري دير ويھو، ماني بس تيار ٿيڻ واري آهي، کائي پوءِ وڃجو.” اهو چئي هن سڏ ڪيو، “نُنھَن! ماني تڪڙي تيار ڪراءِ.”

هنن جي انهيءَ پيار ۽ زور اڳيان ڪجهہ بہ ڪڇي نہ سگهيو هو راجيش.

 ڪچن ۾ ٿانوَن جي ٺڪ ٺڙاڪ شروع ٿي وئي هئي. ڇوڪريءَ جي ماءُ بہ اٿي اندر هلي وئي هئي. راجيش ۽ ڇوڪريءَ جي پتا جي وچ ۾ اهم ڳالهہ ٻولهہ ٿي چڪي هئي، پر راجيش بور نہ ٿئي ان ڪري ٽاڻو گذارڻ جي لاءِ ڪا نہ ڪا ڳالهہ ڪرڻ ضروري هئي. ڳالهہ ٻولهہ جي لاءِ سياست سڀ کان وڌيڪ گرم گرم موضوع هيو، ان ڪري ڇوڪري جي پتا سياست تي ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڇا پوزيشن آهي اليڪشن جي؟”

 “ڪجهہ ڪليئر ناهي. لڳي ٿو هن ڀيري بہ هينگ پارليمنٽ رهندي.”

“۽ پوءِ سال کن جي اندر ملڪ کي ٻيھر چُونڊن جي قيامت سھڻي پوندي.”

“لڳي تہ ائين ئي ٿو. چِٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن بہ پارٽيءَ جو ڪو امڪان ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي. بي جي پي کي سڀ کان وڌ سيٽون ملنديون پر ۲۰۰ کان مٿي متان اها بہ نہ وڃي سگهي. ان ڪري وڌيڪ چانسز اهي آهن تہ ڪوئليشن جي گورنمينٽ ٺھندي.”

“اهو تہ آهي پر گورنمينٽ ٺھندي ڪنھن جي ۽ هلندي ڪيترا ڏينھن؟ مان نہ ٿو سمجهان تہ اَيٽ پريزنٽ بي جي پي کان سواءِ ٻي ڪا پارٽي سگهاري سرڪار جوڙي سگهي ٿي.”

“پر سرڪار جو پختو هجڻ ضروري ناهي پر اهو ضروري آهي تہ سماج ۽ ملڪ جي لاءِ انهيءَ جو نظريو بہ صحتمند، مناسب ۽ ترقي يافتا هجي. بي جي پي جي باري ۾ اهو خيال آهي تہ انهيءَ جي سوچ فرقي پرستاڻي ۽ ڀڃ ڊاھ واري آهي. مسلم ۽ دلت بي جي پي جي ڪري هيسيل آهن. انهن کي لڳي ٿو تہ بي جي پي سرڪار جو رخ انهن جي لاءِ مناسب نہ رهندو. مسلمان تہ خير بي جي پي ووٽ ڏيندا ئي نہ، جيستائين دلتن جو سوال آهي اهي پاڻ پٺتي پيلن سان گڏجي (ستّا ۾) مٿي اچڻ لاءِ جوڙ توڙ ڪري رهيا آهن. بھار ۾ لالو ۽ يو پيءَ ۾ مايا وتي بي جي پي جي راھ ۾ سڀ کان وڏيون رڪاوٽون آهن.”

“بي جي پي ڇا؟ اصل ۾ اهي سماج جي راھ ۾ رڪاوٽون آهن. اهي سڀ فرقي واريت پکيڙي رهيا آهن. سماج کي ڪوڙهيو ڪري رهيا آهن. ذات پات جي سياست پکيڙي رهيا آهن.” ۽ وري هڪ پل ترسي، “سڀ ڪجهہ ڏاڍو ڀلو هلي رهيو هو. سماج ترقي يافتا ٿي رهيو هو. فرقي واريت پنھنجي موت پاڻ مري رهي هئي. پر وي پي سنگهہ جي پُٽَ مسيحا بڻجڻ جي چڪر ۾ منڊل ڪميشن لاڳو ڪري فرقي پرستيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيھر جيئرو ڪري ڇڏيو. ڪير بہ ديش جي ڳالهہ نہ ٿو ڪري، سڀ اڳين پوين جون ڳالهيون ٿا ڪن. لالو ۽ ملائم تہ وري بہ غنيمت آهن، ڪانشي رام ۽ مايا وتي کي ڏسو، اهي تہ بنان ذات پات جي ٻي ڪا ڳالهہ ئي نہ ٿا ڪن. وي پي سنگهہ باھ ڏني، هي وري باھ ۾ گيھ وجهي کيس اڃا ڀڙڪائي رهيا آهن.”

”نہ، ائين تہ ناهي تہ ڪاشي رام ۽ مايا وتي فرقي واريت کي ڀڙڪائي رهيا آهن. فرقي واريت تہ سماج ۾ اڳ کان ئي رهي آهي. هر اليڪشن ۾ اميدوارن جي چُونڊ کان وٺي وزارت سازيءَ تائين هر جاءِ تي ذات جو فيڪٽر ئي ڪم ڪري ٿو. ها ڪانشي رام، مايا وتي جان ٻين نيتائن جي اچڻ سان ايترو فرق ضرور آيو آهي تہ اڳ دلتن جي پنھنجي ڪا پارٽي نہ هوندي هئي، ان ڪري انهن جا ووٽ ڪانگريس جان ٻي پارٽيءَ کي پوندا هئا، پر اڄ انهن جي ئي پارٽيءَ کي ووٽ ملي رهيا آهن.”

راجيش سان گڏ ڳالهين ۾ ڇوڪريءَ جي پتا کي سُڌَ پئي تہ “هي ڇوڪرو جنھن قسم جي ٻولي پيو ڳالهائي، ڪٿي شيڊول ڪاسٽ جو تہ ناهي، اهڙي قسم جون ڳالهيون اهي ئي ڪندا آهن. اهي ئي حمايت ڪندا آهن ڪانشي رام ۽ مايا وتيءَ جي. اهي خيال دل ۾ ايندي ئي هُو امالڪ بي چين ٿي ويو ۽ “اڙي انيتا...!” چوندو اندر هليو ويو. انيتا ڊرائنگ روم ۾ پردي جي ٻئي پاسي ڊائننگ ٽيبل تي ٿانءَ رکي رهي هئي. هن اتان کان ئي ورندي ڏني:

“ييس، پاپا!”

“ڌيءَ! هڪ ڳالهہ تہ ٻڌاءِ.”

“ڪھڙي؟ پاپا!”

“هن ڇوڪري جي ڪاسٽ ڪھڙي آهي؟”

“آءِ ڪانٽ سَي پاپا (مان چئي نہ ٿي سگهان، پاپا!) مون تہ ڪڏهن هن کان پڇيو ئي ناهي.”

“پوءِ بہ هن سان ڳالهہ ٻولهہ هلندي ڪٿي متان ڪو موقعو آيو هجي ۽ تو ڪجهہ نوٽ ڪيو هجي؟”

“نہ، پاپا! منھنجو تہ ايڏانھن ڪڏهن ڌيان ئي ناهي ويو. مون تہ بس اهو ڏٺو آهي تہ هن جي نيچر ڏاڍي ڀلي آهي. هن کي ايٽيڪيٽس اچن ٿا ۽ هن ۾ ڪا برائي ڪونهي. ٻيو تہ ٺھيو سموڪنگ بہ ناهي ڪندو ۽ ٻي ڳالهہ تہ پاپا! اسان جي اشتھار ۾ اڳ ۾ ئي ‘نوبار’ (No bar) ڇپيو هو، ان ڪري هن جي ڪاسٽ جي باري ۾ ڄاڻڻ جان ان ڏي ڌيان ڏيڻ جي ڪا تُڪَ بہ نہ هئي.”

“پوءِ بہ تو کي ان ڏانھن ڌيان ڏيڻ گهرجي ها، ڌيءَ!”

“پر ڇو پاپا!؟ جڏهن تہ اسان ذات پات کي مڃون ئي نہ ٿا تہ پوءِ هُو ڪھڙي بہ ڪاسٽ جو هجي، ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي.” ڇوڪريءَ هورڙيان چيو.

“اهو سڀ تہ ٺيڪ آهي تہ اسان ذات پات کي نہ ٿا مڃون ۽ اسان ميٽريمونيل ۾ ‘نو بار’ ڇپايو هو، پر پوءِ بہ ڪجهہ شيون تہ ڏسڻيون ئي پونديون آهن. ڀلا ‘نو بار’ جو مطلب اهو تہ ناهي نہ تہ ڪنھن چُھڙي چمار سان....!” تڏهن فون جي گهنٽي وڳي ۽ هُو فون ٻُڌڻ جي لاءِ ڊرائنگ روم ۾ هليو ويو. انيتا اتي ئي بيٺي رهجي وئي.

 

ماهوار ”امرتا“ حيدرآبارد جي ١٢٨ نمبر فيبروري-مارچ ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment